عتاب هيٺ آيل سنڌي ٻولي
آصف مهر
ڪنهن به فرد جي
سماجي ۽ لساني سڃاڻپ جو اهم جز ٻولي ٿئي ٿي، جنهن جا مخصوص يا لاتعداد ڳالهائيندڙ
پنهنجي پنهنجي معاشرن ۾ ان ٻولي جو استعمال عام ڪن ٿا. هلندڙ دور اڪثر ٻولين لاءِ Language
Genocide جو دور
سڏيو وڃي ٿو جنهن ۾ ڪمزور ۽ محڪوم قومون پنهنجي مرندڙ مادري ٻولي تي احتجاج ڪندي
نظر پيون اچن. انسانن ۾ Biological هڪجهڙائي هوندي به جاگرافيائي ثقافتي، مذهب، زباني ۽
نسلي سڃاڻپ الڳ الڳ ٿئي ٿي. اهي مختلف عنصر قومن جي تاريخي حيثيت بحال رکڻ ۾ مدد
ڪن ٿا. ٻولي انهن ۾ تمام اهم ليکي وڃي ٿي، ايتري قدر جو زمان ۽ مڪان جي پابندين کي
به ٽوڙي ٻولي قومن کي زنده رکي ٿي.
اڄ به سنڌ جي حدن
کان ڏور دنيا ۾ سنڌي ٻولي ۽ ان جا ڳالهائيندڙ موجود آهن. پنج هزار سالن بعد به
سنڌي ٻولي پنهنجي وجوديت قائم رکندي آئي آهي ۽ سنڌ به قائم دائم آهي پر اهي سڀ
نشانيون تڏهن رهنديون جڏهن ٻوليون رهنديون. ٻولي نه رڳو آوازن جو مجموعو آهي پر ان
سان گڏو گڏ ٻولي قومن جو فطري آواز به آهي. ٻولين کي وقت به وقت دٻائڻ جي ڪوشش به
ڪئي وڃي ٿي ۽ آخرڪار انهن ٻولين کي Dead Languages جو درجو ڏنو وڃي ٿو يا وري ٻولين کي مرڻ کان بچائي انهن
جي آوازن اچارن کي سنواري قومن جي تاريخ ۽ مستقبل کي قلمبند ڪيو وڃي ٿو.
ٻولين سان نفرت به
ڪئي ويندي آهي ته ان سان پيار به ڪيو ويندو آهي. اهي ٻئي لساني رويا (Language
attitudes) دنيا جي
مختلف اڀرندڙ يا زوال پذير ٻولين سان پيش اچن ٿا. لسانيات جي علم جا ڄاڻو گذريل 50
سالن کان سماجي لسانيات جي شعبي Social linguistics ۾ ٻولين طرف روين Language attitudes تي تحقيق
ڪندا رهيا آهن ۽ ان تحقيق جو نتيجو هي نڪتو آهي ته ٻولين طرف ڪمتر ۽ برتر رويا سماجي،
سياسي ۽ معاشي بنيادن تي طي ٿين ٿا. اهڙا رويا ٻولي ڳالهائيندڙ گروهن ۾ صدين تائين
لاشعوري طور تي نسل در نسل منتقل ٿيندا رهن ٿا. مثال طور سنڌي ٻولي طرف جيڪو منفي
رويو رکيو ويو آهي اهو نسل درنسل غير سنڌين ۾ منتقل ٿيندو رهي ٿو، جيڪو تعصب جي
بنياد ۽ مٿي بيان ڪيل سياسي، سماجي ۽ معاشي بنيادن تي بيٺل آهي.
جڏهن ٻولي رٿابندي (Language
Planning) ڪئي
وڃي ٿي، ان ۾ ڏٺو وڃي ٿو ته ڪهڙي ٻولي قومي هجي يا علائقائي هجي يا دفتري هجي؟ ان
وقت Language Attitudes به پاليسي ٺاهڻ ۾ مددگار ڪردار ادا ڪن ٿا.
گذريل 60 سالن کان
پاڪستان جي ٻولي رٿابندي ايئن ٿي آهي جو جن ٻولين جي تاريخي ۽ ثقافتي حيثيت رهي
آهي انهن کي مڪمل نظرانداز ڪيو ويو آهي. صوبن جي ٻولين جو استعمال گهٽائي صرف هڪ
ئي ٻولي اردو کي اهميت ڏني وئي آهي. اردو ٻولي کي رابطي جي ٻولي طور استعمال ڪيو
ويو آهي ۽ هاڻي اها قومي ٻولي جو درجو ماڻي چڪي آهي. اهڙي ٻولي رٿابندي جي ڪارڻ
پاڪستان ۾ هميشه ٻولين جو مسئلو رهندو آيو آهي. اهڙي ٻولي رٿابندي ۽ ٻولي طرف رويي
جو واحد سبب هن خطي جي قديم قومي وجودن کان انڪار ڪرڻ آهي، تاريخ کان منهن موڙڻ
آهي ۽ قديم تهذيبي سڃاڻپ کان تعلق ٽوڙڻ آهي.
هن ملڪ ۾ ايئن ئي
ٿيو آهي. جيئن 1953ع ۾ بنگالين سان ٻوليءَ جي بنياد تي فساد شروع ٿيا ۽ هلندي
هلندي وڃي، هنن جي هلچل جو اختتام ملڪ ٽٽڻ سان ٿيو. 1920ع ۾ ڪمال عطا ترڪ ترڪي
ٻولي رومن اسڪرپٽ ۾ متعارف ڪرائڻ بجاءِ عربي Orthography جي. ان جو مقصد اتي جي ماڻهن جو
ماضي ۾ اسلام جي تاريخ کان تعلق ختم ڪرڻ هيو ۽ انهن کي نئين Western سڃاڻپ ڏيڻي هئي. اهڙي طرح
پاڪستان ۾ به اردو ٻولي کي اسلام جو هن خطي ۾ بقا جو سبب سمجهي ان کي مختلف قومن
خاص ڪري سنڌ ۾ رائج ڪيو ويو. اهڙو تاثر هندستان ۾ ڏنو ويو ته اردو ڳالهائيندڙ
مسلمان آهن ۽ هندي ٻولي ڳالهائيندڙ غير مسلم. ٻولي طرف اهڙو رويو ملڪ ٺهڻ کان پوءِ
ملڪ جي پنجن صوبن سان رکيو ويو ۽ صوبائي ٻولين جي استعمال کي محدود ڪيو ويو. سنڌ ۾
سنڌي ٻولي کي هن وقت ڪراچي يا حيدرآباد جيڪي سنڌ جا معاشي طور سگهارا شهر آهن اتان
جي معاشي ۽ سماجي زندگي ۾ هڪ ٽڪي جيتري اهميت نه ٿي ڏني وڃي.
ڪراچي جي سرڪاري ۽
خانگي ادارن ۾ سنڌي ٻولي نه ڳالهائي وڃي ٿي ۽ نه سرڪاري لکپڙهه ۾ ڪتب اچي ٿي.
سامونڊي بندرگاهه، هوائي اڏا، ريلوي اسٽيشن، اسڪول ڪاليج، يونيورسٽيون، ڪٿي به
انهن ادارن جي مٿان ڪابه سنڌي عبارت موجود نه آهي. ٿورو گهڻو جيڪڏهن ڪجهه اسڪولن ۾
سنڌي پڙهائي به وڃي ٿي ته اها به ايتري جو ٻار کان جيڪڏهن پڇندَو ته سنڌي ايندي
اٿئي؟ ته جواب ۾ مذاق اڏاريندي چوندو: ’ڀ ڀولڙو‘، تنهنجو نالو ڇا آهي؟ ڀ ڀولڙو.
اهو ٻار سنڌي طرف
منفي رويو رکندڙ آهي ۽ اهڙو Language Attitude ٻار جي زندگي ۾ هميشه رهندو. لسانيات جي مضمون ۾
پڙهندي مون کي سنڌي ٻولي بابت Data گڏ ڪرڻي هئي. جڏهن مان ريسرچ دوران سوال ڪيا سنڌي ٻولي
جي باري ۾، ته گهڻي قدر نوجوان جيڪي ڪراچي ۾ ڄاوا، تعليم پرائي ۽ هو سنڌ کي ڪراچي
کان الڳ سمجندڙ آهن، سنڌي ٻولي ٻڌندي ئي ڀ ڀولڙو، ڀ ڀولڙو ورجائي مذاق اُڏائڻ شروع
ڪري پيا ڇڏين ۽ مون کي ائين پئي لڳو ڄڻ سڄي ڪراچي ۾ ڀ ڀولڙو گونجي رهيو هجي ۽ هو
اهو محسوس پيا ڪرائين ڄڻ ته سنڌي ڄڻ Darwin وارو ڀولڙو هجي جنهن ترقي جا ارتقائي مرحلا طي ئي نه ڪيا
هجن ۽ تهذيبن کان دور جهنگ ڀر پٽ ۾ رهندڙ هجن.
پر ايئن نه آهي. اهو
صرف سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ طرف لساني رويو آهي. ترقي پسند، صوفي مزاج رکندڙ سنڌي
سماج ٻيهر ٻن ڄنگهن ۽ ٻانهن تي ريڙهيون پائي نه هلندو. سنڌ اندر سنڌي ٻولي ۽ ان جي
ڳالهائيندڙن سان اهڙي بدسلوڪي ڇو ٿي ڪئي وڃي؟ ڇو ان ٻولي جي ڳالهائيندڙ کي نظر
انداز ڪيو وڃي ٿو؟ ان ڳالهه جا ظاهر ظهور ڪي سبب آهن ۽ انهن سببن جا ڪي نتيجا آهن.
اهي ٻوليون جن جا ڳالهائيندڙ سماج ۾ سگهه رکن ٿا، اهي ئي ٻوليون اوتري ئي سگهه رکن
ٿيون. اها سگهه سياسي ۽ معاشي آهي جيڪا ان ٻولي جي حيثيت طي ڪري ٿي. اهڙا معاشره
جنهن ۾ ٻه ٻوليون Bilingual يا ٻن
کان وڌيڪ ٻوليون ڳالهائڻ جو نظام هجي. اهڙي لساني معاشري Linguistic
Society ۾ اها ئي ٻولي Survive ڪري سگهي ٿي جنهن جا ڳالهائيندڙ سياسي يا معاشي قوت
رکندڙ هجن. بدقسمتي سان سنڌ جي چند ليڊرن کان علاوه جن سنڌ سان گڏوگڏ پوري هن ملڪ
کي عالمي سڃاڻپ ڏني، ڪمزور سياست ڪندڙ آهن. ڪمزور مان مراد ته اهڙي ڪمزور سياست
ڪندڙن رڳو مطالبا مڃڻ لاءِ سياست ڪئي آهي، پر هنن ڪڏهن به اقتدار جي ايوانن ۾
ويهندي پنهنجا مطالبا ناهن مڃرايا. ايوان ۾ ويٺل سياستدانن جو اثر صرف ڳوٺاڻي سنڌ
۽ ڪچي تائين محدود آهي، جيڪو اتي به ڪا ترقي نه ڪرائي سگهيو آهي. ان ايڏي وڏي
آبادي کي جيڪڏهن ڪو اخلاقي درس ملندو آهي به ته مسجد مدرسن منجهان، باقي مذهبي
تعليم کان علاوه اتي ڪا جديد ڪاليج، اسڪول، لائبريري، ڪجهه به نه آهي. جيڪڏهن ڪو
اسڪول آهي به ته اسڪول جن عمارت ۾ چند بدحال ٻارن جي ۽ چوپائي مال جي ڪجهه نظر نه
ايندو. اهڙا ٻار جڏهن وڏا ٿيندا ته ڪير انهن کي روزگار ڏيندو؟ ڪير انهن کي عزت
احترام جي زندگي ڏيندو؟ اسان جو سياسي نمائندو جڏهن ڳوٺن ۾ ڪا ترقي نه ڪرائي سگهيو
ته شهري نظام ۾ پنهنجي ٻولي لاءِ ڇا ٿو ڪري سگهي؟ جيڪي فرد اهڙي تباهي ۾ ملوث
هوندا اُهي ڪهڙا مطالبا مڃائي سگهندا؟ سياست جو تعلق معيشت، تعليم سماجي ڀلائي،
قوم جو دفاع، قانون ۽ حڪومت ڪرڻ آهي، نه ڪي انهن سڀن جي تباهي. اسان سنڌي ٻولي
ڳالهائيندڙ جڏهن تعليم جي ميدان ۾ اڳڀرا ٿينداسين تڏهن وڃي اسان جو به قدر ٿيندو.
سنڌي ٻولي کي غير فعال هجڻ جو درجو تڏهن حاصل آهي. ان کي فعال بنائڻ لاءِ به هڪ
عملي ۽ علمي سياست جو دڳ وٺڻو پوندو.
ٻولي جي غير فعال
هجڻ سان هڪ فرد کان وٺي پوري سماج تي نفسياتي اثر پون ٿا. ٻولي جو فعال هجڻ مان
مراد ٻولي جو استعمال (Language Use) آهي. جيڪڏهن ڪو فرد جنهن جي مادري ٻولي کي Bilingual ٻه ٻوليائي نظام ۾ غير فعال
سمجهيو وڃي ٿو يا ڪمتر حيثيت وار سمجهيو وڃي ٿو ته اهو فرد پنهنجي مادري ٻولي ڇڏي
ڏي ٿو. جيئن سنڌ جي شهري آبادي وارن علائقن ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص
وغيره. اتان جا ڪافي سنڌي ڳالهائيندڙ پنهنجي ٻولي کي بلڪل اهميت نه ٿا ڏين. ان جو
سبب نفسياتي آهي جيڪو Bilingual (ٻه ٻوليائي) يا Multilingual (گھڻ ٻوليائي) معاشرن ۾ عام طرح ٿيندو رهي ٿو. اها صورتحال هڪ فرد
جي Language Attitude سان ڳنڍيل آهي جڏهن ته اهڙي صورتحال جنهن وقت سڄي
معاشري سان لاڳو ٿئي ۽ اهو معاشرو پنهنجي پهرين ٻولي Mother tongue کي غير فعال سمجهي ته ان مرحلي
۾ ٻولي Societal level تي Shifting جو شڪار ٿئي ٿي. اها صورتحال ان ٻولي لاءِ انتهائي
خطرناڪ آهي. ان صورتحال ۾ ان ٻولي کان رڳو هڪ فرد نه، پر سڄو معاشرو پري وڃي ٿو ۽
مادري زبان ڇڏي ڌاري ٻي ٻولي Second Language ڳالهائڻ شروع ڪري ٿو. Fishman (1966) لسانيات جي ماهر ان صورتحال کي (Language shift) ٻولي جي منتقلي سڏيو آهي. سنڌ
جي شهري آبادي ۾ سنڌي ٻولي Language Shift جو شڪار آهي، Language Shift وارو عمل فرد جي سڄي زندگي ۾
هلندو رهي ٿو، گهڻن صورتن ۾ هڪ نسل کان ٻي نسل ۽ آخر ۾ ٽئين نسل تائين مڪمل ٿي وڃي
ٿو، مثال طور:
1 . پهريون نسل
صرف مادري ٻولي ڳالهائي ٿو.
2 . ٻيون نسل
مادري ٻولي ۽ ڌاري ٻولي Second Language ڳالهائي ٿو.
3 . ٽيون نسل
صرف ڌاري ٻولي ڳالهائي ٿو ۽ مادري ٻولي ڳالهائڻ ڇڏي ڏئي ٿو.
جيڪڏهن اسين اڃا
پنهنجي ٻولي جي حوالي سان سماجي لسانيات جي دائري Scope ۾ تحقيق ڪيون ته خبر پوندي ته سنڌي ٻولي کي
سنڌ صوبي اندر Minority language group جي حيثيت حاصل آهي، لسانيات جي
علم مطابق minority language group يا ته ٻهراڙين ۾ رهن ٿا يا شهرن
۾ رهن ٿا. هي Minority group جي معنيٰ
ٿورائي نه آهي، نه وري ان جو تعلق شماريات سان آهي، بلڪه Minority
language group ان ٻولي
ڳالهائيندڙ گروهه کي چيو وڃي ٿو جيڪو ڀلي تعداد ۾ گهڻو هجي پر سياسي معاشي طور
ڪمزور هجي، گهٽ ترقي ڪندڙ هجي، جيڪو ڀلي انگن ۾ گهٽ هجن پر سياسي سماجي طور سگهارا
هجن، ٻولي رٿابندي minority language groups ۽ majority language group واري نعري کي آڏو رکي ڪئي ويندي
آهي. جيئن اردو ڳالهائيندڙ رڳو 7 سيڪڙو آهن پر اها ٻولي Majority language group طور سڏي وڃي ٿي. پنجاب ۾
پنجابي پنهنجي مادري ٻولي کي خيرباد ڪري چڪا آهن ۽ اردو ٻولي کي پنجابي ٻولي تي
وڌيڪ فوقيت ڏين ٿا. اهڙي صورتحال تي اتان جا دانشور ڪڏهن ڪڏهن احتجاج رڪارڊ
ڪرائيندا آهن، جڏهن هنن کي پنهنجن صوفين جي ياد ستائيندي آهي. سنڌ ۾ تمام گهڻي
لڏپلاڻ ٿي آهي. افغاني، برمي، بهاري ۽ ان سان گڏو گڏ ملڪ جي ٻين صوبن کان روزگار
لاءِ آيل لکين ماڻهو سنڌ ۾ رهائش پذير ٿي ويا آهن. اهڙي لڏپلاڻ ڪري سنڌ جي شهري
آبادي منجهان سنڌي ٻولي پاڻ ئي Displacement جو شڪار ٿي وئي. عام طرح جڏهن به لڏي ايندڙ ٻاهريون
آباديون جڏهن ڪنهن ملڪ جي حدن ۾ داخل ٿين ٿيون ته اهي اتان جي مقامي ٻولي کي Adopt ڪن ٿيون. لڏي ايندڙ
اتان جي ٻولي کي ڄڻ اتي رهڻ لاءِ انتهائي ضروري سمجهي بيحد دلچسپي ۽ خلوص سان
سکندا آهن ۽ ان مهمان نوازي جي ٻولي Host language کي عام طور روزمره جي ڪار وهنوار ۾ ڪم آڻيندا آهن. سنڌ
صوبي ۾ ان جي ابتڙ ٿيو آهي. سنڌي ٻولي کي لڏي ايندڙن ايئن پٺتي ڌڪيو جيئن ڪا ٻوڏ
اچي ڪڙڪي پوي. سنڌ جي جيڪا به شهري ڪوٽا آهي ان تي 99 سيڪڙو ٻين صوبن کان لڏي
ايندڙ نوڪريون ۽ تعليمي ادارن ۾ داخلائون حاصل ڪري رهيا آهن. جڏهن ته اهي ماڻهو
پنهنجن صوبن ۾ به نوڪريون حاصل ڪرڻ جو حق رکن ٿا. اها ايڏي وڏي لڏپلاڻ ۽ سماجي
سياسي ۽ معاشي اثر رسوخ رکڻ واري آبادي ڪراچي، حيدرآباد ۽ سنڌ جي ٻين شهرن تي پنهنجو
حق ڄمايو ويٺي آهي ۽ اهو ثابت ڪرڻ لاءِ ڪنهن به سنڌي کان اهو ضرور پڇندي آهي ته
”ڪيا آپ سنڌ سي آئي هين“؟
اهڙو رويو سنڌي
ماڻهو سان ناجائزي آهي. اهڙو رويو روئاڙيندڙ ۽ عذاب ڏيندڙ آهي. سنڌ ۾ سنڌي ٻولي
خاموش آهي. چوندا آهن خاموشي اتي اختيار ڪجي جتي ٻه وڏا هجن ۽ ٽيون ننڍو. اهو
ڪيترن ئي انساني معاشرن جو ڪلچر به آهي پر سنڌي ٻولي کي اهڙي خاموشي اختيار نه ڪرڻ
گهرجي، پنهنجي هجڻ جو احساس ڏيارڻ گهرجي. وزير صاحب هر دور ۾ ٻولي جي معاملي ۽ خاص
طور تي سنڌي ماڻهن جي حقن وقت ڳالهائڻ بدران پنهنجي زبان ڪپائي ويهي ٿا رهن. انهن
ماڻهن کي ڪوبه حق نه آهي ته اهي ماڻهو ايوان ۾ سنڌ جي حقن جو تحفظ ڪرڻ بغير ايوان
۾ ويهن ۽ سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ پتوڙڻ بجاءِ ايوان ۾ ويهي جهوٽا کائي سمهي رهن.
حڪمرانن کي هن وقت گهرجي ته پنهنجي ماڻهن سان ڪيل ناانصافين جو ازالو ڪن ۽ سنڌي
ماڻهن جو پنهنجي ڌرتي تي جيڪو جائز حق آهي اهو موٽرائي ڏين. سنڌي ٻولي کي قومي
ٻولي جو درجو ڏيارڻ جديد قومي رياست اندر ڪي ئي Multilingual معاشره اسرن پيا جيڪي هڪ ٻئي جي
ٻولين، قدرن ۽ ثقافت جو احترام ڪندي انهن کي اخلاقي ۽ آئيني درجو ڏيئي مڃتا ڏين ٿا.
پاڪستان ۾ به ايئن ئي ٿيڻ گهرجي.
پاڪستان جي ٻولي جي
رٿابندي صرف مخصوص هڪ ئي ٻولي کي ترقي وٺائڻ لاءِ ڪئي ويندي آهي. ٻولي جي رٿابندي
بين الصوبائي نه، پر واحد اردو ٻولي کي نظر ۾ رکندي ڪئي ويندي آهي. پاڪستان ۾ ٻولي
جي رٿابندي ڪندڙ ڪنهن خاص سياسي گروهه سان يا لساني گروهه سان تعلق رکندڙ نه هجن
پر ٺوس لساني ۽ سائنسي علم رکندڙ فرد هجن ۽ انهن کي ئي فيصلن ۾ اڳيان رکيو وڃي ته
جيئن هن ملڪ جو گهڻ قومي جديد رياست بڻجڻ جو نئون خواب پورو ٿي سگهي.
No comments:
Post a Comment