25/10/2012

رضوان گل جو ڪتاب ”ساهت ڏيهه جا سرجڻهار“ - برڪت جيهو (Barkat Jeho)

رضوان گل جي ڪتاب ”ساهت ڏيهه جا سرجڻهار“ جو مختصر جائزو
برڪت جيهو

نوجوان شاعر ۽ نثرنگار مانواري رضوان گل پاران سوانحي خاڪن ۽ مضمونن تي مشتمل ڪتاب ”ساهت ڏيهه جا سرجڻهار“ سندس هٿ اکرن سان لکيل تحفي طور مليو، جنهن ۾ سنڌي ادب جي آسمان تي کڙندڙ خوبصورت کير ڌارا Galaxy جي ٻٽيهه ستارن کي شامل ڪيو ويو آهي. رضوان گل هن ڪتاب ۾ انهن شخصيتن تي مختصر پر جامع نموني سان لکيو آهي. ڪتاب کي مڪمل پڙهيم ته هڪ تشنگي محسوس ٿي ته ڪاش هن ڪتاب ۾ 100 شخصيتن کي شامل ڪيو وڃي ها، ته جيئن اسان جي پڙهڻ جي وڌندر اشتها ڪجهه جھڪي ٿي ها.

مون کي گھڻي وقت کان وٺي سوانح عمرين ۽ سوانحي خاڪن پڙهڻ جو موقعو مليو آهي جن ۾ بينجمن فرينڪلن جي سوانح، لارڊ ڊلهوزي جي سوانح، ابراهم لنڪن جي سوانح ۽ سنڌي ادب ۾ وري سوانحي خاڪن پڙهڻ جو موقعو سائين جي ايم سيد ۽ پير علي محمد راشدي فراهم ڪيو. اردو ادب ۾ جميل احمد جو ڪتاب ”هنڊريڊ گريٽ مسلمس“ ۽ پروفيسر محمد شريف جو ڪتاب ”هسٽري آف مسلم فلاسافي“ پڻ پڙهڻ جو موقعو مليو. جڳ مشهور انگريز عالم جناب مائيڪل هارٽ جو ڪتاب جنهن جو نالو ”ميڪرس آف هسٽري“ جو اردو ۾ ترجمو به ڪافي سال اڳ پڙهيو هيم جنهن جي پڙهڻ سان ڄاڻ ۾ تمام گھڻو واڌارو محسوس ڪيو هيم.
شخصيتن جي حوالي سان سوانحي خاڪن لکڻ جو رواج چيو وڃي ٿو ته صديون اڳ يونان جي هڪ عالم پلوٽارڪ وڌو هو، جيڪو يونان جي هڪ ننڍڙي ڳوٺڙي ۾ رهندو هو. جيڪو ڳوٺ پلوٽارڪ جي جاگير ۾ شامل هو. اهو ڳوٺ انهيءَ دور جي يونان جي جڳ مشهور مندر ”ڊلفي“ کان ويهه ميل پري هو. پلوٽارڪ سن 46ع جو نامور پادري، سفارتڪار ۽ بيوروڪريٽ ٿي گذريو آهي. پلوٽارڪ عالم ۽ تاريخدان پڻ هو. پلوٽارڪ يونان ۽ روم جي 100 سورمن جي شخصيتن تي هڪ ڪتاب لکيو جنهن جو نالو ”Paralie Lives“ هو. ان ڪتاب پلوٽارڪ کي دنيا ۾ سوانحي خاڪن لکڻ جي حوالي سان هڪ بنيادي ليکڪ واري سڃاڻپ به ڏني. ان ڪتاب ۾ هڪ سَو چونڊ يوناني ۽ رومي بهادرن جا خاڪا شامل ڪيا ويا. هن ڪتاب متعلق اولهه جي هڪ جڳ مشهور عالم ايمرسن لکيو هو ته ”هي ڪتاب يوناني ۽ رومي هيرن جو بائيبل آهي“.
ان کان پوءِ ئي دنيا جي ادب ۾ سوانحي خاڪا اڪثر 100 جي عدد طور لکجڻ لڳا. اها ساڳي ريت اسان جي دوست رضوان گل به پلوٽارڪ جيان ”ساهت ڏيهه جا سرجڻهار“ لکي نڀائي آهي. پر وري سوچجي ٿو ته هن مهانگائيءَ واري دور ۾ ڪتاب آڻڻ به ڪا آسان ڳالهه نه آهي. رضوان گل پنهنجي ڪتاب ۾ سنڌ جي عهد ساز Trend Setters لکارين، ڏاهن، شاعرن ۽ اديبن تي لکيو آهي.
بقول ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي صاحب جي ته: ”رضوان گل هي ڪتاب لکي سنڌي ادب جي تمام وڏي خدمت جو ڪم سرانجام ڏنو آهي“.
رضوان گل سنڌ جي مهان دانشورن، عالمن، اديبن، شاعرن، نقادن، ڪهاڻيڪارن، ڊرامه نگارن ۽ فلسفين جي شخصيتن کي هڪ الڳ ۽ نئين انداز سان پيش ڪري ٿو. اهي شخصيتون جن جو تعلق شاعريءَ جي شعبي سان آهي، ان کي اڃا وڌيڪ پراثر انداز ۾ پيش ڪرڻ جي حوالي سان سندن شاعريءَ مان چونڊ پڻ پيش ڪئي آهي. جيئن شيخ اياز تي لکيل خاڪي ۾ سندس شاعري مان ئي هڪ شعر سندس شخصيت کي نروار ڪرڻ جي لاءِ لکيو ويو آهي ته:
ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا
گھايل ڌرتيءَ جي سيني تي
اهڙي گھري چيخ ٿين ٿا
جا هر ڪنهن کي جاڳائي ٿي
جا دنيا کي بدلائي ٿي.
رضوان گل جي لکڻ جو انداز ئي نرالو آهي جيڪو انتهائي سولو ۽ اهڙو ئي آهي جيڪو موجوده انگريزي ادب ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو جنهن کي دنيا ۾ Like Child Simplicity  جي اصطلاح طور ڄاتو وڃي ٿو. بقول بيدل مسرور صاحب جي ته ”رضوان جي ٻولي سادي پر وڻندڙ آهي“
ساهت ڏيهه جا سرجڻهار“ ۾ لکيل اهي مضمون پڙهي سنڌ جي محبوب ليکڪن جي زندگيءَ جي باري ۾ معلومات سان گڏ سندن ادبي ۽ تخليقي پورهئي جي پڻ مڪمل ڄاڻ ملي ٿي. سندس هيءَ ڪاوش انهن ناميارن دانشورن جي مڃتا به آهي جن ڌرتيءَ لاءِ رت ست ڏنو آهي. جن اديبن، عالمن، شاعرن، ڪهاڻيڪارن، عالمن ۽ محققن تي هن ڪتاب ۾ جيڪي مضمون آهن انهن ۾: علامه آءِ آءِ قاضي، پير حسام الدين راشدي، محمد ابراهيم جويو، قاضي عبدالحئي قائل، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، شيخ اياز، انيس انصاري، نجم عباسي، جمال ابڙو، استاد بخاري،  ثميره زرين، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، ڊاڪٽر تنوير عباسي، امر جليل، ذوالفقار راشدي، قمر شهباز، تاجل بيوس، طارق اشرف، ڊاڪٽر بشير احمد شاد، وفا ناٿن شاهي، انور پيرزادو، ڊاڪٽر ملڪ نديم،  خيرالنساء جعفري، قاضي مقصود گل، ڪيهر شوڪت، ڊاڪٽر محبت ٻرڙو، رزاق مهر، ادل سومرو، زيب سنڌي، طارق عالم ابڙو، اياز گل پڻ شامل آهن.
رضوان گل جيڪو ڪجهه لکي ٿو اهو پڙهندڙ کي نظر اچي ٿو جنهن ۾ پنهنجو وزن آهي، جنهن ۾ پنهنجي الڳ تازگي ۽ مزو آهي. سندس لکڻ جو ڪيڏو نه شاندار انداز آهي. اچو ته سندس ڪتاب جو صفحو نمبر 38 کوليون ۽ شروعات ۾ ئي پڙهون ”ڌرتيءَ جي سونهن نظارن ۽ آسمان تي اڏامندڙ پکين کان ويندي ڪائنات جي وسعتن تائين هر روز ڪيترائي سوال ذهن ۾ اڀرن ٿا. سوال جيڪي سوچڻ تي مجبور ڪن ٿا ۽ سوچون جيڪي ئي انسان کي شعور بخشن ٿيون، انهن سوچن جي سفر تي ڪي ڏاها ڏات ڌڻي ايترو ته اڳاهان نڪري ويندا آهن، جن لاءِ زندگيءَ جي هر موڙ تي سوال ئي سوال هجن ٿا. اهڙا سوال جن جي جوابن لاءِ هو رات ڏينهن سوچن جي گَهري سمنڊ ۾ گم رهن ٿا ۽ پوءِ انهن سوچن جي سمنڊ مان جڏهن ڪي موتي کين ملن ٿا ته اهي خوبصورت لفظن جي صورت ۾ شاعريءَ جو روپ ڌاري اچن ٿا. جيڪي شاعر اهڙا شعر سرجن ٿا جن سان قومون بيدار ٿين ٿيون منجهن جرئت، همت ۽ حوصلي سان گڏ نئون ولولو پيدا ٿئي ٿو، اهي ئي دراصل حقيقي طور عام ماڻهوءَ جي دلين جي ترجماني ڪندڙ هجن ٿا.“ ڪيڏي نه رواني آهي رضوان جي لکڻيءَ ۾! بلڪل اهڙي رواني جيڪا ندي جي وهندڙ پاڻيءَ ۾ هوندي آهي. بقول الطاف شيخ جي ته: ”نوجوان ليکڪ رضوان گل کي لکڻ پڙهڻ جو نشو آهي“.
مان ته ائين ئي چوندس ته رضوان کي خود ته لکڻ پڙهڻ جو نشو آهي پر سندس لکيل ليک پڙهندڙ کي به هڪ قسم جو نشو مهيا ڪن ٿا. ”ساهت ڏيهه جا سرجڻهار“ ڪتاب نه صرف پڙهڻ جھڙو آهي پر اهو سانڍي رکڻ جھڙو پڻ آهي.

1 comment: