09/10/2012

”مقالا ۽ تبصرا“ (ڊاڪٽر جگديش لڇاڻيءَ جو تنقيدي ڪتاب) - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

”مقالا ۽ تبصرا“
(ڊاڪٽر جگديش لڇاڻيءَ جو تنقيدي ڪتاب)
رکيل مورائي
سنڌي ٻوليءَ ۾ سنڌ کان ٻاهر ڇپجندڙ سنڌي ڪتابن جي گهٽ پهچ سبب اسان جا پڙهندڙ برابر سنڌيءَ ۾ لکندڙ تمام اهم نالن کان گهڻي حد تائين اڻ واقف آهن، جنهن جو سبب سنڌي ڪتابن جي مناسب مٽا سٽا جو نه هجڻ آهي. ٻيءَ طرح سنڌ کان ٻاهر سنڌي ڪتابن جو چڱو ئي تعداد ڇپجي رهيو آهي. ويهه سال کن  پهريان ڪي قدر پوسٽ جو خرچ گهٽ هجڻ سبب هند ۾ ڇپجندڙ ڪتابن ۽ رسالن جي چڱي اچ وڃ ٿيندي هئي، جيڪا هاڻ نه ٿي رهي آهي، جنهنڪري اڄ جو لکندڙ گهڻي حد تائين انهن ڪتابن کان اڻ واقف آهي، جيڪي سنڌ کان ٻاهر ڇپجي رهيا آهن، پوءِ به ڪنهن طرح هٿوهٿ ڪي ڪتاب دوستن معرفت اچي وڃن ٿا. انهن ڪتابن مان هڪ ڪتاب، ڊاڪٽر جگديش لڇاڻيءَ جو آهي، جنهن جو نالو آهي ”مقالا ۽  تبصرا“. هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽرصاحب جا اهي پيپر آهن جيڪي هن الڳ الڳ ڪانفرنسن ۾ پڙهيا آهن ۽ الڳ موضوعن تي آهن.
ڪتاب جا سڀ پيپر ريسرچ پيپر آهن، جن مان پڙهندڙ گهڻو ئي ڪجهه حاصل ڪري سگهندا. هيءُ ڪتاب ڊاڪٽر جڳديش جي انهن لکڻين جي سلسلي جي ڪڙي آهي، جيڪي حوالي طور استعمال ڪري سگهجن ٿا، ڇاڪاڻ ته هو هڪ اسڪالر آهي ۽ سندس لکڻي حوالي طور ڪنهن به اعتماد واري جڳهه تي استعمال ڪري سگهجي ٿي. ڪتاب ۾ شامل مضمونن جا عنوان هن طرح آهن: ۱. ڀارت جي سنڌي شعر ۾ ورهاڱي جي تصوير، ۲. گوبند مالهي ۽ سنگيت ڦهلاءُ ، ۳. ايم ڪمل فن ۽ شخصيت. هي ٽيئي مقالا پنهنجي پنهنجي دائري ۾ هڪ ڪتاب جيتري اهميت رکن ٿا. ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي ۾ اهي ليک آهن، جن کي ليکڪَ تبصرا سڏيو آهي، ڇاڪاڻ ته اهي الڳ موضوعن تي لکيل لکڻين تي آهن، جن جا عنوان آهن: (۱) تبصرا (۲) ڪلياڻ آڏواڻيءَ جو سچل جو ڪلام، (۳) ايم ڪمل جو چونڊ ڪلام، (۴) وکرسو وهاءِ، (۵) هوند راج ٻلواڻي جو ايسرداس جو اسڪوٽر، (۶) سڳن آهوجا تي مونوگراف، هيرو ٺڪر. اهي ڇهه تبصرا ۽ ٽي مقالا هن ڪتاب ۾ شامل آهن. هيءُ پڙهڻ جهڙو ڪتاب هڪ سَو ٻٽيهه صفحن تي ٻڌل آهي ۽ ڪتاب جو ملهه هڪ سَو چاليهه رپيا آهي. ڪتاب ويڻا پبليڪشن الهاس نگر مان شايع ٿيو آهي.

No comments:

Post a Comment