14/10/2012

شڪارپور هيريٽيج - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

شڪارپور هيريٽيج
(سنڌ آرڪائيوز پاران ڇپيل هڪ بيمثال ڪتاب)
رکيل مورائي

سنڌ جي اُترئين حصي جو نهايت اهم ضلعو شڪارپور اهڙو شهر آهي جنهن کي تاريخ ۾ پنهنجو هڪ الڳ مرتبو حاصل آهي. هيءُ شهر سنڌ جي اوائلي ڪاروباري شهرن مان هڪ اهم واپاري مرڪز رهيو آهي. تاريخ جي عروج ۽ زوال کي ڏسندڙ هيءَ شهر اهو شهر آهي جنهن دنيا کي پهريون بئنڪاري سرشتو ڏنو. نه رڳو اهو، پر هن شهر تاريخ، ادب ۽ هنر جي ميدان ۾ پنهنجو اهم حصو ادا ڪيو آهي جنهن جي تاريخ جي حصي ۾ پنهنجي حيثيت موجود آهي. ان حوالي ۾ سنڌ ۾ شايد ئي اهڙو شهر هجي جنهن تي شڪارپور جيترا ڪتاب لکيا ويا هجن.
تازو ئي سنڌ حڪومت جي آرڪائيوز واري کاتي، جتي ٻيا درجن کن اهم ڪتاب شايع ڪرايا آهن اتي شڪارپور تي به هڪ بيمثال ڪتاب شايع ڪرايو آهي، جنهن جو نالو آهي ”شڪارپور هيريٽيج“. هيءَ ڪتاب راڪيٽ سائيز ۾ شايع ٿيل آهي. نهايت اعليٰ چمڪدار پني تي شايع ٿيل هن ڪتاب ۾ شڪارپور ضلعي جي الڳ الڳ هنرن ۽ هنري دورن کي محفوظ ڪيو ويو آهي ۽ الڳ حصن جي تعارف سان گڏ انهن حصن ۾ انهن تاريخي هنرن کي تصويرن جي شڪل ۾ محفوظ ڪيو ويو آهي جنهن ۾ شڪارپور جا اهي سڀ تاريخي ماڳ مڪان، ڀيڻون ۽ اهم جڳهيون ۽ انهن ۾ استعمال ٿيل هنر محفوظ ڪيا ويا آهن. ايئن شڪارپور هڪ بيمثال نموني سان ۽ پنهنجي مرتبي سان محفوظ ڪئي وئي آهي. شڪاپور ضلعي اڄ تائين تاريخ جا جيڪي ظلم سٺا آهن انهن جو اثر اڄ هن شهر جي مزاج تي ظاهر ٿي بيٺو آهي.
هيءُ بيمثال ڪتاب، محترم نسيم مغل صاحب تحقيق ۽ ترتيب جو ثمر آهي. ڪتاب ۾ سندس محنت هر صفحي تي واضح ٿي بيٺي آهي، جنهن ۾ ظاهر آهي ته ڪيترو ئي وقت لڳو هوندو. هاڻ جڏهن هيءَ ڪتاب آرڪائيوز کاتي پاران ڇپيو آهي ته شڪارپور واسين سان گڏ سڀ سنڌ واسي هن اهم ترين ڪتاب تي خوش ٿيندا جنهن ڪتاب ۾ سنڌ جي هڪ تاريخي اهميت رکندڙ شهر ۽ ان جي حدن کي محفوظ ڪيو ويو آهي. سنڌي ماڻهن جي اکين آڏو سنڌ آرڪائيوز جو هيءُ اهم ڪتاب آڻڻ لاءِ کاتي جي منسٽر کان وٺي سمورو عملو ته شامل هوندو ئي، پر ان ڪم ۾ ڊاڪٽر ڪليم لاشاري صاحب ۽ کاتي جي ڊائريڪٽر روشن علي قناصري صاحب جي دلچسپي گهڻي ظاهر ٿي بيٺي آهي. ان ڪري محترم نسيم مغل صاحب سان گڏ مٿان ٻئي صاحب پڻ مبارڪن جا مستحق آهن ۽ اڃا تڏهن ٿيندا جڏهن اڳتي به هو اهڙا ياد رکڻ جهڙا ڪتاب سنڌ واسين کي ڏيندا. هن ڪتاب جو مُلهه ٻه هزار رپيا آهي ۽ 391 صفحن تي مشتمل دنيا جي ڏسڻ جهڙن ڪتابن ۾ رکڻ جهڙو هيءَ ڪتاب سنڌ جي سڀني ادارن جي لئبريرن سان گڏ خاص طور تعليم کاتي جي سڀني لئبريرين ۽ دنيا جي الڳ ملڪن جي ثقافتي سينٽرن جي لئبريرين ۾ هجڻ تمام ضروري آهي.

No comments:

Post a Comment