05/08/2013

انگريزن پاران سنڌي ٻوليءَ لاءِ ٿيل قانونسازي - شازيه نظاماڻي (Shazia Nizamani)



انگريزن پاران سنڌي ٻوليءَ لاءِ ٿيل  قانونسازي
۽ اڄوڪا خانگي اسڪول!
شازيه نظاماڻي
 ٻولي ڪنهن به مهذب معاشري ۽ انسان جي انفرادي ۽ اجتماعي سڃاڻپ کي قائم ڪري ٿي ان حوالي سان ٻولي کي ڪيتري اهميت حاصل آهي اهو اسان سڀ  چڱيءَ ريت سمجهون ٿا. هن وقت دنيا ۾ تقريباً 7000 (ست هزار) ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون ۽ دنيا ۾ تقريباً 1.38 بلين ماڻهن جو تعلق اصلوڪن (Indigenous) يا Minority  سان آهي. تقريباً اسڪول ويندڙ 221 ملين ٻارن جي مادري زبان کي سرڪاري ٻولي جي حيثيت حاصل نه آهي. ساڳئي وقت ڪجهه ملڪن ۾ اهڙيون به ٻوليون آهن جيڪي صرف ڳالهايون وڃن ٿيون، پر اهي لکت ۾ نه آهن. ڪجهه اهڙا به ملڪ آهن جن انهن ٻولين کي لکت يعني Script ۾ آڻڻ لاءِ ڪوششون ورتيون ۽ انهن ٻولين کي لکت ۾ آندو ته جيئن کين اسڪولن ۾ Medium of instruction ڪري سگهجي، ته جيئن ٻار پنهنجي مادري زبان ۾ تعليم حاصل ڪري سگهن ۽ ساڳئي ريت انهن ٻولين کي ختم ٿيڻ کان بچائي به سگهجي. پر ٻئي طرف اسان سنڌ تي نظر وجهنداسين ته صورتحال ان جي ابتڙ ۽ ڳڻتيءَ جوڳي نظر ايندي.

سنڌ ۾ تعليمي نظام ۾ خصوصاً پرائيويٽ (خانگي) اسڪولن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي مڪمل طرح سان نظرانداز ڪيو وڃي پيو، نتيجي ۾ سنڌي ٻار پنهنجي تمام پراڻي ۽ شاهوڪار ٻوليءَ هوندي به غلط تعليمي پاليسين ۽ حڪومتي سطح تي مخلصاڻي عمل جي غير موجودگيءَ ڪري پنهنجي مادري زبان کان ڏينهون ڏينهن پري ٿيندا وڃن پيا. ڪراچي ۽ حيدرآباد جي پرائيويٽ اسڪولن جي ته ڳالهه ڇڏيو پر سنڌ جي  ٻين ضلعن ۾ به سنڌي ٻوليءَ کي بالڪل نظرانداز ڪيو ويو آهي، ان جو ننڍڙو مثال ضلعي دادو ۾ هڪ خانگي اداري جا اسڪول آهن، جيڪي سنڌي ٻارن کي پنهنجي مادري زبان ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ واري حق کان محروم ڪري ڇڏين پيا.
سنڌ ۾ پرائيويٽ اسڪول اٿارٽي جي تحت رجسٽر ٿيل اسڪولن کي سنڌي ٻولي سبجيڪٽ طور پڙهائڻ لازمي آهي، پر بدقسمتيءَ سان اهو صرف ڪاغذن تائين محدود آهي. ياد رهي ته 1843ع کان پوءِ جڏهن سنڌ انگريزن جي عملداريءَ هيٺ آئي، اها انگريز سرڪار جنهن جي بادشاهي آسٽريليا، نيوزيلينڊ کان وٺي ڪينيڊا تائين پکڙيل هئي، جنهن جو حڪم ۽ سوين قومن ۽ هزارها ٻوليون ڳالهائيندڙن جي مٿان هو، تنهن جي هڪ ننڍڙي ڪاموري جي حڪم تحت نه صرف سنڌي ٻولي سنڌ اندر سرڪاري زبان جو درجو ماڻيو، پر اها ڳالهه حيرت ڏياريندڙ آهي ته انگريزن اهو ڪم ڪو زباني ڪلامي Lip Service)) طور نه ڪيو پر سنڌي ٻولي کي سرڪاري درجي ڏيارڻ لاءِ سنڌ جي هر سرڪاري اداري روينيو کاتي کان وٺي عدالتي کاتي ۽ انگريز سرڪار سان خط و ڪتابت ڪرڻ تائين سنڌي ٻولي کي مڪمل طور تي رائج ڪيو ويو. ان مقصد کي مڪمل طور تي عمل ۾ آڻڻ جي لاءِ سرڪار هرکاتي ۾ ترجمو ڪندڙ Translators)) جون پوسٽون رکيون، جيڪي سرڪاري توڙي غير سرڪاري خط و ڪتابت کي انگريزي ۾ ترجمو ڪري ڏيندا هئا. جيڪا روايت هن وقت عدالت کان سواءِ ختم ٿي چڪي آهي.
انڊين سول سروس يا مرڪزي سول سروس جا اهي عملدار سنڌ اندر پوسٽنگ تي ايندا هئا ته انهن لاءِ لازم قرار ڏنل هو ته هو پهريان ڇهه مهينا سنڌي زبان سکندا. مستقل پوسٽن لاءِ مقرر ڪيل مخصوص سنڌي ٻولي جو امتحان پاس ڪن نه ته ٻي صورت ۾  انهن جون خدمتون واپس ڪيون وينديون هيون. ان جو مثال اهو آهي ته 1947ع کان اڳ UP ۽ CP جا اهي ڪامورا جيڪي سنڌ ۾ مقرر ٿي آيا، اهي هن وقت تائين سنڌي ٻولي جي ڄاڻ رکن ٿا، جنهن جو مثال اسٽيٽ بينڪ جي موجوده گورنر سليم رضا جو والد سيد هاشم رضا آهي، جيڪو 1940ع ۾ لاڙڪاڻي جو ڊپٽي ڪمشنر ۽ 1947ع ۾ ڪراچي جو ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ ۽ ايڊمنسٽريٽر هو. هو سنڌي ٻولي جي ڄاڻ رکندو هو. ان ڳالهه جو ٻيو مثال اهو به آهي ته بمبئي سول سروس ڪميشن تحت هر اهو ملازم، جيڪو سنڌي ٻولي جي ڄاڻ نه رکندو هو، ان لاءِ لازم هو ته هو ڇهن مهينن جو مخصوص ڪيل سنڌي ٻولي جو امتحان پاس ڪري. اهو انگريزن وارو قانون لاڳو Enforce)) ته ٿيل آهي پر ان تي عمل Implementation)) نه ٿي رهيو آهي. جنهن تحت هر اهو سول سرونٽ جيڪو سنڌي نٿو ڳالهائي، جيڪو ڀلي سنڌ جو مستقل رهاڪو هجي يا ڪنهن ٻئي صوبي يا مرڪزي سرڪار کان پوسٽنگ تي اچي ته ان لاءِ لازم آهي ته هو سنڌي ٻولي جو امتحان پاس ڪري، نه ته ٻي صورت ۾ سنڌ ۾ نوڪري ڪرڻ جو اهل نه هوندو. پر هن وقت ان قانون تي عمل ڪرائڻ جي ڳالهه ڪرڻ تي شايد تعصب پرستي، تنگ نظري ۽ ملڪ دشمني جو طعنو ملي.
هن وقت سنڌ جي حوالي سان تجزيو ڪنداسين ته سنڌ جو اهو طبقو جيڪو حادثاتي طور تي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ اچي آباد ٿيو آهي، اهو جيتوڻيڪ پاڻ کي سنڌي سڏائيندي ٿڪجي ڪونه ٿو، پر ان نفسياتي Hang over مان اڃا نه نڪري سگهيو آهي ته ٻارن کي سنڌي پڙهائڻ ۽ لکائڻ ۾ گهٽتائي آهي يا سنڌي زبان ڪنهن ڪم جي ٻولي نه آهي يا وري ائين چئجي ته ڪجهه ماڻهو مجبوري تحت پنهنجي ٻارن کي سنڌي ٻولي کان پري رکي رهيا آهن. ان جو چٽو مثال اهو آهي ته سکر، ميرپور خاص، حيدرآباد ۽ ڪراچي جي سٺن انگريزي ميڊيم اسڪولن ۾ جيتوڻيڪ سراسري طور سنڌي ٻارن جو تعداد تمام گهڻو آهي، جنهن جو ريشو هن ريت آهي، سکر ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن جو سيڪڙو 95، حيدرآباد ۾ 80، ميرپورخاص ۾ 90 ۽ ڪراچي ۾ ڪنهن به صورت ۾ سراسري طور تي 50 سيڪڙو کان گهٽ نه آهي. ڪراچي جي ڪجهه پوش علائقن ۾ 20 سيڪڙو کان وٺي 50 سيڪڙو تائين ۽ هڪ اڌ مخصوص اسڪولن ۾ 60 سيڪڙو تائين سنڌي ڳالهائيندڙن جو تعداد هوندو پر اتي جي اسڪول انتظاميا ٻارن جي والدين کي اسڪول ۾ گهرائي تنبيهه ڪندا آهن ته ٻارن سان گهر ۾ اردو ڳالهايو، نه ته ٻي صورت ۾ ٻار جي پڙهائي جي ذميواري اسڪول انتظاميا تي نه هوندي. مجبور ۽ بي وس مائٽ ٻار جي محفوظ مستقبل جي لاءِ پريشان ٿي اکين  ۾ ڳوڙها آڻي معصوم ٻار، جن جي عمر ٽي کان پنج سال مس هجي ٿي تن سان نه صرف گهر ۾ اردو ڳالهائيندا آهن بلڪه ٻار کي گهر ۾ اردو ماحول ميسر ڪن ٿا.
ڇا ائين سمجهجي ته اها ئي اسان جي قسمت آهي يا ان کان سواءِ ٻيو ڪو چارو آهي؟ ان ڳالهه جو تجزيو ڪرڻ تمام ضروري آهي ته ظلم ته ڪراچي ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن سان ٿي رهيو، جتي ڪراچي جي پوش ۽ هاڻي ته مڊل ڪلاس جهڙوڪ گلشن اقبال، گلستان جوهر، گلشن حديد، صدر ۽ گارڊن جهڙن علائقن ۾ ججهي تعداد ۾ سنڌي رهن ٿا، جتي ٻارن جا مائٽ بي وسي ۽ مجبوري جي حالت ۾ ٻارن سان اردو ڳالهائين ٿا.
ٻئي طرف اها به هڪ حيرت ڏياريندڙ حقيقت آهي ته ويسٽ يورپ جي ملڪن ۽ آمريڪا ۾ اسڪولن ۾ ٻارن جي زبانن جي حوالي سان تحفظ ڪيو وڃي ٿو ته جيڪڏهن ڪنهن مهانگي کان مهانگي ۽ سستي کان سستي، وڏي کان وڏي ۽ ننڍي کان ننڍي اسڪول ۾ ڪو ٻار پنهنجي مادري زبان سکڻ ۽ پڙهڻ چاهي ته اهو اسڪول انتظاميا ۽ رياست جو آئيني فرض آهي ته هڪ ٻار لاءِ به ان جي مادري زبان سيکارڻ جو بندوبست ڪندا، چاهي ان لاءِ ڪيترو به خرچ ڇو نه ڪرڻو پوي. مثلن ڪو سنڌي ٻار سئٽزرلينڊ جي اسڪول ۾ پڙهي ٿو ۽ ان جا والدين هڪ هزار فرانڪ فيس ڀرين ٿا ۽ هو ٻار کي سنڌي پڙهائڻ چاهين ٿا ته پوءِ اسڪول انتظاميه ڪيترو به خرچ ڀري ان ٻار کي سنڌي ٻار پڙهائڻ جو بندوبست ڪندا، پوءِ سنڌي سيکارڻ لاءِ انهن کي سنڌ مان ئي ڪنهن کي گهرائڻو ڇو نه پوي. پر افسوس جو مقام آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ متعصب ۽ نفعي خور پرائيوٽ اسڪولن جي انتظاميا هزارين سنڌي ٻارن کي پنهنجي مادري زبان کي پڙهڻ، سکڻ جي حق کان محروم رکي رهي آهي. ائين مادري ٻوليءَ جي اهميت کان عاري پهچ وارا سنڌي خاندان، جن جو تعلق وڏن ڪامورن، سياستدانن ۽ پئسي وارن سان آهي، جيڪڏهن همت جو مظاهرو ڪري اسڪولن جي انتظاميا کي مجبور ڪن ته ٻارن کي سنڌي پڙهائي ۽ سيکاري وڃي ته مجال آهي جو اسڪول انتظاميا ان جائز مطالبي کي رد ڪري.
سنڌي ٻارن کي بنيادي تعليم سنڌيءَ ۾ ڏيڻ جو مطالبو ڪو جذباتي نعري يا قوم پرستيءَ جي بنياد تي ٻڌل نه آهي، پر ٻار کي بنيادي تعليم پنهنجي مادري زبان ۾ ڏيڻ ڇو ضروري آهي، هن تحرير ذريعي بين الاقوامي ادارن جي ڪيل تحقيقي رپورٽن جي روشنيءَ ۾ ان حقيقت کي واضح ڪيو ويو آهي. انهن بين الاقوامي سطح تي ٿيندڙ تحقيقي رپورٽن نه صرف ان بنيادي حق کي ورجايو آهي ته هر ٻار کي بنيادي تعليم پنهنجي مادري زبان ۾ ڏني وڃي ۽ مادري زبان ۾ بنيادي تعليم ڏيڻ سان ٻار جي سکڻ ۽ سمجهڻ جي صلاحيت تيز ٿئي ٿي، جيڪا هڪ نئين ٻولي (يا اهڙي ٻولي جيڪا گهر ۾ استعمال نه ٿئي) ۾ نٿي ٿئي.
ٻار کي بنيادي تعليم پنهنجي مادري زبان ۾ ڏيڻ جو حق دنيا جي گڏيل قومن جي اداري (UN) پنهنجي ڪنوينشن جي آرٽيڪل نمبر 30 ۾ تمام واضح نموني تسليم ڪيو آهي. بلڪه ان تي عمل جي لاءِ زور به ڀريو آهي. UN جي رپورٽ مطابق، جيڪڏهن Millennium Development Goals حاصل ڪرڻا آهن ته پوءِ ملڪن کي ان قدم کي يقيني بنائڻو پوندو ته ٻارن کي ابتدائي تعليم پنهنجي مادري زبان ۾ ملي رهي آهي. UN سان گڏ دنيا جا ٻيا بين الاقوامي ادارا جيڪي تعليم ۽ ٻارن جي حقن جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، پنهنجي ڪيل تحقيق ۽ هلايل پروگرامن جي نتيجي ۾ حاصل ڪيل تجربن جي بنياد تي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته بنيادي تعليم مادري زبان ۾ ڇو ضروري آهي؟
انگريزي تعليم جي اهميت کان ڪير به انڪاري نه آهي پر ٻه يا ٻن کان وڌيڪ ٻولين جي تعليمي نظام Bilingual Education system ۾ سنڌ جي پرائيويٽ اسڪولن ۾Medium of instruction  اردو آهي ۽ ان سان گڏ انگريزي ٻولي به رَٽائي وڃي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻار سنڌي ٻوليءَ ۾ نه لکي سگهي ٿو ۽ نه ئي وري پڙهي ٿو سگهي.
ڪجهه مائٽن کي ان ڳالهه جو خطرو هوندو آهي ته جيڪڏهن ٻارن کي شروع کان وٺي انگريزي نه پڙهائي ويندي ته هو ترقي نه ڪري سگهندا. پر اسان جي اڳيان انهن ملڪن جا به مثال موجود آهن جتي ٻارن جي بنيادي تعليم پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڏني وڃي ٿي ۽ اهي ملڪ دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ شامل آهن، جن ۾ جاپان، چائنه، فرانس ۽ جرمني وغير اچي وڃن ٿا.
تعليمي پاليسيون ٺاهڻ وارا ۽ انهن تي عمل ڪرائڻ وارا “ماهر” ان ڳالهه کان ته بي خبر آهن، يا هو ڄاڻي ڪري به ان حقيقت کي پاسيرو رکن ٿا ته جن ٻارن کي شروعاتي/بنيادي تعليم پنهنجي مادري زبان ۾ ڏني وڃي ٿي ته انهن جي ڪارڪردگي انهن ٻارن جي ڀيٽ ۾ بهتر هوندي آهي جيڪي ڪنهن نئين ٻولي يا ان ٻوليءَ ۾ جيڪا مادري زبان نه هوندي آهي ۾ پڙهن ٿا. جيئن ته ٻار جو بنيادي تعليم پنهنجي مادري زبان ۾ سکڻ جو عمل تيز هوندو آهي تَنهن ڪري تعليمي ماهر ان ڳالهه تي زور ڏين ٿا ته ٻارن کي 5 کان 7 سالن جي عمر تائين ابتدائي تعليم پنهنجي مادري زبان ۾ ئي ڏني وڃي، ڇاڪاڻ جو شروعاتي سالن ۾ ٻار پنهنجي مادري زبان ۾ آسانيءَ سان ڳالهائي، لکي، پڙهي ۽ سمجهي سگهن ٿا، پر ان جي ڀيٽ ۾ ٻار کي پهريان بنيادي پنج سال صرف نئين ٻولي کي سمجهڻ ۽ سکڻ ۾ لڳن ٿا ۽ ان جي پوري توانائي ۽ ڪوششون ان ٻوليءَ کي سکڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ لڳن ٿيون، جنهن جي ڪري ٻار جون تخليقي صلاحيتون اُڀري نه ٿيون اچن. ٿيل تحقيقن اهو ثابت ڪيو آهي ته جيڪي ٻار بنيادي تعليم مادري زبان ۾ حاصل ڪن ٿا، اهي اڳيان هلي به ٻولي يا گهڻ ٻولي Bilingual & multilingual تعليمي نظام ۾ بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪن ٿا.
جنهن تعليمي نظام ۾ ٻار جي مادري زبان کي اهميت ملي ٿي، اتي نه صرف ڪلچر ۽ ٻولي جي اوسر ٿئي ٿي، پر مائٽ به اسڪول سسٽم جو حصو ٿين ٿا. سنڌ ۾ سنڌي ٻارن کي پرائيويٽ اسڪولن ۾ سندن مادري زبان ۾ تعليم ڏيڻ واري مطالبي کي پاڪستان جي نام نهاد دانشورن “سول سوسائٽي” جي نمائندن پاران پاڪستان جي ايڪتا کي خطرو ۽ قومي ٻوليءَ جي اهميت کي گهٽائڻ جهڙا بي بنياد دليل ڏنا ويندا آهن، پر ان جي برعڪس تاريخي طور تي ڏٺو ويو آهي ته گهڻ قومي ٻولي وارن ملڪن ۾ شامل ٻين قومن جي زبان کي نظرانداز ڪرڻ سان قومن ۾ ويڇا وڌن ٿا. ڪجهه ملڪن ۾ مادري زبان جي بنياد تي گهڻ ٻوليءَ واري تعليمي نظام قائم ڪرڻ لاءِ عوامي سطح تي جاڳرتا مهم شروع ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ اهي ڪامياب به ٿيا، جن ۾ پاپا نيوگني، مالي، گوئتي مالا، ايريٽريا، ناجيريا ۽ بلويه شامل آهن. انهن سڀني مثالن ۽ تجربن کي نظر ۾ رکندي سنڌ ۾ خصوصي طور تي خانگي اسڪولن ۾ سنڌي ٻارن کي بنيادي تعليم سنڌيءَ ۾ ڏني وڃي. ان سان گڏ انگريزي ٻوليءَ ۾ به تعليم ڏني وڃي، ان جي لاءِ سنڌي زبان تي مهارت رکندڙ سنڌي استاد ڀرتي ڪيا وڃن. مائٽن کي به ان احساس ڪمتريءَ مان نڪرڻ گهرجي ته اردو ۽ انگريزي ۾ پڙهڻ سان ٻار ”تهذيب يافته“ تصور ڪيا ويندا، پر ان سان گڏ سنڌي ٻار کي سنڌي پڙهائڻ تي توجهه ڏيڻ گهرجي.
حڪومت سان گڏ مائٽن کي به خانگي اسڪولن جي انتظاميه کان گڏيل مطالبو ڪرڻ گهرجي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائن ته ٻارن کي سنڌيءَ ۾ پڙهايو وڃي. سنڌ سرڪار کي به خانگي اسڪولن ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ پڙهائڻ جي سلسلي ۾ چڪاس سسٽم قائم ڪرڻ گهرجي ته جيئن سنڌي ٻار اردو ۽ انگريزي ڳالهائيندڙ ”بابُو“ نه بلڪه صحيح معنيٰ ۾ تعليم يافته ۽ پنهنجي ٻوليءَ ۽ تهذيب جي عڪاسي ڪندڙ نسل ٿئي.

2 comments:

  1. ع1947 کان پوءِ سنڌي ٻولي نسبت هندستان ۽ پاڪستان ۾ ڌار ڌار لڙائي وڙهي وئي . هندستان ۾ 20 سالن جي جدوجهد بعد سنڌين کي قاميابي ملي جڏهن ته پاڪستان ۾ سنڌين کي هڪ صوبو هجڻ ۽ هڪ حڪومت هجڻ جي باوجود قاميابي ڪون ملي. ڇو ڪون ملي ؟ ان جا ڪيڙا سبب آهن ؟ ن ان بابت نه ڳالهائي هيڏئون هوڏئون جون ڳالهئون ڪيون ويون آهن هن ليک ۾ .
    ليکڪا کي مول مسئلي تي ڌيان ڏيئڻو کپيندو هو

    ReplyDelete
  2. سٺو تجزيو آهي. شوڪت چاچڙ

    ReplyDelete