08/10/2012

”ڇهاءُ“ (ڪتاب) - ايشوري جوتواڻي (Eeshvari Jotwani)

”ڇهاءُ“ (ڪتاب)
ايشوري جوتواڻي
انسان جي پنجن حواسن ۾ ڇهاءُ، سپرش يعنيٰ Touch هڪ بنيادي ۽ مکيه حواس آهي، تمام ملهائتو ۽ ڪارائتو حواس ڪري سمجهيو وڃي ٿو. ڇهاءُ جو حواس شڪتيءَ سان ڀرپور آهي. ڪيترا دفعا سپرش، بيمار جي اندر زبردست وشواس، جيئڻ جي اِڇا کي ٻَلُ ڏئي ٿو، منش کي شڪتيءَ جو احساس ڪرائي ٿو.
اهڙي ڪارائتي حواس کي اسان گذريل صديءَ کان ڄڻ وساري ڇڏيو آهي. اڄ جڏهن انگريزي دوائن وٺڻ سان عجيب غريب اثر ٿا ٿين (Side Effect) ۽ اِنسان ٺيڪ ٿيڻ لاءِ علاج ڪري ڪري ٿڪجي پيو آهي، تڏهن ان جو ڌيان ٻين ”علاجن“ ڏانهن ويو آهي. ڪيترائي شفايابيءَ جا علاج Therapies آهن. انهيءَ ڪري وسريل، وساريل ڳالهيون ياد اچي ويون آهن ۽ ڪيترائي انسان نئين سر انهن ٿئراپيز شفايابيءَ جي سڌن طور ڪتب آڻي رهيا آهن. اهڙن علاجن ۾ ريڪي- پراڻيام، ايڪيوپريشر، جيئڻ جي ڪلا جنهن کي آرٽ آف لونگ چون ٿا. يوگا، واٽر ٿئرپٽي وغيره وغيره نالن سان سڏيو وڃي ٿو. ڇهاءُ هڪ عجيب جادوءَ ڀريو اثرڪري ٿو. ٽچ ٿئرپي جي حقيقت ڀريل بيان پڙهي حيرت ۾ اچي ويس. توهين ائين محسوس ڪندا ته ڄڻ چمتڪاري شڪتي ٿي اتپن ٿئي، انسان جي ڇهاءُ مان، پيار ڀرئي سپرش مان ۽ همدرديءَ ڀريو ڇهاءُ، نراس اِنسان ۾ نئين شڪتي ٿو اتپن ڪري. پيار ڀريو ڇهاءُ ڪيئن نه ننڍڙن ٻارڙن کي جيئدان ٿو ڏئي، ان بابت هڪ ڪتاب پڙهڻ جو موقعو مليم. اهو پستڪ هڪ مشهور ڊاڪٽر لکيو آهي. ڪتاب جو عنوان آهي ”مئجڪ آف ٽچ“ يعني ڇهاءُ جو جادو، اهڙو ان نالي اندر ۾ امنگ اٿاريم، جو يڪساهي ٽي ڪلاڪ ڪتاب پڙهندي رهيس ۽ حقيقتون پڙهي، حيران ٿيندي رهيس.
هڪ حقيقت اهڙي پڙهيم جو هنن ورقن ۾ لکڻ کان سواءِ رهي نه سگهيس؟
۱۹۲۰ع جي ڳالهه پڙهيم. آمريڪا ۾ ٻارن جي اسپتالن جن کي فائونڊلنگ هاسپيٽل چوندا آهن، اتي هڪ غير رواجي عجيب گهٽنا ٿيڻ لڳي. اسپتالن ۾ سال جي اندر ڄاول ٻارن جو موت ٿيڻ لڳو ۽ موت جو انگ وڌندو وڃي ۱۰۰ سيڪڙو ٿيو! ڊاڪٽر پريشان ٿي ويا ڇو ته انهن اسپتالن ۾ ننڍڙن معصوم ٻارن جي سنڀال جا سڀ ساڌن، دوائون، کاڌي پيتي جا نمونا (ڊائيٽ) وغيره ميسر هئا. ٻارن جي بيمارين جي علاج لاءِ خاص ڊاڪٽر اسپيشلسٽ پڻ مقرر ٿيل هئا. مطلب ته ٻارن جي علاج لاءِ مڪمل بندوبست هوندي به ٻارن جي مرڻ جو ”ڊيٿ ريٽ“ وڌندو رهيو. ڊاڪٽر نه فقط حيران هئا پر ڏاڍي مونجهاري ۾ اچي ويا ۽ ان ڳالهه جو سبب يا ڪارڻ ڳولڻ ۾ اسڦل رهيا. اوچتو هڪ ٻارن جي ڊاڪٽر پئڊئاٽريشين کي ڪنهن ڪم سانگي جرمنيءَ ۾ وڃڻو پيو. اتي برلن ۾ هڪ ٻارن جي اسپتال ۾ ويو، جتي ڏٺائين ته انهن وٽ هڪ وچولي عمر واري نرس رکيل هئي، جنهن جو ڪم هو ٻارن کي لاڏ ڪوڏ ڪرڻ ۽ ڪُڏائڻ، کلائڻ. هوءَ ٻارن کي هنج ۾ کڻي پيار سان ڪُڏائيندي رهندي هئي ته ان جو نتيجو حيرت انگيز ٿيندو هو. ڪيترائي بيمار ٻار چڱا ڀلا ٿي نچڻ ٽپڻ ۽ ڪڏڻ لڳندا هئا.
مذڪوره ڊاڪٽر جڏهن واپس آمريڪا موٽيو ته پنهنجي اسپتال جي سڀني ڊاڪٽرن سان ان ڳالهه جو ذڪر ڪندي چيائين ته مان سچ پچ اهو چمتڪار ڏسي حيران ٿي ويو آهيان، پر ٻين ڊاڪٽرن کي مٿس وشواس نٿي آيو. چوڻ لڳا، ”ڇا ڪو جادو آهي جو بيمار ٻار فقط لاڏ ڪوڏ ڪرڻ سان بلڪل ٺيڪ ٿي ويندا؟ ناممڪن.“ پر هن ڊاڪٽر ايڪس ان ڳالهه جي پچر نه ڇڏي. وقت گذرندو رهيو. مذڪوره ڳالهه تي بحث مباحثا ٿيڻ لڳا، تجربا ٿيڻ لڳا ۽ ڪِن ڊاڪٽرن کي ڪي آزمودا ملڻ لڳا ته پيار ڀريل ڇهاءُ Touch برابر جادوءَ ڀريو اثر ٿو ڪري. کين ڄڻ ’مئجڪ آف ٽچ‘ جو چمتڪار چٽو نظر اچڻ لڳو. ڄڻ نئين کوجنا جو احساس ٿيڻ لڳو!
ان پستڪ جي ڊاڪٽر ليکڪا لکي ٿي ته انهن لاءِ پيار ڀريو ڇهاءُ تمام ضروري آهي، اهو سُپرش ٻارن لاءِ ڄڻ خوراڪ جو ڪم ڪري ٿي ۽ سندن اندر جيون شڪتيءَ جو سنچار ڪري ٿي، انهيءَ پستڪ ”مئجڪ آف ٽچ“ جو ايستائين مطالعو ڪيم ته اچانڪ ذهن ۾ هڪ يادگيري اُڀري آئي.
اٽڪل ۲۱ سال اڳ ۾ جڏهن واڊيا ڪاليج ۽ ميرا ڪاليج ۾ پڙهائيندي هئس ته موڪلن ۾ (مئي ۽ جون) ڀاءُ ڀرت وٽ آمريڪا گهمڻ ويندي هئس.
هڪ سال جڏهن مان اتي هئس ته گهر ۾ نئين مهمان جي اچڻ جون تياريون هيون ۽ هڪ ڏينهن ڀاڀي مشهور ”ميموريل هاسپيٽل“ ۾ ڊليوريءَ لاءِ هلي. چند ڪلاڪن بعد پياري پياري ٻالڪي ڄائي ۸۰ پائونڊ تور ۽ مٿي تي گهاٽا گهنڊيدار وار! نرس هڪدم ٻار کي ماءُ جي ڇاتيءَ سان لڳايو. ماءُ، ڏاڍو پيار ڪيو ۽ ٻار کي کڻي پنهنجن ٻانهن ۾ سوگهو ڪيائين. مان ۽ منهنجي ڀيڻ جيڪي اتي هئاسين تن کي نرس ٻار کڻڻ نه ڏنو. پڇڻ تي مُرڪي چيائين ته تازي ڄاول ٻار کي پهرين پهرين سندس ماءُ ۽ پيءُ جي ڇهاءُ جي ضرورت آهي. مائٽن جو پيار ۽ ممتا ڀريو ڇهاءُ ننڍڙي ٻار لاءِ نهايت ضروري آهي.“
دل ۾ ان ڳالهه تي اعتبار نه پئي آيم ۽ اڃا ڪجهه چوڻ تي هئس ته منهنجو ڀاءُ ڀرت اچي پهتو. تنهن وچ ۾ نرس ٻالڪيءَ کي خاص ڪمري ۾ ٻين ۸ ٻارن سان گڏ ليٽائي آئي. هال کي شيشي جو در هو. ڀرت کي ڊيٽال سان هٿ ڏياري صاف نئپڪن ڏنائين ۽ پوءِ ڌوتل گائون (Robe) پائڻ لاءِ چيائين، بوٽ لاهي اتي رکيل خاص چپل پارائي اندر وٺي ويس. اسين شيشي جي در وٽ نظارو ڏسي رهيا هئاسين. ڀرت ٻالڪيءَ کي هنج ۾ کڻي لاڏ ڪوڏ ڪيو ۽ مٿي ڪيائين ته پيءُ جي ٻانهن مان اوچتو ٻالڪيءَ جو منهن (چهرو) ڏٺم ته ڏاڍي خوشي ٿي. اِها هڪڙي ئي ڇوڪري ڄائي هئي، جنهن کي گهاٽا ڪارا وار هئا، ٻيا ۸ ڇوڪرا هئا جيڪي ٽڪلا ٺوڙها هئا. نرس کلندي ڀرت کي چيو: ”ويري پِريٽي گرل.“
۽ مون سمجهيو ته ڪو چنڊ جو ٽڪرو ڏٺو! ان وقت مذڪوره ڪتاب ۾ پڙهيل ڳالهه تي وشواس آيم، ڊاڪٽر مشيري ڪوهن انيڪ حقيقتون ٻڌايون آهن، جيڪي پڙهڻ جهڙيون آهن، هت وڌيڪ لکڻ مناسب نه سمجهيم ۽ بس.
(ليکڪه حيدرآباد سنڌ ڄائي آهي، هن وقت پونا هندستان ۾ رهي ٿي، پاڻ سنڌي جي پروفيسر رهي چڪي آهي ۽ هينئر ساڌو واسواڻي مشن سان لاڳاپيل آهي.)

No comments:

Post a Comment