ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو اڀياس
ضميري پڇاڙيون
رکيل مورائي
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو اسان کان وقت کان اڳ وڇڙي ويل اهڙو ليکڪ ۽
دوست هئو، جنهن کي قدرت جيڪو وقت ڏنو ان ۾ هن سنڌي ٻوليءَ کي ۽ سنڌي ادب کي جيڪو
ڪجهه ڏنو، اهو بنهه گهڻو آهي. ائين چوڻ شايد وڌيڪ مناسب ٿئي ته ”هن ٿوري عمر ۾ گهڻو
ڏنو“. هو نهايت پڙهيل لکيل ۽ ذهين نوجوان هئو، گڏوگڏ هن لکڻ کي قومي ڪم ڪري کنيون،
جنهنڪري هن جيڪي لکيو آهي، اهو سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي اهڙي ميراث آهي، جيڪا تحقيق ۽
تنقيد جي حوالي ۾ ياد ڪئي ويندي. ٻوليءَ جي حوالي ۾ سندس ڪيل خدمتون، سنڌ ۽ سنڌي
ادب ياد رکندو. هڪ جاکوڙي ليکڪ طور ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو ڪم ممڪن آهي اڃا سمورو
ڇپائيءَ هيٺ نه آيو هجي، پر جيڪو ڪتابي صورت ۾ آيو آهي، اهو سندس هڪ سچيت عالم طور
نالو لکائيندو اهڙي پڪ آهي.
سندس ڪم کي ڪتابي صورت ۾
آڻڻ لاءِ ڀاءُ رياضت ٻرڙو سچ پچ جس لهڻي، جيڪو لڳاتار ڪتاب به آڻي رهيو آهي ته لکي
به رهيو آهي، ۽ ”ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي“ جي اڳواڻي به ڪري رهيو آهي.
ڊاڪٽر محبت پنهنجي تحقيقي ڪم ۾ پنهنجون تخليقي صلاحيتون ته
استعمال ڪيون آهن پر سندس روح به ان تحقيقي ڪم ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جيڪو ڪم دلي لڳاءَ
سان ڪيو ويندو آهي، اهو روح سان پڙهيو به ويندو آهي. ائين نوجوان ٻوليءَ تي لکندڙن
مان ڊاڪٽر محبت سنڌ ۾ جيڪا آبرو ماڻي، اها ٿورن لکندڙن کي نصيب ٿي آهي. ڊاڪٽر محبت
ان حوالي ۾ خوش نصيب آهي ۽ سندس اها خوشنصيبي سڄي سنڌ جي خوشنصيبي آهي. ڊاڪٽر جي
هن ڪتاب ۾ ضميري پڇاڙين بابت هڪ بحث آهي، هڪ اڀياس آهي جيڪو ٻوليءَ بابت لکندڙن ۽
تحقيق ڪندڙن لاءِ گهڻو گهڻو فائدي وارو ٿيندو ۽ ان مان ڪيئي نيون ڳالهيون ۽ نوان
نقطا ظاهر ٿيندام جيڪي تحقيق لاءِ ڪي نوان پيچرا ظاهر ڪرڻ ۾ مدد ڪندا. ڇاڪاڻ ته
هيءُ ڪتاب جديد تحقيق جي حالتن ۾ لکيل آهي ۽ ڪيتريون ئي ٻوليءَ بابت نيون ڳالهيون
اڄ تائين ظاهر ٿي بيٺيون آهن. ساڳئي وقت ڪتاب لکڻ لاءِ جيڪو ويچار گهرجي، اهو
ڊاڪٽر محبت وٽ چٽو آهي.
هو هڪ وطن دوست /شخص/ليکڪ/ محقق آهي، جيڪو نقطئِه نظر هن جي
لکڻين ۾ به ظاهر ٿي بيٺو آهي، ۽ اهو اڄ جي نوجوانن جي رهنمائي پڻ ڪندو. هيءُ تحقيقي
ڪتاب ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر پاران ڇپايو ويو آهي. 110 صفحن تي ٻڌل هيءُ جديد
تحقيقي ڪتاب پڙهڻ ۽ پروڙڻ جهڙو آهي، ڪتاب جو ملهه 100 رپيا آهي، هي ڪتاب ڊاڪٽر
محبت جي ياد ڏياري ٿو.
No comments:
Post a Comment