28/10/2012

ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ڪتاب ”سنڌ: حڪمران، ايم ڪيو ايم ۽ سنڌي عوام“ بابت ڪجهه ڳالهيون - خادم رند (Khadim Rind)


ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ڪتاب
”سنڌ: حڪمران، ايم ڪيو ايم ۽ سنڌي عوام“
بابت ڪجهه ڳالهيون
خادم رند
ڪتاب ”سنڌ: حڪمران، ايم ڪيو ايم ۽ سنڌي عوام“ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي سياسي مضمونن جي سهيڙ آهي، جيڪي سندس حياتيءَ ۾، سنڌ جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا هئا.
ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر پاران ڇپايل هيءُ ڇويهون ۽ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو اٺون ڪتاب آهي. ڊيمي سائيز ۽ آفسيٽ پيپر تي ڇپايل هي ڪتاب 264 صفحن تي مشتمل آهي. ڪتاب جو مُلهه 90 رپيا رکيو ويو آهي ۽ اڄوڪي هن نائين ورسي (اپريل 2006ع) جي موقعي تي پڌرو ڪيو ويو آهي.
هن ڪتاب لاءِ ”ٻه اکر“ ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي جي جنرل سيڪريٽري ۽ ڊاڪٽر محبت جي ڀاءُ رياضت ٻرڙي لکيا آهن ۽ ”مهاڳ“ نامياري ليکڪ ۽ سياسي تجزيي نگار جامي چانڊيي لکيو آهي.
ڪتاب ”سنڌ: حڪمران، ايم ڪيو ايم ۽ سنڌي عوام“ ۾ ڪل ايڪيهه مضمون آهن. هي سمورا مضمون 1991ع کان 1997ع تائين، لڳ ڀڳ ڇهن سالن جي عرصي تي محيط آهن. انهن ڇهن سالن ۾ عام طرح پاڪستان ۽ خاص طرح سنڌ جي سياسي ميدان ۾ جيڪي واقعا ۽ هيراڦيريون رونما ٿيون، تن کي خالص علمي ۽ پختن دليلن جي بنياد تي پرکڻ ۽ سولو ڪري سمجھائڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي وئي آهي.
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو پيشي جي لحاظ سان ته هڪ ايم بِي بِي ايس ڊاڪٽر هو، پر پنهنجي طبيعت ۽ مزاج ۾ هُو هڪ عاليشان استاد ۽ رهبر هو. هن پنهنجي حياتيءَ جو وڏو عرصو سنڌ جي ماڻهن کي سياسي، سماجي ۽ سائنسي شعور ڏيڻ ۾ صرف ڪيو ۽ پاڻ به هڪ منظم ۽ برجستو سياسي ڪارڪن ۽ اڳواڻ ٿي رهيو. ڊاڪٽر محبت سنڌ جي مفادن خلاف ڪم ڪندڙ ماڻهن ۽ تنظيمن تي گھري نظر رکندو هو ۽ سندن ڪردار کي بي نقاب ڪرڻ پنهنجو اولين فرض سمجھندو هو. سنڌ جي وسيلن تي پلجندڙ ايم ڪيو ايم جي ارادن کي هو بهتر نموني سمجھندو هو. مذڪوره ڪتاب ڊاڪٽر محبت جي سياسي ۽ سماجي شعور جي سطح کي نروار ڪري ٿو.
هن ڪتاب ۾ سڀ کان ننڍڙو مضمون آهي ”ڌاڙيل، دهشتگرد ۽ سنڌي عوام“. ٻن صفحن جي هن لکڻيءَ ۾ ڊاڪٽر محبت ٻڌائڻ گھري ٿو ته سنڌ ۾ عام ماڻهو ڪنهن به حوالي سان محفوظ ناهن، جڏهن ته دهشتگرد ۽ ڌاڙيل جاوا پيا ڪن ۽ دهشتگردن جي سردار کي حاڪمن وارو مرتبو مليل آهي. ”سنڌ ۾ موجود ڌارين جون لوڌون ۽ ٻوڙي سرڪار جي خاموشي“ به هڪ ننڍڙو مضمون آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر محبت ٻڌائي ٿو ته 1940ع جي ٺهراءَ ۾ ڪنهن به هڪ علائقي مان ڪنهن به ٻي علائقي ڏانهن ڪنهن به قسم جي لڏپلاڻ جو ذري جيترو به ذڪر ٿيل ناهي ۽ سنڌ سميت گھڻيون رياستون ان تي متفق ٿيون هيون، پر 1947ع ۾ اپکنڊ جي هڪڙي رياستن کان ٻين رياستن ڏانهن هڪ زبردست سازشي لڏ پلاڻ ڪرائي وئي. مضمون ”سنڌين جو نئون سياسي اڳواڻ؟“ ۾ ڊاڪٽر محبت سنڌي پريس جي ڏاڍي واکاڻ ڪئي آهي. خاص طرح ايم ڪيو ايم جي دهشتگردن جي آزادي، شاهبندر توڙي ڄامشوري ڀرسان سنڌي ماڻهن جي شهادت بابت سنڌي پريس جي مضبوط دليلن، جرات ۽ ڪردار کي انتهائي اهم سڏيو آهي. مضمون ”ڇا سنڌي ماڻهوءَ جي سوچ به غلام آهي؟“ هڪ مدلل ۽ بهترين لکڻي آهي. هن مضمون ۾ ڊاڪٽر محبت ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته سنڌي ماڻهن سياسي، سماجي ۽ معاشي طور غلام هوندي به، ان غلاميءَ منجھان ٻاهر نڪرڻ جي هر دور ۾ ڪوشش پئي ڪئي آهي. ڊاڪٽر محبت هن مضمون ۾ سنڌ جي سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي ڏوهاري سڏي ٿو ڇو ته انهن سنڌي عوام پاران هلايل هلچل ۽ قربانين کي پنهنجن سازشن ۽ ڳجھه ڳوهه ۾ ڪيل جوڙ توڙ وسيلي ڇيهو پئي پهچايو آهي.
ڪُڦاٿل پاڪستاني“ هڪ ڊگھو ۽ مفصل مضمون آهي، جيڪو روزاني ”جاڳو“ ڪراچيءَ ۾ چئن قسطن ۾ شايع ٿيو هو. 1992ع ۾ ڇپجندڙ هن مضمون کي سنڌ ۾ گھڻو پسند ڪيو ويو هو. هن مضمون جو بنيادي نڪتو هي آهي ته آخر هڪ پاڪستانيءَ جي وصف ڪهڙي آهي، ۽ ڇا جيڪو به ٻاهريون ۽ ڌاريو ماڻهو پاڻ کي پاڪستاني ڪوٺائي، اهو ائين ڪرڻ سان پاڪستاني ٿي ويندو؟ هن مضمون ۾ بِهارين جي ماضيءَ کي بيان ڪندي ثابت ڪيو ويو آهي ته اهي نمڪ حرام، جلاد ۽ قاتل ماڻهو آهن ۽ جيڪڏهن اهي سنڌ ۾ آيا ته پوءِ اهي ئي عمل ڪندا جيڪي هنن بنگلاديش ۾ بنگالي ماڻهن سان ڪيا. هن مضمون ۾ ڊاڪٽر محبت اهو به ٻڌايو آهي ته آخر دهشتگرد ۽ سندن حواري بهارين کي سنڌ ۾ آڻڻ لاءِ بضد ڇو آهن؟ ”سنڌ جي نئين چونڊيل حڪومت ۽ ايم ڪيو ايم جوڪردار“ نالي مضمون ۾ ڊاڪٽر محبت چونڊجي ايندڙ سنڌ حڪومت کي ايم ڪيو ايم جھڙي سنڌ دشمن تنظيم پاران امڪاني رڪاوٽن ۽ مفاد پرستن کان اڳواٽ خبردار ۽ هوشيار ڪندي نظر اچي ٿو، ۽ کيس ٻڌائي ٿو ته مهاجر قومي موومينٽ جو نالو متحده قومي موومينٽ رکڻ سان دهشتگردن جا ارادا بنهه تبديل نه ٿيندا ۽ اهي پنهنجي سرير ۾ ساڳيو ئي زهر رکندا رهندا. ”ڇا سنڌين کي هٿيار کڻڻا ئي پوندا؟“ ماڻهوءَ کي سوچڻ تي مجبور ڪندڙ هڪ ننڍو پر جامع مضمون آهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جڏهن هر قسم جي پرامن جدوجھد ڪي نتيجا نه ڏيندي ته ان جو منطقي نتيجو آخر ڇا نڪرندو؟ هن مضمون مان هڪ ٽڪرو هتي ڏجي ٿو: ’سنڌي ماڻهن پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ پنهنجي، پنهنجي ڌرتيءَ، قوم، ٻوليءَ، ثقافت، سماج ۽ نفسيات جي خلاف ٿيندڙ سازشن، ارهه زوراين ۽ عملن کان وقت جي حڪمرانن کي جمهوري، قانوني، انساني ۽ اخلاقي طريقي سان انسان ٿيڻ، انسانيت ۽ جمهوريت وڌائڻ ۽ قانون کي عملي طرح قائم رهڻ جو سبق پئي ڏنو آهي. هنن هن مهل تائين ڪنهن به ثقافتي ۽ نسلي ٽولي ۽ پاڪستان جي ڪنهن به ٻِي قوم جي نه ته ڪا وسندي ويران ڪئي آهي، نه ته انهن جي اولاد کي ستايو آهي ۽ انهن جي خلاف نه وري ڪا انسانيت کان ڪِريل ڳالهه ڪئي آهي. سچ اهو آهي ته پاڪستان ۾ جمهوريت جا علمبردار ۽ ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ جا مخالف سنڌي ئي رهيا آهن.‘ ”ڪراچي تان قبضو هٽائڻ لاءِ“ نالي مضمون ۾ ڪراچيءَ کي عملي طرح سنڌ ۽ سنڌين کان کسڻ جي سلسلي ۾ جيڪي حرفتون، چالاڪيون ۽ مڪاريون ٿيون آهن، تن کي سولي ۽ پُراثر نموني سمجھايو ويو آهي. هن مضمون ۾ ڊاڪٽر محبت سنڌ اسيمبليءَ جي ڪردار تي پڻ سخت تنقيد ڪئي آهي. مضمون مان چونڊ ٽڪرو هتي ڏجي ٿو: ’شرم جھڙي ڳالهه اها آهي ته سنڌ سان ٿيل سمورين بدمعاشين جي راڻي سنڌ اسيمبلي رهي آهي. جڏهن کان سنڌ اسيمبلي ٺهي آهي، تڏهن کان اها ڪهڙي غداري، ڪهڙي سازش، ڪهڙي ڪميڻائپ آهي، جيڪا سنڌ اسيمبلي مان نه مڙهي وئي هجي؟ ڇا سنڌ جي تاريخ ۾ اهڙي ڪنهن غداريءَ جو ڏس ملي ٿو، جنهن پنهنجي ئي وطن جو نالو به ميساري ڇڏيو هجي؟ سنڌ اسيمبلي ئي هئي جنهن پنهنجي خودمختياريءَ ۽ آزاديءَ کي داءُ تي لڳائي پنهنجي وطن کي پنجابي-پناهگير ڦورو طبقن جي حوالي ڪري ڇڏيو.‘
مضمون ”پاڪستان کي ڏوهارين جو کيت نه ٺاهيو“ به هڪ حقيقت تي ٻڌل لکڻي آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر محبت ٻڌايو آهي ته پاڪستان ۾ ڪيئن نه ڏوهاري ۽ ڪميڻا ماڻهو اقتدار ماڻين ٿا ۽ هن ملڪ ۾ ڏوهن وسيلي ڪاميابيون ماڻڻ ماڻهن جو سندر سپنو بڻجي ويو آهي. ”سنڌ جون گھڻ گھريون ڌريون دهشتگردن کي ڪيئن منهن ڏين؟“ نالي مضمون ۾ ڊاڪٽر محبت سنڌي ماڻهن ۽ سنڌي سياستدانن کي ٻڌائي ٿو ته دهشتگردن سان جديد ۽ سائنسي بنيادن تي گھڻ پاسائين ۽ عملي جدوجھد وسيلي ئي منهن ڏئي سگھجي ٿو. باقي وڏيرڪن ٺڪائن ۽ سکڻن دهمانن سان سواءِ دشمن کي فائدي جي ٻيو ڪجھه حاصل ٿيڻو ناهي. هن مضمون ۾ ڊاڪٽر محبت جو بنيادي زور ان نقطي تي آهي ته دهشتگردن کي عام اردو ڳالهائيندڙ ماڻهن کان ڇني ڌار ڪرڻ جي سنجيده ڪوشش ٿيڻ کپي. مضمون ”سنڌ کي ورهائڻ جي سازش ڏانهن سنجيدهرويي جي گھرج“ به هڪ ڌيان ڇڪائيندڙ ۽ تفصيلي مضمون آهي. هن مضمون ۾ ڊاڪٽر محبت حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽي جي آفيس ليٽر پيڊ تي ان جي هڪ اڳوڻي ڊائريڪٽر تسنيم جي لکيل هڪ خط جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن ۾ هن واضح طور چيو آهي ته خدا ڪِي بستي ڪالوني ۽ ڄامشوري جي ٽنهي يونيورسٽين ٻاهران پنهنجا مخصوص ماڻهو آڻي ويهارڻ جي سازش سٽي وئي آهي ته جيئن سنڌين جي سياسي قوت کي دٻائي ۽ هيسائي سگھجي. هي مضمون ايم ڪيو ايم وارن جي سنڌ دشمن منصوبن کي سمجھڻ لاءِ سٺو مواد مهيا ڪري ٿو. مضمون ”مهاجر، اُردڪ ۽ دهشتگرد ۾ فرق ڪرڻ کپي“ ۾ ڊاڪٽر محبت ٻڌائي ٿو ته مهاجر ڪنهن کي چئبو آهي ۽ پڻ وضاحت ڪئي اٿس ته هر مهاجر يا اردو ڳالهائيندڙ دهشتگرد ناهي ۽ سنڌ جي سڄاڻ ڌرين تي زور ڏنو اٿس ته اهي انهيءَ فرق کي سمجھن.
سنڌ دوستيءَ جي نالي ۾ دڙڪي واري سياست“ نالي مضمون ۾ ڊاڪٽر محبت سنڌ ۾ وڏيرن ۽ وڏيرڪي سياست ڪندڙ سياستدانن کي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي ۽ ٻڌايو اٿس ته انهيءَ دڙڪن واري سياست ڪري سنڌ جي مخالفن، خاص ڪري ايم ڪيو ايم کي ته ڪو به نقصان نه ٿو پهچي، الٽو انهن ڀڀڪين جو اسان سنڌي ماڻهن کي ئي نقصان ٿئي ٿو. ”سنڌ جي سالميت ۽ ايم ڪيو ايم“ به هڪ تفصيلي ۽ ايم ڪيو ايم جي سنڌ دشمنيءَ کي وائکو ڪندڙ مضمون آهي. هن مضمون ۾ ڊاڪٽر محبت ثابت ڪيو آهي ته ايم ڪيو ايم سنڌ تي ميري نظر رکي ٿي. ڊاڪٽر 1994ع واري رڳي هڪڙي سال ۾ الطاف حسين جي ڪيترن ئي بيانن جا حوالا ڏئي بلڪل واضح ڪري ڇڏيو آهي ته ايم ڪيو ايم هر صورت ۾ سنڌ جو ورهاڱو چاهي ٿي ۽ هر وقت پنهنجي انهيءَ ناپاڪ ارادي جي تڪميل لاءِ جاکوڙي رهي آهي. ڊاڪٽر محبت الطاف حسين جي خطاب وقت جلسي گاهه ۾ لڳندڙ نعري ”سنڌ ۾ هوگا ڪيسي گذاره؟ آڌا همارا، آڌا تمهارا“ جو ان حوالي سان ذڪر ڪيو آهي. مضمون ”ايندڙ چونڊون:سنڌ دشمن سازشن جا پيرا کڻڻ جي ضرورت“ ۾ ڊاڪٽر محبت ايندڙ اليڪشن جو تجزيو ڪندي ۽ نئين ٺهندڙ امڪاني حڪومت ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪردار کي نظر ۾ رکندي ان نتيجي تي پهچي ٿو ته بيشمار خامين هوندي به پيپلز پارٽي ان حوالي سان بهتر آهي ته اها پنهنجي گذريل ٽن سالن واري دور ۾ ڪڏهن به دهشتگردن آڏو نه جھڪي هئي، ان ڪري کيس ايندڙ چونڊن ۾ آخري ڀيرو ئي سهي، سنڌي ماڻهن کي ووٽ ڏيڻ گھرجي. ”سنڌ ۾ سياسي گھوٽالو ۽ وطن دوست ڌر جي ضرورت“ مضمون ۾ ڊاڪٽر محبت سنڌ اندر هڪ نئين سياسي پارٽيءَ جي ضرورت کي محسوس ڪندي لکي ٿو ته، ’سنڌ ۽ سنڌين کي هڪ وڏي، طاقتور، منظم، روشن خيال، ترقي پسند ۽ عوامي سياسي پارٽيءَ جي اشد ضرورت آهي. هڪ اهڙي سياسي پارٽيءَ جي، جيڪا سنڌ ۽ سنڌين جي قدرتي، تاريخي، جاگرافيائي، معاشي، سياسي، ثقافتي، نفسياتي، لساني ۽ انساني حقن جي تحفظ لاءِ ڀرپور عملي ۽ علمي تحريڪ هلائي سياسي سجاڳي ۽ ٻڌي پيدا ڪري، سنڌ جي گھڻي کان گھڻن رهواسين کي هڪ پليٽ فارم تي آڻي ۽ هڪ جھنڊي هيٺ گڏ ڪري سگھي.‘
ڇا ايم ڪيو ايم سنڌ دشمن ۽ دهشتگرد فطرت مٽائي سگھندي؟“ ايم ڪيو ايم جي فسطائي سوچ ۽ ڪردار کي وائکو ڪندڙ هن ڪتاب جو هڪ اهم مضمون آهي. هن مضمون ۾ ڊاڪٽر محبت 1997ع ۾ قائم ٿيل نگران حڪومت بابت ڄاڻائي ٿو ته هيءَ حڪومت ايم ڪيو ايم کي انتهائي وڏيون ۽ ناجائز سهوليتون ڏئي رهي آهي، جنهن عمل سان هن دهشتگرد تنظيم جي وڌيڪ همٿ افزائي ٿيندي ۽ اهي وڌيڪ پُرزور نموني پنهنجي غليظ سنڌ دشمن منصوبن تي گامزن رهندا. مضمون بعنوان ”دهشتگردن پاران نئين حڪومت لاءِ پهريون تحفو“ ۾ ڊاڪٽر محبتَ ڪراچيءَ جي اورنگي علائقي ۾ دهشتگردن هٿان بيدرديءَ سان قتل ڪيل هڪ پوليس ايس آءِ طارق ارتضيٰ جو ذڪر ٿيل آهي، جيڪو دهشتگردن سان مهاڏو اٽڪائڻ جي ڏوهه ۾ قتل ڪيو ويو هو. هن واقعي کي ئي ڊاڪٽر محبت نگران حڪومت لاءِ دهشتگردن پاران ڏنل پهريون تحفو ڪوٺي کيس اڳتي لاءِ خبردار ڪري ٿو. ”سنڌ جي بندرگاهه خلاف سازش جو تاڃي پيٽو“ به سنڌ جي ڪراچيءَ واري بندرگاهه خلاف ٿيل گھرين ناپاڪ سازشن کي بي نقاب ۽ وائکو ڪندڙ انتهائي اهم ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ مضمون آهي. هي مضمون ڊاڪٽر محبت شايد روزاني ”عوامي آواز“ ڪراچي جي 14 جنوري 1997ع واري اشاعت ۾ ڏنل هڪ خبر جي بنياد تي ئي لکيو آهي، جنهن خبر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته برطانيه سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ کي فِري پورٽ بنائڻ جي تجويز ڏني آهي ۽ برطانوي وزيراعظم جان ميجر پاران پاڪستان جو ٽن ڏينهن وارو دورو به ان سلسلي جي ڪڙي آهي. ”سنڌ اسيمبلي ۽ سنڌ جا مفاد“ هڪ طويل مضمون آهي، جيڪو چئن قسطن ۾ ”عوامي آواز“ اخبار ۾ ڇپيو. هن مضمون جو بنيادي نقطو اهو آهي ته ايم ڪيو ايم جي سنڌ کي ورهائڻ واري سازشن جي پڌري ٿيڻ کان پوءِ اهو لازم ٿي پيو آهي ته صوبائي اسيمبليءَ ۾ کڄندڙ حلف نامي ۾ وڌاءُ ڪري صوبي جي هاڻوڪي جاگرافيائي بيهڪ جي ضمانت کي يقيني بڻايو وڃي. هن مضمون ۾ ڊاڪٽر محبت ايم ڪيو ايم جي زهر آلود سازشن جي حوالي سان سندن اڳواڻن، خاص ڪري الطاف حسين جا مختلف حوالن سان آيل ڪيترائي بيان نقل ڪيا آهن.
مٿي ذڪر ڪيل ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو ڪتاب ويجھي ماضيءَ ۾ سنڌ جي سياست ۽ سماجيت جي تاريخ آهي، جيڪا سياسي ڪارڪنن، سنڌ جي هڏ ڏوکين ۽ عام پڙهندڙن کي سياست جي علم بابت گھڻو ڪجھه سيکاري سگھي ٿي.

No comments:

Post a Comment