ٻاهر گهٽيءَ ۾ آهي ڪو...
نصير مرزا
اياز... نياز..... استاد..... تنوير.... شمشير... زبردست شاعر.... پر سچي ڳالهه آهي ته، امداد.....امداد حسيني به.... بابا ڪوڻ سڏاوي؟ اسلوب جي انفراديت، خيال جي نواڻ، لفظن جي جڙاوت
.... در اصل اهي ئي ته اهڙيون خوبيون آهن، جنهنڪري هڪ شاعر ٻئي کان منفرد نظر ايندو
آهي.
پر هي ته ٻين ۽ امداد جي شاعريءَ جي تقابل بابت بلڪل ئي روايتي رنگ وارو
جملو آئون لکي ويٺس. خير پرواهه ناهي. آئون پاڻ به هڪڙو روايتي ماڻهو ئي ته آهيان.
ان ڪري جهڙو آئون پاڻ، اجهو اهڙي ئي منهنجي راءِ به.
هونئن آگاهه ٿيو، ته روايتي ۽ دقيانوسي به وري آئون ايترو ئي گهڻو آهيان،
جو اڄڪلهه جي دور واري شديد لوڊشيڊنگ ۾ اڪثر ماڻهن وٽ يا ته يو پي ايس آهن يا وري وڏيون
وڏيون ريچارج ايبل ٽارچون. پر هيڏانهن هي آئون وري اهڙو ليکڪ، جو فقير جي پڙ مان گاسليٽ
وارو وڏو لالٽين وٺي آيو آهيان ۽ اجهو هيڏانهن بجلي وڃي ٿي ۽ هوڏانهن آئون وَٽ کي روشن
ڪري، پنهنجي لکڻ پڙهڻ واري پينگهي جي ڀرسان آڻي ان کي رکي ڇڏيندو آهيان. ته بس امداد
سائينءَ جو هي جيڪو نئون شعري مجموعو: ”ڪِرڻي جهڙو پل“
تازو تازو ادبي بورڊ پاران شايع ٿيو آهي، ان کي به لوڊشيڊنگ وارين گُگهه راتين ۾، جڏهن
جڏهن به ويهي پڙهيم، امداد جون هي سٽون هميشه سامهون اينديون رهيم:
تو
پڙهيو پئي جيستائين، او پرين!
اُن پني تي روشني ٿيندي
رهي.
هونئن جڏهن امداد جي هن شعري مجموعي جو ذڪر ڇڙي ئي پيو آهي، تڏهن ان بابت
هيءَ ڳالهه به پڙهندا هلو ته اهو ئي ڪو سال سوا ٿيو هوندو، جو پاڻ مون کي صبح سان پريشانيءَ
منجهان فون ڪيائين؛ ”درويش جاڳين پيو!؟“ (امداد هجت ۽ محبت مان، مون کي اڪثر ائين ئي
مخاطب ٿيندو آهي) پوءِ چيائين؛ ”يار! ادبي بورڊ وارن وٽ منهنجي ’ڪُليات‘ هئي. چون ٿا،
اُن جو مسودو کانئن هيٺ مٿي ٿي ويو آهي، سو سخت پريشانيءَ مان تو کي فون پيو ڪريان
ته تون درويش ۽ مولائي مڙس آهين، سو دعا ڪر ته من ڪٿان لڀي پوي.“
اڙي هان!؟ هي ڇا! مون دل ۾ يڪدم سوچيو ۽ کلندي وراڻيومانس؛ ”پر سرڪار!
سيد سڳورا توهين! دعا وري مون گنهگار امتيءَ کان!؟“
چيائين؛ ”مسودي جي گمشدگيءَ بابت جيئن ئي رات پتو پيم ۽ ان کان پوءِ پريشانيءَ
۾ سوچيندي سوچيندي، اک جو لڳي ويم، ته ڇا ڏسان!؟ سبز لباس ۾ ڪو بزرگ خواب ۾ چويم پيو،
پريشان نه ٿي امداد حسيني! نصير مرزا کي چئو، ته ان لاءِ قدم گاهه مولا علي عه تي وڃي
۽ دعا وڃي ڪري، انشاءَ الله مسودو تو کي جلد ملي ويندو.“
ته بس يارو! ايئن سمجهو ته هيڏانهن مون دعا لاءِ هٿ اُڀا ڪيا ۽ هوڏانهن
امداد جي اُها ڪليات هن کي گهر جي ئي ڪنهن ڪنڊ پاسي مان لڀي پئي.
اصل ۾ منهنجي پسند جو شاعر ته شيخ
اياز ئي آهي ۽ ڇاڪاڻ ته سڀ کان وڏو به آهي، ان ڪري ڪيترن ئي همعصرن جي اک جو
ڪنڊو، اڄ تائين به بڻيل آهي. آئون ڀانئيان ته شيخ اياز جي اها شاعري، رڳو شاعري ئي
ڪٿي آهي، اها ته ڄڻ پارس پٿرن جي کاڻ به آهي. پر ٻئي پاسي ڇا ڪريان جو هن پياري امداد
جون به ڪيئي اهڙيون املهه سٽون آهن، جيڪي منهنجي لاءِ ته آهن، جهڙيون صفا سچي سونَ
جون سرون، مثال سندس شاهڪار نظم حملو جو هي شعر ڏسو:
دل
جي بغداد کي تاتاري لٽيندا ئي رهيا،
سنڌ جي سينڌ ۾ پئجي وئي
گهوڙا گهوڙا.
۽ ان سان گڏوگڏ، امداد جي هنن سٽن ۾ به جهڙوڪر منهنجو ساهه ئي سمجهو:
ڪا
ته هن شهر جي دلبر جي جواني هوندي،
ڪا ته هن شهر جي عاشق جي
نشاني هوندي.
۽ هاڻي ڪو ناراض نه ٿئي، ته عرض ڪريان ته سنڌ جي عشق ۾ ڪيل شاعري، شيخ
اياز صاحب تي جي ختم آهي، ته صنفِ نازڪ سان عشق ۾لکيل جديد سنڌي شاعري وري، امداد تي
ختم سمجهو.
منهنجو
ڪوئي گهر ڪونهي ڪو،
مون کي هن جي گهر پهچايو.
يا پوءِ سندس هي سٽون ڏسو:
عشق
جي راهن مٿي ڪاوا اُڀا،
تون
نه کل، تنهنجو صبا جهڙو خرام،
تون
نه کِل جانِ بهاران تون نه کلِ!
هر طرف آهي گلن جو قتلِ عام.
۽ امداد جي اهڙي عشقيه شاعري ۽ هر وقت سندس وکريل وارن کي ڏسي، جديد
سنڌي نثر جو انوکو نثرنگار، لڇمڻ
ڪومل ته هجت منجهان، هن کي سڏيندو
ئي آهي، ”سنڌي ٻوليءَ جو مجنون ۽ جهنڊولو شاعر“.
ڊاڪٽر الياس عشقيءَ
ته امداد لاءِ هنڌ هنڌ تي لکيو آهي، ته حاضر دور ۾ هي امداد ئي ته آهي، ”سنڌي ٻوليءَ
جو پهريون ۽ آخري جديد شاعر.“
عشقي صاحب جي ان راءِ کي اڳتي وڌائيندي هتي مون پاران هيئن چوڻ ۾ ڀلا
حرج ئي ڪهڙو آهي، ته؛ صنف نازڪ جي عشق ۾ ڪا روماني سٽ لکڻي هجي يا جدت ۽ ندرت ڀري ڪا
جديد تشبيهه ڏيڻي هجي، سچي ڳالهه آهي ته سنڌي شاعريءَ ۾ امداد حسينيءَ جهڙو ڪو ٻيو
جديد شاعر هاڻي ڪٿي! هتي ڇاڪاڻ، ته اسپيس گهٽ آهي، ان ڪري صرف سندس تشبيهه واري گڻ
استعاري جا ڪي ٿورڙا مثال ڏسو، ’ڏيئو
آ، اُوندهه جو گهاءُ‘.
يا وري هي خوبصورت شعر:
سال
نئين ۾، گذريل سال،
جهڙوڪر
هرڻيءَ جو ڇال.
سيني
اندر سور ايئن سانڍيم،
انب وجهي ڇڏجن جيئن پال.
هيءَ سٽ، ”خدارا ماٺ جو شيشو، کڻي پٿر تي اڇلايو....“.
هونئن امداد بطور قلمڪار جي ڪنهن به دور ۾، ماٺ رهيو ئي ڪٿي آهي؟ مسلسل
لکندو ۽ چوندو رهيو آهي ته،
سنڌ
جي سڏ ۾، سڏ جيڪو نه ڏي،
ڪوڙهيو ٿي مري!
چوندا آهن؛ ليکڪ ان کي سڏبو آهي، جيڪو روز لکندو آهي ۽ هي امداد، اسان جو اهڙو ئي ته ليکڪ آهي، جنهن رڳو ڀوڳيو ۽ رڳو لکيو آهي. چار عدد شعري مجموعا،
ڪئين ريڊيو، ٽي وي ناٽڪ، گيت، گيتن ڀريون ڪهاڻيون، علاوه ازين سانول جي نالي ۾، ٽه
ماهي مهراڻ ۾ قسط وارا شاندار ناوليٽ
’مهراڻ‘، شاهڪار ڪهاڻي،’لهر مڙوئي لال‘
۽ ان سان گڏوگڏ بي شمار مهاڳ، مضمون، اداريا، تبصرا ۽ انهن سڀني تحريرن ۾ هن جو نثر،
اهڙو ته تڪيل توريل ۽ اهڙو ته تز! جو چئي کڻي چُپ ڪريو.
اسان جو اِهو ئي امداد، جنهن کي آئون حاضر دور جو وڏي ۾ وڏو ۽ سنڌ جو
نمائنده شاعر سمجهندو آهيان، هن وقت ستر ورهين جا ڏاڪا ته واهه جا چڙهي چُڪو آهي ۽
آگاهه ٿيو، ته دنيا جا وڏا، ناليوارا ۽ ملڪ جا نمائنده ليکڪ شهرت ۽ عظمت جي اهڙي پد
تائين پهچندا آهن، ته انهن کي لائيف اچيومينٽ ايوارڊن ۽ ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگرين سان
نوازيو ويندو آهي. راهون، شاهراهون ۽ عمارتون انهن جي نالي سان منسوب ڪيون وينديون
آهن ۽ اجهو يارو! اسان جو هي امداد حسيني به پڪ ڄاڻو ته هاڻي هر لحاظ
کان رتبي جو صاحب بنجي چُڪو آهي. ان ڪري هو نوازيو وڃڻ جي به لائق آهي. پر جي ڪو ائين
نٿو ڪري سگهي، ته تازو ٻاهترهون ورهيه اورانگهي، هو جڏهن ٽيهترهين ورهيه ۾ پير رکي،
جنهن ڏس ڏانهن هو وڃي رهيو آهي، گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي گهر جي دري، ان پاسي کان کولي، واٽ
وٺي ويندڙ امداد جو ديدار ته اسين ڪري سگهون ٿا، جيڪو هيٺان گهٽيءَ سان ڳائيندو ۽ توهان
۽ اسان کي وڏي واڪ چوندو پيو وڃي ته:
ٻاهر گهٽيءَ ۾ آهي ڪو، جوڳيءَ جي ويس ۾،
دروازي کي ته کول تون، موتي ايئين نه رول.
No comments:
Post a Comment