04/12/2012

ابناسي جبران ۽ ”آبشار“ - رياضت ٻرڙو


خليل جبران جي ڪتاب ”آبشار“ جو مهاڳ
ابناسي جبران ۽ ”آبشار“
رياضت ٻرڙو
جبران خليل جبران (ڄم: 6 جنوري 1883 ـــــ وفات: 10 اپريل 1931ع) جو نانءُ سنڌي پڙهندڙن لاءِ نئون نه آهي. هُو انهن ليکڪن مان آهي، جن جي لکڻين کي بي انتها پيار ۽ پنهنجائپ منجهان دنيا جي تمام گھڻن ماڻهن پڙهيو آهي ۽ سندس فڪر ۽ فن کي عزت جي نظرن سان ڏٺو آهي. ايتري قدر جو کيس لبنان جو ابناسي پيغامبر ۽ پنهنجي دور جو عالم (سَيوان، Savant) سمجهيو ويندو آهي.
هتي هڪ سوال ذهن ۾ اچي ٿو، ته نيٺ اها ڪهڙي سگهه آهي جيڪا لکڻين ۾ اها سونهن ۽ سمجهه سمائي ٿي، جيڪا کين امر بڻائي ٿي؟

هي سوال تنقيدي علم جي حوالي سان نئون نه آهي. ان بابت گھڻي وقت کان پئي سوچيو ويو آهي ۽ نَون رُخن کان ان بابت ويچار ونڊيا ويا آهن. هت مٿئين سوال جي لحاظ کان بحث جي گنجائش نه آهي. هن هنڌ مان ان سوال ۾ ڪتب آندل لفظن کي خليل جبران جي لکيتن جي پس منظر ۾ ڏسڻ چاهيان ٿو. ٻيءَ طرح چئجي، ته خليل جبران جي لکيتن ۾ اها ڪهڙي سگهه آهي جنهن هن جي فڪر ۽ فن کي عمومي توڻي خصوصي قبوليت ۽ مڃتا ڏياري ڪلاسڪس ۾ شامل ڪيو آهي؟
ان سوال جو مناسب جواب خليل خبران جي زندگيءَ جي اڀياس مان ڄاڻي سگهجي ٿو، جيڪا فقط 48 ورهين جي آهي. جبران جي زندگيءَ بابت هِن ڪتاب ”آبشار“ ۾ ڪتاب جو عربيءَ مان انگريزي ترجمو ڪندڙ ڊاڪٽر جارج خير الله (Dr. George Kheirallah) صاحب جو تاثراتي ٻوليءَ ۾ لکيل جيون ڪٿائي تعارف (Biographical introduction) پڻ شامل آهي، جنهن جي پڙهڻ سان اندازو ڪري سگهجي ٿو، ته جبران جي ڪلاسيڪل قلمڪار بڻجڻ ۾ پهرين نمبر تي سندس زندگيءَ جي ڏکن ڪيڏو نه وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي، خاص طور جڏهن سندس ماءُ ۽ ڀاءُ گذاري ويا ۽ ٻئي نمبر تي لبنان ۾ شام جي تاريخي جڳهن، دڙن ۽ آڳاٽن تهذيبي يادگارن جي سير ۽ سفر ڪيئن نه فڪري بنياد پُختا ڪيا آهن. ان کان سواءِ چئن ماڻهن جِي جبران جي زندگيءَ ۾ گھڻي اهميت آهي: (1) سندس ماءُ رحمه، جنهن جبران جي تعليم لاءِ عملي سوچ ڪئي، (2) سندس ڀاءُ پيٽر، جنهن جبران جي تعليم لاءِ محنت ڪئي ۽ جنهن جي اصرار تي جبران عربي ۽ فرانسي ٻوليون سکيون، (3) سندس ڀيڻ ماريانا، جنهن رحمه ۽ پيٽر جي وفاتن کان پوءِ جبران کي پڇتاءَ، پيڙا ۽ مايوسيءَ جي دٻاءَ مان ٻاهر ڪڍي، کيس مصوريءَ ۽ لکڻ لاءِ زور ڀريو، ۽ (4) سندس دوست ميري هيسڪل، جنهن جبران کي انگريزيءَ ۾ لکڻ لاءِ اتساهيو ۽ ساڻس ڏکين گھڙين ۾ ساٿ ڏنو.
ان ريت هڪ چٽو پس منظر موجود آهي، جنهن مان جبران اسرندي نظر اچي ٿو. توڻي جو ڊاڪٽر صاحب جو لکيل جيون ڪٿائي تعارف جامع آهي، پوءِ به ڪي پاسا رهيل آهن، جن مان ڪي ٿورا، هيٺ نڪتن جي صورت ۾ ڏجن ٿا، جيڪي ”خليل جبران ـــــ اي سليف پورٽريٽ“ نالي، انگريزي ٻوليءَ ۾ ڇپيل هڪ ڪتاب جي مُهڙ (Preface) مان سهيڙيا ويا آهن. اهو ڪتاب جبران جي خطن تي مشتمل آهي ۽ انهن جو عربيءَ مان انگريزي ترجمو انٿوني رزق الله فيرس صاحب ڪيو آهي.
* جبران جي ماءُ جو نالو ڪيميلا هو، جا ميرونائيٽ ڪئٿولڪ پادريءَ ”فادر اسٽيفن رحماء“ جي ڌيءَ هئي (جڏهن ته سندس ڪٽنبي نالو رحمه هو).
* جبران جي پيءُ جو نالو ”خليل جبران“ هو ۽ تنهن وقت جي لبناني روايت موجب جبران جو نالو سندس ڏاڏي جي نالي تي جبران رکيو ويو (ان ريت جبران جو ولديت سميت نالو جبران خليل جبران ٿيو).
* جبرانَ عربيءَ ۾ ’جبران خليل جبران‘ ۽ انگريزيءَ ۾ ’خليل جبران‘ جي نالي سان لکيو.
* جبران جي هوڏَ تي سندس ماءُ کيس آمريڪا مان لبنان واپس موڪليو، ته جيئن هُو بيروت جي مشهور اداري مدرسته الحڪمت ۾ داخلا وٺي سگهي.
هاڻ جبران جي زندگيءَ کان پاسائتو ٿيندي، سندس لکيتن ڏانهن اچون ٿا. منهنجي خيال ۾، جبران جي قلمي سگهه جي اها وڏي خوبي آهي، ته جبران کي جڏهن پڙهبو آهي، ته سندس ٻولي هڪ نرالي آهنگ واري محسوس ٿيندي آهي، پوءِ اهو آهنگ سندس نثري ڪتابن جو هجي يا نظمي ڪتابن جو.
جبران جي لکڻين کي، جيئن دنيا جي اڪثر ٻولين ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي، تيئن سنڌي ۾ به ترجمو ڪيو ويو آهي، پر تقريباً سمورو ترجمو ڪيل مواد نثري لکيتن جو آهي. نظمي لکيتن ۾ جبران جي اهم لکت ”المواڪب“ نالي ڪتاب جي آهي، جيڪو جبران جي پهريتي عربي ڪتاب جو اعزاز به رکي ٿو. ”المواڪب“ کي عربي ٻوليءَ ۾ فڪري لحاظ کان اها ئي حيثيت ڏني وڃي ٿي، جيڪا جبران جي ٻي اهم ڪاوش ”پيغامبر“ کي انگريزي ٻوليءَ ۾، توڻي جو بنسبت ”المواڪب“، ”پيغامبر“ کي وڌيڪ مڃتا ملي آهي.
هيءُ ڪتاب آبشار خليل جبران جي ان عربي ڪتاب المواڪبجي انگريزي ترجمي ”دَ  پروسيشن“ (The procession) جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو انجنيئر شفقت حسين وَڌي صاحب گھڻي محنت سان ڪيو آهي. ان طرح پاڻ چئي سگهون ٿا ته هن پاران سنڌي ادب ۾ هڪ اهم ڪتاب جو واڌارو ٿيو آهي. اين اي ڊي انجنيئرنگ يونيورسٽي، ڪراچي، مان بِي.اِي سول انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪيل شفقت صاحب جي ادبي دنيا ۾ داخلا نئين نئين آهي: سندس ڪجهه ڪهاڻيون ۽ ترجمو ڪيل مضمون ڇپيل آهن، پر سندس بنيادي سڃاڻپ جبران جي حوالي سان آبشاربڻيو آهي.
آبشارنه صرف دَ پروسيشنجو مڪمل ترجمو آهي، جنهن ۾ ”جبران خليل جبران جي زندگي“، ”خليل جبران جو آبشار“ ۽ ”آبشار جو سڄو مواد ”پُرفيب دنيا“ کان وٺي ”دانشور جو اعتراف“ تائين شامل آهي، پر اضافي طور هڪ ڪتاب ”اي ٽريزري آف خليل جبران“ (A Treasury of Khalil Gibran) مان مارٽن ايل وولف صاحب جو آبشاربابت لکيل مُهڙ (Preface) پڻ ”آبشار بابت“ عنوان هيٺ شفقت صاحب ترجمو ڪري پيش ڪيو آهي، ته جيئن جبران جي ”آبشار“ کي اڃا وڌيڪ واضح ڪري سگهجي. ان کان سواءِ ”آبشار“ جي ”عربي ڇاپي جو عڪس“ پڻ ڏنو ويو آهي، ته جيئن ان نموني کي پڻ سنڌي ترجمي ۾ سانڍجي.
آبشارجي هڪڙي ٻي خصوصيت مواد جي ڪجهه عنوانن سان ٺهڪندڙ خاڪا/اسڪيچ به آهن. اهي خاڪا عربي ۽ انگريزي ۾ ڇپيل ڪتابن وانگر، هن سنڌي ترجمي ۾ به اوهان ڏسي سگهندا، ڇاڪاڻ ته اهي خاڪا عنوانن هيٺ آندل ويچارن کي نروار ڪن ٿا. ممڪن آهي ته ڪي رجعتي ماڻهو انهن خاڪن تي اعتراض وارين، پر انهن کي اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ جي گذارش ڪبي، ته هڪ ته اهي خاڪا جبران جو فن (آرٽ) آهن ۽ ٻيو ته اهي خاڪا عربي ٻوليءَ ۾ ئي ڇپيل ڪتاب جو حصو آهن، جتي انهن کي اعتراض جوڳو ڪين سمجهيو ويو.
توڻي جو ڊاڪٽر خير الله صاحب ”آبشار“ جي نظمن کي جبران جي لاشعوري آتم ڪٿا سڏيو آهي ۽ ان ڳالهه جو قائل آهي، ته ”آبشار کي تنقيدي طور نه پڙهيو وڃي، تڏهن به ضروري محسوس ٿئي ٿو ته ”آبشار“ بابت ٻه چار ڳالهيون ڪجن.
جبران ”آبشار جي آخر ۾ ٻن عنوانن هيٺ نتيجي کي سهيڙيو آهي:
(1) نوجوان جي ڳالهين جو تتُ، ۽
(2) دانشور جو اعتراف.
تت“ ۾ جبران ”پُرفريب دنيا“ کان وٺي ”موت ۽ ابديت“ تائين ڪيل بحث کي هن ريت نظر انداز ڪري ٿو:
          مون کي بانسري ڏي ۽ ڳاءِ!
          اسان ٻنهي جيڪي ڪجهه چيو، اهو وساري ڇڏ،
          لفظ ته فقط انڊلٺ جي ذرڙن جيان آهن...
پوءِ دانشور جي لِڪَ ۾ انسان کان ڪجهه سوال ڪري ٿو، جيڪي جبران جي فطرت سان پيار کي چٽو ڪن ٿا ۽ آخر ۾ هڪ طرف انسان کي انهن گيتن جيان سڏي ٿو جيڪي ڪنهن ننڍڙي واهيءَ تي لکيل هجن ۽ ٻئي طرف انسان کي انڌي ڪُئي وانگر ڪوٺي ٿو، جيڪو ڪوريئڙي کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ۾ پاڻ ڪوريئڙي جي ڄار ۾ ڦاسي، ڦٿڪندو رهي ٿو.
ننڍڙي واهيءَ جا گيت معنى فطرت جو ننڍڙو حصو، جيڪو وسيع ٿي، فطرت جي گھڻ رُخي پهچ ڪري سگهي ٿو ۽ ڪوريئڙي جي ڄار ۾ ڦاٿل معنى پابندين ۾ زندگي گھاريندڙ انسان.
جڏهن ته ”اعتراف“ ۾ دانشور جي بيوسيءَ کي شدت سان اظہاريو ويو آهي. پر ڇا واقعي به دانشور جي ڳالهين ۾، جيڪي هُو مِڙني عنوانن هيٺ ڪري ٿو، ايڏي بيوسي آهي؟
ايئن ناهي. دانشور جي ڳالهين ۾ ته ان ڪَڙي حقيقت جو اظهار آهي، جيڪا مُٺن لقائن (فنامنا) توڻي رَوين کي ننڍي ٿي ۽ سُٺن لقائن ۽ روين لاءِ ڳجهي تڙپ رکي ٿي. دانشور جي ڳالهين ۾ به فطرت جي لڪل حمايت آهي، پر ظاهر آهي ته اها حمايت نوجوان واري حمايت کان ڪجهه ٻئي قسم جي آهي.
مثال طور دانشور جون ”پرفيب دنيا“ مان هي سٽون:
”هن ڌرتيءَ تي ڪي ٿورا انسان هوندا،
جيڪي زندگي مان لطف اندوز ٿين ٿا ۽
۽ فطرت جي عطا ڪيل بي بها نعمتن مان ڪڪ نه ٿا ٿين.
يا وري زندگي جي وهندڙ شفاف آبشارن کي پيالي ۾ بند نه ٿا ڪن،
جنهن جي سطح تي هنن جا خيال لڏندا ۽ ترندا رهن.“
ٻين لفظن ۾، جبران ماهر ڪاريگر (Craftsman) آهي، جو ٻنهي طرفن کان يعني دانشور پاران به ۽ نوجوان پاران به پنهنجي مُراد پيش ڪري ٿو يعني فطرت سان گھري ويجهڙائي، ۽ ان لاءِ دانشور پاران عقلي ۽ نوجوان پاران دلي ويچار اڳيان رکي، پنهنجي ان مراد لاءِ حمايت چاهي ٿو، جيڪا انسان کي ننڍڙي واهيءَ جو گيت بڻائي فطرت جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ گھري ٿي.
مون کي پڪ آهي، ته ”آبشار جو اڀياس پڙهندڙن کي پنهنجيءَ دل وٽان محسوس ٿيندو ــــــ جبران اهڙو ئي ته قلمڪار آهي.
(1999ع)

No comments:

Post a Comment