02/10/2012

احوال و آثار عبدالقادر بيدل، صوفي القادري - گل محمد عمراڻي (Gul Muhammad Umrani)

ڊاڪٽر عبدالغفار سومري جي تحقيق ۽ تدوين
احوال و آثار عبدالقادر بيدل، صوفي القادري
گل محمد عمراڻي

جديد ۽ ڪلاسيڪي عربي ۽ فارسي علم ادب جي کيتر ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، مخدوم امير احمد، منهنجي اسڪول واري جيد فارسي ۽ عربي جي متبحر استاد محترم مولانا دين محمد اديب فيروز شاهي ۽ غلام محمد گرامي جي وڇوڙي کان گهڻو پوءِ بلڪ ۱۹۹۰ع کان پوءِ هاڻ سنڌ ۾ ڪي تمام ٿورڙا اسڪالر ۽ عالم اهي زبانون پڙهن ۽ پروڙين ٿا. وري ان قحط الرجال جي حالت ۾ به تمام گهڻو جس هجي ڊاڪٽر عبدالغفار سومري کي، جنهن گذريل لاڳيتن ٽن چئن ورهين ۾ ”بيان العارفين وتنبيہ الغافلين“ ملفوظات سيد عبدالڪريم شاهه بلڙي واري جي، ”مڪمل شرح ابيات سنڌي مع مڪمل عربي متن، تصنيف شيخ عبدالرحيم گرهوڙي ۽ ”منهاج المعرفت“، مصنف شيخ المشائخ شاهه لطف الله القادري (سنڌي متن) تصوف جا اهم ۳ ڪتاب)، تحقيق، مقدمي ۽ تشريحي حوالن حاشين سان لکي علوم شرقيه (oriental studies) جي اُجڙيل چمن ۾ انتهائي بيش بها اضافو ڪيو آهي.
ڊاڪٽر عبدالغفار ڪل وقتي سول سروس آف پاڪستان (DMG) ۾ به ڪم ڪندي گهڻو ڪم علمي ريسرچ، تحقيق، تدوين (Editing) تعليق جي ميدان ڪار زار ۾ ڪري اهو ثابت ڪيو آهي ته هو واقعي هن دور ابتلا ۾ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي، ڊاڪٽر عبدالعزيز الميمني (علي ڳڙهه يونيورسٽي شعبه عربي ۾ ڊاڪٽر بلوچ جو استاد عربي ادب) ۽ خود ڊاڪٽر بلوچ جي علمي، تحقيقي، فڪري ۽ ادبي قافلي جو هڪ تسلسل آهي. ”سنڌ ۾ تصوف“ سندس Research specialization field يا مخصوص موضوع تحقيق رهيو آهي. حالانڪ پاڻ شاگردي جي دور ۾ جيمس جينز (James Jeans) جهڙن سائنسدانن جي علم هيئت وارن ڪتابن جا ترجما ڪري اسان جي ”پراسرار ڪائنات“ جهڙي ڪتاب کي آڻڻ وارو پهريون سنڌي سائنسي کوجي هو. ڏهاڪو کن سال اڳ هن ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري ۾ تصوف ۽ رومي“ بابت هڪ پُرمغز تحقيقي ڪم، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي رهنمائي هيٺ ڪري پي ايڇ ڊي حاصل ڪئي (سنڌ يونيورسٽي). چوندا آهن Sky has no limit يا ڀلان ڀليءَ جو ڪو به ڇيهه نه آهي. سو سندس تازو آيل ڪتاب ”احوال و آثار - عبدالقادر بيدل صوفي القادري“ منهنجي سامهون (زير مطالع) آهي. هيءُ ڪتاب فارسيءَ ۾ ڇپيل آهي ۽ سنڌي ادبي بورڊ ناشر آهي. ۴۴۰ صفحن جي هن ڪتاب ۾ بيدل سائين جي سموري فارسي شاعري جي ڪليات آهي، جنهن کي اسان جي سڄڻ ڊاڪٽر عبدالغفار سومري تمام گهڻي محنت، جاکوڙ، پيار جي پورهئي، پاٻوهه ۽ عقيدت سان Edit (تدوين) ڪري ۽ هڪ عظيم اليشان علمي مقالو فارسي ۽ مقدمو سنڌي ۾ لکي (بمعه انگريزي) ڄڻ هڪ گوهر گم شده کي ماضي غُفا (غار) مان ڪڍي نروار ڪري، ادبي طالبن ۽ پياسن جي اُڃ اُجهائي آهي. ”پيش لفظ“ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ مرحوم جو تحرير ڪيل آهي ۽ واقعي پڙهڻ وٽان آهي، جيڪو ٻڌائي ٿو هن اشاعت جي نمايان اهميت اها آهي جو هن ۾ فقير قادر بخش (بيدل) جون گهڻي ۾ گهڻيون تصنيفون شامل آهن، سواءِ فارسي جي ديوانن ۽ سنڌي/ سرائيڪي/ اردو ڪلامن جي. هيءُ ڪتاب گهڻي حد تائين بيدل جي مطبوعه ”ڪليات“ جو درجو رکي ٿو. سندس فارسي ۽ عربي ۾ لکيل ننڍيون وڏيون ويهه (۲۰) تصنيفون هن ۾ شامل آهن ۽ هر تصنيف، مڪمل متن (Text) جي صورت ۾ مطالعي لاءِ موجود آهي، جنهن مان بيدل جي علم ۽ فهم، نظريي ۽ فڪر جو احاطو ٿي سگهي ٿو. چئي سگهجي ٿو ته حافظ عبدالوهاب ”سچل“ پنهنجين فارسي مثنوين ۾ اڳين وڏن عارفن جي فڪر کي سمجهڻ جي پهرين ڪوشش ڪئي جنهن جي تڪميل بيدل ڪئي.
فقير قادر بخش بيدل جو اصل نالو عبدالقادر هو ۽ هو سنڌ جي اتهاسڪ ۽ تاريخي شهر روهڙي ۾ سال ۱۲۱۳هه/۱۸۱۵ع ۾ فقير محمد محسن جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن اٺونجاهه ورهين جي ڄمار ۾ ۱۶ ذوالقعد ۱۲۸۹هه/ ۱۸۷۳ع ۾ روهڙي ۾ وفات ڪئي. جتي هينئر سندس مزار آهي. سندس والد محترم محمد محسن درويش صفت انسان هو، جيڪو پاڻ قادري طريقي سان وابسته هو. خانداني روايت موجب بيدل جا وڏا اصل ملتان جا هئا بلڪ سندس ڏاڏو ميان عبدالقادر قريشي غوث بهاءُ الحق ذڪريا ملتاني جي اولاد مان هو ۽ هو ملتان ۾ مير جان الله شاهه رضوي جو دست بيعت مريد ٿيو ۽ ان سان گڏجي سنڌ ۾ آيو ۽ روهڙي ۾ هميشه هميشه لاءِ گهر ٺاهي، اصل چِندُ سنڌي ٿي ويو.
هن ڪتاب جي ”پيش گفتار“ مدون ۽ مولف، ڊاڪٽر عبدالغفار سومري صاحب ”در زبان فارسي“ (فارسي زبان ۾ لکيل) آهي، جنهن سان سندس فارسي داني جي ڄاڻ ”ڪما حقه“ پئي ٿئي. مهاڳ سنڌي ٻولي ۾ تحرير ڪيو اٿائين، جنهن جي پڙهڻ کان پوءِ خبر پئي ٿي ته بيدل جي فارسي ڪلام ڏانهن سندس ڌيان پهريون دفعو ۱۹۹۷ع ۾ ويو، جڏهن مرحوم الاهي بخش شيخ، منهنجو ساٿي (پراڻو سي او گڊو بئراج) جنهن کي بيدل ۽ بيڪس جي درگاهه سان وڏي عقيدت هئي، ڊاڪٽر صاحب جي ملاقات، بيدل جي مزار جي احاطي ۾ سجاده نشين سان ڪرائي، پر ڊاڪٽر صاحب کي فقط مثنويون ”رموز العارفين“ ۽ ”رموز القادري“ جا فوٽو اسٽيٽ مليا. اها حڪايت ڊگهي آهي، پر چوندا آهن ته؛ ”چاهه کي راهه آهي“ سو آخرڪار سيد عبدالحسين شاهه ۽ اختر درگاهي صاحب جي وساطت سان بيدل جون سڀ مثنويون ۽ اڻ ڇپيل نثري تصنيفون مليون ۽ نيٺ هن تاريخي ڪتاب ۾ پهريون دفعو ڪامل تحقيق سان شايع ٿيون آهن. بيدل جا ٻه ديوان جيڪي به تازو ئي شايع ٿيا آهن ۽ ان کان سواءِ بيدل جو ٽيون ديوان ”مصباح الطريقت“ جو فارسي ۾ اڻ ڇپيل آهي کي ڇڏي، بيدل جي ”فارسي ڪليات“ هن مجموعي ۾ شايع ٿيل آهن. ”مصباح الطريقت“ تي ڊاڪٽر خضر نوهاشي الڳ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ بيدل جا ٻه ننڍا اڳ ڇپيل فارسي ديوان آهن. ”منهاج الحقيقت“ ۽ ”سلوڪ الطالبين“ اهي هن ڪليات ۾ شامل نه آهن.
مرحوم استاد محترم ڊاڪٽر نبي بلوچ مطابق (پيش لفظ ۾) انهيءَ لحاظ سان بيدل جي تصنيفات جو هيءُ مجموعو قيمتي آهي، جنهن جي هن اشاعت سان سال ۲۰۱۲ع ڌاري پهريون ڀيرو، بيدل جي علمي ڄاڻ ۽ فڪري عظمت سامهون اڀري ٿي. اهو ته اڳ به معلوم هو ته بيدل پخته مشق شاعر آهي، پر هن ڪتاب جي اشاعت سان پوري تصديق ٿئي ٿي ته هو علمي، ذهني ۽ عملي طور تي به وڏو صوفي آهي. هو پنهنجي تصنيفات ۾ نه فقط اڳين وڏن صوفين جي فڪر کي روشن ڪري ٿو پر پنهنجي اعليٰ ڄاڻ سان ان جي توضيح ۽ تشريح ڪري ٿو. مثنوي ”نهر البحر“ ۾ هو مولانا رومي جي ڳوڙهن فڪري مسئلن کي سمجهائي ٿو ۽ مثنوي ”رموز العارفين“ ۾ هو ٻين وڏن عارفن جي فڪري انوکاين کي سلجهائي ٿو. سندس اهو فڪري اضافو هر لحاظ کان قابل قدر ۽ تعريف آهي. ان سان گڏ، بيدل اڳين عارفن جي نظرين کي پڻ وڏي سڏ ورجايو ۽ وهڃايو آهي. ڊاڪٽر بلوچ جيڪو پاڻ تحقيق جي علم ۽ فن ۽ سائنس ۽ طريقه ڪار جو مڃيل استاد رهيو، تنهن هن ڪتاب جي مولف ۽ مرتب کي ”دانا“ سڏيندي اعتراف ڪيو آهي. هن صاحب (عبدالغفار سومري) پنهنجن مقدمن ۽ توضيحن ۾ مٿين سڀني معنائن ۽ مسئلن کي پنهنجي جامع راءِ سان روشن ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ شامل بيدل جي هر تصنيف تي مختصر پر عالمانه تبصرو به ڪيو آهي. ان کان سواءِ هن صاحب ڪن خاص تصنيفن ڏانهن به ڌيان ڇڪايو آهي، جن ۾ بيدل جي فڪري عظمت وڌيڪ بيان، عيان ۽ نمايان نظر اچي ٿي. اهڙي وزندار عالماڻي راءِ کان پوءِ بلاشڪ، مؤلف طرفان پڙهندڙن لاءِ ڄڻ هڪ کليل وسيع عريض شاهراهه جي ڏسڻي يا ڪتاب کي کولڻ جي چاٻي مليو وڃي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ٻڌائي ٿو؛ هن جڏهن ۱۹۷۶ع ۾ شاهه عبداللطيف تي تحقيق پئي ڪئي ته هن جي نظر مان بيدل جو ڪتاب ”پنج گنج“ گذريو هو ۽ ان ذريعي ئي پهريون دفعو معلوم ٿيو ته صوفي جان الله شاهه سان محبت ۽ عقيدت واري دور ۾ بيدل، شاهه عنايت صوفي جي عظمت ڏانهن متوجهه ٿيو ۽ هن فارسي ۾ جهوڪ جي صوفيانه سلسلي بابت هڪ تفصيلي تاريخ لکي. اهو ”وڏو ڪتاب“ ڪري سڏبو هو جنهن جو فقير نصير محمد جلالاڻي سنڌي ۾ ترجمو ڪرايو هو.
ڊاڪٽر عبدالغفار جو مقدمو بيدل فقير جي زندگي جو مفصل احوال ڏئي ٿو، پر دراصل ان کان به وڌيڪ لاڀائتو بيان، ان مقدمي ۾ بيدل جي فڪر ۽ ان جا ماخذ بابت آيل آهي. اها حقيقت عالم آشڪار آهي ته اوائلي سنڌي شاعري يا (ڪلاسيڪي) شاعري جو بنيادي محرڪ تصوف آهي ۽ ان جو پهريون نمائندو شاعر قاضي قادن آهي ۽ بعد ۾ شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جي شاعري ۾ اهو فڪر (Thought) وڌيڪ واضح ۽ سلجهيل (Open) نظر اچي ٿو ۽ بقول ڊاڪٽر غفار ته شاهه ڪريم جي شاعري تي مولانا رومي جي فڪر ۽ عرفان جو گهڻو ۽ گهاٽو اثر آهي ۽ اها ساڳي فڪري تحريڪ شاهه لطيف جي (رومي جي رهاڻ) ۾ جاري ۽ ساري رکي. شاهه لطيف کان پوءِ عام طور سنڌي زبان جو ٻيو وڏو شاعر درازي دولهه سچل سرمست آهي، جيڪو وري فارسي جي ٻئي وڏي شاعر بلڪ رومي جي پيش رو فريد الدين عطار کان گهڻو متاثر آهي. سچل سنڌي کان سواءِ فارسي، سرائيڪي ۽ هندي يا اردو (ريختا) ۾ به شاعري ڪئي آهي. سندس گهڻو تڻو ڪلام فارسي شاعري ۾ آهي، جنهن ۾ سندس ديوان آشڪار ۽ ڪيتريون انيڪ مثنويون شامل آهن ۽ ڊاڪٽر عبدالغفار جي راءِ مطابق انهن ۾ واضح طور تي فريد الدين عطار جو رنگ جهلڪي ٿو. سچل جو زمانو سنڌ ۾ ميرن جي صاحبي جو دور آهي ۽ جنهن ۾ آزادي ۽ مذهبي رواداري جو ماحول ۽ واتا ورڻ عام جام نظر اچي ٿو. (ديوان ڏيارام گدو مل وري ان ڳالهه سان بلڪل سهمت نه آهي ۽ ان ڪري ڏسبو (Something about Sindh) ۽ رچرڊ برٽن، ته هڪ فاتح انگريز تاريخدان ۽ ماهر علم آثار و انسان جي حيثيت ۾ سنڌي مسلمانن ۽ هندن جي ديني اختلافن کي هوا ڏني آهي. جيئن ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو.)
اچون ٿا واپس ڊاڪٽر عبدالغفار جي مقدمي ڏانهن، جيڪو سمجهڻ پرورڻ ۽ پرجهڻ لازم آهي. سچل جي وفات ۱۸۱۶ع وقت، بيدل جي عمر تيرهن سال هئي ۽ تنهن ڪري هو انهي ساڳئي مذهبي رواداري واري ماحول ۾ پيدا ٿيو هو. سچل ۽ بيدل جي شاعري جو تقابلي مطالعو دلچسپي کان خالي ناهي. سچل جي شاعري ۾ بيباڪي ۽ رِندي چوٽ تي آهي پر بيدل جي شاعري ۾ علمي ۽ فڪري انداز وڌيڪ نمايان آهي. پنج گنج بيدل جي فارسي نثري تصنيف آهي، جنهن جو صراحت سان ذڪر ڊاڪٽر عبدالغفار پنهنجي انگريزي ۾ به ڪيو آهي. انهي ڪتاب ۾ سالڪ کي سلوڪ جي طريقي (رستي) تي هلڻ لاءِ چاليهن منزلن جو احوال آهي ۽ هر منزل جي تشريح کان اڳ قرآن مجيد جي هڪ آيت ڏني، پوءِ حديث مبارڪ ڏئي، مولانا رومي جي مشنري مان ڪو بيت ڏئي، شاهه عبداللطيف جو بيت ڏئي ۽ ڪنهن صوفي بزرگ جي زندگي مان ڪو نصيحت آمز واقعو يا حڪايت بيان ڪري ٿو، پنج گنج سنڌي ترجمي سان ۱۹۷۶ع ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ڀٽ شاهه ڪلچرل ڪميٽي طرفان ڇپائي پڌرو ڪيو هو، جيڪو هاڻ اڻ لڀ آهي. بيدل جي ڪلام ۾ جا بجا عطار، سعدي، مولانا رومي، حافظ شيرازي، مولانا عبدالرحمان جامي، جنيد الدين ناگوري، شاهه شرف بو علي قلندر ۽ مير جان شاهه روهڙي واري شاعري جا حوالا ملن ٿا. انهي کي تلميحات چئبو آهي، جيڪا شاعر جي مطالعي جي معراج آهي. ولي دکني ۽ ٻين اردو شاعرن جا به کوڙ حوالا ملن ٿا. زيرِ نظر ڪتاب ۾ هيءَ مثنويون فارسي ۽ تصنيفون (فارسي) ۾ آيل آهن. رياض اَلفُقر، مثنوي رَموُز القادري، مثنوي دلڪُشُا، مَثنوي نَهر البحر، مَثنوي رَمُوز العارفين، تَقويت القلوب في تذڪرت المحبوب، سند الموجدين، في بطن اَحَاديث، خطبات جمع، انشاء قادري، فوائد المعنوي، عقايد عربي/ فارسي.
پهرين مثنوي ”رياض الفقر“ جڏهين بيدل نظم ڪئي هئي تڏهين سندس ڄمار اٽڪل ستاويهه ورهيه هئي. هن مثنوي جي پڙهڻ مان اوهان کي هن جي وسيع مطالعي، فڪري نشونما ۽ ذهني پختگي جو پتو پئجي ويندو، تلميحاتي طور تي لاجواب آهي.
نه حرفم چون گهرهائي نظامي است
نه طبع را صفائي همچو جامي است
نه چون سخنان سعدي شد نمڪريز
نه چون اشعار خُسرو مُشک آميز
ترجمو: منهنجي لفظن ۾ نظامي جهڙا گوهر يا موتي ڪو نه آهن، نه وري منهنجي طبيعت ۾ جامي جي شاعري جي صفائي آهي، نه وري شيخ سعدي جي شعرن جي سلوڻائپ آهي ۽ نه امير خسرو جي شعرن وانگر نبات جي مٺاس آهي.
هم اوست يا وحدة الوجودي فڪر جي تشريح ڪندي چوي ٿو:
زهي هستي کزو موجود هر نيست
وگر محرم شوي جز او ديگر نيست
ترجمو: واقعي هستي يا وجود صرف هڪ آهي، باقي ٻيو ڪو به موجود ناهي، جڏهن توکي خبر پوندي ته معلوم ٿيندو ته هن کان سواءِ ڪير ڪونهي!
هن ڪتاب جي آخر ۾ عقائدمنامه رکيو ويو آهي، جنهن جو مُدعا ۽ مقصد سندس ماحول ۽ وقت مان ملي ٿو، جيئن فاضل مولف جو خيال آهي: هو چوي ٿو ته بيدل آخر پنهنجي عقيدن کي اهڙي طرح کولي بيان ڪرڻ ڇو ضروري سمجهيو؟ جواب به ڏاڍو مدلل ۽ موزون ڏئي ٿو. هن لازم سمجهيو ته پاڻ کي صوفي لاڪوفي طور نروار ڪري.

No comments:

Post a Comment