19/10/2012

جواد جعفريءَ جي شاعري - فياض لطيف (Fayaz Latif)

شاعري روح جي رياضت آهي
(جواد جعفريءَ جي شاعري)
فياض لطيف

اڄ جي مشيني ۽ مصروف دور ۾، توڙي جو زندگيءَ سان لاڳاپيل ڪيترين ئي صداقتن سان گڏ ادب ۽ شاعريءَ جي ڪارج جا معيار ۽ قدر به وقت جي تبديلين ۽ معروضي حالتن سان تبديل ٿي چڪا آهن، پر ان جي باوجود هڪ سُچيت، صيحتمند، سالم ۽ باشعور جياپي ۽ ڪاروهنوار ۾ ادب ۽ آرٽ جي وقعت اڄ به اتم ۽ ممتاز آهي. اهوئي سبب آهي، جو ڪافڪا جھڙي وجودي ۽ ناستڪ قلمڪار کي به اعتراف ڪرڻو پيو ته: ”writing is a form of a prayer
(لکڻ به هڪ عبادت وانگر آهي .
اڄ جڏهن فرد کان وٺي قومن تائين ۽ قومن کان وٺي مختلف معاشرن جي سموري مخلوق ذهني انتشار، ويڳاڻپ، عدم تحفظ، بي سڪوني ۽ عجيب نفسياتي اُلجھنن جو شڪار بڻيل آهي، تڏهن سچ ته اهو فقط ادب ۽ آرٽ ئي آهي، جنهن جي بدولت دنيا ۾ سونهن ۽ سچائي، احساس ۽ آجپي، تهذيب ۽ شائستگي، اعتماد ۽ آنند جو ٿورو ڪي گھڻو وجود قائم آهي.
شاعر ۽ سرجڻهار، سماجي سچائين جي عڪاسي ڪرڻ سان گڏوگڏ روح ۽ دلين جي داخلي دنيا جا سفير به هوندا آهن ۽ جواد جعفريءَ جو نالو به اهڙن سُماني سرجڻهارن ۾ شامل آهي. جواد سنڌي شاعريءَ جي 1990ع واري دور جي اڀري آيل کيپ منجھان اهو نمايان ۽ سگھارو نانءُ آهي، جنهن پنهنجي مستقل مزاجي، مسلسل مشق، سٺي مطالعي، مشاهدي ۽ شاعري سان فطري انس ۽ عشق واري جذبي تحت، سنڌي ساهت کيتر ۾، نه رڳو سٺو نانءُ ۽ ناموس ڪمايو آهي، پر هن پنهنجي تخليقي اظهار لاءِ ٿوري عرصي اندر ئي نوان فني ۽ فڪري گس ۽ پيچرا به ووڙي ورتا آهن. هن لتاڙيل ۽ اُڌاري ڊڪشن بدران شاعريءَ ۾ پنهنجي احساس ۽ اظهار جي نئين دنيا تخليق ڪئي آهي، جيڪا رومانوي ۽ رنگين به آهي، ته پُرتاثير ۽ پُر معنى به. هن جي شاعريءَ ۾ ترڪيبن ۽ تشبيهن جو هڪ نئون جھان نظر اچي ٿو، جيڪو رڳو تخيلي نه، پر زندگيءَ جي سچائين ۽ سندرتائن سان سلهاڙيل ۽ سنجوڳي آهي.

توکي چاهيوسي زندگي وانگي
ٿي نه حاصل سگھئين خوشي وانگي.
آءٌ ميلي ۾ ٻار وانگر، تون
گم ٿئين سمنڊ ۾ سئي وانگي.
پيار تنهنجو پرين! ملم جھڙو
آنءُ ڦٽڪا لڳل پُٺي وانگي.
جواد جي غزل جي مٿئين شعرن ۾ شاعراڻي ڪرافٽنگ، نفاست، نازڪ خيالي، تشبيهي حسن ۽ جمال ته آهي ئي آهي، پر هن هڪ شعر ۾ اصل لفظ ”مرهم“ بدران عام مروج لفظ ”ملم“ استعمال ڪري، شعر ۾ جنهن سادگي ۽ معصوميت جي احساس کي اظهاريو آهي، اهو هڪ طرف عجيب آنند ۽ آٿت جي احساس کي پيش ڪري ٿو، ته ٻي طرف ان شعر جي ٻي سٽَ اضطراب ۽ اذيت جي هڪ انوکي ڪيفيت کي عيان ڪري ٿي.
مثال طور: جڏهن غزل جي پهرين سٽَ ”پيار تنهنجو پرين! ملم جھڙو“ ٿي پڙهجي، تڏهن ٻي سٽَ ”آءٌ ڦٽڪا لڳل پُٺيءَ وانگي“ ۾ پيش ٿيل درد ۽ تڪليف جا احساس ڄڻ ته پيار جي ملم واري تاثير سان ٺري پون ٿا ۽ ائين پُٺيءَ تي ڦٽڪن جي احساس جي اذيت پيار جي ملم سان ماٺي ٿيندي محسوس ٿئي ٿي. ساڳي معنوي خوبصورتي ۽ احساساتي حيرت سندس مذڪوره غزل جي هيٺئين شعر ۾ پڻ ڪمال شاعراڻي ندرت ۽ نرملتا سان پيش ڪئي وئي آهي.

تنهنجي وڇڙڻ کان پوءِ تنهنجو قسم!
ڇانو ساڙي ٿي ڌرتتي وانگي!
 پرينءَ جي وڇڙڻ کان پوءِ ڇانو جو ڌرتتيءَ جيان ساڙڻ، ڪيتري نه اثرائتي، اڇوتي ۽ فڪرانگيز شاعراڻي ترڪيب آهي. حقيقت ۾ شاعري هوندي ئي نرالي احساس ۽ فڪر جي انوکي اظهار جو جمالياتي نانءُ آهي. جواد جي شاعريءَ جي مجموعي مطالعي کان پوءِ اهو وشواس سان چئي سگھجي ٿو، ته هن جو شاعريءَ سان وندر ۽ وقت گذاري وارو تعلق نه، پر عشق ۽ عبادت وارو سُٻنڌ آهي. انهيءَ ڪري ئي هو بي ساخته طور شاعريءَ لاءِ چوي ٿو:

پيار پنهنجو بنائي مذهب
شاعريءَ ۾ مون عبادت ڪئي آ.
           يا

جا وڃي لفظن جي چپن سان گُھري
شاعري اهڙي دعا جي ڳالھ آ.
جواد جعفريءَ کي توڙي جو ناناڻڪي خاندان کان شاعري ورثي ۾ ملي آهي. سندس نانو نواز علي نياز جعفري ڪهنه مشق ۽ نام ڪٺيو ڪوتاڪار هو، پر حقيقت اها آهي، ته جيستائين ڪنهن به شاعر ۾ فطري طور وجداني سرمستي ۽ فڪري استغراق نه ٿو هجي، تيستائين بي جان لفظن جي بدن ۾ احساس ۽ آجپي جو روح اوتڻ بنھ ناممڪن آهي. جواد جي پرورش ۽ پالنا يقينن هڪ پڙهئي لکئي گھراڻي ۾ ٿي آهي ۽ سندس نانا نواز علي نياز جعفري جي شاعراڻي صحبت جا اثر به مٿس ضرور پيا هوندا، پر اها جواد جي پنهنجي لوچ ۽ لگن آهي، جنهن ڪري ئي هو دل جي لهوءَ مان قلم ٻوڙي شاعريءَ جون ههڙيون سهڻيون سِٽون سرجي سگھيو آهي.

ضابطي هيٺ حالات، آئي ته ڇا!
گھر سڙڻ بعد برسات، آئي ته ڇا!

نيڻ ئي ننڊ سان، جي نه هوندا ٺهيل
پوءِ سپنا کڻي رات، آئي ته ڇا!
نثر جي ڀيٽ ۾ هونءَ ته شاعري ڪيترن ئي فڪري ۽ فني سببن ڪري مختلف، منفرد ۽ وڌيڪ اثرائتي آهي، پر ان جو هڪ سگھارو سبب ٿوري لفظن ۾ وڏي ڳالھ پيش ڪرڻ آهي، يعني ڪوزي ۾ سمنڊ سمائڻ واري خوبي ئي شاعريءَ کي ٻين اظهار جي ذريعن کان نرالو ۽ وڌيڪ اثرائتو بڻائي ٿي ۽ جواد وٽ لفظن جي ڪوزي ۾ فڪر ۽ خيال جو سمنڊ سمائڻ واري اها شاعراڻي خوبي سچ ته سگھاري ۽ سيبائتي آهي.

ها، فنا هوندي بقا جي ڳالھ آ
شخص هڪڙي ۾ خدا جي ڳالھ آ.

زندگيءَ جي ڳالھ ڇڏ، هي زندگي
بي وفا، ها بي وفا جي ڳالھ آ.

فرق ئي هاڻي نه ٿو محسوس ٿي
سنڌ جي يا ڪربلا جي ڳالھ آ.
شاعرن جون دليون پکين جيان هونديون آهن يا پکين جا روح شاعرن وانگر هوندا آهن، انهيءَ لاءِ وثوق سان ته ڪجھ نه ٿو چئي سگھجي، پر ايترو يقين سان چئي سگھجي ٿو، ته شاعرن جا احساس پکين جيان معصوم ۽ پکين جي پرواز شاعرن جي خيالن ۽ خوابن جيان آزاد هوندي آهي.

گل ۽ پٿر شاعر سان ڳالهائن ٿا
ماڻهو جت ماڻهوءَ جي ڳالھ نه ٿو سمجھي!
جواد جعفريءَ جي شاعري خيال ۽ فڪر جي حوالي سان ڪلاسيڪيت ۽ جديديت جو خوبصورت سنگم ڀاسي ٿي. توڙي جو هن جي شاعري جو گھڻي قدر محور ۽ مرڪز محبت ۽ پيار آهي، پر اهو ”پيار“ روايتي شاعرن جيان فقط حُسنِ جانان جي جلون ۽ جمال تائين محدود ڪونه آهي، پر ان ۾ تصوف جي احساساتي رمزن کان وٺي ڌرتي جي مسئلن ۽ قدرت جي فطري حُسن ۽ حقيقت تائين جون ڪثرتون موجود ملن ٿيون. اهو ئي سبب آهي، جو هو هڪ ئي وقت پنهنجي شعرن ۾ جديد پاليوشن جي دور ۾ پرينءَ لاءِ آڪسيجن جهڙي سائنسي ترڪيب به استعمال ڪري ٿو، ته علامتن ۽ استعارن جي خوبصورت اظهار ذريعي پنهنجي من جون منشائون به بيان ڪري ٿو. حقيقت ۾ هن لاءِ شاعري اظهار جو موثر، محبوب ۽ موهيندڙ ذريعو آهي.

آڪسيجن جيان ٿي لڳين
پاليوشن جي طوفان ۾!
        ......

هن کان وڌ هاڃو ڀلا ڪهڙو هجي
ڀونءِ تي بي وارثن جيئن ٿا رهون!

مون کي رُلندو ڏسي راھ ۾ هيڪلو
مون سان گڏ پيرڙا ٿي کڻي چاندني!

وڇڙنداسين ته پوءِ زندگي لئه ڀلا
ساٿ جي هام ڇو ٿي هڻي چاندني!
داغستاني سرجڻهار رسول حمزه رسول توف پنهنجي ڪوتا ڪتاب ۾ شاعر ۽ شاعريءَ بابت هڪڙي سهڻي ۽ ڏاڍي ڪارائتي ڳالھ ڪئي آهي. هو چوي ٿو:
“Poetry is not a travel guide. It is the study of human. It is not the geography of world but the geography of the restless heart of man. Poetry is not of course a planned economy. Yet every poet in my view like every citizen has his own clearly expressed set of beliefs. A writers life is judged not by his years but by his books and there is no better measure of person than his work, by his work you judge his flights and falls, his glory or lack of it.’’
(شاعري ڪا سفري گائيڊ نه، پر انسان ذات جو اڀياس آهي. اها دنيا جي جاگرافي نه، پر ماڻهوءَ جي بي چين من جي تصوير آهي. شاعري سچ ته ڪائي منظم معاشيات به ڪانهي، پر ان جي باوجود منهنجي خيال ۾ هر شهري وانگر هڪ شاعر جو پنهنجو منظم ۽ واضع نظم ۽ ضبط هجي ٿو. هڪ ليکڪ جي زندگي جو ليکو چوکو ان جي عمر جي سالن مان نه، پر سندس تخليقن منجھان ڪري سگھبو آهي، ڇو ته ماڻهوءَ جو ڪم ئي ان جي حقيقي شناخت هوندو آهي. ان جي ڪم مان ئي ان جي عروج ۽ زوال، ان جي خوبين ۽ خامين جو بخوبي اندازو لڳائي سگھبو آهي. )
جواد جعفري پنهنجي ٿورڙي ادبي ۾ عمر ۾ جيڪو تخليقي پورهيو ڪيو ۽ ان جي موٽ ۾ جيڪا کيس پذيرائي ۽ محبت ملي آهي، اها جيون ۾ چند خوش نصيب سرجڻهارن کي ئي  پلئه پوندي آهي. سنڌ ۾ ڪيسٽ جي سنجيده شاعري کان وٺي ادبي رسالن ۾ ڇپجندڙ معياري شاعريءَ تائين، جديد ٽهيءَ جي حوالي سان، جن سرجڻهارن جا نالا بنا ججھڪ جي کڻي سگھجن ٿا، انهن ۾ جواد جو نالو نمايان آهي. ڪيسٽ جي دنيا ۾ جيئن سنجيده شاعريءَ جي حوالي سان استاد بخاري، احمد خان مدهوش ۽ شيخ اياز جي شاعري کي فنڪارن ڳايو آهي، ائين نئين ٽهيءَ جي شاعرن مان سڀ کان وڌيڪ جواد جي شاعري ئي ڳائي وئي آهي. ان نسبت سان هو گھڻو مقبول ۽ معروف شاعر آهي.
جواد پنهنجي تخليقي پورهئي ۾ پنهنجي ڪوتائن سان انتهائي پُرخلوص آهي. هو پنهنجي جذبي ۽ اظهار جي اڻ جھل اُٿل سان بي جان لفظن ۾ رنگ ۽ روح پرٽڻ جو چڱو هنر رکي ٿو، پر سندس شاعريءَ ۾ ڪٿي ڪٿي فني ۽ فڪري جھول به نظر اچن ٿا. هو پنهنجي اظهار ۾ ڪيترن هنڌن تي ڪوشش جي باوجود، پنهنجي خيالن کي چٽائي سان بيان ڪري نه سگھيو آهي، نتيجي ۾ سندس شاعري جون ڪيتريون ئي سِٽون معنوي ۽ فڪري حوالي سان مبهم ۽ ايسٿما جي بيماري ۾ ورتل ٻار جيان ڪمزور ۽ نٻل ڀاسن ٿيون. مثال لاءِ هيٺ چند غزلن جا شعر پيش ڪجن ٿا.

مون پڇيو ڇاهي ترشنا؟
پنهنجا ڪجھ فوٽا رکي ويو!
    ........
سونهن نيڻن سان پي رهيا آهيون
ڍڪ ڍڪ سان بکي رهيا آهيون!
                   .........
 هن ڪلي کي ٽِڙڻ جو گھڻو شوق هو
نيٺ هڪ ڏينهن بهارن ۾ ڦاسي وئي!
                                     ...........
 مرڪي نه جنهن نهاريو جواد عمر ڀر
ڪاٿو ڪري رهيو آ پنهنجي ثوابن جو!
پهرين شعر جي پهرين سٽ ۾ شاعر سواليه انداز ۾ پڇي ٿو ته، ”پياس ڇا آهي؟“ اهو سوال شاعر جي خود ڪلامي به آهي، ته هو ڪنهن ٻي سان مخاطب به آهي. شاعر جنهن سان هم ڪلام آهي، جنهن کان تشنگي جو مفهوم معلوم ڪرڻ چاهي ٿو. اهو سندس سوال جي موٽ ۾ وٽس پنهنجا فوٽو رکي وڃي ٿو. پهرين سٽ پنهنجي احساس ۽ اظهار ۾ ڀرپور ۽ برجستي آهي، پر ٻي سٽ ان جي ڀيٽ ۾ معمولي ۽ بي تڪي لڳي ٿي، جنهن ڪري ٻنهي سٽن جو معنوي ميل نه ٿو جڙي، نتيجي ۾ شعر پنهنجو تاثراتي احساس ۽ اثر وڃائي ويهي ٿو. ساڳيو حال ٻي نمبر شعر جو آهي، جنهن ۾ پهرين سٽ، ”سونهن نيڻن سان پي رهيا آهيون“ پنهنجي مفهوم توڙي اظهار ۾ انتهائي ڀرپور ۽ مڪمل آهي، پر ان جي ٻي سٽ ”ڍڪ ڍڪ سان بکي رهيا آهيون“ بي چسي ۽ انتهائي اڻ سونهندڙ ٿي ڀاسي. ”سونهن کي نيڻن سان پيئڻ“ خوبصورت شاعراڻي ترڪيب آهي، ان سان ”ڍڪ ڍڪ سان بکڻ“ واري ترڪيب جي استعمال، شعر جي ساري مفهوم ۽ حسن کي سچ ته ڏاڍو ڇيهو رسايو آهي. ”ڍڪ ڍڪ سان بکي رهيا آهيون“ بدران جيڪڏهن ”ڍڪ ڍڪ سان جي رهيا آهيون“ استعمال ٿئي ها، ته شعر نه رڳو معنوي حوالي سان مڪمل لڳي ها، پر پڙهندڙ تي اهو پنهنجو ڀرپور احساساتي ۽ جمالياتي اثر پڻ ڇڏي ها.
ٽيون ۽ چوٿون شعر پڻ معنوي مونجھاري ۽ هوائي مبالغه آرائيءَ جو شڪار آهي، جنهنڪري اهي دل ۽ دماغ تي ڪوئي فڪري ۽ احساساتي تاثر ڇڏڻ کان قاصر آهن. ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي، ته جواد جي ججھي شاعري اهڙي آهي، جيڪا روح کي گرمائي ۽ من جي ستل تارن کي مضطرب ڪري ڇڏي ٿي. بيشڪ هن جي شاعريءَ ۾ مذڪوره ڪميون اٽي ۾ وار برابر آهن، پر جواد جھڙي برجستي شاعر جي شاعريءَ ۾ اهي ننڍڙيون ڪميون به نه ٿيون سونهنِ. آءُ کيس انهن ننڍڙين ڪمين ڏانهن سنجيدگيءَ سان ڌيان ڏيڻ ۽ انهن جي اصلاح ڪرڻ جي پُرخلوص وينتي ڪندس ۽ کيس اهو پڻ ڌيان تي آڻڻ چاهيندس، ته هڪ سڄاڻ سرجڻهار کي نه رڳو  هجومن ۾ پنهنجي هڪ نرالي حيثيت جوڙڻي هوندي آهي، پر ان سان گڏوگڏ ان جڙيل حيثيت جي حفاظت پڻ ڪرڻي هوندي آهي.

No comments:

Post a Comment