نامديو تاراچنداڻيءَ جي رچيل
”منش نگري“
رکيل مورائي
هن
ڪتاب لاءِ ليکڪ جون سٽون هي آهن، جيڪي هڪ سنجيده پڙهندڙن لاءِ آهن ته ”ڌيرج واري
فرصت تائين هيءُ ڪاويه پستڪ نه پڙهڻ جو عرض“ ۽ منهنجي لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي نهايت
ذهين ليکڪ نامديو ناراچنداڻي جون هيءُ ٻه سٽون
ئي ڪافي آهن، هن جي غير معمولي رچناڪار هجڻ جي سند لاءِ!
”سچ پڇو ته
گيانوان ٿيڻ به مشڪل
گيان، مُڪت ٿيڻ به مشڪل“
ٻيءَ
طرح هند جي جديد/نئين سنڌي ادب ۾ نامديو جو نالو پنهنجي خاص سڃاڻپ رکي ٿو. وکون
(ڪهاڻيون)، جوڙ ڪٽ (ناول)، اٺون سُر (ڪوتائون) سچ چوڻ جي ڇوٽ (تنقيد)، اڻ ڳڻيا غير
روايتي ليکڪ، تنقيد ۽ هڪ اڻ وسرندڙ انٽرويو، اهو به سنڌي نئين ڪوتا جي باني ۽ اڄ
ڪلهه سنڌي ادب کان رٺل نقاد هريش واشواڻي کان
ورتل ۽ هڪ ڪتاب جي صورت ۾ شايع ٿيا، ڪنهن به هڪ شخص لاءِ ايترا حوالا ڪنهن به ادب
۾ ڳولڻ آسان نه هوندا، پر سنڌي ادب ۾ اهڙا ٿورا مثال موجود آهن. هڪ مثال نامديو
تارا چنداڻي آهي. نه وسارڻ کپي ته مٿيان حوالا مون ڳڻپ جي حوالي ۾ هڪ ٻه ٽي طور نه
آندا آهن. انهن حوالن جي سڃاڻ اها آهي، جيڪا ڪنهن به ننڍيءَ توڻي وڏيءَ، اهم توڻي
غير اهم، ترقي يافته توڻي غير ترقي يافته، ٻوليءَ کي دنيا جي نئين ادب، جي مڙني
شاخ، نئين ڪهاڻي، نئين ناول، نئين ڪوتا ۽ نئين تنقيد سان جوڙي رکڻ جي سگهه رکي ٿي.
اسان جي بدنصيبي اڄ دنيا تي راڄ ڪندڙ ٻوليءَ انگريزيءَ ۾ اسان جي غير موجودگي آهي
۽ نامديو تاراچنداڻيءَ جي تازي شايع ٿيل نئين ڊگهي ڪوتا/مها ڪاويه/نثري نظم، منش
نگري دنيا جي نئين ادب ۾ هڪ نهايت اهم ڪوتا آهي، جيڪا شايد ورهين پڄاڻا، ڪوتا جو
ڳاٽ اوچو ڪرائي سگهي ها! ڪنهن به نقاد لاءِ هن ڪوتا جي حوالي ۾ ائين سوچڻ ۽ چوڻ
شايد ٺيڪ لڳي.
”گيا نوان ٿيڻ به مشڪل
گيان مڪت ٿيڻ به مشڪل“
۽
سچ پچ مان هيءَ ڊگهي ڪوتا پڙهڻ کان پوءِ شايد دل سان نامديو جو اهو چوڻ قبول ڪريان
ته
”ڪوتا نه لکڻ سوَلي، نه پڙهڻ!
ٻنهي ۾ ڌيرج کپي“
اهو
ڌيرج جيڪو نامديو هيءَ ڪوتا سرجندي اختيار ڪيو آهي،
چاهيندي
يا نه چاهيندي!
هڪ
نئين ”منش نگري“ جوڙيندي، هن جي ڌيرج کي دادُ
ڏيڻ کپي ۽ انهن کي به جيڪي ان ئي ڌيرج سان هن منش نگريءَ جو سئر ڪري سگهن ٿا، ان
جون ڪنڊون پاسا ڏسي سگهن ٿا، ان جي سرجڻ پويان موجود ڏاهپ کي پروڙي سگهن ٿا ۽ خاص
طور ان جي سنجيدگيءَ ۽ سونهن کي ماڻي سگهن ٿا، ساڳئي وقت ان جي لڪل تهن ۾ ڪا گهٽ
ٻوسٽ به محسوس ڪري سگهن ٿا. ڪائنات/منش نگري، ان ۾ منش/انسان جو سفر، اڻکٽ سفر،
ڪٿي به پورو نه ٿيندڙ سفر، جتي پورو ٿيندڙ اتان ئي شروع ٿيندڙ سفر، اڄ تائين وٺي
آيو آهي. انسان/منش کي اُتي جتي سندس پير اڄ بارود جي ڍير تي ئي اچي بيٺا آهن.
جيتوڻيڪ هو مهاوير ۽ ٻڌ وانگر ناستڪ به نه آهي، پوءِ به سندس اندر جو منش/انسان
ڪٿي آهي، جيڪو ان وقت نامديو سان گڏ آهي، جڏهن هونش نگري سرجڻ ڪري رهيو آهي.
ادراڪ/ڏاهپ/گيان،
منش ڇا اهي سڀ نالا ٻڌا آهن؟ ۽ جيڪڏهن ها، ته پوءِ برهما جي جوڙيل هن جنسار ۾
ايتري بدصورتي ڪيئن ڪاهي پئي آهي، جو اسان جي عظيم شاعر ڀٽائيءَ ڀٽ وڃي وسائي، ان
کان اڳ ڀرتري هريءَ اجين جي شهنشاهي تياڳي ڇڏي
۽ ٻڌ کي بڙ جي ڇانو، راجاڻي محلات کان وڌيڪ
ٿڌي محسوس ٿي، هيءُ سڀ روپ رنگ منش نگريءَ جا آهن، ڪبير، ميران، اوشو، پاتر آهن يا
علامتون آهن، انهن احساسن جون جيڪي منش جي اندر واسو ڪن ٿا۽ ان اندر جو سئر نامديو
جي تخليق ڪيل منش نگريءَ جي پڙهڻ ۽ پروڙڻ کان پوءِ پاٺڪ کي پلئه پوندو. ان بعد هن
کي شانتي پلئه پوندي جيڪا شايد نامديو کي منش نگري مڪمل ڪرڻ کان پوءِ پلئه پئي هجي.
ان ڪري ڀايان ٿو ته سنڌي ادب ۾ هن مها ڪاويه منش نگريءَ جو حوالو گهڻو گهڻو الڳ ۽
گهڻو گهڻو مٿاهون جڙندو، سرحد جي هِن پار، توڻي سرحد جي هُن پار!
ها!
وري ضرورت پوي ٿي نامديو جي هنن سٽن جي، پنهنجي ڳالهه کي سڌو ڪرڻ لاءِ!
جڳيا سا جاڳڻ تائين
سرشٽي جي اپٽار،
اجائي لڳندي آهي،
۽ پوءِ
ٻيو سڀ ڪجهه
۽
جڏهن منش/انسان کي پنهنجو پاڻ ئي اجايو لڳي ته هو ڇا ڪري، کيس صلاح آهي ته هُو
پنهنجي هلندڙ وقت مان بنهه نجيون ڪي گهڙيون هن دنيا کان پري ٿي، نامديو جي منش
نگريءَ سان مهان منهن ٿئي، پوءِ پنهنجو پاڻ سان، پنهنجي اندر سان آمهون سامهون
ٿئي، پر اڪيلائي شرط آهي، اهڙي اڪيلائي جنهن ۾ منش پاڻ ۾ پيهي پاڻ سان روح رهاڻ
ڪندو آهي.
منش
نگريءَ ۾ نامديو ”هند“ يا چوڻ گهرجي ”اوڀر“ جي فلاسافي، مئٿالاجي ۽ لوڪ پرمپرائن
کي نه وساريو آهي، اتي سنڌي يا غير سنڌي رچناڪار جو سوال نه آهي، پر اوڀر ۽ اولهه
جو سوال اڀري بيٺو آهي، جنهن تي اوڀر کي فخر ڪرڻ گهرجي. اهڙو حق کيس ڏنو وڃي،
ڇاڪاڻ ته هيءَ اوڀر جي ڪوتا آهي ۽ اها سنڌي ٻوليءَ ۾ آهي ۽ جنهن جي ليکڪ جي جسم ۾
ان نديءَ جو پاڻي آهي، جنهن نديءَ تي ويد رچيا ويا هئا، ليکڪ لاءِ اها سڃاڻپ ڪافي
آهي، سندس تخليقي مهانتا سان گڏ!
No comments:
Post a Comment