ڪامريڊ مير محمد
ٽالپر جي ڪتاب
”اکين ڏٺو ڪنن ٻڌو“ جو تنقيدي جائزو
پروفيسر نذير احمد سومرو
ڪامريڊ مير محمد ٽالپر |
گذريل ويهين صديءَ جي آخري ۲۰ سالن واري عرصي ۾، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر
پنهنجي ڪتابن ۾ ڇرڪائيندڙ ڳالهين لکڻ ڪري گهڻو مشهور ٿيو. ”اکين ڏٺو، ڪنن ٻڌو“ سندس
پنجون نمبر ڪتاب آهي، جيڪو روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو طرفان جنوري ۲۰۰۴ع ۾ شايع ٿي، پڙهندڙن جي هٿن ۾ پهتو آهي.
ڪتاب جي آخري صفحي تي، سنڌ جي هڪ مانائتي اديب، مرحوم
علي احمد بروهي طرفان ڪامريڊ مير محمد ٽالپر جي ڪتاب ”يادگيرين جو سفر“ بابت راءِ ”اڃا ڪي آهين جوڳي
سندي جوءِ ۾“ جي نالي سان لکيل آهي، جنهن ۾ مرحوم علي احمد بروهي لکي ٿو: ”هيءُ
ڪتاب سنڌ جي مشهور ۽ معروف اديب رئيس ڪريم بخش نطاماڻي جي منفرد تصنيف ”ڪيئي ڪتاب“ جي طرز تي لکيل پنهنجي
نوعيت جو ”انوکو“ ڪتاب آهي. اميد آهي ته پارکن کي پسند پوندو.“ خبر نه ٿي پوي ته
مرحوم علي احمد بروهيءَ جهڙي سڄاڻ اديب ۽ قلمڪار، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر جي
تاثراتي ڪتاب ”يادگيرين جو سفر“ کي
مرحوم رئيس ڪريم بخش نطاماڻي جي شاهڪار ڪتاب ۽ سندس آتم ڪٿا ”ڪيئي ڪتاب“ سان ڪيئن ڀيٽ ڏني آهي؟
جڏهن ته حقيقت هيءَ آهي ته رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ جي ڪتاب ۾ ماڻهن کي گاريون ڏنل
ڪو نه آهن. ان جي ابتڙ ڪامريڊ مير محمد ٽالپر جي ڪتابن ۾ گهڻي قدر ماڻهن کي گاريون
ڏنل آهن. هتي ڪتاب ”يادگيرين جو سفر“ تي تبصرو ڪرڻ مقصود ڪو نه آهي، ان ڪري ان کي ڇڏي، ڪامريڊ جي نئين ڪتاب ”اکين ڏٺو، ڪنن ٻڌو“ جو
اڻ ڌريو جائزو پيش ڪجي ٿو.
ڪامريڊ جي هن ڪتاب ۾ عجيب و غريب تضاد نظر آيو. هڪ طرف
هو پاڪستان جي پهرئين چونڊيل وزيراعظم جناب ذوالفقار علي ڀُٽي جي ساراهه جا ڍڪ ڀري
ٿو ۽ وري ڪنهن ٻئي هنڌ ڀُٽي صاحب جي مخالفت ۾ وسئون ڪو نه ٿو گهٽائي. مثال طور
ڪتاب ”اکين ڏٺو، ڪنن ٻڌو“ جا ۳۶ کان ۳۸ تائين صفحا ذوالفقار علي ڀُٽي جي ساراهه سان ڀريل آهن، پر ڪتاب جي صفحي ۶۹ تي ڪامريڊ رقم طراز آهي: ”پياري پاڪستان جو جڏهن حاڪم مسٽر ذوالفقار علي
ڀٽو ٿيو، تڏهن چاپلوسي ٽولي کيس ’قائد عوام‘ ڪري سڏيو.“ سڄي پاڪستان جي ماڻهن کي
اها خبر آهي ته جناب ذوالفقار علي ڀٽو ۲۰ ڊسمبر
۱۹۷۱ع تي پاڪستان جو حڪمران يعني صدر
مملڪت ٿيو هو، پر ان کان گهڻو اڳ يعني ۱۹۶۸ع ۾ ڀٽي صاحب کي جلسن جلوسن کان سواءِ، اردو اخبارون، خاص طور تي نواءِ وقت
۽ سنڌي اخبارون ۽ رسالا قائد عوام ڪري سڏيندا ۽ لکندا هئا. ثبوت لاءِ ۱۹۶۸ع کان وٺي ڀُٽي صاحب جي اقتدار واري تاريخ کان اڳ جون اردو ۽ سنڌي اخبارون
۽ رسالا ڏسي سگهجن ٿا. خبر ناهي ته ڪامريڊ مير محمد ٽالپر کي جناب ذوالفقار علي ڀُٽي
کي مليل خطاب ’قائد عوام‘ ڇو پسند نه ٿو اچي. ڇا ڀٽو صاحب عوام جو ليڊر يا قائد نه
هو؟ جڏهن ته مير صاحب پاڻ صفحي ۳۷ تي ڀُٽي
صاحب لاءِ لکي ٿو؛ ”رسم منصوري ۾ تخته دار تي ڏسي، مثال سرمدي ۾ آڻيندي شهادت جو
درجو ڏيان ٿو.“
ڪامريڊ مير محمد ٽالپر پنهنجي ڪتاب ”اکين ڏٺو ڪنن ٻڌو“ ۾
اردو شاعريءَ جي دنيا ۾ شاعر انقلاب جو لقب ماڻيندڙ جوش مليح آبادي بابت هڪ لطيفو
لکيو آهي، جيڪو اردو جي مشهور اديب ڪي ايل
نارنگ ساقيءَ جي مشهور ڪتاب ”اديبون ڪي لطيفي“ مان ترجمو ڪري لکيو اٿس. ڪي
ايل نارنگ ساقيءَ جو ڪتاب ”اديبون ڪي لطيفي“ الحمد پبليڪيشنز پراڻي انارڪلي لاهور مان اپريل ۱۹۹۳ع ۾ شايع ٿيو آهي. ڪتاب جو مرتب ڪي ايل نارنگ ساقي صفحي ۵۵ تي لکي ٿو:
’ايڪ بار جوش مليح آبادي ني جگر مراد آبادي ڪو ڇيڙتي
هوئي ڪها؛ ”ڪيا عبرتناڪ حالت هي آپ ڪِي؟ شراب ني آپ ڪو رند سي مولوي بنا ديا اور
آپ اپني مقام ڪو ڀول بيٺي. مجهي ديکيئي ڪه مين ريل ڪي کمڀي ڪِي طرح اپني مقام پر
آج ڀي وهان اٽل کڙا هون، جهان آج سي ڪَئي سال پهلي ٿا.“ جگر صاحب ني جواب ديا؛
”بلاشبه آپ ريل ڪي کمڀي هين اور ميري زندگي ريل گاڙي ڪِي طرح هي، جو آپ جيسي هر
کمڀي ڪو پيڇي ڇوڙتي هوئي هر مقام سي آگي، اپنا مقام بناتي جا رهي هي.“‘
ڪامريڊ مير محمد ٽالپر پنهنجي ڪتاب جي صفحي ۷۹ تي مٿئين لطيفي کي سنڌي ويس وڳا ڍڪائي لکي ٿو:
”برصغير جا ٻه شاعر هئا. هڪ حضرت جوش مليح آبادي ۽ ٻيو
جگر مراد آبادي. هنن جي دهليءَ ۾ هڪ مئخاني ۾ ملاقات ٿي. (دهليءَ جو الائي ڪهڙو
مئخانو؟ دهليءَ جو شهر سنڌ صوبي جي ٻهراڙيءَ جيان ته ڪو نه هيو ۽ نه ئي آهي، جو
گهرن کان تڙيل، ٽوٽي، هڏ حرام، نه ڪم جا نه ڪار جا ۽ دشمن اناج جا، يا ڪم چور،
پرائي ڀنگ ۽ چرس تي سندرو ٻڌي مئخانن جو رخ ڪندا آهن ۽ اهڙن ٽوٽي ۽ هڏ حرامن کي
جتي ڪو چڱو خالي ٿيل پلاٽ نظر ايندو آهي، ته ان ۾ ٻه ٽي ٻوٽا پوکي، پترون هڻي
مئخاني جو بورڊ لڳائي ڇڏيندا آهن. ڪامريڊ کي الائي ڪنهن ٻڌايو ته حضرت جوش مليح
آبادي ۽ جگر مراد آباديءَ جي ملاقات ’ڪنهن مئخاني‘ ۾ ٿي هئي.) حضرت جوش مليح آباديءَ،
جگر مراد آباديءَ کي چيو؛ ”شراب پِي تنهنجي صورت
هڪ مولويءَ جهڙي ٿي وئي آهي. اوهان پنهنجو رتبو وساري ويٺا آهيو.“ جوش مليح آبادي
چيو: ”آءٌ اڃا ريل جي کنڀي وانگر هڪ جاءِ تي بيٺو آهيان.“ جگر مراد آباديءَ چيو:
”اوهان برابر ريل جا ٿنڀا آهيو، آ ريل گاڏي آهيان، اوهان هڪ جاءِ تي بيٺا آهيو ۽
آءٌ هلندو پيو وڃان.“
ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، پاڪستان جي ٺهڻ جو اکين ڏٺو شاهد
آهي ۽ پاڪستان اڀياس جا شاگرد به اهو ڀليءَ ڀت ڄاڻن ٿا ته باني پاڪستان محمد علي
جناح جڏهن ۱۱ سيپٽمبر ۱۹۴۸ع تي لاڏاڻو ڪيو ته خواجه ناظم الدين (جنهن جو تعلق سابق اوڀر پاڪستان،
موجودهه بنگلاديش سان هو) نالي هڪ بنگالي سياستدان کي اختياري ڌرين پاڪستان جو
گورنر جنرل (موجوده صدر جي عهدي برابر) مقرر ڪيو هو، پر ڪامريڊ مير محمد ٽالپر هڪ
حقيقت کي مسخ ڪري صفحي ۸۱ تي لکي ٿو:
”مسٽر محمد علي جناح جي فوت ٿيڻ بعد ان وقت جي وزير
خزانه غلام محمد کي گورنر جنرل مقرر ڪيو ويو. برطانيه جي راڻي اهڙو فرمان جاري ڪيو
هو.... غلام محمد دکن کان اچي پاڪستان پهتو. غلام محمد مسٽر جناح سان مليو، تنهن
هن کي وزير خزانه بڻايو. غلام محمد بدڪاريءَ ۽ شراب نوشيءَ ڪري اڌ رنگ ۾ ڦاسي پيو
هو. ٿوري عرصي ۾ مسٽر جناح (قائداعظم) به لاڏاڻو ڪري ويو. هي گورنر جنرل جي عهدي
تي آيو.“
اسان جي ڪامريڊ مير محمد ٽالپر کي ڪير سمجهائي ته قبلا!
قائداعظم محمد علي جناح جي فوت ٿيڻ کان پوءِ گورنر جنرل غلام محمد نه، پر خواجه
ناظم الدين ٿيو هو ۽ پاڪستان جي پهرئين وزيراعظم لياقت علي جي ۱۹۵۱ع ۾ قتل ٿيڻ کان پوءِ خواجه ناظم الدين کي پاڪستان جو وزيراعظم مقرر ڪيو
ويو ۽ خواجه ناظم الدين جي خالي ٿيل جاءِ تي غلام محمد کي گورنر جنرل مقرر ڪيو ويو
هو ۽ غلام محمد جي ئي دور ۾ ”ون يونٽ“ جو بل پاس ٿيو ۽ ”ون يونٽ“ عملي شڪل وٺي
وجود ۾ آيو هو ۽ غلام محمد ئي اسيمبليون ٽوڙيون هيون. خواجه ناظم الدين کان اقتدار
جي سج لهڻ کان پوءِ پڇيو ويو؛ ”خواجه صاحب توهان پاڪستان جا گورنر جنرل به رهيا ته
وزيراعظم به، مهرباني ڪري اهو ٻڌايو ته مزو ڪهڙي عهدي تي هو؟“ جنهن تي خواجه ناظم
الدين وراڻيو هو:
”ٻنهي عهدن تي مزو ڪو نه هو! ڇاڪاڻ ته جڏهن آءٌ گورنر
جنرل هوس ته سڀئي اختيار وزيراعظم لياقت علي وٽ هئا ۽ جڏهن آءٌ وزيراعظم بڻيس ته
اختيارن جو مرڪز گورنر جنرل غلام محمد هو.“
پنهنجي ڪتاب جي صفحي ۹۲ تي ڪامريڊ مير محمد ٽالپر لکي ٿو: ”پياري پاڪستان جا ڪيترائي نامور
سياستدان ملڪ جا وزيراعظم ۽ وزيراعليٰ ٿيا. چند هيءُ آهن؛ مسٽر لياقت علي خان،
سردار عبدالرب نشتر، ممتاز دولتانه، ايوب کهڙو، نواب افتخار حسين ممدوٽ، خواجه
ناظم الدين ۽ حسين شهيد سهروردي.“ خبر نه ٿي پوي ته بقول ڪامريڊ ”چند هيءُ آهن“ ۾
قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو (بئريسٽر)، قاضي فضل الله لا گريجوئيٽ، محمد علي بوگره
لا گريجوئيٽ، ممتاز علي ڀٽو (بارايٽ لا) جو شمار ڇو نه ڪيو ويو؟ جڏهن ته لاڙڪاڻو
سان تعلق رکندڙ خانبهادر ايوب کهڙي جي تعليم مٿي ڏيکاريل سياستدانن جي مقابلي ۾
واجبي هئي (شايد رڳو ميٽرڪ).
مغربي تهذيب جا دلداده، بيهي کائڻ ۽ بيهي مٽڻ (پيشاب
ڪرڻ) کي ترجيح ڏيندا آهن. بيهي کائڻ پيئڻ ۽ مٽڻ ته جانورن جي علت آهي. اسان جي نبي
ڪريم صلي الله عليه وسلم بيهي کائڻ پيئڻ ۽ مٽڻ واري عمل کي ننديو آهي، پر ڪامريڊ
مير محمد ٽالپر صفحي ۱۱۶ تي رقمطراز آهي:
”چاليهن سالن کان پوءِ بيهي پيشاب ڪجي، جنهن سان گردن ۽ مثاني کي فائدو آهي!“ هيءَ
الائي ڪهڙي حڪمت ۽ طبابت آهي؟
ڪامريڊ مير محمد ٽالپر صفحي ۱۲۴ تي لکي ٿو:
”سنڌ ۾ هندو توڙي مسلمان سهاڳ واريون عورتون نڪ ۾ نٿ
پائين، مڙس جي مرڻ بعد نٿ لاهي ڇڏين.“ ڪامريڊ مير محمد ٽالپر الائي ڪهڙي سنڌ جي
عورتن جي ڳالهه ڪري ٿو، جيڪي سڄي عمر نٿون پائين ٿيون؟ جڏهن ته سنڌ جي ماضي توڙي
حال ۾ سومرا خاندان سان واسطو رکندڙ گهڻي ڀاڱي ڇوڪريون نڪ ئي ڪونه ٽوپائين. جڏهن
ڪنهن ڇوڪريءَ جو نڪ ئي ڪونه ٽوپيو ويو ته ”نٿ“ جو ته سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي.
سُر جي سلطنت جي راڻي ۽ برصغير جي عالمي شهرت يافته
ڳائڻي ۽ ناچڻي، فلمي اداڪاره ملڪه ترنم نورجهان بابت، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر ڪتاب
جي صفحي نمبر ۱۴۵ تي جيڪي ڪجهه لکيو آهي، سو
ملڪه ترنم نورجهان جي اڳئين مڙس ۽ فلمي ڊائريڪٽر سيد شوڪت حسين رضوي جي نورجهان سان
گهاريل ۽ گڏ گذاريل سالن جي ڪهاڻي واري ڪتاب ”نورجهان ڪي ڪهاني، ميري زباني“ مان ورتو اٿس. ڪامريڊ
لکي ٿو:
”مشهور ڪرڪيٽ رانديگر نذر محمد جي سنگت ملڪه ترنم
نورجهان سان هئي. هڪ ڏهاڙي نذر محمد نورجهان جي گهر ۾ هن جو.... ڪري رهيو هو ته
اوچتو نورجهان جو مڙس گهر ۾ اچي ويو. پوءِ نذر محمد دريءَ مان ٽپو ڏئي ڀڄي ويو.
سندس ٻانهن به ڀڄي پئي هئي.“
ملڪه ترنم نورجهان جي اڳئين مڙس شوڪت حسين رضوي، نورجهان
جي بيوفائي بابت پنهنجي ڪتاب ”نورجهان ڪي
ڪهاني، ميري زباني“ جي صفحي ۸۰ ۽ ۸۱ تي نورجهان ۽ ڪرڪيٽيئر نذر
محمد جو ذڪر پنهنجي گهر ۾ نه، پر ڪنهن ڀر واري پاڙي جو گهر نزد اسلاميه پارڪ لاهور
۾ ڪندي لکي ٿو:
”نظر ڪي ساٿ اس ڪا معاشقه اتنا بڙها اور بات اتني ڦيلهي
ڪه ميري ڊرائيور ني، اور لوگون ني مجهي ڪهنا شروع ڪرديا ڪه شاهه جي هم سن سن ڪي
تنگ آچڪي هين... مجهي لوگون ني بتايا ڪه فلان جگه جاتي هي.... مين ني دو گاڙيون
مين اپني دوست احباب بٺائي اور فوراً اسلامي پارڪ ڪي طرف ڀاگا، هم ني بابا (دلال)
ڪي مڪان ڪي ناڪه بندي ڪرلي، اس ڪي مڪان مين ايڪ سيڙهي اوپر ڪو جاتِي ٿي، مين اوپر
چڙهنا شروع هوا، بڊها مجهي پڪڙ تو نهين سڪتا ٿا، بڊهي ني شور مچانا شروع ڪرديا،
تاڪه نورجهان اور نذر سن ڪر اِدهر اُدهر هو جائين. اتني مين، مين اوپر پهنچ چڪا
ٿا. وهان برآمدي مين پلنگ پر نذر اور نورجهان اِڪٺي ليٽي هوئي ٿي، اس وقت ميري پاس
اگر پستول هوتا تو مين نورجهان اور نظر دونون ڪو گولي مار ديتا. يه مين اپني چشم
ديد بتا رها هون. نظر گهبرا ڪي اُٺا اور ۲۵ فٽ ڪي
بلندي سي نيچي ڪود گيا، وه نيچي گرا تو اس ڪا بازو ٽوٽ گيا.“
ڪامريڊ جي چواڻي ته اهو واقعو نورجهان جي گهر ۾ ٿيو هو
پر شوڪت حسين رضوي اکين ڏٺو شاهد ۽ نورجهان جو مڙس لکي ٿو ته اهو واقعو ڪنهن ٻئي
هنڌ ڪنهن ”دلال“ ۽ ڀڙوي جي اهڙي جاءِ تي ٿيو، جيڪو اهڙن ”مخصوص“ ڪمن لاءِ ”مختص“
هيو.
ڪامريڊ مير محمد ٽالپر پنهنجي ڪتاب ”اکين ڏٺو ڪنن ٻڌو“ ۾
”عام معلومات“ به لکي آهي. ڪامريڊ مير محمد ٽالپر طرفان ڏنل ”عام معلومات“ صفحي ۱۰۱ کان شروع ٿي، صفحي ۱۲۷ تي
ختم ٿئي ٿي، جنهن جي صفحي ۱۲۵ تي
ڀارت جي نامور گلوڪارا ۽ اداڪاره ”ثريا“ بابت جيڪا معلومات ڏني آهي، سا پڙهي ڏاڍي
حيراني ٿي. ڇاڪاڻ ته اردو گانن، موسيقي ۽ فلمن سان واسطو رکندڙ يا فلمن جا شوقين ۽
عام معلومات ۾ دلچسپي رکندڙ چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا ته برصغير جي نامور اداڪاره ۽
گلوڪارا جو موت ڏاڍي ڪسمپرسي واري حالت ۾ هلندڙ سال جي جنوري مهيني جي ۳۱ تاريخ ۲۰۰۴ع تي ٿيو هو. ڪسمپرسي واري حالت
ان ڪري، جو مائي ثريا سڄي عمر شادي نه ڪئي. ان ڪري سندس زندگيءَ جا آخري سال ڏاڍا
انتهائي اڪيلائپ ۽ ويڳاڻپ وارا هئا. ثريا جي موت جي خبر نه رڳو هندستان ۽ پاڪستان
جي ريڊيو ۽ ٽي وي اسٽيشنن تان نشر ڪئي وئي، پر بي بي سي سندس ياد ۾ پهرين فيبروري
تي رات جو هڪ ريفرنس پڻ نشر ڪيو هو، پر ڪامريڊ مير محمد ٽالپر پنهنجي ڪتاب جي
مذڪوره صفحي ۱۲۵ تي مائي ثريا کي چند سال
اڳ ۾ فوت ٿيل ڏيکاري ٿو. ڪامريڊ صاحب لکي
ٿو:
”ڀارت جي نامور فلمي اداڪاره ۽ گلوڪاره ثريا جي دوستي
اداڪار شيام سان هئي. ثريا جي ناني کيس شيام سان شادي ڪرڻ نه ڏني. شيام ڪنهن فلم
جي شوٽنگ ۾ گهوڙي تان ڪري پيو هو ۽ فوت ٿي ويو. ثريا هاڻي چند سال ٿيا ته فوت ٿي وئي.“
ڪامريڊ مير محمد ٽالپر پنهنجي ڪتاب ۾ مهاڳ لکڻ جي تاريخ ۲۰-۰۷-۲۰۰۳ لکي آهي ۽ سندس ڪتاب جنوري ۲۰۰۴ع ۾
شايع ٿيو. ان حالت ۾ ڪامريڊ اهو ڪيئن لکيو آهي ته اداڪاره ثريا چند سال ٿيا ته فوت
ٿي وئي. جڏهن ته مائي ثريا جي موت جي تاريخ ۳۱ جنوري ۲۰۰۴ع آهي! ۽ ڪامريڊ مير محمد ٽالپر
پنهنجي ڪتاب جو مهاڳ گذريل سال جي جولاءِ مهيني جي ۲۰ تاريخ تي لکيو معنى ۲۰-۷-۲۰۰۳؟
ڪامريڊ مير محمد ٽالپر پنهنجي ڪتاب جي صفحي ۱۶۱ تي لکي ٿو: ”صوبي سنڌ ۾ جيڪي وزيراعلى ٿيا آهن، تن ۾ سهڻي شڪل جا مير بنده
علي ٽالپر ۽ يوسف هارون هئا. ٻيا ديڳ جي کرچڻ/کرڙ جهڙا هئا.“ جيڪڏهن ڪامريڊ مير
محمد ٽالپر جي هن ڳالهه کي درست مڃئون ته ڇا سنڌ جي وزارت اعلى جي عهدي تي رهندڙ
پيرزادو عبدالستار، قاضي فضل الله ۽ ممتاز علي ڀٽو صاحب رنگ جا ۽ منهن مهانڊن جا
ڪوجها هئا؟ هونءَ به جسماني خوبصورتي ته عارضي شي
هوندي آهي. اصل ۾ سٺي سيرت ۽ ڪردار کي جاوداني حاصل آهي. سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي؛ ”سهڻا
ٽوهه پٽن تي پيا آهن.“
برصغير جي نامور عالم، اديب، دانشور ۽ سياستدان مولانا
ابوالڪلام ”آزاد“ جي باري ۾ ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، ورهاڱي کان اڳ سکر جي مشهور
صحافي ۽ ايڊيٽر ويرو مل بيگراج جي دوست ۽ انديا جي مشهور اديب ۽ صحافي ۽ رياست
اخبار جي ايڊيٽر سرڳواسي ديوان سنگھ مفتون جي حوالي سان پنهنجي ڪتاب جي صفحي نمبر ۲۵ تي جيڪا ڳالهه لکي آهي، سا ديوان
سنگھ مفتون جي شاهڪار ڪتاب ”ناقابل فراموش“ (پاڪستاني ايڊيشن ۱۹۷۵ع) جي صفحي ۶۱۷ تان کڻي ان ۾ ڦيرڦار
ڪري لکي آهي. ڪامريڊ مير محمد ٽالپر صفحي ۲۷ تي
لکي ٿو:
”ڪيڏي مهل سيڪريٽري محمد اجمل خان اندر آيو، تنهن چيو ته
وزيراعظم جواهر لال نهروءَ جو فون آيو آهي. هو چوي ٿو ته آءٌ هن وقت مولانا صاحب
سان ملڻ چاهيان ٿو. مولانا صاحب چيو ته نهروءَ کي چئو ته هن وقت آءٌ تمام گهڻو مشغول
آهيان ۽ ۱۱ بجي اچي. اجمل خان ويو ۽ وري
اندر اچي چيائين ته پنڊت نهرو صدر ڀارت راڌا ڪرشن ڏانهن وڃي رهيو آهي، پوءِ توهان
وٽ ايندو. مولانا صاحب چيو ته تون صدر صاحب جي دفتر ۾ نهروءَ کي فون ڪري چئي ڇڏ،
ته نه اچي. آءٌ مصروف آهيان. ديوان سنگهه ”مفتون“ کي خيال آيو ته متان وزيراعظم
پنڊت نهرو اچي نه وڃي. ان ڪري سوچ ۾ هيس ته موڪلائي وڃان. آخر هٿ ٻڌي عرض ڪيم ته
قبلا هاڻي مفتون موڪلائي ٿو ۽ هڪڙو عرض آهي ته اوهان پير آهيو، آءٌ توهان جو مريد
ٿيان. مولانا صاحب مشڪي جواب ڏنو ته ديوان سنگهه! تون بابا گرو نانڪ جو مريد آهين.
جيڪو هڪ الله پاڪ جو پوڄاري آهي، توکي ٻئي پير جي ضرورت نه آهي. چڱو خدا حافظ! ڪو
وقت ملي وڃئي، ته مڙئي منهن ڏيکاريندو ڪر! مفتون صاحب جڏهن ٻاهر دروازي تي آيو،
ڏسي ته جهنڊي سان سرڪاري گاڏي بيٺي آهي ۽ ان ۾ وزيراعظم نهرو ويٺو آهي. دروازي تي
پوليس سنتري الرٽ بيٺو هو، تنهن وزيراعظم کي چيو ته مون کي مولانا صاحب کان حڪم
مليو آهي ته پنڊت نهروءَ کي اندر اچڻ نه ڏجانءِ، جو آءٌ مصروف آهيان. اهو ٻڌي پنڊت
نهرو واپس هليو ويو. مفتون چوي ٿو ته آءٌ هڪ ٽيڪسي ڪري پنهنجي اخبار جي دفتر ڏي
روانو ٿيس ۽ دل ۾ چوندو ويس ته هاءِ هاءِ! مولانا آزاد ڪو وڏو قلندر صفت انسان آهي
جو وزيراعظم کي به ڪونه پڇيائين. مون دل ۾ چيو ته اهڙي محترم انسان سان وري ملڻ
ٿئي يا نه. هر شخص کي اهڙي عاقل، عالم ۽ بي ريا انسان جي نقش قدم تي هلڻ جي خدا
توفيق عطا فرمائي.“
”رياست“ جي ايڊيٽر ۽ ”ناقابل فراموش“ جي مصنف ديوان
سنگهه مفتون پنهنجي ڪتاب ۾ صفحي ۶۱۴ کان ۶۱۸ تائين مولانا ابوالڪلام ”آزاد“ جو ذڪر خير ڪيو آهي، پر ديوان سنگھ مفتون
ڪٿي به نه ٿو لکي ته ڪو هن (مفتون) مولانا آزاد کي چيو هو ته جيئن ته مولانا سيد
آهي، ان ڪري مفتون سندس مريد ٿيڻ چاهي ٿو ۽ نه ئي ديوان سنگهه مفتون اهو لکي ٿو ته
هو جيئن ئي مولانا آزاد جي ڪمري مان ٻاهر نڪتو ته هن ڏٺو ته دروازي تي سرڪاري
جهنڊي سان هڪ ڪار بيٺي آهي، جنهن ۾ پنڊت جواهر لال نهرو وزيراعظم هند ويٺو آهي ۽
نه ئي دروازي تي بيٺل ڪنهن سنتري سپاهي جو ذڪر ڪري ٿو. جيئن ڪامريڊ مير محمد ٽالپر
لکي ٿو ته دروازي تي پوليس سنتري الرٽ بيٺو هيو. تنهن وزيراعظم نهروءَ کي چيو ته
مون کي مولانا آزاد صاحب کان حڪم مليو آهي ته وزيراعظم نهروءَ کي اندر اچڻ نه
ڏجانءِ.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته مولانا آزاد جهڙو شخص هندستان جي
ڪنهن به صوبي مان شايد وري پيدا ٿئي ۽ وزيراعظم پنڊت نهرو، مولانا آزاد سان نه رڳو
محبت ڪندو هو پر مولانا جي بيحد عقيدت جي حد تائين عزت ۽ احترام ڪندو هو. پر ايئن
به ناهي ته پنڊت جواهر لال نهرو جڏهن مولانا سان ملڻ آيو ته هن سنتريءَ کي حڪم ڪري
ڇڏيو هو ته خبردار پنڊت نهروءَ کي ڪنهن به حالت ۾ مولانا جي آفيس ۾ گهڙڻ نه
ڏجانءِ!
مولانا آزاد ۽ پنڊت نهروءَ جي مٿين ڳالهه نه ته ڪامريڊ
مير محمد ٽالپر جي اکين ڏٺي آهي ۽ نه ڪنن ٻڌي آهي، ڇاڪاڻ ته اها ڳالهه ديوان سنگهه
”مفتون“ جي ڪتاب ”ناقابل فراموش“ ۾ لکيل آهي. ديوان سنگهه مفتون پنهنجي ڪتاب ”ناقابل فراموش“ جي صفحي ۶۱۷ تي لکي ٿو؛ ”اڀي باتين هوئي ٿِين ڪه آپ ڪي سيڪريٽري محمد اجمل خان صاحب
ڪمري مين داخل هوئي اور آپ ني ڪها ڪه پنڊت جواهر لال نهرو ڪا ٽيليفون آيا هي، وه
دس بجي ملني ڪي لئي آ رهي هين. يه سن ڪر مولانه ني اجمل خان صاحب سي ڪها ڪه جواهر
لال جي سي ڪهدو ڪه وه ۱۱ بجي آئين، مين اڀي
باتين ڪر رها هون. مولانا ڪا جواب سن ڪر اجمل خان صاحب تو پنڊت جواهر لال نهرو ڪو
ٽيليفون ڪرني چلي گئي اور مين حيران ڪه هندستان ڪا وزير تعليم، يهان ڪي وزيراعظم
ڪو ڪهه رها هئي ڪه اڀي نه آئين وه اڀي باتين ڪر رهي هين. پر مين ني محسوس ڪيا تو
يه خلاف توقع نهين، ڪيون ڪه پنڊت جواهر لال جِي مولانا ڪي ايسي هي عزت ڪرتي هين،
جيسي ڪوئي شخص اپني بزرگون ڪي ڪرتا هي. مولانا ڀي پنڊت جِي ڪو اپنا عزيز سمجهتي
هين. هم ني ڦر باتين شروع ڪي ٿين ڪه اجمل خان صاحب ڦر آئي، اور انهون ني بتايا ڪه
پنڊت جي تو اپني ڪوٺي (بنگلي) سي چل چڪي هين اور پنڊت جي ڪي سيڪريٽري ني بتايا ڪه
وه پهلي راڌا ڪرشن هندستان ڪي صدر ڪي هان جائين گي، اور وهان سي يهان تشريف لائين
گي. يي سن ڪر مولانا ني ڪها ڪه راڌا ڪرشن جي ڪي هان فون ڪردو ڪه اڀي مين مصروف
هون، وه ۱۱ بجي آئين. اس پر اجمل خان ني
عرض ڪيا ڪه چند گز ڪي فاصلي پر راڌا ڪرشن جِي ڪِي ڪوٺي هي، پنڊت جي ۱۱ بجي تڪ ڪهان انتظار ڪرتي رهين گي؟ يه سن ڪر مولانا ني اپني جيب سي گهڙي
نڪالي اور ديکا ڪه دس بجني مين اڀي دس منٽ باقي هين، چنڊ لمحي آپ ني سوچا اور ڪها
ڪه اڇا آني دو، ڪيا حرج هي. مين ني جب يه ڪيفيت ديکِي تو مين کڙا هوگيا اور عرض
ڪيا ڪه آپ بهت مصروف هين، اور پنڊت جي ڀي آ رهي هين، مجهي اجازت دِيجِيي، مين جانا
چاهتا هون. اس پر آپ ني ڪها ڪه؛ نهين دس بجني مين دس منٽ باقي هين. ٿوڙي دير بيٺيي.
ڦر باتين شروع هوئين، مگر مين محسوس ڪر رها ٿا ڪه ميرا بيٺنا مناسب نهين هي. پانچ
منٽ گذري، مين ڦر کڙا هو گيا اور ڪها اجازت ديجيئي مين جا رها هون، پنڊت جي آتي هي
هون گي. اس پر آپ ني ڪها اڇا جائين، مگر مجهي آپ سي اور ڀي باتين ڪرني هين، ڪسي
روز ڦر آئيي، اور اجمل خان سي فون پر وقت مقرر ڪر ليجيي. مين ني سلام ڪيا اور ڪمري
سي باهر آيا تو ديکها باهر سڙڪ پر دوڙ ڌوپ جاري هي. ڀنگي سڙڪ صاف ڪر رهي هين اور
ڇهه سات پنڊت جي ڪي انتظار مين کڙي هين. مين اپني ٽيڪسي مين واپس اپني دفتر آگيا
اور راستي مين سوچتا رها ڪه مولانا ڪا مرتبه اور پوزيشن ڪس قدر بلند هي ڪه آپ
وزيراعظم سي ڀي ڪهه سڪتي هين ڪه اڀي فرصت نهين، ايڪ گهنٽا بعد آئيي.“
پڙهندڙ پاڻ اندازو لڳائين ته ڪامريڊ مير محمد ٽالپر،
ديوان سنگهه مفتون جي لکيل ڳالهه جو ڪيڏو نه سٺو ۽ سليس ترجمو ڪري پنهنجي طرفان
اهو به لکي ڇڏيو ته ديوان سنگهه مفتون جڏهن مولانا آزاد جي ڪمري مان نڪتو ته
دروازي تي ڪار ۾ انڊيا جو وزيراعظم منتظر هو! ڪيڏو نه سٺو ٿئي ها ته ڪامريڊ مير
محمد ٽالپر مٿين ڳالهه لکندي ديوان سنگهه مفتون جي ڪتاب ”ناقابل فراموش“ ۽ صفحي جو حوالو به لکي ڇڏي ها!
Very nice.
ReplyDelete