09/10/2012

سمالوچنائون - پروفيسر مينا گوپ روپچنداڻيءَ جو ڪتاب - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

سمالوچنائون
 پروفيسر مينا گوپ روپچنداڻيءَ جو ڪتاب
رکيل مورائي
مان اڳ ۾ به پروفيسر مينا گوپچنداڻي صاحبه بابت سندس ڪتاب ”پروفيسر“ پوپٽي هيراننداڻي، تي لکي چڪو آهيان ته دادي مينا روپچنداڻي اسان جي بزرگ لکندڙ آهي ۽ خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته هوءَ ٻاهتر سالن جي وڏي ڄمار هوندي به مسلسل لکي رهي آهي، جيتوڻيڪ پاڻ سڄي ڄمار هڪ تعليمي ماهر طور گذاري اٿن، ساڳئي وقت ادب سان به سندن لاڳاپو جڙيو رهيو آهي، جنهن جو مثال هيءُ ڪتاب آهي، جنهن جو نالو آهي ”سمالوچنائون“. هن ڪتاب ۾ لڳ ڀڳ ڇاهٺ ڪتابن بابت مختصر تنقيدي ۽ تعريفي ۽ مهاڳي ليک آهن، جيڪي دادي مينا ڪتابن پڙهندي، ڪتابن جي تبصري ۽/يا مهاڳ طور لکيا آهن، جن مان ڪجهه الڳ الڳ هنڌن تي ڇپيا آهن ۽ ڪجهه اڻ ڇپيل آهن.
هيءُ ڪتاب ساميءَ جي مٽ مان نڪتل ليکن مثل آهي، جنهن جو ڪجهه حصو هن ڪتاب ۾ شامل آهي ۽ اڃا پوئتي رهيل آهي، جيڪو ستت ئي اچي ويندو. ائين به چئي سگهجي ٿو ته هيءَ دادي مينا جي اها ميڙي چونڊي آهي، جيڪا هن پنهنجي ادبي عمر گذارندي الڳ وقتن تي جمع ڪئي هئي ۽ هاڻ اها حصن ۾ ظاهر ٿي رهي آهي. ڪتاب پڙهندي ڪيترن ئي ڪتابن پڙهڻ جي خواهش جاڳي ٿي جن تي اسان جي هن مانواري ليکڪه تبصرا ڪيا آهن، پر اهو ممڪن ڪٿي آهي! گهٽ ۾ گهٽ هن ڪتاب کي سنڌ جو ڪو به ليکڪ پڙهي، سنڌيءَ ۾ ڇپيل ڇاهٺ ڪتابن کان واقف ٿي ويندو جيڪا پنهنجي ليکي خود چڱي حاصلات آهي. هي مختصر مضمونَ اڀياس نه آهن ۽ انهن مان اهڙي توقع به نه رکڻ گهرجي، پر انهن ۾ ڪيترائي ٻيا پهلو آهن، جيڪي ظاهر ٿي بيهن ٿا، تنقيدي نظر به انهن تي آهي، ته تعريفي نظر به، ته تعميري ۽ تخليقي به! ائين گڏي سڏي منو سَو ڪتاب اکين اڳيان اچي وڃن ٿا هڪ ڪتاب ۾ بند، جيڪي ٻيءَ طرح هڪ هنڌ نظر نه اچي سگهندا. انهن ڪتابن جا تعارف پڙهندي ڄاڻ ۾ اضافو ٿئي ٿو، جنهن لاءِ اسان کي ليکڪا جو ٿورائتو ٿيڻ گهرجي، هڪ سَو چوهتر صفحن جو هيءُ ڪتاب الهاس نگر مان ڇپيو آهي ۽ ڪتاب جو ملهه هڪ سَو پنجهتر رپيا  آهي.

No comments:

Post a Comment