12/12/2012

الطاف شيخ جي سفرنامي ”هليو آ هليو آ .... ملائيشيا“ جو مهاڳ - انجنيئر عبدالوهاب سهتو


مارو مون مِلايا، مولا منجھ مَلايا
الطاف شيخ جي سفرنامي ”هليو آ هليو آ .... ملائيشيا“ جو مهاڳ
انجنيئر عبدالوهاب سهتو
الطاف شيخ مادري ٻوليءَ جو ليکڪ آھي، اھو ئي سبب آھي جو مان کيس ٻارائپ کان پڙھندو ۽ ٻڌندو اچان. کيس، سندس لکڻين مان چڱيءَ پر سڃاڻان. ٻين ميرين انجنيئرن وانگر اگر ھو به لکڻ سان لاڳاپو نه رکي ھا ته شايد ئي ڪو سنڌ-ڄائو کيس سڃاڻي ھا يا وري سنڌيءَ ۾ نه لکي ھا ۽ ڪنھن ٻيءَ اڌاريءَ ورتل ٻوليءَ ۾ لکي ھا ته شايد مان به کيس نه سڃاڻان ھا، ڇو جو مون کيس تڏھن کان پڙھڻ شروع ڪيو ھيو، جڏھن مون کي پڙھڻ به ڏانءُ نه ايندو ھيو. ٻي ٻولي ته ٺھيو، مادري زبان ۾ به پوريءَ طرح ڳالھائڻ، لکڻ ۽ پڙھڻ ڏانءُ نه ايندو ھيو.

مئٽرڪ ۽ فرسٽ ييئر دوران، غريب آباد نوابشاھ ۾ رھندا ھياسين. اسان جي جاءِ ڀرسان رھندڙ، منھنجي چاچي جا دوست ۽ ھم-پيشه ھيا. ڪي ته ساڳئي محڪمي ۾ ڪم ڪرڻ وارا به ھيا. وٽن، صبح جو سوير، عبرت اخبار ايندي ھئي. ’افراط زر‘ ۽ ’فرط مسرت‘ جھڙا ڳاٽي-ڀڳا ۽ ڦوڙاٺ قسم جا اصطلاح منجھس استعمال ٿيندا ھيا، جيڪي مون کي اچارڻ ئي نه ايندا ھيا، معنيٰ ۽ مفھوم سمجھڻ ته ٿيو پري جي ڳالھ. انھن کي سمجھڻ لاءِ پيو انھن وڏڙن سان آڏا ابتا ۽ کل جھڙا بحث ڪندو ھيس. ٻڌائيندا ته ھيا پر بيزار ٿي نصيحتون به ڪندا ھيا؛ ”ڪورس جي ڪتابن پڙھڻ تي زور ڏي!“ سندن جاءِ ڄڻ اوطاق ھوندي ھئي، جتي پڙھيا لکيا به پيا مھمان ٿيندا ھيا. منجھن ھڪڙو مير حسن لاکو نالي ماستر پڻ ايندو ھيو، جنھن جو ڳوٺ کڏھر روڊ تي ھيو. وٽس ھلڪي ڦلڪي لائبرري ھئي. اتان ڪي ڪتاب کڻي اچي، شھر ۾ مٿن جُلد به ٻَڌائيندو ھيو ۽ بعد ۾ ھنن کي پڙھڻ لاءِ ڏيندو ھيو. مون به ھڪڙي ڏينھن فرمائش ڪيس؛ ”ڪو ڪتاب مون کي به پڙھڻ لاءِ ڏي.“ ان وقت ته ٻڌي اڻ-ٻڌي ڪري ويو. مون سمجھيو؛ کيس ڪتاب ڏيڻو ناھي.
ھڪ ڏينھن پنھنجي جاءِ تي ستو پيو ھيس. منجھند ٽاڪ جو وقت ھيو. در تي ٺڪ ٺڪ ٿي. اڪيلو ھيس. ننڊاکين اکين سان، چڙ کائي اٿيس ۽ خار مان دروازو کوليم. اڳيان مير حسن لاکو صاحب بيٺو ھيو. ھٿن ۾ ڪتابَ ھيس. مٿي تي گرميءَ کان ھٿ-رومال ٻڌل ھيس. چگھر ماتا واري پگھريل چھري تي، ريڳياڙيون ڪري پگھر نرڙ تان اڙھي چنجھين اکين ۾ پئي ٽميس. حالت رحم جوڳي ھيس. کيس ان حالت ۾ ڏسندي ئي منھنجي ڪاوڙ ڍري ٿي وئي. ٻه ڪتاب ڏيندي پارت ڪيائين؛ ”ھڪ ته پڙھي جلد واپس ڪجو، ٻيو ته مٿن ڪو به اکر نه لکجو. مون کي جلدي آھي، ترسان يا ويھان ڪو نه ٿو.“ ائين چئي يڪدم پويان پير ڪيائين. ھر ھڪ جلد ۾ ٻه ٻه ڪتاب گڏي ٻڌل ھيا. ھڪ جلد اندر، امر جليل وارو ’دل جي دنيا‘ ۽ ساڻس ٻيو ڪتاب به ھيو، جنھن جو ھن وقت نالو ياد نه اٿم. ٻئي منجھ الطاف شيخ صاحب وارو ڪتاب ’منھنجو ساگر منھنجو ساحل‘ ۽ ٻيو گھڻو ڪري ’ساگر جي لھرن تي‘ ھيا.
پڙھڻ جي ارادي سان ته مون کانئس ڪتاب گھريا ئي ڪو نه ھيا. مون ته پاڙي وارن جي ريس تي کانئس ان لاءِ گھريا ھيا ته ڏسان ته مون کي به انھن جھڙو سمجھي ٿو يا نه؟ ڪتاب ڏئي ويو، ڄڻ ننڊ ڦٽائي ويو. ڪتابن کي ڏسان پيو ته سندس رحم جوڳي حالت اکين اڳيان ڦريو اچي. نيٺ ارادو ڪيم ته؛ ڪتاب پڙھبا. ’دل جي دنيا‘ سان پڙھڻ جي شروعات ڪيم. ھڪ ڪھاڻي، ھڪ ئي ويھڪ ۾ پڙھي ويم. ڏاڍو خوش ٿيس ته؛ مان به پوري ڪھاڻي پڙھي سگھان ٿو. ائين ٻن ٽن ڏينھن ۾ اھو ڪتاب ئي پورو ڪري ويس. ويتر ڏاڍو خوش ٿيس ته؛ پورو ڪتاب به پڙھي، ختم ڪرڻ جي مون ۾ سگھ آھي. ساڻس جوڙيءَ ۾ جيڪو ڪتاب ھيو، سو منھنجي سمجھ کان ئي چڙھيل ھيو، تنھنڪري اھو ڪو نه پڙھي سگھيس. ان کان پوءِ ’منھنجو ساگر، منھنجو ساحل‘ پڙھيم. ڏاڍو وڻيو. ’دل جي دنيا‘ وانگر افسانوي رنگ اندر چٽ-پٽو به ھيو ته منجھس معلومات به ججھي ھئي. پڙھڻ جو شوق جاڳي پيو.
خاص طور تي منجھس ڏنل ٽئگور واري بيت ته جنجھوڙي ڇڏيو، جيڪو سامونڊين جي واتان ھن، ڌرتيءَ تي ويٺل ساٿين کي مخاطب ٿيندي چيو آھي. ان ھيٺ، الطاف شيخ صاحب لکيو ھيو ته گھڻن ڏينھن کان ڌرتي ڏٺي ناھي ۽ چوڌاري رڳو سمنڊ ئي سمنڊ آھي. اھا منظر ڪشي ڪندي لکيو ھيائين:
”ادا، هيءَ سامونڊي زندگي، بلڪل مختلف زندگي آهي. خاص ڪري انهن ماڻهن جي لاءِ، جيڪي تنهائي پسند ڪن ٿا. دنيا جي جنجهٽن، رسمن ۽ رواجن جي قيد کان آزاد زندگي آهي. چؤطرف پاڻي ئي پاڻي ۽ اڪيلائي ئي اڪيلائي. جڏھن ته تو وٽ چؤطرف زمين. ان لاءِ ئي ته ٽئگور چيو ھيو:
تو مار جوله باتي، تو مار گهوريه شاتهي
امار توريه راتي، امار توريه تارا
تومار اچھه ڊانگا، امار اچهه ڊول
تو مار بوشي تهاڪا، امار چلا چول
  تو وٽ چراغ ٻري ٿو ۽ گهر ۾ ساٿي به آهي
  مون لاءِ رات آهي ۽ مون لاءِ تارا آھن
  تو لاءِ زمين آهي ۽ مون لاءِ پاڻي
  تو لاءِ آرام آهي مون لاءِ هميشه جو هلڻ
سڀاڻي اسان کي زمين نظر ايندي، جيڪا بنگال جي سرزمين آهي. ٽئگور جو ديس، نذر الاسلام جو ديس.“
’ساگر جي لھرن تي‘ به اڌ-گيدو پڙھيو ھوندم جو سائين مير حسن لاکو صاحب شھر چڪر تي آيو ۽ پنھنجا ڪتاب موٽائي وٺي ويو. ان اپرانڌ مون کي پڙھڻ جي باقاعدي چوس پئجي چڪي ھئي. نه پڙھان ته قرار ئي نه اچي. ڀر واري جاءِ وارن وٽ ’بندر بازاريون‘ ڪتاب پيو ھيو، سو به کڻي اچي ڏينھنڪ پورو ڪيم.
’بندر بازاريون‘ ڪتاب ته اڃا وڏو شوق جاڳايو. خاص طور تي، سندس ٽائيٽل تي ڏنل ڀٽائيءَ واري بيت ته بيقرار ڪري ڇڏيو. اٿندي ويھندي پيو جھونگاريندو ھيس.
ننگر ۽ ناڙيون، پڳھ کڻي پنڌ پيا،
بندر ۽ بازاريون، سڃا سامونڊين ريءَ.
ايتري تائين جو پاڙي وارن به چريو سمجھڻ شروع ڪيو ۽ پاڻ ۾ چوندا ھيا ته؛ الائي ڪھڙا ڪتاب ٿو پڙھي جو ڪل ئي ٿڙي وئي اٿس.
ائين منھنجي پڙھڻ جي شروعات ٿي ۽ الطاف شيخ سان ڏيٺ ويٺ پڻ.
الطاف شيخ صاحب جا ڪتاب ته مسلسل پڙھندو ھيس. ساڻس ذاتي واقفيت تڏھن ٿي جڏھن مون ورڊ پريس تي سنڌي پراوربس نالي ھڪڙو بلاگ ٺاھيو، جنھن ۾ مون پنھنجي پھاڪن وارا ڪتاب ۽ ڪن دوستن خاص طور مرحيات پروفيسر نذير احمد سومرو جا آرٽيڪل رکيا. ان بلاگ جي لنڪ، آمريڪا ۾ موجود پنھنجي دوست محترم محمد علي مھر صاحب کي ڏياري موڪليم. مھر صاحب، حيدرآباد ۾ اسان سان ساڳئي کاتي ۾ ۱۹۹۴ع کان ۱۹۹۹ع تائين ڪم ڪيو ھيو. پاڻ ڇا ڪيائين، جو انھيءَ بلاگ جي لنڪ ڪيترن ئي دوستن ڏانھن سفارش سان ڏياري موڪليائين. الطاف شيخ صاحب ان لنڪ جي موٽ ۾، ترت پنھنجن ڏھن ڪتابن جون سافٽ ڪاپيون، جيڪي وٽس ھڪيون حاضر ھيون، اي-ميل ذريعي ڏياري موڪليون. ھاڻي ڄڻ اسان جي دوبدو ڏيٺ ويٺ ٿي وئي. ان بعد ناز سنائيءَ لاءِ کانئس ڪتاب گھريو، ان دوران ساڻس روبرو ملاقات به ٿي.
بھرحال اچون ٿا سندس لکڻين تي. الطاف شيخ مادري ٻوليءَ ۾ لکي، کيس سوڌيو سنواريو به ۽ ھنڌين ماڳين ويو ته انھن ملڪن منجھان مڻين معلومات ڪٺي ڪري اچي ڪتابن اندر ڍڳ به ڪيائين. معلومات سان گڏ مادري ٻوليءَ ۽ پنھنجي ٻوليءَ وارن جي خوب خدمت ڪيائين.
جن ماڻھن پنھنجي مادري زبان کي اھميت ڏئي، ان ۾ لکيو آھي، تن کي دنيا به مان ڏنو آھي. جيڪي پنھنجي مادري ٻوليءَ کي پٺيءَ پاڏئون اڇلي ۽ کِي ڪري ھليا ويا تن کي دنيا به کِي ڪري نه ٿي کيڪاري. پنھنجن کي پاڻ گھٽ سمجھيائون، دنيا کين پنھنجو نه ڪيو. ان لاءِ ٽئگور جا لفظ جيڪي ھن بلراج ساھنيءَ کي چيا ۽ اتم پنھنجي يادگيرين ۾ آندا، سي ھت اقتباس طور ڏيندي ڪا قباحت نه سمجھندس. اھي ۱۹۶۴ع جي ’مھراڻ‘ جي پرچي ۾ پڻ شايع ٿيل آھن.
مشهور فلم ائڪٽر بلراج ساهني، جيڪو شانتي-نڪيتن ۾ گرديو ٽئگور جي گود ۾ ڪيترا سال رهيو، تنهن پنهنجي ”يادگيرين“ ۾، ٽئگور سان ڪيل هڪ اهم گفتگوءَ جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن ۾ ٽئگور جا مادري زبان جي اهميت بابت ويچار وڌيڪ صاف ۽ سٿرا ٿي بيهن ٿا ۽ اڄ زبردست معنى رکن ٿا. گفتگو هيٺينءَ ريت آهي:
”تون ماستريءَ کان سواءِ ٻيو ڇا ڪندو آهين؟“ گرديو پڇيو.
”مان هنديءَ ۾ آکاڻيون لکندو آهيان. ڪافي لکيو اٿم ۽ ڪافي نالو ڪڍيو اٿم.“ بلراج وراڻيو.
”پر تون ته پنجابي آهين نه! هندي ته تنهنجي ٻولي ڪانهي، تون پنجابيءَ ۾ ڇو نٿو لکين؟“
”پر هندي ته راشٽر ڀاشا آهي. مان پنهنجي صوبائي ٻوليءَ ۾ ڇو لکان، جڏهن سڄي ملڪ جي ٻوليءَ ۾ لکي سگهان ٿو؟“
”مان بنگاليءَ ۾ لکندو آهيان، اها پڻ صوبائي ٻولي آهي. پر نه فقط سڄو هندستان، بلڪ سڄي دنيا ان کي پڙهندي آهي.“
”مان توهان وانگر وڏو ليکڪ ڪو نه آهيان.“
”اهو ننڍي يا وڏي جو سوال ڪونهي، هر ڪو ليکڪ پنهنجن ماڻهن ۽ پنهنجي ٻوليءَ جو ئي ليکڪ آهي. رڳو اتي ئي، هو پاڻ کي گهر ۾ محسوس ٿو ڪري.“
”شايد اوهان کي اسان جي صوبي جي حالتن (1937ع) جي سڌ ڪانهي. اسين پنجاب ۾ هنديءَ يا اردوءَ ۾ ئي لکندا آهيون. ڪير به پنجابيءَ ۾ ڪو نه لکندو آهي. اها تمام مسڪين ٻولي آهي. حقيقت ۾ اها ڀاشا ڪانهي، پر هنديءَ جي هڪ اپڀاشا آهي.“
”مان تو سان شاملِ راءِ ناهيان. پنجابي ادب ايترو قديم آهي، جيترو بنگالي. ڇا تون ائين چوڻ ٿو چاهين ته جنهن ٻوليءَ گرو نانڪ جهڙا شاعر پيدا ڪيا، سا غريب ٻولي آهي؟“
”پر اهي ته سک ڌرم جا ڪتاب آهن. مان غير مذهبي ادب جي ڳالهه ٿو ڪريان، جيڪو پنجابيءَ ۾ ڪونهي، ڇو ته جديد پنجابي تمام مسڪين ٻولي آهي.“
”ٺيڪ ان طرح ئي هڪ سؤ سال اڳ ۾ اسان جا انگريزي تعليم يافته بنگالي داناءَ چوندا هئا. پنهنجي ٻوليءَ کي ٻهڳڻي بڻائڻ ڏکيو ڪونهي. بنڪم چندر بنگالي ٻوليءَ کي ويهه هزار نوان اکر ڏنا، ۽ مون اسي هزار لفظ. مون بنگالي ڀاشا کي اَڏيو آهي. اڄ اها اظهار جي لحاظ کان دنيا جي ڪنهن به ٻوليءَ سان بَرُ مَيچي سگهي ٿي.“ گرديو فخر سان چيو: ”هڪ وئيشا کي دنيا جو ڪيترو به ڌن دولت ڇو نه هجي، ته به هوءَ عزت لائق ڪا نه ٿي ليکي وڃي: تون ڀلي سڄي زندگي ٻيءَ ڪنهن اڌاريءَ ورتل ٻوليءَ ۾ لکين، ليڪن توکي نڪو تنهنجا ماڻهو، نڪو ان اڌاريءَ ورتل ٻوليءَ جا ماڻهو پنهنجو سمجهندا: تون ٻئي ڪنهن جو بڻجين، تنهن کان اڳ توکي پهرين پنهنجن ماڻهن جو بڻجڻو پوندو.“ (”ٽئگور: هڪ جهلڪ“، از اتم، ص 39)
اھڙيءَ طرح سمورن وڏن اديبن، لکڻ جي شروعات مادريءَ ٻوليءَ سان ڪئي آھي. شيڪسپيئر ھجي يا ملٽن، ليو ٽالسٽاءِ ھجي يا اشتراڪيت جو نظريو ڏيندڙ ڪارل مارڪس، دوستو وسڪي ھجي يا چيخوف، مئڪسم گورڪي ھجي يا رسول حمزاتوف، او ھينري ھجي يا موپاسان، اقبال ھجي يا مرزا غالب، منٽو ھجي يا ڪرشن چندر، چندر چئٽرجي ھجي يا گرديو ٽئگور، رومي ھجي يا ڀٽائي، سمورن پنھنجي مادري زبان ۾ خيال آرائي ڪئي آھي ۽ ڀرپور نموني سان ڪئي آھي. اھا ٻي ڳالھ آھي ته وقت پڄاڻان، ٻين ٻولين ۾ سندن لکيتون پڻ ڇپيون آھن. کين پھرين پنھنجي ٻوليءَ وارن کنيو، بعد ۾ ٻين ٻولين جا نقاد ۽ پڙھندڙ کين مليا، جن کين تمام مٿي اوچو کنيو آھي. جن کي پنھنجي ٻوليءَ وارا نه ٿا سڃاڻن، تن کي ڌاري ٻوليءَ وارا به نه ٿا سڃاڻن، ڇو جو جيترو کليءَ طرح يا دٻيل لفظن سان ماڻھو مادري زبان ۾ خيال جو اظھار ڪري سگھي ٿو اوترو ٻي ڌاري زبان ۾ نه ٿو ڪري سگھي. انگريزن سنڌ جو احوال يا تاريخ لکي ته پنھنجي زبان ۾، نه ڪي سنڌيءَ ۾.
ائين الطاف شيخ به ڏورانھن ڏيھن جا احوال لکيا آھن پر مادري زبان ۾. جڏھن ته کيس اردو به اچي ٿي ته انگريزيءَ تي به دسترس اٿس. ائين ڪرڻ سان کيس ھڪ محاذ تي لڙڻو ٿو پوي يعني کيس فقط معلومات ڪٺي ڪرڻي آھي. ٻولي، جنھن ۾ ڏني ڏني امڙ لولي، تنھن تي مغز ماري ڪرڻي ناھي. ان جي برعڪس ڌاري ٻوليءَ ۾ لکڻ وقت، معلومات ڪٺي ڪرڻ کان علاوھ ٻوليءَ تي به مٿاماري ڪرڻي پوي ٿي. ھڪ ئي وقت ٻن محاذن تي لڙڻ، سولو ۽ سوکو ڪم ناھي. ٻه گدرا مٺ ۾ جھلڻا آھن. گڏھ جي ڪبي ته لڏ ھلي ويندي، لڏ جي ڪبي ته گڏھ ھلي ويندي. معلومات ڪٺي ڪرڻ جھڙو اٺ-ڪاٺيو ڪم ڪندي، چڱن ڀلن اديبن جي پنين جا ڳنر چڙھي پوندا آھن ۽ قلم وھائيندي ھٿ سُڄي پوندا آھن، کنڀڙون ۽ پُٺا چڙھي پوندا آھن.
ائين ناھي ته الطاف شيخ فقط سنڌيءَ تي پاڻ کي محدود ڪيو آھي. اردوءَ جي ’امت‘ اخبار ۾ ته سندس مستقل ڪالم پڻ ڇپبا رھن ٿا. ھاڻي ته سندس ڪيترا ڪتاب اردوءَ ۾ پڻ ترجمو ٿي ويا آھن. ڪي ته براھ راست اردوءَ ۾ پڻ لکيا اٿائين. جھڙوڪ ”ايران ڪي دن“ وغيرھ. جڏھن ته ابراھيم جماليءَ نالي، سانگھڙ ضلعي جي ھڪ شخص سندس ڪتاب اردوءَ ۾ ترجمو ڪري لاھور مان نڪرندڙ ماھوار ”سرگذشت ڊائجسٽ“ ۾ قسطوار ڇپرائڻ شروع ڪيا آھن. ھن وقت تائين ڏھ ٻارنھن ڪتاب ڇپجي چڪا آھن ۽ اڃا مسلسل ڇپبا رھن ٿا. تمام سھڻي ٻوليءَ ۾، سھڻي پيرايي سان ڇپبا رھن ٿا. ائين اھو سلسلو تا حال ھلندو اچي ٿو ۽ اميد ته تا حيات ھلندو رھندو. معلومات لکڻ، سا به ڌاريءَ ٻوليءَ ۾، ٻن مخالف جاين تي بيھي محاذ آرائي ڪرڻ جي مترادف آھي. ان سان نه معلومات چٽي ڏئي سگھبي ۽ نه ئي لکت ۾ افسانوي رنگ ڀري سگھبو.
الطاف شيخ صاحب به منڍئون سنڌي زبان ۾ لکندو آيو آھي. اھو ئي سبب آھي جو بنا ٿڪجڻ جي مسلسل لکندو آيو آھي. سندس لکڻ وارو شوق برقرار آھي ۽ مئو ناھي.
شروعات ۾، لکڻ واري جي ٻولي ڪچ-پڪي ۽ معلومات اڻ-پوري ھوندي آھي. تنھن ھوندي به، پنھنجي ٻوليءَ ۾ لکڻ سبب، سندس پڙھندڙ، اھا اڌ-اکري ٻولي ۽ اڻ-پوري معلومات به سمجھي ويندا آھن. ساڻس به ائين ئي ٿيندو آيو آھي. ھڪ ته پاڻ لکي ئي شاگردن جي ڄاڻ لاءِ ٿو. شاگرد به مئٽرڪ ۽ انٽر وارا، جن کي ھاڻي پنھنجي منصب ۽ آئندي جي راھ چونڊڻي آھي. الطاف شيخ صاحب جا ڪتاب سندن لاءِ مشعلِ راھ بڻجن ٿا. ٻاھرين ۽ ڌارين ملڪن جي معلومات، پنھنجي مادري زبان ۽ سلوڻي ٻوليءَ ۾، سا به افسانوي رنگ ڍنگ سان، ھر ڪنھن کي پاڻ ڏانھن ڇڪيندڙ ۽ متاثر ڪندڙ رھي آھي.
ڪيترائي شاگرد، کيس پڙھي، رھنمائي حاصل ڪري، پنھنجي زندگيءَ کي سنواري چڪا آھن. ايستائين جو ھاڻي کين، موٽي الطاف شيخ جي ڪتابن کي ھٿ لائڻ جي به ضرورت محسوس نه ٿي ٿئي، ڇو جو ھاڻي ھو خود، ساڳي دنيا کي پنھنجي ظاھري اکين سان ڏسي ۽ اندر جي اکين سان پسي چڪا آھن. ھاڻي الطاف جي ڪتابن ۾ کين معلومات جو ورجاءُ ٿو محسوس ٿئي. جن ٻاھرين دنيا ڏٺي آھي يا انٽرنيٽ سان راند ڪن ٿا، تن کي سندس ڪتابن پڙھڻ وقت ڀلي ائين معلوم ٿئي ته ڏٺل ٻڌل ڳالھ پڙھي رھيو آھيان، پر نئون ۽ سيکڙاٽ شاگرد سندس ڪتابن مان گھڻو پِرائي ٿو. اھو ئي سبب آھي جو سندس پراڻا پڙھندڙ کيس پڙھڻ ڇڏي ڏين ٿا ته انھن جي جاءِ نوان پڙھندڙ والارين ٿا. اھا ٻي ڳالھ آھي ته پراڻا پڙھاڪو، جڏھن پنھنجي پونيرن کي، راھ سنوارڻ لاءِ نصيحت ڪن ٿا ته ان ۾ الطاف جي ڪتابن کي مطالعي ھيٺ آڻڻ جي تلقين ضرور ڪن ٿا. ايتري تي به اھو معاملو ختم ناھي. اڃا به سندس شاگرد ٻاھرين دنيا ۾ آھن، جيڪي ڏيھاڙي انٽرنيٽ تي سندس ڪالمن جو انتظار ڪندا آھن. اگر اھو اخباري ڪالم، اخبار جي پورٽل تان نظر مان گسي ويندو اٿن ته پوءِ ڪنھن بلاگ تي ان لاءِ جاچ جوچ ڪندا آھن. يا الطاف طرفان ساڳيو ڪالم اي-ميل ذريعي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آھن. وئي ۾ وئي ته راقم جي تيار ٿيل بلاگ، ’الطاف شيخ جا سفري ڪالم‘ ڏانھن پڻ رجوع ڪندا آھن.
کيس پڙھي، رھنمائي حاصل ڪرڻ وارو، ڀلي ٻاھر وڃي ڪيڏي به پدويءَ يا پالڪيءَ تي پڄي پر مٿس سندس اثر ۽ ڇاپ ائين رھي ٿي، جيئن ايف آر سي ايس ڪرڻ واري تي، پرائمري ٽيچر جي يا ڀت تي آئري جي. پرائمري استاد، آخر تائين پرائمريءَ جو استاد ئي رھندو آھي. جڏھن ته سندس شاگرد، ايف آر سي ايس ڪرڻ کان پوءِ، ھيٺئين درجي جا ڪتاب پڙھڻ ۽ پڙھائڻ ۾ عار محسوس ڪندو آھي. الطاف شيخ جا آڳاٽا پڙھندڙ ڀلي ائين ٿي وڃن پر سندس ادب ملحوظ ضرور رکن ٿا. اھو ائين جيئن وڏو ماڻھو ٿيڻ کان اڳ، پٽي ۽ پرائمري جن استادن وٽ پڙھجي ٿي، تن جو ادب ڪرڻ لازمي سمجھجي ٿو، ڇو جو انھن اکر لکڻ، لفظ اچارڻ ۽ جملا جوڙڻ سيکاريا آھن. نه فقط ايترو بلڪ چيچ مان وٺي، ڳراٽڙي پائي، رومال سان سنگھ گگ صاف ڪري، ھنج ۾ ويھاري، لولو يا کٽمٺڙو ڏيئي، پوءِ پڙھايو پرجھايو ۽ وڏو ماڻھو ڪيو آھي. ھاڻ سندن ادب ڪجي يا نه. الطاف به شاگردن کي ائين پيرڙو پنڌڙو سيکاريو آھي. سندس ادب ۾ حيثيت، ان پرائمري استاد وانگر تا حيات ۽ اڻ-وسرندڙ رھندي، جنھن ھٿ ۾ قلم جھلڻ سيکاريو.
الطاف شيخ صاحب جي فراھم ڪيل معلومات، جديد ۽ موجودھ دور جي تقاضائن مطابق آھي. ان کي ھرگز پرائمري سطح جي نه ٿو چئي سگھجي. جڏھن ته اھا معلومات سمجھائڻ جو سندس طريقو اھڙو آھي، جو ننڍو ٻار به سمجھي وڃي. اڻ-ڏٺل ڏيھ جي اڻ-ڏٺل ماڻھن جي رھڻي ڪھڻيءَ ۽ اٿڻي ويھڻيءَ بابت، نون پڙھندڙن کي روشناس ڪرائڻ، جن کي پنھنجي ديس جي ماڻھن جي به پوريءَ ريت خبر ناھي، وڏو ڪمال آھي. اتان جي روڊن ۽ رستن، واھڻن ۽ وستين، دڪانن ۽ بازارين، اسپتالن ۽ اسڪولن، ھوٽلن ۽ پارڪن بابت اھڙي پيرايي ۾ معلومات ڏيڻ، جو سيکڙاٽ به پڙھندي خفي نه ٿئي، ھٿائين چاھ ۽ چس سان پيو منجھانئس وٽ وٺي.
پاڻ جتي به ويو آھي، اتي نه فقط اتان جي ماڻھن سان مليو آھي پر پنھنجا سنڌي سٻاجھڙا پڻ ڳولي لڌا اٿائين ۽ ساڻن ڊڪي وڃي ٻکين ضرور پيو آھي. اھي، اتي ڪيئن ۽ ڪھڙا ڏاکڙا ڪري پھتا؟ ڪھڙن سورن ۽ اھنجن کين اھي ڏاکڙا ڪرايا؟ اتي پھچڻ بعد، ڪيتري ۽ ڪيئن، مڃتا ۽ مھانتا ماڻي اٿائون؟ اڳين پوين سان سندن ورتاءُ، ڪيئن ۽ ڪھڙو رھيو آھي؟ اھو سڀ معلوم ڪري، افسانوي رنگ، چاھ ۽ چس واري سادي ۽ سوادي ٻوليءَ ۾ سٻاجھڙي لھجي سان لکيا اٿائين.
ملائيشيا ۾، ڪناري تي رھي ڏھاڪو سال نوڪري ڪئي اٿائين. وٽس، اتان جي مقامي ۽ مسافر ماڻھن بابت ڄاڻ ججھي آھي. ان کان علاوھ اتان جي تاريخ ۽ جاگرافيءَ سان خاصي دلچسپي اٿس، جيڪا سندس لکيت مان نروار آھي. اڄ تائين سندس لکيل منجملي ۷۵ ڪتابن مان، اٺھٺ کن ته مختلف ملڪن بابت سفرناما آھن. منجھانئن ملائيشيا بابت ئي ۶ ڪتاب؛ ڳالھيون آھن ڳچ، مڪليءَ کان ملاڪا تائين، ملائشيا منھنجي من ۾، ڪوالالمپور ڪجھ ڪوھ ۽ ملائيشيا ۱۲ سال بعد، وغيرھ ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آھن.
ان کان علاوھ ملايا جا پھاڪا پڻ ڪٺا ڪيا اٿائين. جيڪي سندس ڪتاب، ’رٺي آھي گھوٽ سان‘ ۾ شامل آھن. اھو پھاڪن جو ڪتاب، لکيل ته سنڌيءَ ۾ آھي پر منجھس پنجن ٻولين؛ سنڌي، چيني، جپاني ۽ ملائي جا پھاڪا ۽ چوڻيون، معنيٰ ۽ مفھوم سان، لطيفا ۽ ٽوٽڪا، مثال ۽ سمجھاڻيون ڏيئي يڪ-جاءِ ڪيا ويا آھن. جڏھن ته ساڳيو ڪتاب، سنڌي پھاڪن کي ڇڏي، انگريزيءَ اندر، ’پراوربس آف فار ايسٽ‘ نالي سان پڻ جوڙي ڇپرايو اٿائين. ان ۾ به ملايا جو مذڪور پڻ اچي وڃي ٿو، ڇو جو پھاڪا ۽ چوڻيون، اصطلاح ۽ ورجيسون، نه فقط ساھت جو سينگار آھن، بلڪ قوم ۽ ملت جي رھڻي ڪرڻي ۽ معيشت جا عڪاس پڻ آھن.
ملائيشيا بابت نجو پجو، ھيءُ سندس ستون ڪتاب آھي، جيڪو اخباري ڪالمن جي صورت ۾ روزاني ’عبرت‘ حيدرآباد ۾ ڇپجي چڪو آھي. ملائيشيا بابت آخري ڪتاب پڻ ڇپائيءَ جي مرحلي ۾ آھي، جيڪو جلد ئي ڇپجي پڌرو ٿيڻ وارو آھي. ڪو به ڪتاب ھڪ-ساھيءَ ۾ لکي پورو ڪرڻ اگر ناممڪن ناھي ته مشڪل ضرور آھي. ان کي اگر ڪن ننڍڙن موضوعن اندر ڦانڊي، ورھائجي ۽ ورڇجي ته لکي پورو ڪرڻ آسان ٿي پوندو. اھو گر، الطاف شيخ صاحب وٽ آھي. ڪتاب اندر، جيڪا به معلومات ڏني اٿائين، سا ننڍن عنوانن ھيٺ ورڇي ڏني اٿائين. ھر عنوان ھيٺ معلومات اھڙي ترتيب ۽ ترڪيب سان رکي اٿائين جو اھو اخبار جي ڪالم جو پورائو به ٿي وڃي ۽ معلومات به اڌ-گيدي نه رھي. اگر، احوال اڻ-پورو رھجي ويو ۽ ڪالم جو پيٽ ڀرجي ويو ته پوءِ ان ڪالم کي اھڙي ھنڌ ڪلائيميڪس ڏيئي پورو ڪيو اٿائين جو پڙھندڙ کي ايندڙ ڪالم جو انتظار ته رھي، پر ڪٽيل ڪالم جي اڌوري معلومات کيس پريشان ۽ مضطرب نه ڪري. جيئن علي سولنگيءَ جي اسٽوري بيان ڪرڻ وقت ڪيو اٿائين. عليءَ جي انھيءَ الف ليلوي داستان کي ائين ونڊي ورڇي بيان ڪيو اٿائين جو ھر ڪالم، في نفسہٖ نجو ڪالم به آھي ته اڳئين ۽ پوئين ڪالم سان ان جو ربط ۽ ڳانڍاپو پڻ قائم آھي. ائين جيئن، الف ليلوي داستان اندر، ھر رات اندر بيان ڪيل ڪھاڻيءَ جو اڳين پوئين راتين اندر بيان ڪيل ڪھاڻين سان ھوندو آھي.
عليءَ جي اسٽوري، ائين ڪيترن ئي ڪالمن تي ڦھليل آھي. سندس بر سبيل تذڪرو ته ۱۱ ڪالمن؛ رستي تي بي يار و مدد ھئس، قسمت جا ليکا، ھڪ دفعو وري زيرو تي پھتس، ماني ڪٿي کائجي، ڪولالمپور جي ڪھاڻي (۱)، ڪئالالمپور جو سير سپاٽو، قدرت جا کيل نرالا، ڦڪيون تڏھن فرق ڪن، سفر در سفر، ’ڇا شاديءَ بعد نوڪري ضروري آھي؟‘ ۽ ’اسان جي ملڪ جو بيروزگار ڇا ڪري؟‘ وغيرھ ۾ اچي چڪو آھي. فارسيءَ جي شعر؛ خوشتران باشد که سر دلبران، که تذکره آيد در حديث ديگران وانگر حوال ته ٻين جا آھن، پر مذڪور حاجي علي سولنگيءَ جو ضرور آھي. انھن مڙني ڪالمن جو پاڻ ۾ ربط پڻ قائم آھي. جيئن ته انھيءَ سفر دوران پاڻ علي سولنگيءَ جي گھر مھمان طور رھيو، تنھنڪري ھر ڪالم ۾ سندس تذڪرو ضروري ھيو. ڪي ڪالم ته خالص عليءَ جي ذاتي اسٽوريءَ تي مشتمل آھن، جن ۾ سندس جدوجھد جي ڪھاڻي ۽ ڏکن ڏاکڙن جا داستان رقم ٿيل آھن. خاص طور تي، ’رستي تي بي يار و مدد ھئس‘ ۽ ’ھڪ دفعو وري زيرو تي پھتس‘، ڪالم ته آھن ئي عليءَ جي ذات بابت.
منجھن علي سولنگيءَ جي اسٽوريءَ جو اھو پھلو ڏاڍو ڏڪائيندڙ ۽ لرزائيندڙ، لڱ ڪانڊاريندڙ ۽ وار اڀا ڪندڙ آھي، جڏھن ملائيشا ۾، جنھن ڇوڪريءَ سان گڏجي ھڪڙو ھٽ کوليائين. پڇاڙيءَ ۾ ھوءَ گڏيل ڪمائيءَ مان فليٽ وغيرھ بڪ ڪرائي، ڦٻائي، کيس ڦري فقير ۽ پالھو، نڌڻڪو ۽ ڇورو ڪري، اکيون ڦيرائي، ٿُڏي وئي. الطاف شيخ صاحب چواڻي؛ ’ملائيشيا جون عورتون وفادار آھن ۽ ٺڳڻيون ناھن.‘ جڏھن قسمت ڦيرو کائيندي آھي ته فالودو کائڻ سان به ڏند ڀڄي پوندا آھن. علي به انھن ھٿان ڦريو ھيو، جن ھٿان ڦرجڻ جو امڪان ئي نه ھجي. ائين جيئن ڀٽائيءَ رحمة اللھ، سسئيءَ جي واتان واڪو ڪرايو؛ ”گھوڙن ھنيون گھڻيون، اٺن ھنئين آ“. اٺ جي عادت آھي ته اٿندي به رڙندو آھي ته ويھندي به رڙندو آھي. سکڻو به رڙندو آھي ته ڀريو به رڙندو آھي. جڏھن ڏيرن، پنھونءَ کي کڻڻ لاءِ ڏاگھن کي پئي پلاڻيو ته ڏاگھا خلاف معمول چپن کي چونو ھنيو ويٺا ھيا، جيڪا جٺ سمجھ کان ٻاھر آھي. اڳي گھلون، گھوڙن تي ڪاھي، ماڻھن کي ماري ڦري، گھوڙا گھوڙا ڪڍائي ڇڏينديون ھيون. جڏھن ته سسئيءَ کان، اٺن به چپ جو روزو رکي، گھوڙا گھوڙا ڪرائي، ريھون ڪڍائي ڇڏيون. بھرحال، حاجي علي سولنگي ويچارو، حسبِ معمول، وري ان زيرو تي اچي بيٺو، جنھن زيرو تان ملائيشا ۾، پيٽ-گذر حاصل ڪرڻ لاءِ، سفر جي شروعات ڪئي ھئائين.
جڏھن پيٽ-گذاري لاءِ جُھد پٽڻ لڳو ته عين انھن ڏيھاڙن ۾ کيس پنھنجي ننڍي ھوندي جي پنجاپڻ مڱينديءَ جو پيءُ، جنھن پنھنجي ڌيءُ جو ساڻس مڱڻو ٽوڙي، پنجاب ۾ ڪنھن چوڌري مائٽ جي پٽ کي پرڻائي ڏني ھئي، فون ڪري منٿون ايلاز ٿو ڪري؛ ”مان سخت بيمار آھيان. جڏهن کان منهنجي ڌيءُ، پرڻجي گهر ڇڏي وئي آهي ته واعدي موجب مون سان وري نه ملي آهي. هينئر آ سخت بيمار آهيان. کيس ڪيترا ئي نياپا ڪيا اٿم ته کيس هڪ دفعو ڏسڻ چاهيان ٿو، پر هوءَ ڪنهن جي به ڳالهه ٻڌڻ نٿي چاهي. مون کي پڪ آهي ته اهو فقط تون آهين، جنهن جي هوءَ نه فقط ڳالهه ٻڌندي پر مڃيندي به. تون گذريل ڳالهيون، غم ۽ غصو وساري مون تي مهرباني ڪر ۽ کيس مون سان ملڻ لاءِ فون ڪر. منھنجي ساھ تي آھي، جيڪو نڪري به نه ٿو!“ ان بعد کيس ان جو پنجاب ۾ ڪنھن ڳوٺ جو فون نمبر پڻ ڏئي وري التجا ڪري ٿو.
ڇا ته دکدائڪ منظر آھي!؟ کيسي ۾ رنگٽ ناھي، جو ڀڳڙا وٺي کائي. نه پنھنجي ڌرتيءَ تي نوڪري ڇوڪري ملي ۽ نه ڌاري ڌرتيءَ تي نوڪريءَ ڇوڪريءَ وفاداري ڪئي. جنھن کي پنھنجي سر لاءِ نوڪريءَ ڇوڪريءَ جو آسرو ئي نه ھجي تنھن کي ان ڇوڪريءَ جو پيءُ، جنھن ديناداستيءَ ڌيءَ جي مرضيءَ خلاف مڱڻي ٽوڙي ھجي، سو ويٺو پنھنجي ڄائيءَ لاءِ فون تي منٿون ايلاز ڪري ته سندس ڌيءُ کي ھيءُ ئي آٿت ڏئي سگھي ٿو، جنھن سان ھوءَ، پيءُ سان ڪاوڙ ۽ روساما ختم ڪري، پيءُ طرفان ڪيل فيصلي تي آمنا واري، رب جي رضا تي راضي رھندي، آخري وقت ۾ پنھنجي مربي پيءُ کي اچي موت جي بستري تي ڏسندي، ته جيئن سندس سرير مان ساھ، سرھو ٿي نڪري.
کانئس فون نمبر وٺي، ان وقت اڦريل سرير، اکڙيل ساھ، ٽٽل دل ۽ ڏوگھريل زبان سان جيڪو ڏڪائيندڙ ۽ ڇرڪائيندڙ، دل کي ڇني ڇيھون ڇيھون ڪندڙ آواز نڪتو ھوندو، جنھن ھڪ باغي روح کي ماٺو ڪري، ان منزل تي آندو ھوندو جنھن تي کيس سندس پاليندڙ پيءُ نه آڻي سگھيو، سو ڇا ته آواز ھوندو! ڏڪندڙ ھٿن ۾ فون جھلي، دل کي قابوءَ ۾ رکي، زبان تي ضابطو آڻي، چٻي چٿي جڏھن زبان مان اکر ڪڍيا ھوندائين ۽ ان کي نصيحت ڪئي ھوندائين جنھن کيس حاصل ڪرڻ لاءِ پنھنجن محسنن سان بغاوت ڪئي آھي، سو ڪيڏو نه قيامت خيز منظر ھوندو.
جڏھن کيس چيو ھوندائين؛ ”ھي سڀ ڪجهه قدرت جا ليکا آهن. هاڻ جيڪي ڪجهه ٿي ويو، رب جي رضا تي راضي رهڻ کپي. اسلام به اهو ئي چوي ٿو ته والدين جو خيال رکڻ کپي، هو پوڙها ٿي چڪا آهن. تنهنجا اسان تي ٿورا ٿيندا. تون پنهنجي پيءُ سان ضرور مل!“ ڇا ته طرفين جي ڪيفيت ھوندي؟ اھي اکر ٻڌي اھا ڇوڪري پنھنجي ضد تان لٿي ۽ پنھنجي پيءُ ڏانھن رجوع ڪيائين، جنھن سان سندس پيءُ جي ساھ تان سختي ختم ٿي ۽ سرير مان ساھ، آسانيءَ سان نڪتس.
اھو منظر ٻڌڻ، ٻڌائڻ ۽ چٽڻ، انساني بس جي بات ناھي. مون کان ته پڙھندي سيسڙاٽيون نڪري ويون ھيون. اکين جا تنر، ڳوڙھن سان ڀرجي، ڳڙي پيا ھيا. شابس ته لکندڙ ۽ ٻڌائيندڙ جي جگر گردي کي آھي، جنھن لکڻ ۽ ٻڌائڻ وقت اھو منظر دماغ ۾ آڻي، قلم کي تاڻي، پني تي وھايو آھي. ڇا ته تصوير جو چٽ چٽيو اٿائين! پڪ اٿم ته اھو چٽ چٽيندي، ’تو ڀي تو رويا ھوگا‘ واري ڪيفيت مان پاڻ به ضرور گذريو ھوندو.
جن ماڻھن، حاجي علي سولنگيءَ وانگر، دل تي پٿر رکي، چاھتون ڇڏيندي، نصيحتون ڪيون ته؛ ٻيلي! ڪير ڪنھن کي ھن محدود ۽ فاني حياتيءَ ۾ مليو ته ڇا، نه مليو ته ڇا؟ جنھن کي منزل ملي تنھن کي به راس نه آئي، جنھن کي نه ملي تنھن کي به نه ڌڪاري ڌتاري سگھي ۽ نه ڌوڏي ڇڏيائين. دنيا ھل ھلندن جو ماڳ آھي. ڪير ڪنھن جي لاءِ نه سيڙيو آھي ۽ نه ئي ڪير ڪنھن جي قبر ۾ پيو آھي. ھر ڪا ٻڪري پنھنجي پائي ٽنگي آ. مئو آن ته مئو آن، بچو آن ته بچو آن. اردو شاعر چواڻي؛ وھ ھمين نه ملا تو ڪيا ھوا، ڪئي لوگ زندھ ھين محبت ڪئي بغير. اھڙي قسم جا الھ-لوڪ کٽي ويا.
اھو راز به حاجي علي سولنگيءَ دنيا جي ڌڪن ٿاٻن کائڻ کان پوءِ پرائي ورتو ھيو. يتيم ٻار ٿي ڪري پليو پر سڪڻن وانگر، ڪنھن جاءِ کي منزل سمجھي چنبڙي نه پيو. بلڪ راھ جو ننڍڙو پٿر ڄاڻي، کيس ٿڏيندو، ساڻس کيڏندو، وک اڳتي وڌائيندو ويو. ڀڄندو به ويو ۽ رھائيندو به ويو. پنھنجي پيرن تي بيھڻ جي ڪوشش به ڪيائين ته ٻين کي پنھنجن پيرن تي بيھڻ ۾ مدد به ڪيائين. سندس نصيب ۾ جيڪي ھيو، سو نيٺ کيس مليو. توقع کان وڌيڪ ڀلو مليو. کٽر مينھن وانگر لت ھڻي، نه پنھنجو ڏڌو ھاريائين ۽ نه ٻيءَ کي کاريائين. نه ھمت ھاريائين ۽ نه بي ھمت ٿي ٻين تي ڀاڙيائين. ھمت مردان، مدد خدا، واري چوڻيءَ تي ڀروسو ۽ عمل ڪري، ھٿ پير ھلائيندو رھيو. نه مايوس ٿيو ۽ نه مايسيءَ کي ويجھو اچڻ ڏنائين. بلڪ سنڌين چواڻي مايوسيءَ کي گناھ، اڃا به ڪفر، سمجھيائين، جنھن سبب اڄ انھيءَ پد تي پھتل آھي جو ملائيشيا جھڙي ملڪ ۾ ھڪ وڏي فرم جو مالڪ آھي، جنھن ۾ اتان جا مقامي ٻه اڍائي سؤ ماڻھو ملازمت ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا.
الطاف شيخ صاحب جن ملڪن بابت سفرناما لکي ٿو، تن بابت اڳواٽ لکيل مواد؛ ڪتاب، نقشا ۽ مضمون وغيرھ پڻ نظر مان ڪڍي ٿو، منجھن موجود معلومات کي، پنھنجي رٿيل پروگرام جي حساب سان پڙھي ۽ تڪي توري ٿو، باقاعدھ نوٽس وٺي ٿو ۽ ذھن نشين پڻ ڪري ٿو. اتي روڊن ۽ رستن، مسجدن ۽ مڙھين، اسڪولن ۽ يونيورسٽين، مشھور تاريخي جاين ۽ پارڪن بابت، پاڻ وٽ نوٽس تيار رکي ٿو. ان ملڪ ۾ موجود، سندس دوست ميزبان يا گائيڊ، کيس ان ڪم ۾ رھبري پڻ ڪن ٿا. ڪن جاين تي ھيءُ کانئن معلومات وٺي ٿو، ته ڪن جاين تي کين معلومات ڏيئي عجب ۾ وجھي ڇڏي ٿو، جيئن ھن سفرنامي ۾ حاجي علي سندس ميزبان ته آھي پر گھمڻ وقت ھيءُ سندس گائيڊ آھي، ھو نه.
ٻاھرين ملڪن ۾، اسان مان گھڻن جو ئي اچڻ وڃڻ ٿئي ٿو. اتان جي رھواسين سان ميل ملاقات پڻ ٿئي ٿي پر انھن بابت ايڏي تفصيل سان ڪالم وغيرھ لکڻ وڏي ڳالھ آھي. اھي ملائيشيا جا ماڻھو، حج دوران اسان سان به مليا ھوندا، ڪي ته ڀاڄڙ دوران پنھنجي عورتن سميت اسان جي ڪيمپ ۾ گھڙي اسان جي بسترن تي اچي آساسي ٿيا ھوندا پر سندن بابت اسان کان سٽ به نه ٿي سپجي. جڏھن ته الطاف ھڪ نظر پوندي، شيءِ يا معاملي جي تھ تائين پھچيو وڃي. ڳالھ مان ڳالھوڙو ٺاھيو ڇڏي. نوٽس ڀلي اسان به وٺون پر اسان کي ٽائيم ۽ فرصت ئي نه ملندي جو انھن کي سلجھائي مضمون گھڙي وٺون. حيرت ان ڳالھ جي آھي ته الطاف اھي نوٽس ڪيئن ٿو وٺي ۽ لکڻ مھل منجھن جزئيات ڪيئن ٿو ملائي. ھڪ دفعو ڏٺل شيءِ کي، ايڏو تفصيل سان بيان ڪرڻ جو ملڪو ھڪڙو علي سفيان آفاقيءَ کي آھي، ٻيو الطاف کي. علي سفيان به جڏھن سرگذشت ۾ سفرنامن جون يادون لکي ٿو يا فلمن جي بيرون ملڪ عڪاسيءَ بابت جيڪي سفري روئداد لکي ٿو، حيران ڪري ڇڏي ٿو. وڏي حيرت ان وقت وٺندي آھي، جڏھن ڏسبو آھي ته ننڍيون ڳالھيون جن تي چڱي ڀلي جي نگاھ نه پوي، تن تي سندس نظر ڪيئن ٿي پوي. فلمي اداڪارن بابت جڏھن يادگيريون لکي ٿو تڏھن ڪھڙي نه شست ۽ سپڪ ٻولي ٿو لکي، جو دماغ چرخ ٿيو وڃي ۽ عقل دنگ رھجيو وڃي. ڇا ته ٻنھي ڄڻن جو پوئين وقت ۾ حافظو آھي! اسان کان ھن عمر ۾ ھٿ سان رکيل شيءِ وسريو وڃي، جڏھن ته ھي ھلڪيون ڦلڪيون شيون به ساري سنڀاري، تير پتير وائکيون ڪيو وجھن.
الطاف به ننڍي ڏٺل منظر کي، ڊگھو ڪري، تيليءَ مان ٿنڀ ٺاھي پيش ڪرڻ جو گُر، خوش اسلوبيءَ سان ڄاڻي. ڪوالالمپور جي اسپتالن ۽ جالانن، مسجدن ۽ پارڪن بابت ڄاڻ ھجي يا اتان جي تن، تنڪو يا تاناح بابت، محلن ۽ شھرن يا ڳائڻن بابت سمجھاڻي ڏيڻي ھجي ته ديسي مثال کڻي مڙني ڳالھين جي منجھيل سٽ کي به سلجھائي، سولي سنڌيءَ ۾ سمجھائي ويندو. شاھ عالم، اسان جي نوابشاھ جھڙو آھي. فلاڻي بس، وڳڻ کان لالو رونڪ ۽ وارھ وھندڙ بس جھڙي آھي. ائين مثال ڏيئي سمجھائڻ جنھن تنھن جو ڪم ناھي.
ھر محقق ڪتاب پڙھي، نوٽس وٺي پنھنجو مضمون جوڙي ٿو، جڏھن ته الطاف ان تي اڪتفا نه ٿو ڪري. ھر شيءِ کي پنھنجي طبعي اک سان ضرور جاچي جوچي ٿو، ان کي وڃي ڏسي ٿو، ماڻھن سان ڊڪي ملي ٿو. ڏٺل وائٺل سان ته ھر ڪو ملي ٿو، ھيءُ اڻ-ڏٺل سان به ڊڪي ڀاڪرين پوي ٿو. کانئس ڪارائتي معلومات وٺي ٿو ۽ پڙھندڙن سان ونڊي ٿو. اڻ-واقفن بابت به تير پتير احوال لکي ٿو. ائين ناھي ته فقط ڄاڻو سڃاڻو ڳولي، کانئن حوال وٺي ٿو، پوءِ ڀلي سندن حوال ڪم جا نه ئي ھجن. ھيءُ انھن سان ملڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، جن جو احوال پڙھڻ سان پڙھندڙ کي اتساھ ملي. نئين زندگي ملي ۽ حياتي گذارڻ لاءِ نيون راھون ملن.
جتي مٽيارين ۽ ھالا جي پڙھيل ڳڙھيل ۽ ٻاھر وسندڙ خاندانن جو ذڪري ڪري ٿو اتي روھڙي ۽ پني جا ٻاھر وسندڙ ماڻھو به سندس موضوعِ بحث ضرور آھن. ڊاڪٽر شڪيل ميمڻ ۽ مھراڻ يونيورسٽيءَ وارو ڀاڻس زبير، سندس ڳوٺائي آھن. جتي انھن جو احوال ڏنو اٿائين اتي، عبداللھ ساند کي به ڳولي لڌو اٿائين، جنھن جو ھالا نه بلڪ ٽنڊو آدم ويجھو، وھاب شاھ اسٽيشن جي ڀر ۾ ڳوٺ آھي ۽ پاڻ قائد عوام يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر آھي. ھن وقت يونيورسٽيءَ جي لاڙڪاڻي شاخ جو انچارج آھي. جتي پنھنجي ڳوٺائي ۽ ننڍي ھوندي جي يار، سائين عبدالرحمان ميمڻ بابت اھو ٻڌائي ٿو ته، ان ملائيشيا جي شاگردن کي ملائيشيا منجھ پڙھايو آھي، اتي لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽر گل بليديءَ بابت به خاصي وچور ڏني اٿائين. ان بابت ايڏي معلومات ڪٺي ڪرڻ، آسان ڪم ناھي. اسان جھڙو ماڻھو معلومات وٺندي جتي پيو شرمائيندو ۽ شڪي ٿيندو، اتي الطاف شيخ صاحب وٽ الائي ڪھڙي گدڙ-سنگھي آھي جو ڳالھين ڳالھين ۾ ڳالھين جا اتا پتا به ڪڍيو وڃي. سائين عبدالرحمان مھراڻ يونيورسٽيءَ کي مارشلائي دور کان سنڀاليو ۽ خاصو وقت سنڀاليائين. يونيورسٽيءَ کي موجودھ شڪل ۾ کڻي اچڻ وارو اھو ئي شخص آھي. ساڻس سوين ماڻھن جا ڀلي لکين اختلاف ھجن، پر سندس ڳڻ ته تاريخ به سنھري اکرن ۾ پيئي ڳائيندي. جتي ان ننڍي ھوندي جي دوست جو احوال ڏئي ٿو اتي ڊاڪٽر گل، جيڪو پوءِ جي پود آھي ۽ ھتان وئي چار پنج سال مس ٿيندس، ان بابت ڄاڻ ڏيڻ، بلڪل انصاف جوڳو ڪم آھي. معلومات فراھم ڪندي، اقربا پروري ۽ ياري باشيءَ کي پاسي تي رکي، ڪم جي شين کي ترجيح ڏيڻ، انصاف کي قائم رکڻ ناھي ته ٻيو ڇاھي؟
حقيقت اھا آھي ته لاڙڪاڻي اندر مان پنجويھن سالن کان رھان ٿو، مون کي ئي لاڙڪاڻي جي ماڻھن بابت ايتري ڄاڻ ناھي، جيتري الطاف صاحب پنھنجي ھن ڪتاب اندر کِلندي کِلندي ڏئي ويو آھي.
بھرحال، ايتري ڄاڻ ڪٺي ڪرڻ ۽ سھيڙڻ سانڍڻ، مون جھڙن ٽوٽين لاءِ ڀلي ڏکيو ۽ اھنجو ڪم ھجي پر الطاف شيخ صاحب لاءِ ناھي. رب کيس اڃا ڊگھي ڄمار، سٺو حافظو، ھٿن ۾ طاقت ۽ قلم ۾ مضبوطي ڏئي، جنھن سان ھو ساريءَ سنڌ جي سينڌ سنواريندو رھي.

1 comment: