03/10/2012

”ديوانِ طالب الموليٰ“ (ڪتاب) تي هڪ نظر - نوشاد پروين گل (Noshad Parveen Gul)

”ديوانِ طالب الموليٰ“ (ڪتاب) تي هڪ نظر
نوشاد پروين گل
اگر خدمت ڪرڻ جي ناهه طاقت طالب الموليٰ
ته پوءِ مخدومي دنيا ۾ وڏو منصب ته ڪونهي ڪو.
شاعري، انساني نفيس جذبن جي منظوم تاريخ ٿئي ٿي. انهيءَ نفيس جذبن جي تاريخ ۾ شاعر نه رڳو پنهنجي اندر جي ڪائنات جي ڳالهه نهايت حسين ۽ خوبصورت پيرايي ۾ بيان ڪندو آهي پر ان ۾ ڪائنات جي ڳُجهن اسرارن ۽ لقاوَن تان به نهايت ئي نفيس ۽ دلربائي انداز ۾ پردو هٽائيندو آهي، جن جو تعلق سڌيءَ طرح انساني جذبن سميت انساني تاريخ سان سلهاڙيل هوندو آهي. شاعر لفظن جو وينجهر ۽ لغت نويس به ٿئي ٿو. شاعر لفظن جو ڀنڊار آهي، لفظ شاعر جا محتاج ٿين ٿا.
اڄ مان هڪ اهڙي ئي ڪافي ۽ غزل جي باڪمال شاعر، ماهرِ لسانيات ۽ لغت نويس جي ڪتاب جو تذڪرو آڻيان ٿي، جنهن کي سنڌ جا ماڻهو ”قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ رحه“ جي نالي سان سڃاڻن ٿا. سندن ڪلام جو چرچو ۽ تعريف سنڌ سميت ولايت تائين رسيل آهي. شاعر ڪائنات جو ترجمان به آهي، سندس جذبات، احساسات هر اُن نُڪتي کي اهڙي انداز ۾ واضح ڪرڻ جي قدرت رکن ٿا، جيڪي هوند عام رواجي طرح ماڻهو سمجهي نه سگهن، فنونِ لطيفه ۾ شاعريءَ جو مقام ايڏو بلند بالا آهي، جنهن کي جزو پيغمبري ڪوٺيو ويو آهي.
ديوانِ طالب الموليٰ“ قبله سائين مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي نالي سان قائم ڪيل ”طالب الموليٰ اڪيڊمي هالا- سنڌ“ ڇاپي پڌرو ڪيو آهي، هن ديوان جو پهريون ڇاپو 1982ع ۾ ”سروري پبليڪيشن هالا سنڌ“ ڇاپي پڌرو ڪيو. قبله سائين مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ رحه جن جا لکيل غزل اڃا به اڻ ڇپيل آهن، اهي گڏ ڪري جلد 2 ۾ ڇپيا ويندا. هن ديوان جو مهاڳ قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ رحه سائين جن پاڻ لکيو آهي. تعارف بعد چيئرمين طالب الموليٰ اڪيڊمي قبله سائين مخدوم جميل الزمان منسٽر بين الصوبائي رابطا حڪومت سنڌ جن جو اشاعتي نوٽ آهي، تنهن کان پوءِ ڪلام شروع ٿئي ٿو. هن ديوان ۾ ڪل 366 غزل آهن، هر غزل پنهنجي فني ۽ فڪري خوبيءَ سان مالامال آهي، ڪلام کان پوءِ لفظن جي معنيٰ وار لڙهي ”فر هنگ ديوانِ طالب الموليٰ“ ڏني وئي آهي، جا الف- ب وار ترتيب ۾ آهي. اهڙيءَ ريت هيءُ عاليشان ديوان پورو ٿئي ٿو. ڪتاب پڪي بائينڊنگ ۽ ڊيمي سائيز ۾ 448 صفحن تي مشمل آهي. ٽائيٽل ۽ پنو ڪتاب جي دلڪشي ۽ خوبصورتيءَ ۾ اضافو ڪندڙ آهن ۽ ڏسندڙ کي هڪدم پاڻ ڏانهن متوجه ڪن ٿا. هيءُ ديوان پڙهندڙن لاءِ من موهيندڙ آهي. هيءُ ديوان شاعريءَ سان لنئون رکندڙ هر اهلِ دل ماڻهو کي پسند ايندو. سمورا غزل پنهنجي سمورين فني ۽ فڪري خوبين ۽ رعناين سان ملبوس نظر اچن ٿا. خاص طور تي هر غزل ۾ رديف جو استعمال غزل کي جا هيڪاري سونهن ۽ سوڀيا بخشي آهي، سا ڏسڻ وٽان آهي. قبله سائين مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ رحه جن هونئن به سنڌي شاعري خاص طور تي ڪافيءَ جا نهايت مڃيل پختا ۽ باڪمال شاعر ته آهن ئي، پر غزل تي به کين پختو غلبو ۽ ملڪو حاصل آهي. سنڌي ڪافي ۾ جيڪو خال پيدا ٿيو هو، ان خال کي به قبله سائين جن ئي بخوبي نموني پُر ڪيو. جديد سنڌي ڪافيءَ کي جنهن باڪمال شاعر عروج ۽ سونهن ڏني آهي، اهو سائين مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ رحه ئي آهي.
هن ديوان ۾ داخل ڪيل غزل جي پوري اڀياس کان پوءِ بنا ڪنهن هٻڪ ۽ وڌاءَ جي اهو اندر مان ضرور آواز نڪرندو ته قبلا سائين جهڙيءَ ريت ڪافيءَ کي عروج بخشيو آهي، تهڙيءَ ريت هنن غزلن تي به پورو توجهه ڏنو آهي ۽ پاڻ غزل جا به باڪمال شاعر آهن. قبله سائين مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي لکڻ جي خاص هڪ خوبي هيءَ آهي ته پاڻ جڏهن به شاعري يا ٻيو ڪو اسم لکڻ فرمائيندا هئا ته آخر ۾ ڏينهن، تاريخ ۽ ماڳ ضرور لکندا هئا. اها خوبي به چند شاعرن ۾ ڏسجي ٿي. هن عمل سان ڪنهن به لکڻي جي تاريخي اهميت، پس منظر، وقت ۽ حالتن جو تعين ڪري سگهجي ٿو.
”طالب الموليٰ اڪيڊمي هالا، سنڌ“ سنڌ جو مايه ناز ۽ هاڪارو علمي ۽ ادبي ادارو آهي. هن اداري مخدوم خاندان سان تعلق رکندڙ اهلِ علم، اديبن ۽ ٻين شاعرن جو ڪلام ڇپائڻ جو ڪم بخوبي سرانجام ڏئي رهيو آهي. هن وقت هيءُ ادارو قبله مخدوم جميل الزمان جن جي نظرداريءَ ۾ هلي رهيو آهي. مخدم جميل الزمان جن هينئر منسٽر بين الصوبائي رابطا حڪومت سنڌ آهن پر پاڻ سنڌ جي نامور علمي ۽ ادبي اداري سنڌي ادبي بورڊ جا لائق چيئرمين به آهن. سنڌي ادبي بورڊ جو ذڪر نڪرندو ته سائين مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن جي بورڊ لاءِ ورتل ڪوششن ۽ محنتن جو به ذڪر خير ضرور نڪرندو. حضرت قبله سائين مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سائين جن جون بورڊ جي ڀلائي ۽ استحڪام لاءِ وڏيون قربانيون آهن.
موجوده وقت ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين مخدوم جميل الزمان پڻ اعليٰ پايي جو اديب، شاعر، محقق ۽ تاريخ نويس ۽ نوجوان سياستدان آهي. سندس مقبول ڪتابن ۾ ”قافيه ڪوش“ کي وڏي پذيرائي حاصل ٿي آهي. هيءُ ڪتاب شاعريءَ جي قافين تي هڪ لغت آهي، هن نوعيت جو ڪم هن ڪتاب کان اڳ ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي، کيس شاعريءَ سان گهري دلچسپي آهي.
حضرت غوث الحق مخدوم نوح سرور رحه جن جي گادي نشين ۾ حضرت قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ رحه جو گهراڻو سنڌ ۽ هند ۾ علمي ۽ ادبي حوالي سان هڪ مخصوص ۽ گهڻ رُخي سڃاڻپ جو حامل آهي.

No comments:

Post a Comment