14/10/2012

ڪتاب ”مون ڏات انوکي آندي آ“ جو مهاڳ - رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)


ڏات انوکي، ڏانءُ نرالو
(ڪتاب “مون ڏات انوکي آندي آ” جو مهاڳ)
رياضت ٻرڙو

لاڙڪاڻي ضلعي کي سياسي حوالي سان جيڪا سڃاڻپ ملي آهي، ان کان اڳ، ان ضلعي کي ادبي ۽ شعري حوالي سان گھڻِي ۽ اهم حيثيت حاصل رهي آهي. سنڌ جي ادبي تاريخ ان جي مضبوط شاهدي ڏيندي، جيڪڏهن اها صحيح طور لکي وڃي. تڏهن به، موجود لکيل تاريخن ۾ ان جون ڪي شاهديون پڙهي سگهجن ٿيون. ان سلسلي ۾ جا ڏکيائي پيش اچي ٿي، اها شاعريءَ جي اينٿالاجين جو نه سهيڙجڻ ۽ نه ڇپجڻ آهي. اهڙي ئي ڪيفيت لاڙڪاڻي ضلعي جي به آهي، جنهنڪري هتان جي شاعريءَ جي اجتماعي سهيڙ ۽ ان جو مطالعو ٿي نه سگھيو آهي. ان خيال تحت، مرتبَ 2010ع ۾ هڪ ڪتاب ”ڏات ڏيئا ٻاريا“ پيش ڪيو هو، جنهن ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي 14 شاعرن جي شاعريءَ کي سهيڙيو هو، ۽ هينئر 2012ع ۾، ان سلسلي جو ٻيو ڪتاب ”مون ڏات انوکي آندي آ“ پيش آهي، جنهن ۾ ساڳئي ضلعي جي وڌيڪ 16 شاعرن جي شاعري شامل آهي.
ڪنهن اجتماعي راءِ تي پهچڻ کان اڳ، اچو ته لاڙڪاڻي ضلعي سان تعلق رکندڙ شاعرن جي هِن اينٿالاجيءَ ۾ شامل شاعريءَ جو مطالعو ڪريون.
غلام نبي گل
سائين گل جي شاعريءَ، ڪهاڻين ۽ ناولن جا ڪتاب گذريل 25 سالن کان مسلسل ڇپجي رهيا آهن جن جو تعداد 18 آهي، جنهن ۾ 11 ڪتاب شاعريءَ جا (هڪ اردو مجموعي سميت)، 5 ناول (هڪ اردو ناول سميت) ۽ 2 ڪهاڻين جا مجموعا آهن. اهو تفصيل اسان کي بخوبي ٻڌائي ٿو ته سائين گل سنڌي ۽ اردو ۾ لکندڙ هڪ بهترين شاعر، ڀلوڙ ناول نويس ۽ سٺو ڪهاڻيڪار آهي. پر سائين گل بنيادي طور هڪ شاعر آهي. اهو شاعر، جنهن 1950ع واري ڏهاڪي ۾ روايتي شاعريءَ سان ناتو ڳنڍيو ۽ پوءِ 1980ع واري ڏهاڪي ۾ جديد شاعريءَ ڏانهن آيو. پر اها ڳالهه به دلچسپ آهي ته سندس شاعريءَ جي ڇپجڻ جو سفر سندس زندگيءَ جي 58-هين سال شروع ٿيو. هن جي سرجيل غزلن جو پهريون مجموعو ”رات باقي آ“ ڇپيو هو ته ان ۾ شامل غزلن جي موضوعن ۽ فنَ پڙهندڙن کي متاثر ڪيو هو. هن وقت سائين غلام نبي گل سنڌ جي بزرگ شاعرن ۾ جديد شاعراڻي لهجي سبب ڌار سڃاڻپ رکي ٿو. کيس ٻين صنفن تي پڻ دسترس حاصل آهي، پر هو بنيادي طور غزل جو شاعر آهي. سندس شاعريءَ ۾ غزلُ جي صنف ڪَر کنيون بيٺي آهي:
آئينا اُگهندين به ڇا ٿيندو ڀلا!
چهرا مَٽبا ڪو نه، هوندا ساڳيا.

سائين گل جي شاعريءَ ۾ فڪر جي رنگ برنگي دنيا، فن جي حسناڪين سان، بيحد خوبصورتيءَ سان جوڙيل آهي. هو شعري وزنن جي چونڊ مخصوص رکي ٿو، سندس لفظن، قافين ۽ رديفن جو انتخاب موهيندڙ آهي:
هرڪو پنهنجو پَتو پَيو ڳولي،
زندگي راند ڄڻ رَمي آهي.

ٿوري احساس جي تپش گھرجي،
برف سينن تي وئي ڄَمي آهي.

سائين گل  جي شاعريءَ ۾ آس ۽ نراس جا عڪس چٽيل آهن، پر آس کي اوليت حاصل آهي:
ماڻهو مرندو آ، مگر
دل ۾ ڪا رهجي ويل،
آس جيئري ٿي رهي. (ترويني)
هُو انساني روين ۾ بيزاريءَ جو اظهار ته ڪري ٿو، پر پنهنجائپ کي مٿڀري جڳهه ڏئي ٿو:
هِي جو اُلجهاءُ ٻن دلين ۾ آ،
تنهن جو سلجهاءُ ٿي وڃي جيڪر!
سنڌي شاعريءَ ۾ سائين غلام نبي گل جي شاعري هڪ اثاثو آهي، پر ڏک اهو به آهي ته ان اثاثي جي ڪَٿ اسان جي روايتي بي ڌيانيءَ جي وَر چڙهي وئي آهي:
وڇوڙي جي ولهه ۾،
نه آٿت جو اوڇڻ،
ڪَٽي رات ڪنهن ائين. (ترويني)
جوش ٻرڙو
سائين نذير احمد ’جوش‘ ٻرڙو غزليه شاعري سرجيندڙ پيار ۽ محبت جو شاعر آهي، جنهن جي شاعريءَ ۾ انڊلٺي رنگ سندر لفظن جي صورت ۾ چِٽيل آهن:
چوڏهينءَ جو ته چنڊ پورو آ،
چاندني تو بنا اڌوري آ.
’جوش‘ ٻرڙو به، پنهنجي شاعر ڀاءُ غلام نبي گل وانگر، غزل جو شاعر آهي. سندس غزلن جي ٻوليءَ ۾ سمايل سادگي احساسن ۽ ڪيفيتن جي عڪاسي ڪندڙ ۽ وڻندڙ آهي:
نه جنهن کي ’جوش‘ مون سمجھيو،
ســـا مـنــهـنـــجـــي ئـي حـيــاتـــي آ.

*
اڄ اچڻ جو آ تو ڪيو اقرار،
اڄ اکين کي آ انتظار وري.
’جوش‘ وٽ پيار جي روايتي اظهار جا ٻول ته آهن، پر وٽس محبوب جي اڻ مَئي سونهن لاءِ سجدا، لفظن جو سهڻو لباس اوڍي اچن ٿا:
حق عبادت جو ٿي ادا ويو ’جوش‘!
هن جي چائنٺ ۽ هيءَ جبين هئي.

سندس شاعريءَ ۾ اصلاحي انداز پڻ نظر اچي ٿو، جنهن وسيلي هُو سماج ۾ چڱائين جي پرچار ڪري ٿو:
چڙهندڙ سج جي پوڄاريءَ کان پاسو ڪر،
ڪينسر جهڙي بيماريءَ کان پاسو ڪر.
’جوش‘ جي شاعري جيتوڻيڪ روايتي شاعريءَ جو تسلسل آهي، پر ان ۾ ڪجھ ڪرڻا نئين شاعريءَ جا به اظهاريل آهن:
دک ڇڙهڻ جي مشين سيني ۾،
جنهن وڌايو آ دل جي ڌڙڪن کي.

احمد علي ’صابر‘ چانڊيو
’صابر‘ چانڊيو لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ سينئر شاعرن ۾ پنهنجي مخصوص شاعراڻي لهجي سبب ڌار سڃاڻپ رکي ٿو. هن جيتوڻيڪ مضمون، ناول، ڪهاڻيون، رپورٽون ۽ اسٽيج ڊراما به لکيا آهن، پر بنيادي طور هُو شاعر آهي. هن شاعريءَ جي سڀني صنفن ۾ وڻندڙ فني انداز سان گڏ ٻوليءَ جي سگھڙائپ کي سمائيو آهي:
ماڳ سوا تو ماڳ مَچايو، خاڪيءَ جو تو خرڪو پايو،
دنيا، عقبى سڀ ڪي تنهنجو، حال ۽ ايندڙ، گذريل ماضي.
’صابر‘ جي شاعريءَ ۾ جديد انداز به ليئا پائي ٿو:
ٿــــڌڙا ٿــــڌڙا ســـاهه اُڀـــــاري،
اٻـريل ڳڻتيون ڪيئن سمهاريان.
’صابر‘ شاعريءَ جي سڀني صنفن ۾ لکيو آهي، پوءِ اهي ڪلاسيڪي ۽ روايتي دَور جون هجن جھڙوڪ: بيت، وايون، ڪافيون، ٽيهه اکريون وغيره، يا جديد دَور جون صنفون هجن، جھڙوڪ: غزل، نظم ۽ آزاد نظم وغيره. انهن صنفن ۾ هُو پنهنجو شعري لهجو جوڙيندي نظر اچي ٿو:
سڀ سيراندي سور، سڀ ڪو اجل آسري،
ساري سنڌ سماج ۾، سک اسان کان ڏور،
ايڏو ڪِيس ڪلور، اڃا آتا انياءَ لئه.
*
دال ڌرم ۽ دين نه ڄاڻان، حق سوا ٻيو ڪين سڃاڻان،
ڪير ڪو سهندو تو ريءَ ماڻا، آءُ اندر مان يار الاءِ....
’صابر‘ جي آزاد نظمن ۾ سماجي اڻ برابريءَ جي عڪاسي به نظر اچي ٿي، جن مان هڪ آزاد نظم جون هي سٽون پيش ڪرڻ چاهيان ٿو:
هوءَ ڪاتارڻ سُٽُ ڪَتي ٿِي،
سُٽ مان سهڻا ويڙها جڙندا،
ويڙهن مان ڪي ويٽيون ٺهنديون،
ويٽين مان بابين به ڀربا،
جن مان سهڻا ڪپڙا ٺهندا،
ڪنهن لاءِ هوندا؟
ڪير ونڊيندو، ڪير ڍڪيندو؟
بهرحال، احمد علي ’صابر‘ چانڊيو پُر اميد ۽ نه ٿڪجندڙ شاعر آهي. هن شاعريءَ سان دل لڳي ڪئي آهي جنهن کيس ٻوليءَ جي حسن جا انيڪ روپ پَسايا آهن.
عبدالحق ساريو
عبدالحق ساريي جي شاعريءَ ۾ محبت جِي حسناڪيءَ، وڇوڙي جِي تڙپ ۽ ميلاپ جِي تمنا جو ڀرپور اظهار نثري نظمن جي صورت ۾ نظر اچي ٿو.
تنهنجي سونهن،
وهندڙ آبشارُ،
۽ آءٌ ٿر جيان اُڃارو.
جي تون چاهين ته
آءٌ
سريلو سنگيت بڻجي،
ڪائنات جي پُور پُور ۾،
گُونجي پوان. (جي تون چاهين ته)
عبدالحق نثري نظم جو سٺو شاعر آهي. هن جا سرجيل نثري نظم پنهنجي واٽ گھڙيندي، ماڳ ڏانهن وڌڻ لڳن ٿا. ان ماڳ ڏانهن جتي ڪنهن پَل خوشيءَ جو احساس آهي، ته ڪنهن پَل ڏک جي شدت. هُو ان ماڳ تي پهچي پاڻ کي آٿت ۽ آنند سان ڀرپور محسوس ٿو ڪري. هن جا نثري نظم پنهنجيءَ جوڙجڪ ۾ ڊگھا به آهن، ته ننڍا به، پر انهن جا موضوعَ گھڻي ڀاڱي پيارَ، انتظارَ، يادون، ويسرِ، وصل ۽ وڇوڙي جي دائرن ۾ ڦرن ٿا.
جي،
سُهڻيءَ جو پيار،
پَڪو نه هجي ها،
ته هُوءَ،
ڪَچو گھڙو کڻي،
ڪُنن ۾ ڪاهي نه پوي ها! (سهڻيءَ جو پيار)
پر عبدالحق وٽ عالمي امن، ماڻهپي جي هيڻائيءَ ۽ انساني اڻ برابريءَ جا موضوع به قلمبند ڪيل آهن. ان حوالي سان سندس نثري نظم ”تضاد“ ڌيان ڇڪائي ٿو. اهڙا اهم نثري نظم سرجڻ باوجود افسوس اهو به ٿئي ٿو ته عبدالحق شاعريءَ کي اوترو وقت نه ٿو ڏئي جيتري ان جي تقاضا آهي.
عزيز منگي
عزيز منگي پنهنجي والدَ، سنڌ جي معروف اديب، صحافي ۽ ڪمپيئر هدايت منگيءَ جي نقشِ قدم تي هلندي، ادبي سفر طَي ڪري رهيو آهي. عزيز جي سڃاڻ جا مختلف حوالا آهن جن ۾ نيوز رپورٽنگ، ريڊيو ڪمپيئرنگ ۽ ادبي سرگرميون نمايان آهن، پر هن جذبن، احساسن ۽ امنگن کي اظهاريندڙ شاعريءَ سان به جيءُ سلهاڙيو آهي:
رات سـتـارا جـيـئـن ئـي اُڀ تـي کِـڙنـدا ويـا،
دردَ انــدر ۾ ھــوريـان ھــوريـان مِـڙنـدا ويـا.
عزيز جي شاعريءَ ۾ داخليت ۽ خارجيت جو گڏيل رجحان مختلف روين جو اظهار ڪندي نظر اچي ٿو. هن جي ٻولي سلوڻي آهي ۽ پيشڪش ۾ سادگي رکي ٿي، جيڪا سندس خيالن کي لفظن جو لباس پارائڻ ۾ ڪامياب نظر اچي ٿي:
رات به ڪـيـڏا سـورَ انـدر جـا جـاڳـي پـيـا،
ڇرڪ ڀري سڀ منظر گھر جا جاڳـي پـيـا.
*
جـي سَـڏيو کيـسِ دارَ ۽ مَـقِـتل،
ڪـونه
مُڙنـدو وري وري ويـندو.
هُو قومي ۽ سماجي مامرن کي به شاعريءَ ۾ آڻي ٿو ۽ راءِ به ڏئي ٿو ته سوال به اٿاري ٿو، جنهن مان اندازو ڪري سگھجي ٿو ته هو انهن بابت سوچي ويچاري ٿو:
ذھــنــن تــان ھــي ڌنــڌ لـھـڻـو آ لـــھـنــدو،
ڪوريئـڙي جو ڄار آخر ڪيسيتـائــين!

اٿ ڪــا وِک وڌاءِ چـپــن جــا ٽـاڪـا ٽـوڙِ،
تون رھنـدين لاچـار آخـر ڪـيـسيـتـائـيـن!

عزيز جي شاعريءَ ۾ فطرت جا رنگ ۽ فرد جون اُمنگون سٺيءَ طرح سمايل آهن. عزيز منگي شاعريءَ، علم ادب ۾ هڪ تسلسل آهي، جنهن کي سدا اڳتي کان اڳتي وڌڻ گھرجي.
مدهوش ڀٽو
مدهوش جو شمار سنڌ جي اهم شاعرن ۾ ٿئي ٿو. هن جي شاعري ڇپي گھٽ آهي پر ڳائي گھڻي وئي آهي، جنهنڪري عوام تائين گھڻو پهتل آهي. ان کان سواءِ هو مشهور نوحه ۽ قصيده لکندڙ به آهي.
مدهوش جي شاعري گھڻين ئي صنفن ۾ آهي، پر هُو صحيح معنى ۾ غزل جو شاعر آهي. سندس غزلن ۾ تغزل ڀرپوريت سان مَوجزن آهي:
هٿن سان جيڪي پيئارن انهن کي روڪيون ٿا،
نظر سان جيڪي پيئارن، انهن کي ڪير جھلي!
ايئن ٿو محسوس ٿئي ته مدهوش جا غزل جھونگاري لکيل آهن. ان کان سواءِ، جنهن مدهوش جا مختلف فنڪارن پاران ڳايل غزل ٻڌا هوندا، انهن کي هي غزل پڙهندي نئون لطف ايندو:
درَ ضبط جا ٽوڙي نڪتا هِن، سڏڪن کي الائي ڇا ٿيو آ.
هڪ ٻئي جي پٺيان ڊڪندا ٿا اچن، لڙڪن کي الائي ڇا ٿيو آ.


جان پاءِ کڻي جھاتي هيڪر، تان عڪس لڳن ٿا سڀ وحشي،
هي ڏوهه نه آ آئينن جو، چهرن کي الائي ڇا ٿيو آ.

يا هي شعر ڏسو:
ويا ڇڻي ڪُل گلاب رشتن جا.
پيو ٿو ڀوڳيان عذاب رشتن جا.
اسان جنهن ماحول ۾ اڄ ڪلهه گذاري رهيا آهيون، اهو ڏاڍو ڏکيو بڻايو ويو آهي. پُر امن ماڻهو کل بچائڻ ۾ پُورو آهي ۽ ڏاڍو ڏاڍ ڪري، ايئن پيو مَڳيءَ مان گهمي ڄڻ ته ڪنڌ ۾ ڪَلي لڳل اٿس. اهڙي جيئاپي کي مدهوش به قلمبند ڪري هڪ سڄاڻ شاعر جيان فرض نڀايو آهي:
روز هــي دهــشــتـــون، روز هـــي حــادثــــا،
ڪنهن نه ڪنهن جاءِ تي ڪو نه ڪو ويو مري.
*
دؤر جي ڪوسيءَ ٿڌيءَ ماري وڌو.
گذرندڙ هر هڪ گھڙيءَ ماري وڌو.
مدهوش جي شاعريءَ ۾ عوامي امنگن ۽ احساسن جي اُپٽار سهڻيءَ طرح ڪيل آهي. هن جا لفظ سندس خيالن کي ڇڏي نه ٿا وڃن.
منصور ابڙو
منصور سنڌ جي انهن سٺن شاعرن مان هڪ آهي، جيڪي سٺي شاعري پڙهندڙن کان اوجھل رهيا آهن، ڇو ته سندس شاعري گھٽ ڇپي آهي. ان جو اڪيلو ڪارڻ منصور جي ذاتي مصروفيت ئي آهي. منصور جي شاعريءَ ۾ زندگيءَ جا شوخ توڙي ٿڌا رنگ بيحد خوبصورتيءَ سان پکيڙيل آهن.
ڏينهن جي هانوَ ۾ سج خنجر جيان،
رات جي نرڙ تي چنڊ جھومر جيان.
*
هيءُ حَسين اتفاق آ جو آهيون،
ڪوتائن جي واسَ ۾ تون ۽ مان.

هو شاعريءَ ۾ ذاتي احساسن جي اُڻت ڪندي ڪندي اجتماعي احساس پوئي وڃي ٿو، جنهن سان هڪ نئين حسناڪي شعر ۾ ظاهر ٿئي ٿي.
آءُ دلين جي ڳالهه ڪيون، ڇڏ -
مسجد ۽ مندرَ جون ڳالهيون.
منصور غزل سان گڏ وائيءَ جو به سٺو شاعر آهي. خاص طرح هُو وائيءَ جي وراڻيءَ کي سهڻائپ سان سلهاڙي ٿو. منصور جي شاعريءَ ۾ سماجي عڪاسي به آهي، پر هُو پيار جي جذبن کي وڌيڪ اظهاري ٿو ۽ ان ۾ آنند محسوس ڪري ٿو:
من جي خالي ڪمري ۾،
وئــــي وکــيــــري واس،
سار پهرين پيار جِي.
يا ٻِي وائيءَ ۾ چوي ٿو:

ڏيئڙا ٻار اميدن جا،
ڀرجي ويندا پاڻ،
زخم اسان جي اندر جا.
هڪ سڄاڻ شاعر وانگر منصور ابڙو شاعريءَ کي روشنيءَ جو ذريعو سمجھي ٿو ۽ ان ريت شاعريءَ جو سماجي ڪارج پڌرو ڪري ٿو.
ڪوڙل قربدار
ڪوڙل قربدار جي شاعريءَ ۾ سهنج صورتِي ۽ عام فهمي گھڻي ڀاڱي ڇانيل آهي. دلبر جا پيار ۽ محبت جي شدت هن جي شاعريءَ جا خاص موضوع آهن. ان ڪري هن جي شعرن ۾ لفظن تي زور محسوس ٿئي ٿو:
تون اکين ۾ روشنيءَ جيان،
تو سوا نه ڪجھ مان آهيان،
ڇـا مـثـال پـيـار جـو ڏيـان.
*
’ڪوڙل‘ جي احساس ۾،
تــتـــــل آهه تــنــــور،
ڪهڙِي اک سان اکِ لڳي!
ڪوڙل شاعريءَ جي مختلف صنفن مان گيت، غزل، وايون ۽ نظم خاص طور لکيا آهن، پر غزل ۾ هُو وڌيڪ ڀرپور اظهار ڪري ٿو. هُو مايوسيءَ ۽ اميد، وصل ۽ وڇوڙي، توڙي ٻين محبوب سان واسطيدار مامرن کي شاعريءَ ۾ پيش ڪري ٿو، پر ان ۾ نئين شاعريءَ بدران فڪر ۽ فن جو روايت پڻو وڌيڪ محسوس ٿئي ٿو:
تنهنجي سجدي ۾ سِر جُهڪيو پيو آ،
پَـل نه هـڪـــڙو به وانــدڪــائـــي آ.
*
سونهن تنهنجي غضب غضب جانان!
تنهنجو گھورڻ الائي ڇا معنى.

ان کان سواءِ سندس موضوع سماجي ناانصافيون ۽ وطن جي حُب به آهن. آخري ڳالهه ته ڪوڙل زندگيءَ جا تجربا به اسان سان ونڊي ٿو:
ستم ستم تي پيا سهون ٿا،
اڃا ته جڳ ۾ ڏکيا جِيون ٿا.

عذاب ۾ جو رکيو ويو آ،
تڏهن هميشه لڇون پڇون ٿا.

پريتم قاضي
لاڙڪاڻي ضلعي جي تعلقي رتيديري جي مشهور علمي، ادبي ۽ آرٽسٽڪ گھراڻي ’قاضي ڪُٽنب‘ سان تعلق رکندڙ ’پريتم‘ قاضيءَ هڪ سٺو شاعر ۽ ڀلوڙ مصور آهي. هن هڪ طرف ڪينواس تي رنگدار ٻوليءَ ۾ عڪس چِٽيا آهن، ته ٻئي پاسي لفظن کي به احساساتي اظهار جو روپ ڏئي بي رنگ ڪاغذن تي اُڻي ڇڏيو آهي. هن غزلن، نظمن ۽ نثري نظمن ۽ ٻين صنفن ۾ شاعري ڪئي آهي، جن مان هتي ڪجھ غزل ۽ نثري نظم ڏنل آهن.
ادب ۾ ڏک کي هڪ سگهه سمجهيو ويندو آهي، پر پريتم جي اڪثر غزلن ۾ اهو نراسيت جو روپ وٺي اچي ٿو:
محبت، وفا، چاهه، نفرت جا رشتا،
سڀن ساڻ ناتو نڀائي ٿَڪا هُون.

*
ڏڍ ڏکويل کي ڏيڻ وارو نه ڪو،
سڀ کِلڻ وارا، روئڻ وارو نه ڪو.

پر پريتم جي غزلن ۾ رڳو اها ئي ڪيفيت ناهي. هن جي شعرن ۾ اميد به آهي ۽ پيار ڪرڻ جي چاهنا پڻ:
ڇو سِڪون، ڪنهن جو ڪيون ڇو انتظار؟
پـاڻ پـنـهـنـجـــو، پـيـار کــي ارپـــڻ کـپـــي.
پريتم جي شاعريءَ ۾ وطن جي حُب ۽ ان لاءِ پاڻ ارپڻ به سمايل آهي، جو سنڌي شاعرن جو مَرڪ آهي:
سنڌ واڳن جي اچي وئي وات ۾!
جنگ جلدي جبر سان جوٽڻ کپي.
يا شهري ماحول ۾ رهندڙ ماڻهن جي بيحسيءَ کي خوبصورتيءَ سان پيش ڪيو اٿائين:
شهر جي ماڻهن جا آهن چَپ سبيل،
پيڙجن پيا ته به ڪُڇڻ وارو نه ڪو.

پريتم جي نثري نظمن ۾ ڏکويل احساسن جي شدت وڌيڪ محسوس ٿئي ٿي. ان کان سواءِ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي حوالي سان لکيل سندس نثري نظم به اثرائتا آهن.
ملهار چانڊيو
ملهار جا هن ڪتاب ۾ غزل ۽ وايون ڏنل آهن. ملهار جا غزل گھڻي ڀاڱي ننڍڙن وزنن تي لکيل آهن، جن ۾ ڄڻ ته ننڍا ننڍا تـز شعري جملا آهن، جيڪي پڙهندي وڻندڙ محسوس ٿين ٿا، پر اهي شعري جملا خيال کي ڌَڪن نه ٿا:
لڙڪ، درد ۽ پيڙا،
پيار جي عطا آهي.


مان وفا جو متلاشي،
شهر بيوفا آهي.

ملهار پنهنجي شاعريءَ ۾ هڪ حساس فرد محسوس ٿئي ٿو جنهن جي اظهار ۾ هر ڏکويل شخص جا ڏک سمايل آهن، پر هن انهن ڏکن کي پنهنجي مخصوص انداز ۾ شعرن ۾ اوتيو آهي:
ٺوڪرون وک وک مليون،
بڻجي پٿر چُپ رهيس.
*
زندگي آهي يا چيهون چولو،
مفلسيءَ کي سبي رهيا آهيون.
*
پڇن ٿا پياس جا ڀٽڪيل مسافر،
ڀلا ڪهڙي گھٽا جي واٽ آهي.

هن جي شاعريءَ ۾ منظر نگاري ۽ فطرت نگاري پڻ ملي ٿي.
ملهار جون وايون به وڻندڙ احساس ۾ وڪوڙيندڙ آهن. هتي ڏنل ٽنهي واين جي فني جوڙجڪ پُختي آهي ۽ خيالن جي اڏام زندگيءَ جي ڪشمڪش کي بيان ڪندڙ به، ته خوشي ڏيندڙ به:
جھونڪي سان ٻکجي وئي
گل گل جي هٻڪار،
مرڪي پيئي زندگي!
نويد سنديلو
نويد جو شمار سنڌ جي ڀلوڙ شاعرن ۾ ٿئي ٿو. هتي هن جا غزل، نظم ۽ آزاد نظم آندل آهن، پر هن بيت ۽ وايون به ڀرپور سرجيون آهن. انهن سڀني صنفن ۾هڪ خاص رِدم ڀريو اندازُ هر پڙهندڙ چڱيءَ طرح محسوس ڪري سگهي ٿو:
ڪهڙي ڪينر آندا تو هي گھرا گھرا گيت،
مست پون ۾ مهڪي چهڪي هر ڪا ڪويل لات.

نويد لفظن جي انتخاب ۾ به محتاط ڏيکارجي ٿو، ته موضوعن جي چونڊ ۾ به. هو ٻنهي ۾ نڀاءُ چاهي ٿو ۽ ان ۾ ڪافي قدر ڪامياب به ٿئي ٿو:
مَڌ ماتو آڪاس لڳي ٿو،
ننڊ نهوڙي آ سُپنن.
*
جھڙو هيل لڳي ٿو اَوجلُ،
ايئن نه ڄاتو جيون اَڳُ.

نويد جي نظمن توڙي آزاد نظمن ۾ رواني ۽ تسلسل، ٻئي موجود آهن، جيڪي انهن صنفن لاءِ آڪسيجن آهن جنهن کان سواءِ اهي بي جان لڳنديون آهن.
هر گيت ۾ محبت جي حرارت جو،
ڪوئي انداز نئون سميٽيان ٿو.
- ۽ موضوع؟ موضوع به آهن: پيار جا، وڇوڙي جا، ميلاپ جا، فطرت جا، ماحول جا، ڏک ۽ سک جا، انتظار جا ۽ ٻيا به ڪيئي:
ورڊس ورٿ جيئان
مان به آهيان فطرت جو پُوڄاري،
آهي ازل کان چنڊ سان منهنجي ياري
*
جيسين ننڊ نه آهي اکئين،
جيوَن آهي جيل،
اُن ۾ ڏيئا جو ٻاري ٿو،
جڳ کي سو ته اُجاري ٿو.
ياسر قاضي
ياسر جون ڪيئي اهم سڃاڻپون آهن. انهن سڃاڻپن کي سهيڙبو ته هو سهڻو شاعر، ڀلوڙ مصور، مشهور ڪمپيئر ۽ براڊڪاسٽر، سنڌي ۽ انگريزي اخبارن/رسالن سان لاڳاپيل صحافي، محقق ۽ مترجم آهي. هُو رتيديري جي مشهور ادبي گهراڻي ’قاضي ڪٽنب‘ سان تعلق رکي ٿو.
مون کي خوشي ٿيندي آهي ته ان ادبي ڪٽنب سان منهنجي ويجهڙائي آهي. اها پڻ خوشيءَ جي ڳالهه، ته ان ڪٽنب جا ٽي شاعر ــــــ ياسر قاضي، ساڀيان ياسر ۽ پريتم قاضي ــــــ هِن ڪتاب جو اهم حصو آهن.
ياسر جي شاعريءَ ۾ فڪر ۽ فن جا انيڪ رنگ آهن. هو ماڻهپي ۽ محبت کي چاهيندڙ ۽ حق جو پرچارڪ آهي ۽ شاعريءَ جي روايتي فني حسن کي شعرن ۾ سمائيندي نظر اچي ٿو. مثلاً جيڪڏهن سندس شاعريءَ جي موضوعن جي ڳالهه ڪبي ته هي سهڻا شعر بي اختيار ان جو اظهار ڪندي ملندا:
وهائو وصل جو اجرو اڃا آ،
اگرچه وئي وهامي رات آهي.

پوپٽن جهڙن حسين جذبن جي دنيا جوڙجي،
رنگ، سر، لفظن، هنر، فنڪار جون ڳالهيون ڪريون.
*
ماڻهوءَ کي ٿو هر روز اُڏائي ماڻهو،
تهذيب جي تاريخ ٻڌائي ماڻهو.
*
سونهن، خوشبو، شگفتگي، سپنا،
شاعريءَ جو مزاج پنهنجو آ.

سندس شاعريءَ ۾ نفيس احساسن جي اُڻت خوبصورتي سان ڪيل آهي. هُن جا طويل غزل پاڻ منجھ سمايل موضوعي رنگارنگي سبب ڌيان ڇڪائن ٿا. ياسر جا غزل 11 شعرن کان 15 شعرن تي مشتمل آهن، نه ته عام طور 7، 8 شعر ئي ڪافي سمجھيا ويندا آهن. انهن غزلن مان 4 غزل اهڙا آهن جن جا 2، 2 مطلع آهن ۽ ٻن غزلن جا 3، 3 مطلع آهن. فني اصطلاح ۾ انهن کي ”حسن مطلع“ چئبو آهي. ان نالي مان ئي ان شعري خوبيءَ جي ڪَٿ ڪري سگهجي ٿي. جڏهن ته هڪ غزل ”مسلسل غزل“ آهي:
هر اک جا افسانا پنهنجا،
نظرون، ناز، نشانا پنهنجا.
ان کان سواءِ ٻه غزل سنڌ جي نامور شاعرن جي غزلن تي طرحِي ۽ تطبعي آهن. ياسر جي غزلن ۾ ڪيئي سورهيه ڪردارن ۽ علم ادب جي نامور هستين جو ذڪر به محبت ۽ مڃتا منجهان ڪيل آهي.
سندس نظم پڻ سٺا آهن، جن مان سچل سرمست جي شان ۾ جوڙيل هڪ نظم سندس انتخاب ۾ شامل آهي.
ساڀيان ياسر
ساڀيان ياسر جو نالو نئين ٽهيءَ جي نمائنده شاعرائن ۾ روشن ستاري مثل آهي. سندس شاعريءَ ۾ فطرت جا روپ ۽ رنگ سمايل آهن، جن مان روشني ۽ خوشبوءَ پکڙجندي نظر اچي ٿي ۽ ايئن ٿو محسوس ٿئي ته هن پنهنجن سپنن جون ساڀيائون شاعريءَ جي سحرانگيز دنيا ۾ ماڻي ورتيون آهن:
عشق جي بي ڪنار ساگر تي،
تنهنجي هوندي عبور ٿيو مون کي.
*
موجون منهنجون سِڪَ جا سپنا،
مان ”ساڀيان“ جو ساگر آهيان.

يا جيئن منفرد ”ڪلماتي غزل“ ۾ چوي ٿي:
نور، جلوو، جلال، ساڀيائون،
طور سينا، ڪمال، ساڀيائون.

باک، شبنم، هوا، گهٽا، بادل،
نينهن - نغما، جمال، ساڀيائون.

”ساڀيان“، ساٿ، راحتون، رانول،
چاهه، دائم، وشال ساڀيائون.

ساڀيان جي شاعريءَ ۾ ڏک، وڇوڙي ۽ پيڙا جو اثرائتو اظهار بخوبي نظر اچي ٿو:
عزت - نفس ٿي پئي ٿـڏجي،
بي ملهو مانُ ٿي پيو آهي.
ساڀيان صاحبِ ڪتاب شاعره آهي ۽ مسلسل لکي رهي آهي. سندس شعري فن غزلن ۾ ليئا پائيندي نظر اچي ٿو. هوءَ رديف پڻ چونڊ استعمال ڪري ٿي، جن جو قافئي سان واهپو ٺهڪندڙ آهي. مثال طور خزائن جي موسم، ڪٿائن جي موسم، ادائن جي موسم، يا بهارن جا جلوا، قرارن جا جلوا، خمارن جا جلوا، يا گلابن جا گفتا، سرابن جا گفتا، حجابن جا گفتا، يا تعبير جي بهاني، تحرير جي بهاني، تصوير جي بهاني. ان کان سواءِ سندس ڪلماتي غزل به شاندار آهي. هن ”حسن مطلع“ کي پڻ خوبصورتيءَ سان پيش ڪيو آهي.
ساڀيان ۾ تخليقي صلاحيت به آهي ته سگهه به. هوءَ سنڌي شاعرائن لاءِ هڪ اتساهه آهي.
ياسين چانڊيو
نوجوان شاعرن ۾ ياسين چانڊيو سٺن شاعرن مان هڪ آهي. سندس شاعريءَ ۾ محبوبي ڪيفيت محسوس ڪري سگهجي ٿي:
ڇڏين ٿي ٽهڪ تون ڇوڙي، نه ٿئي احساس ڪو تو کي،
ته تنهنجا ٽهڪ هي ڪيڏو، اثر ماحول تي ڪن ٿا!
*
خواب ۾ ڀروسو ساٿ جو گڏ هيو،
اک کُلي جئن ئي سامهون جُدائي ملي.
ياسين جي شعرن ۾ پرينءَ جا ٽهڪ، عزل جهڙي مُرڪ توڙي مرڪن جا پوپٽ، قتل ڪندڙ نظر توڙي غضب جي نظر، زلفن سان ڍڪيل چهرو، پايل ٻڌل پير، چاندنيءَ جو بدن، ڳل تي ڪنول جهڙو چُگهه جو نشان ۽ حسن جو جلوو خوب سمايل آهي، پر منهنجي خيال ۾ هُن کي اِن کان اڳتي شعري سفر ڏانهن ايئن ئي وڌڻو آهي جيئن چوي ٿو:
آءٌ تو ڏي ايئن ٿو ڇِڪجي اچان،
ڄڻ هِنئين جي ڏورَ آ تو سان ٻڌل.
*
بُوند بڻجي عشق مون ۾ جئن لٿو،
بوند وئي درياهه ۾ تبديل ٿي.

ياسين جون وايون به، خيالن ۾ غزليه رنگ رکندڙ آهن، پر اهي پنهنجي سٺي وراڻيءَ جي ڪري ڌيان ڇڪائن ٿيون ۽ شعر کي ويڙهي پيش ڪن ٿيون:
تـنـهـنـجـي خواب بِنـا،
منهنـجي نيڻـن جـي،
خوشبو تڙپي ٿي!
*
سچ پچ خوشبو سان،
جيـون-پـن پـن تي،
تنهنجو نانءُ لکيو پيو آ.
ياسين شاعريءَ سان چاهه رکندڙ شاعر آهي. پوءِ، اهو ڪيئن ممڪن آهي ته شاعري به هن سان چاهه نه رکي! هوءَ، هن وٽ بلڪل سندس هن شعر جيان موجود هوندي:
ٻيو ته سڀ ڪجهه وئي کسي مون کان مگر،
يــاد وئـــي آهـــي رکــي ڪـمــري انـــدر.

خالد چانڊيو
ڪيئي سال اڳ، 1990ع جي ڏهاڪي ۾، خالد جي شهيد پيءُ زخمي چانڊيي وٽ منهنجي خالد سان ملاقات ٿي هئي ۽ هن مون کي سنڌ جي نامور شاعرن جا شعر ٻڌايا هئا. مون کي خوشي آهي ته زخميءَ کان پوءِ خالدَ همٿ نه هاري ۽ مستقل مزاجيءَ سان زندگيءَ جي تڪليفن سان مُنهن ڏنو ۽ پاڻ کي زندگيءَ جي سنگين وهڪري ۾ لُڙهي وڃڻ نه ڏنو:
هر هر مُرڪڻ وارا ساٿي! ڪنهن جو گھاءُ کڻي آيو آن!
نيڻ نماڻا چپّ ڏري ويل، ڪهڙو تاءُ کڻي آيو آن!


اوڇنگارن تي اوڇنگارن جا ڪي طوفانَ جَهڪا به ته ڪر،
هاءِ هٺيلا! روح تي ڪنهن جو، ڏَسِ ايذاءُ کڻي آيو آن!

خالد جي شاعريءَ ۾ موضوعي ۽ فني ٻنهي قسمن جي سٺي پيشڪش موجود آهي، جا ڌيان ڇڪائيندڙ پڻ آهي. هن جا سرجيل غزل وڏن وزنن تي جڙيل آهن، جنهن سبب انهن ۾ اظهار اڻ چٽو نه ٿو رهي. سندس غزلن جا رديف به گھڻن لفظن تي مشتمل آهن ۽ اهي مرڪزي خيال کي پاڻ ۾ سمائن ٿا. جھڙوڪ: ”ويجهڙو آجپو“ رديف ۾ آزاديءَ سان قريبي لاڳاپو ظاهر ٿئي ٿو، ”جي پنڌ کُٽڻ جو نانءُ وٺي“ رديف ۾ راهه جي طوالت هر شعر ۾ محسوس ٿيندڙ آهي، ”اکڙين کي ننڊ ڪرڻ ته نه ڏي“ رديف ۾ ڪجهه وڃائجي وڃڻ ۽ ڪجهه احساس ڪرڻ جو تاثر اڀري ٿو، ”ڪٿي آهين، ڪٿي آهين“ رديف ۾ پرينءَ جي اڻ موجودي دل ۾ ارمان پيدا ڪري ٿي ۽ ”لاڙڪاڻو شهر“ رديف ۾ هڪ شهر سان متفرق لاڳاپن جا جذبا ڪرَ موڙي جاڳي پون ٿا. ان کان سواءِ ”چٺي پهتي“ ۽ ٻيا رديف به موهيندڙ آهن.
خالد جي غزلن ۾ ”پاڇن جو ساڙائڻ“، ”اوڇنگارن جا طوفان“، ”ڊگهي خاموشي“، ”سرخ اکيون“، ”ڳاڙهي ڳل جو موهيڙو“، ”اڏامڪ خواب“، ”هٿن ۾ حيرت جو سمائجڻ ۽ ٻيون ڪيئي وڻندڙ ترڪيبون انتهائي خوبصورتيءَ سان آندل آهن:
خواب اُڏامڪ بڻجي ويا ڪهڙو آخر ترسن ها،
تو به نه سوچيو هو شايد، هٿ مان هيئن ويندو هينئڙو.

*
اڪيلا گل نه چُونڊيا مون، ڪنڊن کي ساڻُ آندو آ،
هٿن حيرت سمائي آ، ڪٿي آهين، ڪٿي آهين.


خالد جو شمار سنڌ جي انهن شاعرن ۾ بخوبي شامل ڪري سگھجي ٿو جيڪي، جيتوڻيڪ ٿورو لکن ٿا، پر اهڙو لکن ٿا جيڪو سندن سڃاڻپ بڻجي ٿو.
عيسى ميمڻ
عيسى هن مجموعي ۾ شامل ننڍي ۾ ننڍِي ڄمار وارو شاعر آهي، پر هو پنهنجي سياسي سوچ، ڪم ۽ ڪردار سبب سماجي، سياسي، مذهبي ۽ اخلاقي سوالن کي شاعريءَ ۾ وڌيڪ آڻي ٿو ۽ انهن تي شخصي راءِ جو کُليو اظهار ڪري ٿو، شايد ان ڪارڻ ئي، عيسى نثري نظم جي صنف کي ڪارگر ڄاتو آهي، ته جيئن پنهنجن خيالن جو چِٽو پٽو اظهار ڪري سگھي:
هي انگ اگھاڙا ٻارڙا،
بکئي پيٽ،
اميدن کان خالي زندگي جا پنڌ،
نه جنهن جو ڪو آستان،
نه ڌرتي ۽ نه ئي ڪو آسمان،
ذلتن جا ڪشڪول جن جي هٿن ۾،
اکيون اوسيئڙو ڪندي ٿڪيون نه جن جون،
نه اڃا ٿڪي زندگي!
نه موت ٿَڪو اڃا! (نثري نظم ”انگ اگهاڙا ٻارڙا“)
ڄاڻايل موضوعن جي حوالي سان، عيسى جا نثري نظمَ ”زندگي ڄڻ وئشيا هجي پنهنجي!“، ”عذابن ڀري شام“، ”سَوَ سپنا بي معنى“ ۽ ”مان بت پرست آهيان“ ڳڻي سگهجن ٿا. ٻيءَ طرح چئجي ته عيسى جي نثري نظمن ۾ وطن دوستيءَ، سماجي اڻ برابريءَ، آس، اميد سان گڏ محبتن جا عڪس به نظر اچن ٿا. ڏسو:
جت پکيءَ ناهي پير
اتي هي منهنجا ڪنوار خواب تنهنجي تلاش ۾ اڏرن ٿا...
ڏس! منهنجون اکيون ڪيڏيون ڳريون ٿي ويون هن.
ڪائنات کان به ڳريون!
۽ هي تنهنجا خواب
انهن کان به ڳرا ٿي ويا آهن... (منهنجا خواب تنهنجي تلاش ۾ اڏرن ٿا)
*
دانهن جو ڪوئي وارث ناهي... (عذابن ڀري شام)
*
۽ تنهنجي سوچ ڪاوا ڪاوا پنڌ اسان جو. (سوچن جو صليب)
عيسى جو نظم ”مهين مانُ وڏو آ، پيارا!“ سندس موهين جي دڙي سان محبت جو اظهار آهي. سندس سرجيل واين ۾ فن جي کوٽ محسوس ٿئي ٿي، پر خيالن ۾ ڪشش آهي، هي بندُ موضوعي طور وڻندڙ آهي:
تـنهنجـي نـيڻن ۾ ســدا،
مري - جيئڻ جو خواب،
جلا وطن ٿي ويو.
*
وڌيڪ ڇا لکجي! هڪ شعري سگھ ـــــ فڪرِي توڙي فَنِي ـــــ هن مجموعي ”مون ڏات انوکي آندي آ“ ۾ سمايل آهي. هر شاعر جي شاعريءَ ۾ هڪ گڏيل مقصد نظر اچي ٿو. اهو مقصدُ جيڪو زندگيءَ کي سونهن بخشيندو آهي ۽ حسن جي ديد عطا ڪندو آهي. اهو مقصدُ جيڪو حياتيءَ کي بامقصد بڻائيندو آهي ۽ ان جي ظلمتن کي هٽائيندو ويندو آهي.

1 comment: