10/10/2012

دل جو آڻي، درد چپن تي - معشوق ڌاريجو (Maashooq Dharijo)

دل جو آڻي، درد چپن تي....
(عبدالحڪيم ارشد سنڌ جو اهڙو البيلو ۽ يگانو شاعر)
معشوق ڌاريجو
شاعري وقت جي اتهاس جو آئينو آهي ۽ اها شاعري ئي آهي جيڪا هر دؤر ۾ پنهنجو سماجي ڪارج برقرار رکي ٿي. عبدالحڪيم ارشد به سنڌ جو اهڙو البيلو ۽ يگانو شاعر آهي جنهن جي شاعريءَ ۾ صدين تائين سلامت رهڻ واري سگهه جيئن جو تيئن موجود آهي. ارشد جا شعر ماڻهن کي پنهنجي لڇندڙ ۽ ڦٿڪندڙ جذبن جي ترجماني محسوس ٿين ٿا. ارشد جي پنهنجي شعرن ۾ زندگيءَ جي مسئلن کي جنهن ڏاهپ ۽ ڪاريگريءَ سان بيان ڪيو آهي اهو سندس علمي ۽ عقلي ڏاهپ جو ڪمال آهي جنهن لاءِ هو کيرون لهڻي.
شاعري موضوع منهنجو، ناهه هرگز دوستو!
مون حقيقت جي سدائين، ترجماني آ ڪئي.
عبدالحڪيم ارشد حقيقتن جي ترجماني ڪندڙ شاعر آهي جنهن جي سموري شاعري بامقصد ۽ بامعنيٰ آهي. ارشد جي شاعريءَ ۾ محفل کي تڙپائڻ ۽ پٿر جهڙي دل کي ميڻ ڪرڻ واري شڪتي، سگهه ۽ طاقت جيئن جو تيئن موجود آهي، جيئن:
دل جو آڻي درد چپن تي، گيت سريلو ڳائيندو،
ارشد کي ٿا ڇيڙيو ارشد، محفل کي تڙپائيندو.
پوڻيءَ وانگر پرزا ٿي پئي، پٿر جهڙي کهري دل،
غم جو شاعر اهڙو نغمو، ڳائي ويٺو آ.
سنڌ ڌرتيءَ جي محبتن جا سُريلا گيت ۽ نغما ڳائيندڙ شاعر عبدالحڪيم ارشد سنڌ جو سگهارو رومانوي، انقلابي، مزاحمتي ۽ عوامي شاعر  آهي.
ارشد جي شاعريءَ ۾ شعر جي پختگي، سلاست، نواڻ ۽ موضوعاتي ويرائٽي نه رڳو پڙهندڙ کي پاڻ ڏانهن ڪشش ڪري ٿي پر زندگيءَ جي اُداس ۽ اڻانگن پيچرن تي پنڌ ڪرڻ لاءِ به سندس رهبري ۽ رهنمائي ڪري ٿي.
ٻرندي ويندي، لاٽ او ساٿي!
ٻرندي ويندي لاٽ.
ڏاڍ جا ڏونگر ڏرندا،
ٺهندي ويندي واٽ،
ٻرندي ويندي لاٽ.
ارشد جا شعر حقيقت جا ترجمان آهن، وٽس قومي رنگ ۽ جذبو وڌيڪ آهي. هن جا شعر چنڊ جي کير جهڙي اجري روشنيءَ جيان پڙهندڙ کي راهه جي گهر کڏي کوٻي ۾ ٿيڙ ۽ ٿاٻو کائڻ کان بچائي وٺن ٿا. سندس شاعريءَ ۾ عجيب قسم جي حسناڪي ۽ موسيقيت سمايل آهي، جيئن:
ان وقت ٺري ٿا نيڻ پون، ٿو دل کي سڪون ڪيڏو نه اچي!
جنهن وقت اسان جي محفل ۾، ڪو پيارو ماڻهو ايندو آ.
 چوري چوريءَ ڪوئي ڪنهن سان، نيڻ ملائي ويٺو آ،
هيڏيءَ ساريءَ محفل ۾ ڪو پاڻ وڃائي ويٺو آ.
ارشد جي شاعري ٺريل رت کي گرمائيندڙ ۽ جذبن ۾ جوش ۽ جنبش پيدا ڪندڙ شاعري آهي. ارشد پنهنجي نظم ”پر“ ۾ لکي ٿو ته:
اڄ جي سنڌي شاعري،
سچ جو آواز آهي.
اها حقيقت آهي ته اڄ جي سنڌي شاعري وانگر ارشد جي شاعري به سچ جو آواز آهي.
هن ڌرتيءَ، دک جي ڌرتيءَ تي،
تون نينهن نڀائڻ آيو آن،
۽ پٿر جي هن شهر اندر،
موتين کي ورهائڻ آيو آن.
او واٽ، مسافر وڻجارا،
تون پهتين، ڪهڙي وستيءَ ۾،
هِتِ ڪنهن کي ڪنهن جي ڪاڻ نه آ،
هر ماڻهو پنهنجي مستيءَ ۾.
عبدالحڪيم ارشد جي شاعري قومي غيرت جي شعور سان گڏ اجڙيل روحن ۽ واٽ مسافر وڻجارن جي رهنمائي به ڪري ٿي. ارشد وٽ زندگيءَ جوسڀ کان وڏو مقصد امن ۽ پيار آهي. ارشد جي شاعري امن، پيار ۽ آشتيءَ جي شاعري آهي. سندس شاعري جو مجموعو ”ڏيئا ڏات جا“ ۽ ”آجپي جي گيت جهڙي شاعري“ سنڌي شاعري جا معتبر ۽ معياري ڪتاب آهن، جن جي هر ورق تي امن ۽ پيار جا گيت غزل ۽ نظم محفوظ آهن.

No comments:

Post a Comment