21/10/2012

جذباتون - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

جذباتون
 (پروفيسر مينا روپچنداڻيءَ جي تخليقي ۽ تنقيدي لکڻين جو ڪتاب)
رکيل مورائي

دادي پروفيسر مينا روپچنداڻيءَ جو هيءُ ڪتاب به سندس ئي ميڙي چونڊيءَ جو حصو آهي. جڏهن عمر تي آخري پڙاءَ پوندا آهن، تڏهن هر شخص پنهنجي ميڙي چونڊي سموهيندو آهي، ايئن ليکڪه به ڪيو آهي. تازو ڪتاب جنهن جو نالو ”جذباتون“ آهي، ان ۾ دادي مينا جون ڪهاڻيون، ليک ۽ شعر ڏنل آهن. ٽن بابن تي ٻڌل هن ڪتاب ۾ به داديءَ سڀ ڪجهه اهو ڏيڻ چاهيو آهي، جيڪو  رهجي ويو آهي ۽ هاڻ هوءَ پاڻ پنهنجي سموري پونجي پنهنجي هٿن سان سيهڙي پڙهندڙن ۾ ورهائي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته هن عمر ۾ هر ليکڪ جيان هن به محسوس ڪيو آهي، ته جيڪو سهيڙڻو آهي، پنهنجي هٿن سان، ايندڙ نسل تي ڀاڙڻ اجايو ٿيندو. خاص طور هند جو سنڌي نوجوان نسل سنڌي ڪتابن کان جنهن تيزيءَ سان پري ٿي رهيو آهي، ان سنڌي ليکڪ کي گهڻو مايوس ڪيو آهي.
هن ڪتاب ۾ ڪهاڻيون آهن، ڇهه الڳ موضوعن تي مضمون آهن ۽ آخر ۾ شعر ڏنل آهن، جيڪي داديءَ الڳ موقعن تي لکيا آهن. هن ڪتاب کي پڙهي اهو سمجهي سگهبو به دادي مينا نه رڳو مضمونن ۽ ٻين ليکڪن تي لکيو آهي، پر هن تخليقي ڪم به ڪيو آهي، جنهن ۾ سندس هيءُ ڪهاڻيون ۽ شعر به  شامل آهن. ظاهر آهي ته جڏهن به ڪو تخيلقڪار جڏهن ورهائجي وڃي ٿو ته هن جي ڪم تي اثر پوي ٿو پر پوءِ به هر صنف سان ڪنهن حد تائين انصاف ٿئي ته ليکڪ جي ڪاميابي آهي. هن ڪتاب مان دادي مينا جي ارتقا جو اندازو به ٿي سگهي ٿو ته هن  هڪ ئي وقت ڪيئن گهڻا ڪارج ساڪار ڪيا آهن. ڪراچيءَ ۾ڄاول دادي مينا جي ٻولي گهڻي حد تائين هنديءَ جي استعمال کان بچيل آهي پوءِ به ڪنهن سماج جو اثر ته پوڻو ئي آهي. ايئن اسان جي هند ۾ سرجندڙ ادب سان به ٿيو آهي ته سنڌ ۾ سرجندڙ ادب سان به ٿيو آهي. بهر حال هيءُ ڪتاب دادي مينا جي شعور کي به ظاهر ڪري ٿو ته جذبات کي به. هيءُ 91 صفحن جو ڪتاب آهي، جيڪو الهاس نگر مان شايع ٿيو آهي، ڪتاب جو ملهه هڪ سَو روپيا آهي.

No comments:

Post a Comment