14/10/2012

هڪ صديءَ جو آواز محمد ابراهيم جويو (ڪتاب) - ممتاز مهر (Mumtaz Mahar)

هڪ صديءَ جو آواز محمد ابراهيم جويو (ڪتاب)
 ممتاز مهر
اولهه جي ملڪن يعني يورپ ۾ هيل تائين فلاسافيءَ جي روايت هلندي پئي اچي. گذريل ڪابه صدي، هڪ کان هڪ نالي واري فلاسافر کان خالي نه رهي. جتي فلاسافيءَ جي روايت هوندي اتي فلاسفرن سان گڏ سائنسدان به پيدا ٿيندا رهندا. اهي فلاسافر ۽ سائنسدان اوچتو خلا مان وارد ڪونه ٿيندا آهن، بلڪه اهڙي سماج ۾ پيدا ٿيندا رهندا آهن، جتي سهپ هوندي آهي، علم جي روشني هوندي آهي ۽ ٻڌڻ ۽ سمجهڻ جي صلاحيت پڻ! شايد هيءَ سوال جرمن فيلسوف شاپنهاور جي هڪ شارح اٿاريو هو ته ايشيا ۾ فلاسافر پيدا ڇو نه ٿيندا آهن؟ اوڀر جي ملڪن ۾ فلاسافيءَ جي روايت ڇو ناهي؟ ان جو جواب اهوئي آهي ته هتي جدت پسنديءَ جا مخالف ماڻهو هر دور ۾ وڌيڪ طاقتور رهندا آهن، خاص طرح مسلم ملڪن ۾.
والٽيئر ۽ روسو يقينن فرانسيسي انقلاب جا داعي بڻيا، پر اها به حقيقت آهي ته فرانس سميت ٻيا يورپي ملڪ پڻ اهڙن انقلابي فليسوفن کي ٻڌڻ لاءِ تيار هئا ۽ عام ماڻهن به ساٿ ڏنو. سائين محمد ابراهيم جويو صاحب جن به والٽيئر ۽ روسو وانگر سنڌ ۾ ان وقت پيدا ٿيا جڏهن انگريز حاڪمن هتي جدت ۽ جديديت جي شمع ٻاري، سنڌ ۾ جاڳرتا جي لهر آئي. سنڌ کي ريل گاڏين ذريعي گڏيو ويو ۽ جديد سيڪيولر قوم پرستيءَ جو شعور پيدا ٿيو. اهو ممڪن ناهي ته علي ڳڙهه تعليمي سڌارڪ سر سيد جي اپيل جي برعڪس ننڍي کنڊ ۾ خاص طرح ۽ سنڌ ۾ عام طرح مسلمان جيڪڏهن انگريزي تعليم کان پري رهن ها ته پوءِ جويو صاحب جهڙا روشن خيال دانشور نه پيدا ٿين ها. ان ڏس ۾ جن صاحبن جويو صاحب جي مدد ڪئي ۽ سندن حوصلو وڌايو سي به جس لهڻن، خاص طرح سائين جي ايم سيد.
مان جديد سنڌ جا معمار ٽن شخصن کي سمجهان ٿو. هڪ سائين جي ايم سيد، ٻيو محمد ابراهيم جويو صاحب ۽ ٽيون شيخ اياز صاحب، انهن کي سنڌ جو آوز به ڪوٺيو ويو آهي. جديد سنڌ جي سياست، ثقافت ۽ ادب کي پرجهڻ لاءِ انهن ٽن شخصيتن ڏانهن رجوع ٿيڻو پوندو. اهي سنڌ جي سياست، ثقافت ۽ ادب جي ٽمورتي (Trinity) آهن. اهي ئي جديد سنڌ جي ڏاهپ جا علمبردار آهن.
محمد ابراهيم جوئي صاحب وڏي ڄمار ماڻي آهي. هو ويهين صديءَ جي سنڌ جي مڪمل تصوير آهي. انهيءَ تصوير ۾ عزم ۽ همت جا اهڃاڻ وڌيڪ چٽا آهن، فتحمند مرڪ به نمايان آهي، پر گڏوگڏ شام غريبان جا اهڃاڻ پڻ، ڇاڪاڻ ته سنڌ گهڻو ڪجهه ڀوڳيو آهي ۽ اڃا ڀوڳي رهي آهي. هي زخم آهي جيڪو ڀرجي نه ٿو، ختم ٿئي نه ٿو.
جوئي صاحب کي پنهنجي جامع سوانح عمري يا جيون ڪٿا گهڻو اڳ خود لکڻ گهربي هئي. خاص طور ان وقت جڏهن سرڪاري نوڪري کان رٽائر ٿي، سرڪاري جبري بدليءَ جي حڪمن ۽ شهربدري کان نجات حاصل ڪري حيدرآباد، سنڌ ۾ اطمينان سان رهڻ لڳا هئا پر شايد انيڪ ڪارڻن ڪري اهو سک ۽ قرار ملي نه سگهين جيڪو دلجوئيءَ سان عمرڀر جو ليکو چوکو قلم بند ڪرڻ لاءِ لازمي هوندو آهي يا اهو به ته ”ڇا لکجي، ڇا نه لکجي“ هر ليکڪ جون پنهنجون ترجيحون هونديون آهن. جوئي صاحب هيل تائين جيڪي ڪجهه به لکيو سنڌي قوم کي پيش نظر ڪندي لکيو. دل جي خلوص، سچائي ۽ ڪمٽمينٽ سان لکيو. جويي صاحب جي خيالن ۽ ويچارن کان سنڌ واسي گهڻو متاثر ٿيا ۽ لاڀ پرايو اٿن. مان سائين محمد ابراهيم جويي صاحب کي سنڌ جو والٽيئر سمجهان ٿو، جيڪو ان انقلاب جو داعي ۽ پرچارڪ آهي، جيڪو هڪڙي نه هڪڙي ڏينهن ضرور ايندو. سندس ساٿي شيخ اياز ان اميد سان ئي ته چيو ته ”ٽڙي پوندا ٽارئين، جڏهن ڳاڙها گل، تڏهن ملنداسون“.
منهنجي خيال ۾ انسان ٻن طرحن جا هوندا آهن، هڪ اصلي، ٻيو نقلي. اصل ماڻهوءَ جو ڪم به اصلي ۽ پائيدار هوندو آهي، ان جي برعڪس نقلي ماڻهوءَ جو ڪمُ به نقلي ۽ ناپائدار هوندو آهي.
تازو مظهر جميل صاحب اردو ٻوليءَ ۾ هڪ ضخيم ۽ پر اهم ڪتاب ”محمد ابراهيم جويو- هڪ صديءَ جو آواز“ لکي ڪري، اسان سائين جويي صاحب جي پريمين تي جيڪو احسان ڪيو آهي، ان جو بنيادي سبب يا اتساهه جو نڪتو ڪهڙو آهي؟ اهو سبب يا نُڪتو منهنجي نظر ۾ فقط اهو آهي ته هڪ اصلي ماڻهوءَ ٻئي اصلي ماڻهوءَ کي سڃاڻي ورتو. هن جي پوري عمر جي علمي ڪاوشن ۽ لڳاتار جدوجهد جو دل سان قدر ڪيو ۽ سنڌ دوستيءَ خاطر فرض نڀائيندي ”هڪ صديءَ جو آواز“ کي پنهنجي وڻندڙ لکت سان ”سوانح“ جي نالي سان منظر عام تي آندو. ان سوانح ۾ هڪ حقيقي انسان جي حقيقت ڀري زندگي جهلڪي ٿي. پنهنجي مڙني اميدن، امنگن، سرشاري ۽ سونهن سميت هن ڪتاب ۾ هڪ سڄي صديءَ جي شخص ۽ اجتماعي وارداتن کي هڪ فلم وانگر اسان آڏو آندو ويو آهي، جيڪي سچ پچ حيرت ۾ وجهيو ڇڏين ۽ سوچڻ تي مجبور پڻ. هيءُ ڪتاب سنڌ جي ثقافت کاتي ڇپايو آهي، جيڪو جس لهڻي.

No comments:

Post a Comment