26/10/2012

علامه عنايت الله مشرقيءَ جو بيمثال ڪتاب: انسان جي تقدير - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)


انسان جي تقدير

برک عالم علامه عنايت الله مشرقيءَ جو بيمثال ڪتاب

رکيل مورائي

سنڌيءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب ڇپبا رهيا آهن جن جا موضوع الڳ آهن، پر سچ اهو آهي، انهن ۾ ٿورڙائي اهڙا ڪتاب هوندا آهن جن کي علم ۽ ڏاهپ جا ڪتاب چئي سگهجن ٿا ۽ اهڙا ڪتاب ئي پڙهندڙن کي علم ۽ ڏاهپ جي ويجهو آڻيندا آهن. هيءُ ئي اهڙو علم آهي جنهن لاءِ اسلام جي پيغمبر ۽ دنيا جي عظيم شخص محمد صه چيو هئو ته علم حاصل ڪيو پينگهي کان قبر تائين! ۽ هي ئي اهڙا ڪتاب آهن جن ۾ علم آهي، جيڪو هڪ شخص کي ڪامل انسان بڻائي ٿو.
ذڪر لائق هڪ اهڙو ئي ڪتاب تازو انجنيئر محترم مومن علي شاهه سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري سنڌين تي وڙ ڪيو آهي. هيءُ ڪتاب ننڍي کنڊ جي برک عالم علامه عنايت الله خان مشرقيءَ جو لکيل ڪتاب آهي جنهن جو نالو آهي ”انسان جي تقدير.
هيءُ ڪتاب علامه صاحب جي اهم تحريرن مان هڪ آهي. ٻي طرح علامه صاحب ننڍي کنڊ جي انهن عالمن مان ۽ سياستدانن مان هئو, جنهن جي خاڪسار تحريڪ جي فورم تان ڪيل تقريرن توڻي تحريرن ننڍي کنڊ جي تمام گهڻن ماڻهن کي متاثر ڪيو. رڳو ايترو ئي نه, پر سندس اثر مستقل طور ڪيترن ئي ذهنن تي رهيو جن ۾ سنڌ به جا ڪيترائي اعليٰ ذهن شخص شامل آهن. سندس هيءُ ڪتاب سنڌي پڙهندڙن لاءِ علم جو هڪ اهڙو دروازو کوليندو، جنهن مان هڪ روشني ملندي. ڄاڻ ملندي ۽ ادراڪ ملندو، سچ کي سڃاڻڻ جو. سچ جيڪو انسان جي تقدير سان واسطو رکي ٿو، جنهن سچ جو دامن جهلي انسان پنهنجي تقدير کي روشن ڪري ٿو، دنيا ۾ هڪ مرتبو ماڻي ٿو ۽ انسان ذات جي ڪم اچي ٿو. اهو ئي علم انسان جي تقدير سنواري ٿو، شرط اهو آهي ته انسان اهو سڀ پاڻ پنهنجي لاءِ چاهي ٿو ۽ ان لاءِ گهربل جاکوڙ ڪري ٿو؟ ڇاڪاڻ ته اهو خود پنهنجي تقدير جو خالق آهي. هاٰ! هن جو به هڪ خالق آهي جنهن ڏانهن هو جوابدار آهي ۽ علامه مشرقي صاحب جي خيال موجب هڪ پيغام اچي ٿو جيڪو انسان جي رهنمائي ڪري ٿو. اسان وٽ اسلام اهڙو پيغام آندو آهي جيڪو انسان ذات لاءِ مفيد ثابت ٿيڻ وارو آهي، جنهن لاءِ اسان کي ان جي اصل ماهيت کي سمجهڻ ضروري آهي.
دنيا ۾ مذهبن کي انهن جي مبلغن درست معنيٰ کان پري ڪري ڇڏيو آهي جنهنڪري هيءُ جهان ماڻهن لاءِ اعليٰ/سٺو يا بهتر هجڻ بهشت هجڻ بجاءِ دوزخ بڻجي ويو آهي، ان جو سبب شايد اهو به هجي ته انسان پنهنجو اصل منصب وساري ويٺو آهي.
علامه صاحب جي هن ڪتاب ۾ ننڍڙن ننڍڙن چيپٽرن ۾ ورهايل معلومات نهايت سهڻي نموني سمجهائي وئي آهي. ٻڌي ليکي ڪتاب کي پنجن الڳ بابن ۾ ورهايو ويو آهي، جن جا عنوان آهن:
۱: خدائي پيغام جي وحدانيت،
۲: انسان جو زندگيءَ ۾ ڪردار،
۳: هر هڪ مذهب کي پوري انسان ذات لاءِ موزون بڻائڻ،
۴: انسان ذات کي هڪ قوم ٿي ترقي ڪرڻي آهي،
۵: انساني تقدير جو قرآني تصور.
علامه مشرقي صاحب جو لکيل ۽ انجنيئر مومن علي شاهه جو هيءُ ترجمو ڪيل ڪتاب اسلامي فلسفي جي نهايت اهم ڪتابن مان هڪ آهي، جيڪو پڙهڻ ۽ پروڙڻ جهڙو آهي. 272 صفحن جو پڪي جلد، سهڻي ٽائيٽل ۽ سفيد ڪاغذ تي ڇپيل هيءَ ڪتاب مهراڻ پبلشرس ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو آهي.

No comments:

Post a Comment