28/12/2012

الطاف شيخ جي مهانتا - آفتاب ابڙو



الطاف شيخ جي مهانتا
”رٺي آھي گھوٽ سان“ ڪتاب جو پيش لفظ
آفتاب ابڙو
الطاف شيخ جي مهانتا صرف ان ڪري نه آهي ته هو عام زندگيءَ ۾ نهايت صاف گو ۽ کرو ماڻهو آهي. يا هن اڌ دنيا جي معلومات اسان تائين پهچائي آهي، بلڪ هو ان لحاظ کان به وڏو ماڻهو آهي، جو هن پنهنجي لکڻين ذريعي لکين پڙهندڙ پيدا ڪيا آهن. مون ڪيترن دوستن کي ڏٺو آهي، جن کي چڱي معلومات وارو ڪتاب هٿ ۾ کڻندي ئي ٻرو چڙهي ويندو آهي، پر جڏهن اُهي الطاف شيخ جو ڪو سفرنامو ڏسڻ ڪاڻ وٺندا آهن ته پڙهي پوري ڪرڻ کان اڳ، موٽائي ڏيڻ جو نالو ئي نه وٺندا آهن. ڪتاب جتان به شروع ڪيائون، ان کي اڌ ۾ ڇڏي، مهڙ کان پڙهڻ لڳندا آهن. اهڙي نموني منجهن پڙهڻ جي هيرَ پئجيو وڃي.

الطاف شيخ دنيا جي جنهن به ڪنڊ ۾ ويو آهي، اتان ڪانه ڪا وٿ ونڊي آيو آهي. هن دنيا جي هر وٿ کي “اُلٽي اک” سان ڏٺو آهي. جنهن ۾ کيس سنڌ ۽ سنڌ سان واسطو رکندڙ شيون نظر آيون آهن. کيس بينڪاڪ گهمندي، بوبڪ نظر آيو آهي ته سئزرلينڊ ۾ به سيوهڻ جا سير ڪندو رهيو آهي. جتي به کيس اعلى انساني قدر، اوچي ڳاٽ نظر آيا آهن، اُتي هن سنڌ کي ياد ڪيو آهي ته ڪاش اُهي گڻ اسان جي ماڻهن ۾ هجن ته هوند اسان به اڄ انهيءَ پَدَ تي هجون ها. اُها دنيا جي ڪهڙي شيءِ آهي، جنهن جو هن ذڪر نه ڪيو آهي! جديد ترين موٽر گاڏين کان وٺي، ڪاغذن جي ٽڪرن کي سليقي سان اڇلائڻ تي هن لکيو آهي. ماڻهن جا ڪهڙا گڻ يا اوگڻ آھن، جيڪي کانئس اوجهل رهيا آهن.
الطاف شيخ لکيو آهي، خوب لکيو آهي. اهو نه ڏسندي ته ان ۾ گرامر جون غلطيون آهن، يا محاوري جا مونجهارا، پر هن لکيو آهي. سچائيءَ سان، همت سان، صرف هڪ جذبي خاطر ته اِهي ڳالهيون اسان وٽ هجن، اسان جا نوجوان ايتري محنت ۽ لڳاءَ سان ڪم ڪن، جو جرمني، جپان، سنگاپور۽ سئزرلينڊ واري ترقي سنڌ جو مقدر بڻجي. ڪاش! اسان جا ماڻهو دنيا جي نئين رنگ ۽ ڍنگ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪن، هو به اهي طريقا اختيار ڪن، جن سان دنيا جي ٻين ماڻهن ترقي ڪئي آهي. شل! اسان جا ماڻهو پراڻين ريتن ۽ رسمن کي ڇڏي، بدليل دنيا جو رنگ ۽ ڍنگ اختيار ڪن.
”الطاف شيخ ڪوڙيون ڳالهيون لکي، ماڻهن کي ڀنڀلائي ٿو.“ مون کي اهي لفظ، هڪ اهڙي ماڻهو چيا، جيڪو ڪجهه وقت اڳ جهازي نوڪري ڪري چڪو هو. ”مان انهيءَ جو فيصلو نٿو ڪري سگهان، جو مان پاڪستان کان ٻاهر ڪونه ويو آهيان.“ مون کيس وراڻيو. دل ۾ سوچيم: اهو به ممڪن آهي جيئن چوندا آهن؛ فقير فقير کي نه سهي. شيون سڀ ساڳيون، اک اک جو ڦير هجي. هن ويچاري کي اُهي شيون ائين نظر نه اينديون هجن، جيئن الطاف شيخ صاحب پَسيون آهن، ڇاڪاڻ ته،
Beauty lies in the eyes of the beholder.
ليلى ته رنگ جي ڪاري هئي پر مجنون کي موهي وڌائين. ساڳيو فليٽ ٻچڙن جو اجهو ٿي سگهي ٿو ته يارن جي عياشي جو اڏو به. اڌ ڀريل گلاس، ڪن کي اڌ خالي نظر اچي ٿو ته ڪن کي اڌ ڀريل. پر جيڪڏهن ڪنهن مصلحت خاطر، الطاف شيخ صاحب مبالغي کان ڪم ورتو آهي ته فارسي واري جي چواڻي؛ دروغ مصلحت آميز، به از راستي فتنه انگيز.
هن کان اڳ، الطاف شيخ رڳو سفرناما لکيا آهن، پوءِ الائي ڪيئن هن صنف طرف ڌيان پيو اٿس. ”پهاڪا ۽ چوڻيون“ لوڪ ادب جو نهايت اهم حصو آهن، جيڪي ڪنهن قوم جو گڏيل ورثو ٿين ٿا. انهن جي مطالعي مان محسوس ڪري سگهجي ٿو ته ان قوم جو سماجي شعور ڪهڙي پد تي آهي. زماني جي لاهين چاڙهين کي هو ڪيئن ٿا ڏسن. مختلف عملن ڏانهن سندن رويو ڪهڙو آهي. هو عام زندگيءَ ۾ ڪهڙي عمل کي گهٽ سمجهن ٿا ۽ ڪهڙي ڪم کي وڌيڪ اهميت ڏين ٿا. جيئن هڪ جپاني چوڻي آهي؛ ”مهمان کي ڇڙٻ ڀلي ڏيو، پر کيس بک نه ماريو“. فارسيءَ جي چوڻي آهي؛ ”بخدمت مَنِه دست بر پاءِ من، مُرا نان ده و کفش برسر بزن“. معنى خدمت سان منهنجي پيرن تي هٿ نه رک، مون کي ماني ڏي ۽ ڀلي پادر مٿي تي هڻ. ان لاءِ سنڌيءَ ۾ پهاڪو آهي؛ ”پيٽ ڀر، پٺي لڏ“،  يا ”ڀلي بک ڀرم جي شال نه وڃي شان.“ يا ڪي ايئن چون؛ ”ماني ڪاڻ مانُ، نه وڃائجي“. هر قوم جا پنهنجا سماجي رويا ٿين ٿا. انهن جي اڀياس جو بهترين ذريعو ان قوم جا پهاڪا ۽ چوڻيون آهن. پهاڪا اجتماعي شعور جو نچوڙ هوندا آهن، جيڪي صدين پڄاڻان ٺهندا آهن. پهاڪا ڏور، بيت يا عام شاعريءَ وانگر ڪونه ٺاهبا آهن. اُهي مختلف سُچيتن جي سوچ مان گذري، پاڻ مرادو عمل ۾ ايندا آهن. ها، البت ايئن به ٿيو آهي ته ڪچهريءَ ۾ ڪن گوهرن گفتا چيا، جن ۾ ايتري ته گهرائي ۽ مشاهداتي سگهه هئي، جو جن ٻڌا، انهن جي هِينئين ۾ هُري ويا ۽ آهستي آهستي لوڪ پَڌاريا ۽ عام ٿي ويا. اسان وٽ اهڙا مثال به آهن، جو ڪن شاعرن جون سٽون پهاڪن طور استعمال ٿيون آهن.
 جيئن شاهه ڪريم جون هي سٽون:
”هٿ ڪم ڪارڏي، دل يار ڏي.“
”منڊي ماڪوڙي کوهه ۾ پئي ڪڇي اُڀ“
”سيئي سيل ٿيام، پڙهيام جي پاڻ لاءِ“
”پاڻي سڀ ڪا ڀري، ڪا پورهيي لاءِ ڪا يار لاءِ“
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جون سٽون:
”جو وڙ جُڙي جن سين، سي ئي سو وڙ ڪن“
”محبتي ميڙي ڳوٺ ٻڌجي هڪڙو“
”ڪا ڪانه ويئي، هوت پڇڻ هٽ تي“
شيخ اياز چواڻي:
       ”ڍؤَ بنا ڍوليا، ناهي ساڃهه سونهن جي“
سٽون ته سوين، پر هر سٽ پهاڪو نٿي بنجي. پهاڪي لاءِ ضروري آهي ته ان ۾ ڪا حڪمت هجي، ڪو اونهو اسرار هجي، ڪو نصيحت ڀريو نڪتو هجي. انهن لفظن ۾ اهڙي گهرائي هجي، جو هڪوار دل مڃي ته چوندڙ سچ ٿو چئي. واقعي زماني ۾ ائين پيو ٿئي. جيئن:
”جنهن جو بد بنياد، تنهنجو ميوو مٺو نه ٿئي“
”پوءِ ڍائي کان قرض نه کڻجي، توڙي لک لُٽائي“
”جن جي گنديءَ ۾ داڻا، تن جا چريا به سياڻا“
سنڌي پهاڪا، پنهنجي سٽاءَ ۾ وزن رکن ٿا، ڀلي اهي هڪ سٽ تي مبني ڇو نه هجن، پر انهن ۾ ردم هوندو، لئي هوندي، چوڻ ۾ سهنجائي هوندي. ڪي پهاڪا ته مورڳو بيتن جيان ٿين، پر سولائي خاطر انهن جا اڳيان يا پويان بند استعمال ٿين ٿا. جيئن عام پهاڪو آهي؛ ”ڀلي بک ڀرم جي، شال نه وڃي شان.“ ان جي ٻي سٽ آهي؛ ”الله ڏئي ايمان، گوڏا ڏئي گذارجي.“ يا جيئن مٿي ڄاڻايو ويو آهي؛ ”جنهن جو بد بنياد، تنهنجو ميوو مٺو نه ٿئي“. اهو پهاڪو اصل ۾ هن ريت آهي:
ڪوڻ کي پاڻيءَ جان، پيڙي پياريم ڪماند،
نڪو زهر زمين ۾، نڪو ڌرپاند،
ڪمائي ڪم ذات سان، وڃي ٿي وڙواند،
جنهن جو بد بنياد، تنهنجو ميوو مٺو نه ٿئي.
(ڪُوڻ _ اَڪُ)
يا هڪ ٻيو پهاڪو ڏيندا آهن ته:
          ”لاهي ويهه لنگها، آريجن مان آسرو“
اهو سڄو پهاڪو هن ريت آهي.
”لاهي لنگها ويهه، آريجن مان آسرو،
پـــني پرائو ڏيهه، اچي کاءُ آريجن ۾.“
(آريجا_ هڪ ذات ۽ تعلقي ڏوڪري جو مشهور شهر)
سنڌي پهاڪا، گهڻي قدر تجنيس حرفي تي ٻڌل هوندا آهن. انهن جو خيال ڪرڻ گهرجي. ڪنهن کي به اهو حق نٿو پهچي ته هو پهاڪن سان هٿ چراند ڪري ۽ پنهنجي مرضي مطابق انهن ۾ ڦير گهير ڪري، مثال ڪو چوي ته:
          ”سڀ ڪو پاڻ کي سير ٿو سمجهي ۽ پاءُ ڪو ڪونه سڏائي“
هاڻي جڏهن سير جو رواج ختم ٿي ويو آهي، ان جاءِ تي ڪلو ”Kilo“ وجهون ته ايئن هرگز روا نه آهي.
پهاڪن کان پوءِ چوڻين جو درجو آهي. انهن ۾ به ڪانه ڪا سمجهه ڀري ڳالهه سمايل هوندي آهي. ڪونه ڪو نصيحت ڀريو نُڪتو هوندو آهي. چوڻين ۾ ايتري گهرائي ڪانه هوندي آهي، جيتري پهاڪن ۾. اسان کي بهرحال چوڻين ۽ پهاڪن ۾ فرق ڪرڻ گهرجي. ڏک سان چوڻو ٿو پوي ته اڄ ڪلهه انهن شين جو رواج ختم ٿيندو پيو وڃي. هن ڪم دوران مون ڪافي دوستن کان پهاڪا پڇيا، هنن نهڪر ۾ جواب ڏنو. گهڻن دوستن، جيڪي وڏا اديب به ليکيا وڃن ٿا، انهن چيو ته هنن اهي پهاڪا ٻڌا به ڪين آهن. سو ڀانئيان ٿو ته هن ڪتاب وسيلي هڪ نئين لهر ايندي ۽ ماڻهو پهاڪن ۽ چوڻين طرف راغب ٿيندا.
چوڻيون ڪن خِطن ۽ علائقن تائين به محدود ٿين ٿيون، ته ڪن ۾ وري مڪاني محاوري جو اثر نظر اچي ٿو، جيئن هن چوڻيءَ جو مثال آهي:
          ”ڪاڻيءَ جي ڪاڄ ۾ نيکٽ به گهڻا“
سکر ۽ خيرپور واري علائقن ۾ وري چون:
          ”ڪاڻيءَ جي ڪاڄ ۾ ڇيڏڪ به گهڻا“
ڪاڪي ڪيول رام پنهنجي ڪتاب ”گل شڪر“ ۾، جيڪو 1869ع ڌاران تيار ٿيو ۽ 1905ع ڌاري شايع ٿيو، مٿين چوڻي هن ريت لکي آهي:
”ڪاڻي جي وهانو ۾ سنگهٽ به گهڻا“
بهرحال جيئن ته اسان جو تحقيق طرف توجهه گهٽ آهي، ان ڪري پهاڪا ۽ چوڻيون، عام استعمال مان ختم ٿيندا پيا وڃن. اڃا به ڳوٺن ۾ انهن جو وهنوار آهي، باقي شهري زندگيءَ ۾ ته ڳولئي نٿا لڀن. اڃا به وري اڙدو يا ٻين ٻولين جا پهاڪا استعمال هيٺ اچن ٿا، جن کي اسان جا معتبر ماڻهو ”ڪهاوت“ ڪري پيش ڪندا آهن، ڄڻ کين خبر ئي نه آهي ته سنڌ ۾ ”پهاڪو“ يا ”چوڻي“ به ڪا شي آهن.
اڳ، اديب ۽ ادارا، انهن ڳالهين طرفن توجهه ڏيندا هئا، ۽ سال به سال پهاڪن ۽ چوڻين تي نوان ڪتاب پيش ڪندا هئا. جيئن ڪاڪي ڀيرو مل پهاڪن تي ٻه ڪتاب تيار ڪيا؛ ”گلقند“ (1926ع) ۾ سنڌي پهاڪن سان ميل کائيندڙ هندي پهاڪا ۽ چوڻيون ڏنيون اٿائين. جڏھن ته ”پهاڪن جي پيڙهه“ ۾ پهاڪن ۽ چوڻين جي اصليت آندي اٿائين. اهڙي طرح ڪاڪي ڪيولرام سلامت راءِ ”گلشڪر“ ۾ سنڌي پهاڪن سان گڏ فارسي جا پهاڪا ۽ ڪن هنڌن تي هنديءَ جا مثال ڏنا آهن. مرزا قليچ بيگ به انهيءَ صنف تي قلم کنيو ۽ 1926ع ۾ ”پهاڪن جي حڪمت“ تيار ڪري ڇڏيائين، جنهن ۾ سنڌي، هندي، عربي، فارسي ۽ انگريزيءَ جا مثال ڏنل آهن. اهڙي ڪوشش اسان جي نامور محقق، لغت ۽ لوڪ ادب جي مهاڄاڻو مرحوم ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي صاحب به ڪئي ۽ وڏي جستجو ۽ جاکوڙ کان پوءِ ”پهاڪن جي پاڙ“ ڪتاب تيار ڪيائين، جيڪو هن پاڻ 1966ع ۾ شايع ڪيو. ان کي سنڌي ادبي بورڊ 1989ع ۾ ٻيهر ته شايع ڪيو، پر سندس عالمانه ”مهاڳ“ ختم ڪري ڇڏيو. اهو آهي تحقيقي ڪتابن جو قدر.
1988ع ڌاري محترم سائين ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هڪ خط لکي، مون کي ڪوٺ ڏني ته سنڌي ادبي بورڊ پاران ”لوڪ ادب رٿا“ جو ٻائيتاليھون يا ٽيئيتاليھون، پهاڪن بابت ڪتاب جو، اڳين شايع شده مختلف ڪتابن کي ڀيٽي، معياري متن تيار ڪيان. ان لاءِ پاڻ مهرباني ڪري هڪ خاڪو به تيار ڪيائون، جنهن تي اڪتفا به ڪئيسين. پر جڏهن معاوضي وغيره جون ڳالهيون نڪتيون ته سائين جن ماٺڙي ڪري ويا. اسان به خاموش ٿي وياسين. خبر ناهي اهو ڪم الائي ڪاٿي پهتو!
جڏهن محترم الطاف شيخ صاحب هي ڪم ڏنو ته مون کيس عرض ڪيو؛ ”پهاڪن جي ٻولي معياري نه آهي. ڪافي شيون اڳ پوءِ ٿي ويون آهن. ان کان علاوه انهن جي ترتيب، نه ته موضوع وار آهي ۽ نه وري الفابيٽ مطابق آھي، جنهنڪري ڳولڻ ۾ ڪافي ڏکيائي ٿئي ٿي. بهتر ٿيندو ته مختلف ڪتابن کي ڀيٽي، ڪو موچارو ڪتاب تيار ڪجي. ٻيو ته گهڻن پهاڪن ۽ چوڻين ۾ مثال / وضاحتون ڏنل نه آهن. ان لاءِ به سوچ ويچار ڪجي.“ پر پاڻ ٻڌايائين ته کيس جلدي آهي. اهو تحقيقي ڪم 97 _ 1996ع ۾ کڻنداسين. وٽس ٻيا به ڪجهه پهاڪا ۽ چوڻيون آهن، جن کي ڀيٽي اتارڻو آهي. بهرحال، هن ڪتاب ۾ سردست جيڪي پهاڪا ياد آيا، اُهي ٺيڪ ڪيا اٿم. ٻوليءَ ۾ به ضروري هنڌن تي اصلاح ڪئي اٿم. جڏهن ته اڃا به ڪافي گنجائش موجود آهي.
هن ڪتاب ۾، الطاف چئن اهم قومن جا، جيڪي دنيا ۾ پنهنجي ثقافت سان سڃاتيون وڃن ٿيون، پهاڪا ۽ چوڻيون ڏنيون آهن. انهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ڀاڱو سوايو آهي. شايد الطاف محسوس ڪيو هجي ته اڄ جيڪا ٻولي اخبارن توڙي ڪتابن ۾ ڪتب آندي وڃي ٿي اُها پهاڪن / چوڻين ۽ محاورن کان سواءِ آهي. اڄ سنڌي ٻولي جو اهو رنگ نه رهيو آهي. ڇسي ۽ ٻُسي پئي لڳي. پهاڪن / چوڻين سان نه رڳو ٻولي رونقدار ۽ وڻندڙ ٿئي ٿي، پر ڳالهه جو مايو به وڌي وڃي ٿو. ٻڌندڙ فوري طور تي متوجهه ٿين ٿا ۽ چوڻ وارو پنهنجو مطلب مختصر لفظن ۾ اثرائتي انداز ۾ چئي وڃي ٿو.
هن ڪتاب ۾ سنڌي سان گڏ، ملئي، چيني ۽ جپاني پهاڪا ۽ چوڻيون ڏنيون ويون آهن، جيڪي انهن قومن جي سماجي شعور جو عڪس آهن. ساڳئي وقت الطاف پنهنجي وسيع مشاهدي ۽ مطالعي جي آڌار تي ڏاڍا ٺهڪندڙ مثال به ڏيندو ويو آهي، جن ڪتاب کي دلچسپ بنايو آهي. سبق آموز ڳالهين سان گڏ، وڻندڙ ۽ کلائيندڙ ٽوٽڪا ۽ لطيفا به شامل ڪيا اٿس. جيڪي ڳالهيون ٻين قومن جون وڻيون اٿس، انهن جي تعريف ڪئي اٿائين ۽ وس پڄندي انهن جا مثال سنڌي ٻوليءَ ۾ ڳولهيا اٿائين. جيڪي ڳالهيون اڄ جي دؤر جي لحاظ کان مناسب نه آهن پر روايت پسند جپان ۾ رائج آهن، ته انهن جي نفي ڪئي اٿائين. اهڙي طرح سماجي ريتن، روايتن ۽ مثالن جي اثرائتي نموني ۾ ڀيٽ ڪندو ويو آهي. اها ڀيٽ / مطالعو سوشالاجي جي شاگردن لاءِ ڪارآمد ثابت ٿي سگهي ٿو.
الطاف، جيئن ته دنيا ڏٺي آهي، وڻ وڻ جي ڪاٺيءَ سان مليو آهي ۽ ننگر ننگر يا گهاٽ گهاٽ جو پاڻي پيتو اٿائين، ان ڪري سندس مشاهداتي پرک انتهائي معياري آهي. هن ڪتاب ۾ پهاڪن جي چونڊ، جيڪو سندس لاشعوري عمل آهي، پڙهندڙن جي مطالعي / معلومات ۾ بيحد اضافو ڪري ٿي. سوچن جا نوان گوشا اڀرن ٿا ۽ ڪجهه ڪرڻ لاءِ اتساهه پيدا ٿئي ٿو. منهنجي خيال ۾ ڪنهن ڪامياب تحرير ۾ اهي گڻ ئي ڪافي آهن.
الطاف شيخ، لاشڪ، اسان جو قومي سرمايو آهي. خدا کيس وڏي حياتي ڏئي. جُڳ جُڳ جيئي ۽ جَڳَ ڏسي پسي ۽ سنڌ واسين کي معلومات پهچائيندو رهي. سوچيندڙن لاءِ نوان گس گهڙيندو رهي.

No comments:

Post a Comment