عبدالغفور ڀرڳڙي جي ڪتاب ’زندگيءَ جو سفر‘ ۾
رومي، شاھ ۽ اقبال جو فڪر
احسان دانش
ڪتاب ’زندگي جو سفر‘ جنهن
شخصيت جو تحرير ٿيل آهي، ان شخصيت جو مان هڪ عرصي کان مداح رهيو آهيان. ان ۾ ڪو شڪ
ناهي ته سائين عبدالغفور ڀرڳڙي جي شخصيت هر لحاظ کان هڪ متاثر ڪندڙ شخصيت آهي.
سندس شخصي ڏيل ڏسجي يا علمي قابليت، ٻنهي حوالن سان هو پنهنجو مٽ پاڻ آهي. هن
تاريخ، تصوف ۽ سياست جي حوالي سان نه رڳو گھڻو ڪجھ پڙهيو آهي پر انهن موضوعن تي
سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪافي ڪجھ لکيو به آهي. قائدِ اعظم محمد علي جناح جي شخصيت، فڪر ۽
ڪردار تي لکيل هڪ ضخيم ڪتاب ’ساٿ ڌڻي سرواڻ‘ ۽ تصوف جي رمزيت ۽ رومي شاھ ۽ اقبال جي فڪر جي پرچار
جي حوالي سان سندس لکيل ڪتاب ”زندگيءَ جو سفر“ ان جو وڏو مثال آهن.
هن مختصر تحرير ۾
آءٌ ڪتاب ’زندگيءَ جو سفر‘ جي حوالي سان ٻه چار ڳالهيون ڪندس. هن ڪتاب ۾ ليکڪ ٽن
اهڙن وڏن شاعرن کي گڏ ڪيو آهي جيڪي پنهنجي پنهنجي زبان جا نهايت عظيم شاعر آهن. نه
رڳو اهو، پر وٽن فڪري هم آهنگي پڻ ملي ٿي. مون کي هن ڪتاب جي پهرين ڇاپي جي مطالعي
جو موقعو گھڻو وقت اڳ مليو هيو ۽ انهي وقت کان آءٌ سائين عبد الغفور ڀرڳڙي جي علمي
لياقت جو معترف آهيان. جڏهن آءٌ پهريون ڀيرو هي ڪتاب پڙهيو هو ته اهو خيال آيو هو
ته آخر هن ڪتاب جو نالو ’زندگيءَ جو سفر‘ ڇو رکيو ويو آهي، جنهن جو ان وقت خاطر
خواھ جواب سمجھ ۾ نه آيو هو، پر هاڻي ٻيهر مطالعي بعد ڀانئيم ته ڪتاب جو نالو بلڪل
مناسب آهي، ڇو ته هن ڪتاب ۾ نه رڳو رومي، شاھ ۽ اقبال جي زندگيءَ جي سفر جو ذڪر
آهي، پر ان ڳالھ تي زور ڏنو ويو آهي ته انهن ٽنهي شاعرن ۽ مفڪرن کان رهنمائي حاصل
ڪندي، زندگي جي حقيقت کي سمجھي سگھجي ٿو ۽ اهڙيءَ طرح زندگيءَ جو سفر آسان ٿي سگھي
ٿو.
328 صفحن وارو هي
ڪتاب خوبصورت چار رنگي ٽائيٽل سان سنواريل آهي، جنهن جي ٽائيٽل ۽ بئڪ ٽائيٽل تي
اقبال ۽ رومي جا شعر ڏنل آهن. جڏهن ته ٽائيٽل يا بئڪ ٽائيٽل تي لطيف جي بيت جي کوٽ
محسوس ٿئي ٿي. هي ڪتاب 13 جدا جدا عنوانن يا بابن تي مشتمل آهي. هر باب ۾ لاڳاپيل
عنوان متعلق ڀرپور ڄاڻ ڏنل آهي.
هن ڪتاب جي پهرين
ڇاپي جي ديباچي ۾، سائين عبد الغفور ڀرڳڙي هر وڏي ماڻهو وانگر علم جا ڀنڊار رکڻ
باوجود پاڻ کي ناچيز ڄاڻايو آهي. هو لکي ٿو: ”گھڻي ذهني ڪشمڪش ۽ تامل بعد تصوف جي
اهم موضوع تي قلم کنيم. نه صوفي آهيان، نه تصوف جي ڄاڻ بابت ڪا دعوى ڪري سگھان ٿو.
نه صاحبِ علم و عمل آهيان، نه ئي اديب يا اهل قلم. پر الله تو آهر چئي هن درياھ ۾
گھڙيس....“ پر حقيقت اها آهي ته هي ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ ڪوبه علم ۽ عقل وارو ماڻهو
ڀرڳڙي صاحب جي ان راءِ سان متفق نه ٿيندو.
هن ڪتاب ۾ ترتيب،
دور کي مدِ نظر رکندي ڏنل آهي، تنهنڪري جتي به رومي، شاھ ۽ اقبال جو ذڪر آيو آهي،
اتي ان ترتيب کي ضرور نظر ۾ رکيو ويو آهي. انهي حوالي سان ڪتاب ۾ سڀ کان پهريان
انهن ٽنهي عظيم شاعرن جي زندگي جو احوال ۽ سندن زندگي سان لاڳاپيل اهم شخصيتن توڙي
واقعن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. سڀ کان اول مولانا رومي جي زندگي جو احوال لکيل آهي،
جنهن ۾ سندس ڪردار ۽ زندگي جي الڳ الڳ دورن تي روشني وجھندي، سندس دور جي سياسي ۽
سماجي حالتن جو نقشو چٽيو ويو آهي. هن باب ۾ صليبي جنگين، منگولن جي تباھ ڪاري ۽ بغداد
جي تباهي جو پڻ ذڪر آهي جنهن بعد امام غزالي ۽ شمس تبريز جي حوالي سان خصوصي احوال
آهي. هن ئي عنوان ۾ مولانا رومي ۽ شمس تبريز جي ويجھڙائپ توڙي وڇوڙي جو پڻ ذڪر ٿيل
آهي.
ڪتاب ’زندگيءَ جو
سفر‘ جو ٻيو عنوان شاھ لطيف جي زندگي جي احوال تي مشتمل آهي جنهن ۾ نه فقط ڀٽائي
جي ولادت، حسب نسب، تعليم ۽ شادي وغيره جو ذڪر آهي پر سندس دور تي پڻ گھڻ رخي
روشني وڌل آهي. جنهن بعد ليکڪ شاھ جي رسالي جو مختصر تعارف ڪرائيندي ان ڳالھ تي
ڌيان ڇڪايو آهي ته لطيف سان عقيدت رکندڙن ۾ هڪ طبقو اهڙو به آهي جيڪو شاھ جي ڪلام
جي ضخامت وڌائڻ ۾ شاھ جي عظمت سمجھي ٿو جڏهن ته ان رجحان ڀٽائي جي ڪلام کي نقصان
ڏنو آهي ۽ ان ۾ ڪيترو ئي ڌاريو ڪلام شامل ٿي ويو آهي، جنهن کي ڇنڊ ڇاڻ جي گھڻي
ضرورت آهي. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جون ڪوششون ساراھ جوڳيون آهن، جنهن
شاھ جي ڪلام مان وڏي تحقيق بعد ڌارئي ڪلام کي ڌار ڪيو آهي. هن باب ۾ شاھ لطيف جي
پنهنجي دور جي بزرگن خواجه محمد زمان، مخدوم محمد معين ٺٽوي، شاھ عنايت شهيد ۽
ميان صاحب ڏني فاروقي سان ڪيل ملاقاتن جو پڻ مختصر ذڪر ڪيل آهي.
ڪتاب جي ٽين باب ۾
علامه اقبال جي زندگي جو مختصر احوال بيان ٿيل آهي، جنهن ۾ سندس پيدائش کان لاهور
آمد ۽ يورپ ڏانهن روانگي يا سندس زندگيءَ تي يورپ جي اثرن وغيره جو خصوصي ذڪر ڪيو
ويو آهي. ان کان پوءِ اقبال جي شاعريءَ جي مختلف دورن تي ڳالهايو ويو آهي. جيئن
قوميت ۽ وطن پرستيءَ وارو دور (جنهن جو گھڻو تڻو اثر سندس شعري مجموعي بانگِ درا ۾
ملي ٿو)، شاعريءَ ۾ فلسفياڻي اثر وارو دور (جنهن ۾ اقبال خودي جي فلسفي تي وڌيڪ
زور ڏنو ۽ ان حوالي سان سندس ٻه شعري مجموعا اسرارِ خودي ۽ رموزِ بيخودي منظرِ عام
تي آيا.) انهيءَ دور ۾ علامه اقبال جي شاعري قوميت جي محدود تصور کان اڳتي وڌي
عالمي ڀائيچاري جو ڏس ڏئي ٿي ۽ سندس شاعريءَ ۾ مذهب جي حوالي سان نوان تصور اڀرن
ٿا جو هو چوي ٿو ته:
ان تازه خدائون
مين بڙا سب سي وطن هي
جو پيرهن هي اس
ڪا وه مذهب کا ڪفن هي
انهي دور ۾ اقبال
هڪ نظرياتي شاعر طور اڀرندي نظر اچي ٿو. جڏهن سندس شاعريءَ تي اسلام جي نام نهاد
مفتين ڪفر جون فتوائون ڏنيون تڏهن هن چئي ڏنو:
زاهدِ تنگ نظر
ني مجھي ڪافر جانا
اور ڪافر يه
سمجھتا هي مسلمان هون مين
هن باب ۾ علامه
اقبال جي سياسي ڪار گذارين توڙي سياسي ڪردار تي پڻ گفتگو ڪيل آهي ۽ وٽس عشقِ رسولﷺ
جي تصور کي پڻ اجاگر ڪيو ويو آهي.
هن ڪتاب جو چوٿون
باب نهايت اهم آهي، جنهن جو عنوان ئي آهي: ”رومي، شاھ ۽ اقبال جو لاڳاپو“ هن باب ۾
ڀرڳڙي صاحب ٽنهي عظيم شاعر جي فڪري ڳانڍاپي تي تمام جامع نموني لکيو آهي. هن باب
جي ابتدا ۾ ليکڪ ان اهم سوال جو جواب پاڻ ئي ڏنو آهي ته ڀلا کيس انهن ٽنهي شاعرن
تي ئي گڏ هڪڙو ڪتاب لکڻ جي ضرورت محسوس ڇو ٿي؟ ڀرڳڙي صاحب لکي ٿو: ”جيڪڏهن ڪو مون کان
پڇي ته هنن ٽنهي شاعرن جو انتخاب ڪيئن ۽ ڇو ڪيو اٿم، جڏهن ته ٽنهي جو واسطو جدا
جدا خِطن، جدا جدا دورن ۽ جدا جدا ٻولين سان آهي، ته جواب ۾ منهنجو عرض اهو ئي
ٿيندو ته هنن ٽنهي عظيم شاعرن جي شاعري هڪڙي ئي رشتي سان منسلڪ آهي ۽ اهو آهي تصوف،
جيڪو قلب ۽ نظر جي بيمارين لاءِ هڪ ترياق، انسان ذات ۽ ڪائنات جي مسئلن جو صحيح حل
۽ نفرت ۽ تعصب جي بيمارين جو واحد حل آهي. سندن شاعري قلب جي صفائي ڪري، نگاھ ۽ دل
۾ پاڪيزگي ۽ سوز پيدا ڪري ٿي. اها هن دنيا جي فلاح جو رستو ڏيکاري ٿي ته عقبى جي
عافيت جو به. هنن جي شاعري زندگيءَ جي سفر ۾ رهنمائي ڪري ٿي.“
مولانا رومي چيو
هو ته:
هم دلي از هم
زباني بهتر است
(همدلي هم زباني
کان بهتر آهي)
هو زبان کان وڌيڪ
اهميت دل کي ڏين ٿا. رومي جي زبان فارسي هئي، شاھ صاحب جي زبان سنڌي هئي ۽ علامه
اقبال جي زبان پنجابي هئي، ٻوليون ته سندن مختلف هيون، پر دل جي ٻولي ساڳي هين.
مولانا رومي شاھ ۽
اقبال ٻنهي جو پيش رو آهي ۽ سندس شاعريءَ جا فڪري اثر ٻنهي شاعرن تي محسوس ٿين ٿا.
مولانا رومي واحد شاعر آهي جنهن جو لطيف سائين پنهنجي ڪلام ۾ نالو وٺي ذڪر ڪيو
آهي.
طالب ڪثر، سونهن
سر، ايءَ روميءَ جي رهاڻ
پهريان ئي وڃائڻ
پاڻ، پسڻ پوءِ پرينءَ کي
مولانا جامي، رومي
جي شاعريءَ لاءِ چيو هو ته:
مثنوي و مولوي و
معنوي
هست قرآن در
زبانِ پهلوي
(مثنوي فارسي زبان
۾ لکيل قرآن آهي.)
ڀٽائي پنهنجي
شاعريءَ لاءِ چيو:
جي تو بيت
ڀانئيا، سي آيتون آهين
نيو من لائين،
پريان سندي پار ڏي
يا اقبال جي
شاعريءَ لاءِ چيو ويو ته:
وه شعر ڪه حياتِ
ابدي هي
يا نغمهءِ جبريل
هي يا بانگِ اسرافيل
ڪتاب جي مصنف ٽنهي
شاعرن جي شاعريءَ جي اهڙي هڪ جهڙائيءَ کي ئي هن باب ۾ ذڪر هيٺ آندو آهي، ۽ سگھارن
دليلن ۽ حوالن سان ثابت ڪيو آهي ته رومي، شاھ ۽ اقبال بنيادي طور هڪ ئي فڪري نڪتي
تي بيٺل آهن.
ڪتاب جي پنجين باب
جو عنوان آهي ”تصوف جو اصول“. هن باب جو خاص موضوع عشق آهي جنهن ۾ انسان ۽ عشق، عشق
۽ عقل، مجازي عشق ۽ ٻيا عنوان شامل آهن. هن ۾ ڀرڳڙي صاحب ٽنهي شاعرن جي شاعريءَ
مان مثال ڏئي عشق جي حقيقت سمجھائي آهي.
جيئن رومي چيو:
اين نه عشق است
اين ڪه در مردم بود
اين فساد از خوردن
گندم بود
(اهو عشق نه آهي
جو عام ماڻهن ۾ آهي، اهو فساد ته ڪڻڪ جي داڻي کائڻ سبب آهي.)
لطيف سائين
فرمايو:
عشق ناهي راند،
جيئن ڪي ڪنس ڳڀرو
جيءَ جسي ۽ جان
جي، ڀڃي جو هيڪاند
سسي نيزي پاند،
اڇل ته اڌ ٿئي.
يا
کامان پچان پڄران،
لڇان ۽ لوچان
تن ۾ تئونس
پرينءَ جي، پيئان نه ڍاپان
جي سمنڊ منهن
ڪيان، توءِ سرڪيائي نه ٿئي.
علامه اقبال چيو:
اگر هي عشق تو،
هي ڪفر بهي مسلماني
نه هو تو مردِ
مسلمان بهي ڪافر و زنديق
يا وري
عقل ڪو تنقيد سي
فرست نهين
عشق پر اعمال ڪي
بنياد رکھ
ڪتاب جو ڇهون باب
”عشقِ رسول“ جي عنوان سان لکيل آهي، جنهن ۾ ٽنهي شاعرن کي مضبوط دليلن سان عاشقِ
رسول ثابت ڪيو ويو آهي ۽ سندن شاعريءَ مان ڪيئي مثال ڏنا ويا آهن. باب ستون ”تصوف
جو بنياد ۽ ڪي مشهور صوفي“ جي عنوان تحت لکيل آهي جنهن ۾ نه رڳو تصوف جو بنياد
وجھندڙ صوفي بزرگن جو ذڪر آهي پر انهن عالمن ۽ ليکڪن جو پڻ خصوصي ذڪر آهي جن مختلف
دورن ۾ تصوف متعلق پنهنجا ويچار پيش ڪيا آهن. اٺون باب تصوف جي ٻن اهم لاڙن ”وحدت
الوجود ۽ وحدت الشهود“ متعلق لکيل آهي، جنهن بعد باب نائين ۾ ”توڪل ۽ تقدير“ جي
موضوع تي رومي، شاھ ۽ اقبال جي شاعري مان مثال ڏنا ويا آهن. باب ڏهين ۾ ”سماع، رقص
۽ شاعري“ جي حقيقت سمجھايل آهي. اهڙيءَ طرح يارهين باب ۾ ”رياڪاري ۽ رياڪار رهبر“
جي حوالي سان ٽنهي شاعرن جا تصور بيان ڪيا ويا آهن. ڪتاب جو آخري باب ”وطن ۽
وطنيت“ جي باري ۾ لکيل آهي ۽ ان موضوع تي پڻ ٽنهي عظيم شاعرن جي شاعريءَ مان ڪيئي
مثال ڏنا ويا آهن.
منهنجي
خيال ۾ هي ڪتاب نه رڳو تصوف سان دلچسپي رکندڙ ماڻهن لاءِ ڪارائتو آهي، پر هن ڪتاب
مان هر مڪتبهءِ فڪر جي ماڻهوءَ کي رهنمائي ملي ٿي، ڇو ته ”زندگيءَ جو سفر“ مان
رومي، شاھ ۽ اقبال جي آڱر وٺي اسين زندگيءَ جي حقيقت کي سمجھي سگھون ٿا. هي ڪتاب
تصوف جي رمزيت کان عشق جي حقيقت تائين انهن سمورن مرحلن کان آگاھ ڪري ٿو جيڪي اسان
جي روح جي ڪائنات ۾ تحرڪ پيدا ڪن ٿا. سچ ته سائين ڀرڳڙي صاحب جي قلم جي جنبش هن
ڪتاب کي هڪ علمي دستاويز بڻايو آهي. آءٌ سائين عبد الغفور ڀرڳڙي صاحب کي ههڙي فڪري
۽ ڳوڙهي موضوع تي هڪ بهترين ڪتاب لکڻ تي مبارڪ ڏيان ٿو.
WAH NICE SAIN
ReplyDelete