15/10/2012

رجنيش سان روبرو - همسفر گاڏهي (Hamsafar Gadhi)


(ريٽا شاهاڻيءَ جو ڪتاب ”روبرو“)
همسفر گاڏهي

هڪڙو وقت هو جڏهن سنڌ ۾ سياسي ڪارڪن سياست ۽ لٽريچر پڙهڻ سان گڏ گرو رجنيش تي پڻ پڙهڻ جا هيراڪ ٿيا. جيڪڏهن کين ڪٿان سندس ڪتاب هٿ ايندو هو ته اهو قيمتي وکر وانگر گهڻن ماڻهن جي هٿن مان گذرندو هو، پر جي ڪتاب هٿ نه لڳو ته رجنيش جا اهي رَسيا سندس ليڪچرن تي مشتمل ڪئسٽون هتان هُتان هٿ ڪري ڪتابي مخلوق کي پيا فيضياب ڪندا هئا.
ان زماني ۾ مون رجنيش جي اها آفاقي سٽ ڪٿي پڙهي هئي ته:
Why you are searching the God
God is in your self
تڏهن ئي مون کي مرشد لطيف ياد آيو هو، جنهن ڪيئي زمانا اڳ ۾ سنڌ جي لوڪن ۽ دنيا جي تصوف ڏانهن جهڪاءُ رکندڙ ماڻهن جي هنن سٽن ۾ رهنمائي ڪئي هئي:
پيهي جان پاڻ ۾، ڪيم روح رهاڻ،
ته نڪو ڏونگر ڏيهه ۾، نه ڪا ڪيچين ڪاڻ،
پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سور هئا.
سو مون کي ايئن لڳو ته رجنيش ان خيال جي پوئواري ڪندي جديد زماني ۾ پنهنجا خيال اڳتي وڌايا. هُن وٽ مايا به هئي، فڪر به، پوئلڳ به ۽ زندگي کي اتساهه سان جيئڻ جو ڍنگ به. شيخ اياز هڪ يادگار ڪچهريءَ ۾ اوشو بابت هڪ ڀيري ٻڌايو پئي ته ”اوشو آسمانن جي خدا وانگر ڌرتيءَ تي وڏي لگزريءَ سان زندگي گهارڻ جو قائل هو“.
هن وقت هندستان جي سٻاجهي ليکڪا ريٽا شاهاڻيءَ جو ڪويتا پبليڪشن طرفان شايع ڪرايل ڪتاب ”روبرو“ منهنجي اڳيان آهي، جيڪو گرو رجنيش جي ٻالڪپڻ، جوانيءَ ۽ فڪر بابت آهي. ايئن چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو ته پيرائتي ڪٿا جي انداز ۾ رجنيش جي زندگيءَ بابت هڪ لاجواب ڪتاب آهي. ريٽا هونئن به هندستان جي سڀيتا، علم ادب، فڪر ۽ فلسفي جي وڏن ڪردارن ميران ٻائي، ڪاليداس، ڪبير، گروناڪ، گوتم ٻڌ، گرو رجنيش، شاهه لطيف ۽ سچل سرمست جو ڳوڙهو اڀياس ڪيو آهي، ۽ انهن ڪردارن کي هوءَ وقت بوقت پنهنجي لکڻين ۾ اجاگر ڪندي رهي آهي.
هن ڪتاب جو مطالعو ڪندي آءٌ رجنيش جا اهي خيال پڙهڻ کان پوءِ لاجواب ٿي ويس جيڪي هن دوستيءَ ۽ عشق بابت ٻڌايا آهن. دوستي ڇا هوندي آ ۽ عشق ڇا آهي؟
اچو ته رجنيش کان رهنمائي وٺون. هن جي خيال ۾ دوستي عشق جي جذبي کان اوچي آهي. ”عشق زمين سان جڙيل آهي، جنهن کي ڌرتي ڇڪي ٿي، ان کي gravity آهي، جڏهن ته دوستيءَ کي اها ناهي، ان ۾ اڏامڻ جي صلاحيت آهي“ معنيٰ ته عشق جو جذبو، دوستيءَ جي جذبي کان مَڌم آهي.
حقيقت ۾ رجنيش گوتم ٻڌ کان ڏاڍو متاثر هو. اهوئي ڪارڻ آهي جو هن پوني ۾ پنهنجي آشرم جي ليڪچر هال جو نالو ”ٻڌ هال“ رکيو. توهان کي حيرت ۾نه پوڻ گهرجي ته اڄ به دنيا ۾ نوجوان ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن جو هڪ وڏو انگ ’اوشو‘ چئو يا ’رجنيش‘ جي فڪر جو ديوانو آهي.
ليکڪا هي ڪتاب پنهنجي مُربي چاچي منگهارام اُڌارام ملڪاڻي کي ارپيو آهي.
هي ڪتاب گرو رجنيش جي زندگي، فلاسافي ۽ اصولن جي اپٽار جو عڪس آهي. مٽيءَ مان ڳوهيل انسان جو مٽيءَ سان رشتو ڪيڏو نه اَٽوٽ هجي ٿو. ان جي اپٽار ڪندي رجنيش چوي ٿو: ”مٽيءَ کان سواءِ پيار جو گل ڪيئن ٽڙندو؟ مٽيءَ کي پنهنجو مهتو آهي. مٽي ۽ ڪنول جو هڪٻئي سان اٽوٽ سُٻنڌ آهي. اسين مٽيءَ کي نظرانداز نٿا ڪري سگهون ۽ نه ئي ڪنول کي، آڪاش ۾ پهچڻ لاءِ ڌرتي جو هجڻ ضروري آهي. مان ٻنهيءَ کي ساڳي اهميت ڏيان ٿو“.
مٽيءَ کي مانُ ڏيندي ڪنهن صوفي شاعر ڪيڏو نه سچ لکيو آهي ته ”ماٽي سي ماٽي مل جائي گي، هو جائي گا گلزار“ يا وري بابا فريد شڪر گنج جي اها سٽ ته: ”فريدا خاڪ نه ننديئه، خاڪ نه جيڏا ڪوءِ“.
بروبر مٽيءَ جي پنهنجي عظمت آهي. خلقڻهار ماڻهوءَ کي مٽي چپٽيءَ مان تخليق ڪيو آهي ۽ اول آخر انهي مٽيءَ ۾ وڃڻو آهي. ان ڪري مٽيءَ سان نڀاءُ، ڪمٽمينٽ ئي زندگي آهي، ان سان دوکو انسانيت سان، خلقڻهار سان دوکو چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو.
جيتوڻيڪ رجنيش فڪري لحاظ کان اڄ جي دنيا ۾ تڪراري شخص ليکيو وڃي ٿو. ڪي کيس وڏو مفڪر ۽ عالم سمجهن ٿا، ته ڪي وري کيس گاسليٽي دانشور، پر ان ڳالهه کان ڀلا ڪير انڪار ڪري سگهندو ته هن عالمي روحاني رهبرن جهڙوڪ حضرت محمد ﷺ، گوتم ٻڌ، مهاديو، ڪرشن، حضرت عيسيٰ عه، ڪبير، نانڪ ۽ ميران ٻائي جي فڪر ۽ فلسفي تي کلي ڳالهايو ۽ نفسيات، سيڪس، سياست، ڪلا، صوفي مت، شاعري ۽ فلاسافي بابت پرمغز ليڪچر ڏنا. هن وقت به سندس ڪتاب 58 ٻولين ۾ ترجمو ٿيل آهن، جن مان لکين ماڻهو مستفيض ٿي رهيا آهن.
رجنيش جي حياتيءَ ۾ جهاتي پائڻ سان خبر پوي ٿي ته هو، هڪ باغي انسان هو. ٻالڪپڻ ۾ اسڪول جي پڙهائي کان باغي، عام رواجي ڊگرين کان باغي، سماج جي ريتن رسمن کان باغي. اهوئي ڪارڻ هو جو هن زندگيءَ ۾ سڀ ڪم ٻين جي مرضيءَ جي ابتڙ ڪيا، ۽ ايئن ڪيو جيڪو کيس درست لڳو. هن جي آٽوبايوگرافيءَ جو عنوان به آهي ”A Rebel book“ (هڪ باغي ڪتاب). هو پنهنجي باغي هجڻ جي تصديق ڪندي چوي ٿو: ”مان ڏيهه ڇڏڻ کان پوءِ به پنهنجي پيار ڪرڻ وارن هزارن دماغن ۾ بغاوت جا ٻج پوکيندو ايندس، اوهين ڄاڻو ٿا ته مان ايئن ڪري سگهان ٿو. منهنجي مرتئي کان پوءِ به بغاوت قائم رهندي ۽ وڌندي ويندي. ان وقت مون کي وڌيڪ شرير هوندا. وڌيڪ آواز هوندا، وڌيڪ هٿ هوندا جيڪي بغاوت ۾ مٿي کڄندا“.
جنم ڏڻ هر انسان لاءِ خوشيءَ جا لمحا ساڻ کڻي اچي ٿو ۽ ماڻهو ان کي پنهنجي پيارن، دوستن ۽ عزيزن سان ملهائڻ ۾ تمام گهڻي خوشي محسوس ڪندو آهي، پر رجنيش ان لحاظ کان ڪيڏو نه حقيقت پسند آهي، سندس ويچار پڙهو: ”جنم ڏينهن مرتيو ڏينهن پڻ آهي. اسان جي جنم سان ئي اسان جي مرتئي طرف ياترا شروع ٿئي ٿي، ڌيمي ۽ لنبي ياترا، هر هڪ جنم ڏينهن اسان کي مرتئي جي ويجهو آڻي ٿو“.
هن ڪتاب ۾ رجنيش کان سواءِ گوتم ٻڌ جي فڪر ۽ فلسفي، حضرت عيسيٰ عه، توڙي ٻين صوفي بزرگن ۽ عالمن جي فڪر ۽ فلسفي جي اپٽار ڪئي وئي آهي. سچ ڇا آهي، مذهب ڇا آهي، زندگيءَ جا ٻيا ڪيترائي رنگ ۽ ڪيترن ئي فڪري سوالن جا جواب هن ڳٽڪي ۾ موجوده آهن.
سچ ته ڪويتا پبليڪيشن جي دلبر دوست موهن مدهوش هي ڪتاب شايع ڪري سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي پڙهندڙن کي هڪ يادگار سوکڙي پيش ڪئي آهي. ان ڪري هي ڪتاب پڙهڻ کان ڪنڌ ڪنڍائڻ سڀاڳ جي علامت نه ٿو چئي سگهجي. اميد ته ”بوڪ لَوَر“ پنهنجي مطالعي ۾ آسودگي آڻڻ لاءِ هن ڪتاب جو مطالعو ضرور ڪندا.

No comments:

Post a Comment