08/10/2012

”منهنجا مقالا ۽ مضمون“ (ڪتاب) - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

”منهنجا مقالا ۽ مضمون“ (ڪتاب)
رکيل مورائي
سنڌ کان ٻاهر ڇپيل ڪتاب ”منهنجا مقالا ۽ مضمون“ دادي مينا روپچنداڻيءَ جي اڀياسن تي ٻڌل آهي. هن ڪتاب ۾ چوڏهن مضمون آهن ۽ اهي سڀ اڀياس آهن جيڪي نهايت اهم وقتن ۽ موضوعن تي لکيا ويا آهن، سنجيدگيءَ سان لکيا ويا آهن، ۽ سجيندگيءَ سان وقت ڪڍي پڙهڻ جهڙا آهن. خاص طور اڄ جي نسل لاءِ هيءُ ڪتاب نهايت ڪارائتو اڀياس ثابت ٿيندو، اهڙي پڪ آهي. 
چوڏهن مقالن ۽ مضمونن تي ٻڌل هيءُ ڪتاب نوان عنوان کڻي آيو آهي، جيڪي مضمونن جو مواد ظاهر ڪن ٿا، سنڌي ڪهاڻي، سنڌي ناول، سنڌي عورتن جي ترقي، عورتن لاءِ ترقي پسند نظريو ۽ ٻين اهم موضوعن تي لکيل هيءُ مقالا ۽ مضمون نهايت اهميت ڀريا آهن، جيڪي خاص وقت ڪڍي لکيا ويا آهن، موضوعن جي گهرج ضرور وقت ورتو هوندو ۽ هاڻ جڏهن اهي سڀ مضمون هڪ هنڌ ڇپيا آهن ته ڪتاب هڪ اڀياس ٿي پيو آهي، جيڪو اڄ جي نسل لاءِ لازمي آهي، ڇاڪاڻ ته اڄ جو نسل سنجيده لکڻيءَ کان ڏور ڀڄي رهيو آهي، پر کين نه وسارڻ کپي ته ڪو به سنجيده ڪتاب ئي سندن رهنمائي ڪندو، ان ڪري اڄ جي نسل کي هن قسم جي ڪتابن جو اڀياس شوق سان ڪرڻ گهرجي ۽ وقت ڪڍي هن قسم جا ڪتاب نه رڳو پڙهڻ گهرجن پر پروڙڻ به گهرجن، ائين ڪرڻ سان ئي اسان جو نئون نسل علمي ۽ ادبي طور پاڻڀرو ٿيندو، دادي مينا جو هيءُ ڪتاب گهڻي اهميت وارو آهي، جنهن ۾ موضوع آهر مناسب ٻولي ۽ مهاوري جو استعمال ڪيو ويو آهي، جتي هيءَ ڪتاب اسان جي نوجوان ڇوڪرن کي پڙهڻ گهرجي، اتي ادب ڏانهن لاڙو رکندڙنوجوان ڇوڪرين کي پڻ هيءُ ڪتاب ڌيان سان پڙهڻ گهرجي. هيءُ ڪتاب سندن اڳواڻي ڪندو، ڪرائون سائيز جو 154 صفحن تي مشتمل هيءُ ڪتاب الهاس نگر مان ڇپيو آهي. ڪتاب جو ملهه ستر روپيا آهي ۽ سانڍڻ جهڙو ڪتاب آهي.

No comments:

Post a Comment