اچو ته ھِند ۾ سنڌ بڻايون
لکمي کلاڻي
هيمنت ڪمار سنگهه
پاٽنا (بهار) جو رهاڪو آهي. هن ويجهڙائيءَ ۾ هڪ هندي ناول لکيو آهي. ”آئو هند ۾ سنڌ بنائين“. هن ناول جو نايڪ پاٽنا يونيورسٽيءَ ۾ اتهاس جو پروفيسر رگهنندن سنگهه
آهي. هن عالم ڀارتي اتهاس ۾ سنڌ جو ترسڪار ۽ ان جا خراب نتيجا موضوع جو گنڀيرتا سان
اڀياس ڪري پنهنجي لکيل ان ٿيسز تي ڊاڪٽريٽ حاصل ڪئي آهي.
هن ناول جي شروعات هن نموني ٿئي ٿي، پروفيسر رگهونند ۲ جنوري ۲۰۰۵ تي پنهنجي ونيءَ سان فليٽ
جي بالڪني ۾ شام جي چانهه پي ڪري اڃا اٿيو ئي هو، جو سندس موبائيل وڄڻ لڳو. نمبر پروفيسر
بپن جو هو، بٽڻ دٻائيندي ئي هن جو آواز آيو، سر توهان جي سنڌ مٿان حملو ڪيو ويو آهي،
اهو به ڀارت جي سپريم ڪورٽ ۾، ڪنهن ڀٽناگر نالي واري شخص PIL داخل ڪري قومي گيت مان سنڌ هٽائڻ جي گهر ڪئي آهي.
هن جو چوڻ آهي ته جڏهن صوبو هاڻي ڀارت ۾ ڪونهي ته پوءِ قومي گيت ۾ سنڌ جو هئڻ غلط آهي.
هن جي اها به گهر آهي ته سنڌ جي جڳهه ٻيو ڪو (ڪشمير جهڙو) صوبو جوڙڻ کپي، سڀني ٽي وي
چئنلن تي اها خبر اچي رهي آهي، توهان به ٽي وي چالو ڪري ڄاڻ حاصل ڪري سگهو ٿا.
هيءَ خبر ٻڌندي پروفيسر رگهونندن جي اندر ۾ زبردست ڪاوڙ پيدا ڪئي. هي
ڪهڙا غليظ سوچ وارا مورک شخص آهن، جيڪي اسان جي پاڪ احساسن سان هٿ چراند ڪري رهيا آهن.
ڀارت سرڪار اڳ ۾ ئي ان جو خلاصو ڪري چڪي آهي ته قومي گيت ”سنڌ“ ڪنهن هڪ خاص صوبي جو
نه، بلڪ اسان جي ڀارتي تهذيب جو اهڃاڻ آهي. ورهاڱي بعد لکن جي تعداد ۾ سنڌي ڀارت ۾
وسجي، اسان جي سماج جو نه ٽٽندڙ حصو بڻجي چڪا آهن. هنن جي احساسن کي ضربڻ جو اسان کي
ڪو حق ڪونهي ۽ نه ئي اسان کي پنهنجي شاندار ماضيءَ تان هٿ کڻڻ جو.
پروفيسر سنگهه ارادو ڪري ورتو ته هيءَ لڙائي رڳو سنڌين جي ناهي هر هڪ
ڀارت واسيءَ جي آهي جيڪا اسان سڀني کي گڏجي وڙهڻي آهي. اها حققت آهي ته ڀارت جي تاريخ
۾ سنڌ سان ڏاڍايون ٿيون آهن، ڀارت جي آزاديءَ لاءِ به کين پنهنجي سموري صوبي جي قرباني
ڏيڻي پئي، بنگالين کي اڌ بنگال مليو، پنجابين کي اڌ پنجاب پر سنڌين جي پيرن هيٺان سندن
سموري زمين کسڪي وئي. اٽي لٽي اجهي لاءِ کين سڄي ڀارت ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ در در ڀٽڪڻو
پيو. ڀارت سرڪار وٽ سنڌين کي هڪ هنڌ ٿانئيڪو ڪرڻ لاءِ ڪا پلاننگ نه هئي، جيئن هو پنهنجي
روزيءَ سان گڏ پنهنجي ٻولي، ادب ۽ تهذيب جي سڃاڻپ قائم رکي سگهن. اڄ بنا پنهنجي ڌرتيءَ
جي هنن لاءِ سڃاڻپ جو مسئلو پيدا ٿي ويو آهي، ڪنهن به صوبائي سرڪار جي سرڪاري ٻولي
نه هئڻ سبب سنڌي ٻوليءَ جي گهرج ۽ واهپو ڏينهون ڏينهن گهٽجندو ويو آهي. اڄ اها سنڌي
گهرن مان به گم ٿيندي پئي وڃي. بنا پنهنجي ڀونءِ جي ٻولي ۽ تهذيب جا سلا ڪنهن به ڌاري
ڌرتيءَ تي اسري ۽ ٽڪي سگهندا، اهو سوچڻ بيوقوفي آهي.
پروفيسر رگهونندن سنگهه فيصلو ڪري ورتو ته هو سپريم ڪورٽ ۾ پاڻ حاضر رهي،
سنڌين سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي، سندن هن قومي گيت مان سنڌ هٽائڻ واري هن پٽيشن جي مخالفت
ڪندو، پر ان کان اڳ هو هند ۾ سنڌين جي موجوده حالتن جو پوريءَ طرح اڀياس ڪندو. ”پاٽنا“
جي ٻُڌ ڪالوني ۾ سنڌين جا سَو کن گهر هئا، کين اتي هڪ پئنچائتي جڳهه ۽ ان ۾ جهولي لعل
جو مندر هو. پاٽنا جو مشهور ڪوزي حلوائي سنڌي هو. هن جي معرفت هو هتان جي مڪاني سنڌين
سان حال احوال ٿيو. هن کيس سنڌي ڪالونيءَ ۾ وٺي وڃي اتان جي بزرگ پولن داس ڀاوناڻي
۽ ٻين معزز سنڌين سان ڏيٺ ويٺ ڪرائي. پاٽنا جا سنڌي، هڪ مڪاني بهاري پروفيسر جو همدرداڻو
رخ ڏسي هن کان بيحد متاثر ٿيا ۽ هن سان پنهنجا ڏک سور ونڊيائون. ڪيئن نه هو نڌڻڪا ٿي،
اگهاڙين پيرين ڀارت آيا، ڏينهن رات محنت مزدوري ڪري ٻارن جو پيٽ پاليائون، ڪنهن جي
اڳيان خيرات لاءِ هٿ نه ڦهلايائون. پاڻ مڪاني ماڻهن جي ٻولي سکي، هنن سان پريم وڌائي
کيس پنهنجو ڪيائون. جيئڻ لاءِ جدوجهد ڪندي، پنهنجن وڏڙن وٽان مليل روايتن کي تلانجلي
نه ڏنائون.
انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي بليٽن مان حاصل ٿيل ڄاڻ جو پيرو وٺي
پروفيسر سنگهه آديپور، گانڌيڌام ۽ اتان نارائڻ سرور، ڪوٽيشور، لکپت، ڪڇ جو اهو علائقو
ڏسي آيو جتي سنڌو ندي ٻه سَو سال اڳ سنڌ ساگر ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. ان جڳهه تي ئي دنيا جو
وڏي ۾ وڏو جهولي لعل تيرٿ ڌام اڏڻ جون تياريون هلي رهيون آهن. سنڌالاجيءَ مان کيس سنڌي
تهذيب، سڀيتا ۽ ادب جي ڄاڻ ڏيندڙ ڪيترائي ڪتاب هندي انگريزيءَ ۾ مليا ۽ سنڌين بابت
هن جي اندر ۾ پيدا ٿيل پيار ۽ احترام وڌندو ويو.
پروفيسر سنگهه اپريل ۲۰۰۵ع
جي پهرئين هفتي دهلي پهچي هڪ سنڌي ڪٽنب جو پيئنگ گيسٽ بڻيو ۽ جيئن ئي سپريم ڪورٽ ۾
ڪيس هليو هو. لاڳيتو چاليهه ڏينهن ڪورٽ ۾ هن شنوائيءَ جي پيروي ڪندو رهيو. برک وڪيل
رام ڄيٺملاڻي هن داخل ٿيل پٽيشن خلاف زوردار دليل پيش ڪيا. آخر ڪورٽ سڳوريءَ طرفان
۱۳ مئي
۲۰۰۵ع تي جج آر سي لاهوٽيءَ سرڪار ۽ سنڌين جي حق ۾ فيصلو
ٻڌائي ڀٽناگر جي داخل ڪيل PIL کي خارج ڪري ڇڏيو، ۽ هن مٿان ڪورٽ جو وقت ضايع ڪرڻ لاءِ ڏهه هزار رپين جو
ڏنڊ مڙهيو. سڄي ديس اندر سنڌي سماج ۾ شادمانا ٿي ويا. هڪ هفتي جي تياريءَ بعد ۲۰ مئي تي دهليءَ ۾ هڪ وڏو جلوس
ڪڍي سپريم ڪورٽ جي سامهون پرگتي ميدان ۾ هزارن جي تعداد ۾ گڏ ٿيل سنڌين سپريم ڪورٽ
۽ هند سرڪار جا شڪرانا مڃيا.
پروفيسر سنگهه ٻئي ڏينهن پاٽنا موٽي اچي، پنهنجي يونيورسٽي جي پروفيسرن
۽ شاگرن جي وڏي شاهي ميڙ ۾ قومي گيت ۾ ”سنڌ“ برقارار رکڻ لاءِ سنڌين جي هن هلايل مهم
جو سربستو احوال ڏنو.
هن ميڙ ۾ شريڪ ٿيڻ کان اڳ پروفيسر سنگهه پنهنجي نيم انوسار گنگا ۾ اشنان
۽ ڪالي ماتا جو درشن ڪرڻ ويو ۽ ڪالي ماتا جي سامهون ڪي کن سماڌيءَ ۾ لين ٿيڻ بعد هن
جي ڪنن ۾ هڪ ازغيبي آواز گونجڻ لڳو. سنڌ راڄ جي وڌڻ ويجهڻ واري ڪم ۾ لڳي وڃ. سنڌ راڄ.
يونيورسٽي ۾ اچي هن پنهنجي ساٿي پروفيسرن ۽ شاگردن سان هن الهامي آواز
جو ذڪر ڪيو، سڀيئي شامل راءِ ٿيا ته هند ۾ سنڌ بڻجڻ کپي. البت سندس هڪ پياري شاگردڻ
شالنيءَ پنهنجو شڪ ظاهر ڪيو، ته سر! اسان ته توهان سان پوريءَ طرح سهمت آهيون پر ڀارت
اڳ ۾ ئي جدا جدا ٻولي وارن حصن ۾ ورهايل آهي، ڪهڙو صوبو سنڌ لاءِ پنهنجو زمين ٽڪر ڪڍي
ڏيندو؟
پاٽنا يونيورسٽي جو وائيس چانسلر بهار جي گورنر ۽ بهار جي وزير اعليٰ
پروفيسر سنگهه جي رٿ جي تائيد ڪئي ته ڀارت جي لاءِ ۽ سنڌ جو ڀارت مٿان چڙهيل قرض چڪائڻ
لاءِ کين هند ۾ سنڌ بڻائڻ جي پهل ڪرڻ کپي. اهو سنڌ اڏڻ جو ڪارنامو بهار جي آبرو وڌائيندو،
پر مسئلو هڪ ئي هو ته ”سنڌ“ کي اڏڻ لاءِ زمين ڪٿان ملندي؟
ان سوچ ۾ مگن پروفيسر سنگهه جي ذهن ۾ آخر کنوڻ جيان هڪ ويچار کڄي آيو،
هن واڪو ڪري چيو يوريڪا! يوريڪا!
ويچار کي وڏي طاقت آهي، ”سنڌ“ جوڙڻ جي اها رت آخر ڪيئن عمل ۾ آندي وئي،
اهو توهان خود هن ناول ۾ پڙهي سگهو ٿا.
هن ناول ۾ هنديءَ جي نامياري ليکڪ ڦڻيشور ناٿ رينو
جو ۱۹۴۵ع ۾ ”هنڪار“ مخزن ۾ ڇپيل
ليک ”سنڌ ۾ گذاريل ۱۹ مهينا“ شامل ڪيو ويو آهي. هي ناول پڙهندي سنڌين جو
ڪنڌ سرخرو ٿي ويندو. اهو هر هڪ سنڌيءَ کي پڙهڻ گهرجي.
No comments:
Post a Comment