31/10/2012

انور پيرزادي جي ڪتاب ”جديد سنڌي ادب“ تي هڪ نظر - ادل سولنگي (Adal Solangi)


انور پيرزادي جي ڪتاب ”جديد سنڌي ادب“ تي هڪ نظر
ادل سولنگي
هن ڪتاب ۾ انور پيرزادي جا مختلف وقتن تي اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن ۾ ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل مضمون تعارف، تبصرا، مهاڳ، اڀياس، ادبي ۽ شخصي خاڪا سهيڙي شامل ڪيا ويا آهن. ڪتاب ”جديد سنڌي ادب“ کي ٽن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي.
ڪتاب جي پهرين ڀاڱي ۾ 20 مضمون، ٻئي ڀاڱي ۾ 12 ڪتابن جا مهاڳ ۽ ٽئين ڀاڱي ۾ 20 ادبي شخصي خاڪا ڏنا ويا آهن، جنهن ۾ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي، امر ڪهاڻيڪار جمال ابڙي، شمشير الحيدري، ماڻڪ، بدر ابڙو، ڪيهر شوڪت، فقير محمد لاشاري، مهتاب اڪبر راشدي، قمر شهباز، عبدالرحمان نقاش، ڊاڪٽر سليمان شيخ، انور ابڙو، محمد علي پٺاڻ ۽ منٺار سولنگي جا ادبي ۽ شخصي تعارف شامل ڪيا ويا آهن.

مهاڳن واري ڀاڱي ۾ سوڀي گيانچنداڻي جي ڪتاب ”تاريخ ڳالهائي ٿي“، بدر ابڙي جي ڪتاب ”سنڌوءَ جو سفر“، ج ع منگهاڻي جي ڪتاب ”ڇپر ڪين ڏي“، مير محمد پيرزادي جي ڪتاب ”مکڙيون ماڪ ڦڙا“، الطاف شيخ جي ڪتاب ”جت برف پئي ٿي جام“، محمد علي پٺاڻ جي ڪتاب ”اکيون آلا چنڊ“، انور ابڙي جي ڪتاب ”انٽرويوز“، ملڪا، فيض ۽ شاهه محمد پيرزادي جي ڪتاب ”اسٽوپا، سنڌو ۽ چنڊ“، سرو سيف جي ڪتاب ”کير جهڙي ڪاري“، سلطانه وقاصيءَ جي ڪتاب ”دونهاٽيل درشن“، رزاق مهر جي ڪتاب ”سڪون ڪٿي آهي“ ۽ حميده گهانگهري جي ڪتاب ”پيڙا جو سفر تي لکيل شاهڪار مهاڳ هن ڪتاب جي سونهن آهن.
مضمونن واري ڀاڱي ۾ ”ڇا ادب لاءِ نظريو ضروري آهي؟“ مها ڪوي شيخ اياز جي آخري سفر جي ڪٿا، جمال ابڙي، امر جليل، روشن تنيي ۽ غفور ميمڻ جي ڪهاڻين تي اڀياسي مضمون، شاهه محمد پيرزادي جي ڪتاب ”سونهن جون سئو صورتون“ بدر ابڙي جي ڪتاب ”تنقيد نگاري-ارتقائي جائزو“ ڪاڪي گرداس واڌواڻي جي ڪتاب ”جڏهن آدم آيو“ جو اڀياس، محمد علي پٺاڻ جو نئين شاعر جي روپ ۾ تعارف، استاد بخاري، حسن منصور، ادل سومري، مير محمد پيرزادي جي شاعري بابت لکڻيون، رشيد ڀٽي جي فن ۽ شخصيت جي ڪٿ سميت مختلف حوالن سان سندن علم ۽ ادبي خدمتن کي ڀيٽا ڏيڻ واريون فڪر انگيز لکڻيون هن ڪتاب ۾ شامل آهن. جڏهن ته سنڌ جي جديد ترقي پسند ادب جي حوالي سان شاهڪار مضمون هن ڪتاب جي نه رڳو سونهن پر ليکڪ جي علمي ۽ ادبي حيثيت کي پڻ مٿانهون ڪن ٿا.
ڪتاب ”جديد سنڌي ادب“ ۾ شامل لکڻين جي مطالعي ڪرڻ سان جديد سنڌي ادب جي تاريخ سامهون اچي ٿي. هن ڪتاب ۾ جديد سنڌي ادب جي مڪمل تاريخ ۽ تعارف سامهون نه ٿو اچي پر ڪتاب ”جديد سنڌي ادب“ ۾ شامل لکڻيون ترقي پسند ادب جو ڀرپور پرچار ڪن ٿيون. هن ڪتاب ۾ خاص ڳالهه هي آهي ته انور پيرزادي جو انتهائي دلڪش، اعليٰ، طاقتور ۽ شاهڪار نثر لکيل آهي، جنهن کي پڙهندي علم ۽ شعور جا ڪيترائي ڏيئا روشن ٿين ٿا. هن ڪتاب جي مطالعي ڪرڻ سان نئين نسل جو اديب ۽ شاعر پنهنجي ڄاڻ ۾ واڌارو ڪري آئيندي جا گس جوڙي سگهن ٿا. انور پيرزادي جو هي ڇهون ڪتاب آهي، جيڪو انور پيرزادو اڪيڊمي ڇپايو آهي. 208 صفحن تي مشتمل ڪتاب خوبصورت ٽائيٽل سان جديد سنڌي ادب جو ڀرپور تعارف پيش ڪري ٿو.

No comments:

Post a Comment