ڊاڪٽر عبدالڪريم
سنديلي جي ڪتاب
”پهاڪن جي پاڙ“
تي وچٿري نظر
پروفيسر نذير
احمد سومرو
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو |
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ضلعي
لاڙڪاڻي مان جن اديبن پنهنجي لکڻين جي ذريعي نالو ڪمايو، منجهن هڪ نالو عبدالڪريم سنديلي مرحوم
جو به آهي. مرحوم عبدالڪريم سنديلو ضلعي لاڙڪاڻي جي هڪ تعلقي لب دريا/ڏوڪري (هاڻي
باقراڻي) جي هڪ واهڻ محراب سنديلي ۾ پيدا ٿيو. شروعات ۾ سنڌي پرائمري ماستر ۽ پوءِ
سنڌي پرائمري استادن جي تربيتي اداري ٽريننگ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ ٽيچر ۽ سنڌي ادب ۾
ايم اي ڪرڻ کان پوءِ سنڌي ادب جو ليڪچرار مقرر ٿيو. ترقي ڪندي ايسوسيئيٽ پروفيسر
جي عهدي تي پهتو، جتان رٽائر ڪيائين. ڪجهه وقت ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو ۽ گورنمينٽ
ڪاليج سيوهڻ جو پرنسپال به ٿي رهيو. سنديلي صاحب کوڙ سارا ڪتاب به لکيا جن ۾ ”تحقيق لغات سنڌي“، ”ڏهس نامو“ ۽ ”لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو“ قابل ذڪر آهن. ’لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو‘
سندس پي ايڇ ڊي جو شايد موضوع به هو. سندس پي ايڇ ڊي جو نگران برصغير تائين شهرت
رکندڙ عالم دين، اديب ۽ ضلعي لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ مولانا غلام مصطفى قاسمي صاحب
هئا. سنديلي مرحوم جو هڪ ڪتاب ”پهاڪن جي پاڙ“ نالي سان آهي، جيڪو هن ۱۹۶۶ع ۾
پنهنجي هڙان خرچ ڪري ڇپرايو هو. هن ڪتاب تي سنڌ جي ٻن وڏين هستين جهڙوڪ علامه آءِ
آءِ قاضي ۽ مخدوم طالب مولى جا رايا پڻ ڏنل آهن. هيءُ ڪتاب سڀ کان پهريون دفعو ۱۹۶۶ع ۾ لاڙڪاڻي جي پاڪستان (اليڪٽرڪ) پرنٽنگ پريس مان ڇپيو هو، جنهن جو مالڪ
لاڙڪاڻي جو هڪ صحافي محمد خان شيخ هو.
”پهاڪن جي پاڙ“ تي ”ٻه اکر“ خود مرحوم ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي لکيا هئا. ”ٻه اکر“ ۾
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي ”پهاڪن جي پاڙ“ تي بحث ڪري انهن سنڌي عالمن جا نالا کنيا
آهن. جن جي ڪتابن مان مرحوم سنديلي صاحب بنيادي مواد کڻي لاڀ حاصل ڪيو هو، جن ۾
راءِ بهادر ڪوڙو مل چندن مل کلناڻيءَ جو ”سنڌي پهاڪا“ ۱۸۸۹ع، ديوان ڪيول رام سلامت راءِ آڏواڻي جو ”گل شڪر“ سال ۱۸۶۹ع
(ڊاڪٽر سنديلي صاحب پاڻ اهڙي ترتيب ڏئي لکيو آهي، يعني ۱۸۸۹ع جو ڪتاب اول ۽ ۱۸۶۹ع ۾ شايع ٿيل ڪتاب ٻي
نمبر تي)، ٽيون ڪتاب سنڌي زبان جي محسن اعظم مرزا قليچ بيگ جو ”پهاڪن جي حڪمت“ ۱۹۲۶ع وارو، چوٿون ڪتاب ”گلقند“ جيڪو آنجهاني ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي جو ۱۹۲۶ع وارو. پاڻ اڳتي هلي لکي ٿو ته ساڳئي مصنف جو ”پهاڪن جي پيڙهه“ پڻ شامل ٿيل آهي.
ڊاڪٽر سنديلو، اڳتي هلي هڪ
نامعلوم ماڻهو، جنهن جو نه پورو نالو لکيو
اٿائين ۽ نه ذات، نه قوم نه رهائش، جو ٿورو مڃيندي لکي ٿو: ”جناب ز.م. جنهن خلوص
نيت سان پنهنجا بيش بها ۽ قيمتي قلمي نسخا اڌ ڳالهائي ۾ پيش ڪيا، تنهن لاءِ بنده
وٽ ڪي به لفظ ڪونه آهن، جن سان پوري طرح سان ڳڻ ڳائي سگهجن.“
ڊاڪٽر سنديلي جا هڪ نامعلوم
ماڻهو لاءِ اهڙا واکاڻ ڀريا جملا پڙهي، تجسس وڌيو ته آخر اهو ”ز.م.“ صاحب ڪير هو،
جنهن جي شاندار ذاتي لائبرري ۾ اهڙا قلمي نسخا به موجود هئا، جيڪي ايترا بي بها ۽
قيمتي، ساڳئي وقت اڻ لڀ به هئا، پر ڊاڪٽر سنديلي کي هن اڌ ڳالهائي ۾ ڏئي ڇڏيا؟
راقم الحروف مسٽر ”ز.م.“ جي تلاش ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي سڀني جهونن علم و ادب جي شائقين
سان به مليو پر هر هنڌان جواب مليو؛ ”الائي“!
پنهنجي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي مرحوم، محمد خان شيخ، مالڪ پاڪستان پريس جا ٿورا مڃيا ۽
لکيو ته: ”محترم جناب محمد خان شيخ (مالڪ پاڪستان پريس) جو ازحد ٿورائتو آهيان،
جنهن پنهنجو وڙ ڪري پريس کي ئي ڪتاب لاءِ وقف ڪري ڇڏيو، جنهنڪري ڪم جلد ”ستڙ“ ٿي
ويو. پريس جي عملي ميان غلام مصطفى خان، محمد عظيم انصاري ۽ محرم علي جا به مجرا
نه وڃائبا جن اويل سويل ۾ پريس ۾ پئي ڪم ڪيو. آخر ۾ ڊاڪٽر سنديلي انهن ڪتابن جي
ڳڻپ ڏني ۽ ڏيکاري آهي، جيڪي سندس مطالعي هيٺ رهيا يا بقول هن جي ته سندس نظر مان
گذريا، جن ۾ فارسي جا ۵ ڪتاب، گجراتي جو هڪ
ڪتاب، تلنگو (هي زبان حيدرآباد دکن جي ڀرپاسي ۾ مدراس جي وچ واري علائقن جي آبادي
وارا ڳالهائيندا آهن)، اردو جا ۱۶ ڪتاب،
سنڌي جا ۱۲ ڪتاب، انگريزي جا ٻه ڪتاب، جن
۾ هڪ Dictionary of Hindustani Proverbs,
Banaras 1910 ۽ هسٽورين
هسٽري آف سنڌ، سر ايليٽ، ڪلڪتو ۱۹۵۶ع ٻيو ڇاپو ۽ سنڌي قلمي نسخا ۳، پر
انهن بابت ڪجهه به نه لکيو اٿائين ته اهي قلمي نسخا ڪنهن جي ملڪيت هئا؟ يا کين
ڪيئن هٿ آيا؟ آخر ۾ ڊاڪٽر صاحب سن اشاعت اسلم منزل ۰۱-۹-۱۹۶۶ لکيو آهي. هن ئي ڪتاب جو ٻيو ڇاپو پڻ ڊاڪٽر صاحب ساڳئي پريس پاڪستان پريس
مان پهرين مارچ ۱۹۶۹ع تي شايع ڪرايو. ٻئي ڇاپي ۾
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو ”ڇاپو ٻيو“ جي عنوان هيٺ لکي ٿو:
”هن ڇاپي ۾ ڪجهه وڌيڪ مواد
وڌايل آهي، جن سڄڻن پهاڪا ۽ رايا موڪليا آهن، تن جو ٿورائتو آهيان. سنديلو اسلم
منزل نزد پاور هائوس لاڙڪاڻو ۰۱-۳-۱۹۶۹“ اسلم منزل پنهنجي جاءِ تي موجود آهي پر
پراڻي پاور هائوس ۾ هاڻي واپڊا جي آفيس آهي. خبر ناهي ته مرحوم ڊاڪٽر عبدالڪريم
سنديلي کي الائي ڪهڙن دوستن نوان پهاڪا لکي موڪليا، جن جو پاڻ ٿورائتو ته ضرور آهي
پر انهن جا نالا لکڻ، ڳڻڻ ۽ ڳڻائڻ ”ضروري“ نه سمجهيائين؟! هجڻ ته ائين کپندو هو ته
مرحوم ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو اهڙن عالمن ۽ اديبن جا نالا لکي ڇڏي ها، ڇاڪاڻ ته
اهڙا نوان پهاڪا، سندس جاکوڙ نه پر ”ٻين“ جي محنت جو نتيجو هيا، جن کي ڊاڪٽر صاحب
پنهنجي کاتي ۾ لکي ڇڏيو!
هلندڙ سال جي سيپٽمبر مهيني جي ۲۹ تاريخ يعني اربع ڏهاڙي تي ملڪ جي معروف اخبار ”ڪاوش“ جي هائيڊ پارڪ ۾
وارهه ضلعي لاڙڪاڻي مان علي اڪبر نالي ڪنهن دوست جو خط ”پهاڪن جي پاڙ“ جو مهاڳ
ڪيڏانهن ويو؟“ جي عنوان سان شايع ٿيو آهي. پنهنجي خط ۾ محترم علي اڪبر صاحب، ڪتاب ”پهاڪن
جي پاڙ“ بابت مصنف جي ”ٻه اکر“ کي مهاڳ سڏي، سنڌي ادبي بورڊ جي موجوده سيڪريٽري
انعام شيخ جي خلاف ڄڻ ته اڻ سڌي طور محاذ کڙو ڪندي، کيس پنهنجي تنقيد جو نشانو
بڻايو آهي. حقيقت هيءَ آهي ته مرحوم سنديلي جو هيءُ ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ طرفان
پهريون ڀيرو ۱۹۸۹ع ۾ تڏهن ڇپيو هو، جڏهن سنڌي
ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ۽ ڊائريڪٽر سنڌ جو ڄاتل سڃاتل قلمڪار سائين حبيب الله صديقي
صاحب هو ۽ نه انعام شيخ. ان حالت ۾ انعام شيخ جو ڪهڙو ڏوهه؟ سنڌي ادبي بورڊ جو
ڪوبه سيڪريٽري پنهنجا اختيار استعمال ڪندي، پنهنجي مرضيءَ پٽ-اندر ڪوبه ڪتاب شايع
نه ٿو ڪري سگهي. ڪتاب بابت هڪ خاص ميٽنگ ٿيندي آهي، جنهن ۾ بورڊ جا ميمبر ويهي ڪو
فيصلو يا آخري ۽ حتمي راءِ ڏيندا آهن. سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيل ۱۹۸۹ع واري ڇاپي جي مهڙ ۾ جناب حبيب الله صديقي جي راءِ پڙهي سگهجي ٿي، جنهن
مان اندازو ٿي ويندو ته خود ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي کي ان راءِ کان آگاهه ڪيو ويو
هو ته سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيندڙ سندس ڪتاب جي پهرين ايڊيشن (هُونءَ ٽيون
ايڊيشن) ۾ سندس ”ٻه اکر“ شامل ڪو نه هوندو. حيرت ٿي ته محترم علي اڪبر (وارهه) کي
ٻه اکر ۽ مهاڳ ۾ ڪو به فرق نظر نه آيو، جو ٻه اکر کي مهاڳ لکي ڇڏيائين، جڏهن ته
مرحوم ڊاڪٽر عبدلڪريم سنديلي پاڻ ”ٻه اکر“ لکيا هئا، نه ڪ مهاڳ! جيئن محترم علي
اڪبر لکي ٿو.
محترم علي اڪبر (وارهه) پنهنجي
خط ۾ لکي ٿو: ”هن وقت ڄاڻايل ڪتاب (پهاڪن جي
پاڙ) سنڌي ادبي بورڊ پاران چوٿون دفعو ۲۰۰۴ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. تڏهن به ڪتاب جو مهاڳ نظر انداز ٿيل آهي. انعام شيخ
جڏهن سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ٿيو هو، مون کيس خط لکي ان معاملي جي نشاندهي
ڪرائي هئي ته توهان نوجوان ادب پرور اديب آهيو، اوهان ۾ وڏيون اُميدون آهن. ”پهاڪن
جي پاڙ“ جي خارج ڪيل ”مهاڳ“ متعلق گذارش ڪئي هئم ته اوهان جڏهن به هن ڪتاب جو نئون
ڇاپو ڇپيو ته مصنف طرفان لکيل ”مهاڳ“ ڪتاب ۾ درج ڪري پوءِ پڌرو ڪجو ته بهتر ٿيندو.
اڄ جڏهن ڪتاب تي نظر پئي ته ڪتاب کي اُٿلائي پٿلائي ڏسڻ جي ڪوشش ڪيم پر ”مهاڳ“ ڏنو
ئي نه ويو آهي. ان ڳالهه جو مون کي ڏاڍو ڏک ۽ دلي صدمو پهتو آهي. جو منهنجي عرض کي
اڻٻڌو ڪري ڪتاب مارڪيٽ ۾ آندو ويو آهي. ڊاڪٽر سنديلي جو روح اڳ ۾ ئي رنجايو ويو
آهي (مگر ڪيئن ۽ ڪڏهن؟) هن لائق محقق ڪيڏي محنت ۽ مشقت کان پوءِ ڪتاب تيار ڪيو
هوندو. ان جي ”مهاڳ“ لکڻ ۾ به کيس وقت لڳو هوندو.“
محترم علي اڪبر (وارهه) جنهن کي
بار بار مهاڳ سڏي ۽ لکي ٿو سو ته اصل ۾ مصنف جا ”ٻه اکر“ لکيل آهن ۽ علي اڪبر پاڻ
به خط ۾ مڃي ٿو ته اُهي ٻه اکر (مهاڳ) صرف ۱۴ صفحن
جو آهي (سو به ڊيمي سائيز تي) ته ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جهڙي ليکڪ کي ٻه اکر سو
به صرف ۱۴ صفحن تي لکڻ لاءِ ڪيترو وقت
لڳو هوندو؟ جو محترم علي اڪبر لکي ٿو ته ان ”مهاڳ“ لکڻ ۾ به کيس ”وقت“ لڳو هوندو.
ڊاڪٽر سنديلي جي ”ٻه اکر“ ۾ سواءِ ڪتابن جي وچُور ڏيڻ جي ٻيو ڇا رکيو آهي؟
جيستائين علي اڪبر جي عرض کي مانائتي موٽ (مُحترم انعام شيخ جي طرفان) نه ملڻ جو
سوال آهي ته ان سلسلي ۾ عرض ڪجي ٿو ته سائين ۱۹۸۱ع تائين سنڌي ٻارهين ڪلاس لازمي درسي ڪتاب ۾ سنڌ جي رنگين ڪلام شاعر ”استاد
بخاريءَ“ جو شاهڪار نظم ”پورهيت جو پگهر“ شامل هوندو هو، پر ۸۲-۱۹۸۱ع کان مذڪوره درسي ڪتاب مان
اُستاد بخاريءَ جو نظم خارج ڪيو ويو ۽ اڄ تائين خارج ئي آهي. ان وچ ۾ سنڌ ٽيڪسٽ
بُڪ بورڊ جا ڪيترا چيئرمين بدليا ته ڇا اسين چيئرمين يا سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ طرفان
سرڪاري طور ڇپرائيندڙ اداري کي ان ڳالهه جو ذميوار بڻائي انهن جي خلاف لکون ته
فلاڻي چيئرمين جي دور ۾ ته استاد بخاريءَ جو شاهڪار نظم شامل هو پر فلاڻي جي دور ۾
جڏهن درسي ڪتاب شايع ٿيو ته ان ۾ استاد بخاريءَ جو نظم ئي ڪو نه هو. ڪتاب کي
اُٿلائي پُٿلائي ڏسڻ مان ڇا ورندو؟ پاليسي ميڪرز جي ڏنل هدايتن موجب سرڪاري ڪتاب
شايع ٿيندا آهن. مُحترم علي اڪبر وارهائي ته سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر به منهنجي
خيال ۾ ڪو نه آهي. سائين علي اڪبر کي گهربو هو ته هُو محترم انعام شيخ کي لکڻ
بجاءِ سڌو سنئون بورڊ جي چيئرمين ۽ ميمبر کي خط لکي سندن ڌيان ڇڪائي ها يا روبرو
انهن سان لهه وچڙ ۾ اچي ها.
هاڻي اچو ته ڊاڪٽر عبدالڪريم
سنديلي جي ڪتاب پهاڪن جي پاڙ تي به هڪ نظر وجهندا هلئون. پهاڪن جي پاڙ بابت سنديلي صاحب جيڪي حڪايتون،
آکاڻيون ۽ ڪهاڻيون بيان ڪيون آهن، منجهانئن ته ڪيتريون اڻ ٺهڪندڙ ۽ سمجهه کان
بالاتر آهن، جن تي اڳتي هلي بحث ڪبو، پر في الحال منڍ کي ٿا وٺئون. ڊاڪٽر مرحوم جن
کي پهاڪو ڪري لکيو آهي سي ڪجهه پهاڪا ضرور آهن پر هڙئي نه. منجهانئن کوڙ ورجيسيون
يا ورجيسي جملا ۽ چوڻيون آهن. پهاڪن، ورجيسين ۽ چوڻين بابت ججهو علم رکندڙ عالم
محترم انجنيئر عبدالوهاب سهتو، پنهنجي ڪتاب ”موزون آکاڻين
ذريعي جڙيل پهاڪا ۽ چوڻيون“ جي مقدمي ۾ پهاڪن، چوڻين ۽
ورجيسين ۾ فرق کولي ٻڌايو آهي ته پهاڪي، چوڻي ۽ ورجيس ۾ ڪهڙو فرق، ڇو ۽ ڪيئن آهي؟
ڊاڪٽر، پهاڪن جي پاڙ جي مُنڍ ۾
جيڪو پهاڪو ”آءٌ به ويندي پيڪين، مون به لهندي سڪ“ ڏنو آھي، سو پهاڪو نه پر ورجيس
آهي. هيٺ ڪجهه ٻيا به مثال ڏجن ٿا:
مثال-۱: اڇي ڏاڙهي اٽو خراب، کي ڊاڪٽر صاحب پهاڪو ڄاڻايو آهي حالانڪه هي به
“پهاڪو” نه، پر ورجيس آهي.
مثال-۲: اپڻا مال هي، روسون ڀي کائسون ڀي. هي به پهاڪو نه، پر ورجيس آهي.
مثال-۳: تيسمار خان
هاڻي پڙهندڙ پاڻ اندازو ڪن ته ”تيس
مار خان“ سنڌيءَ جو لفظ آهي يا ڪنهن ٻي ٻوليءَ جو؟ تيس مار خان يعني ٽيهه ماريندڙ
خان. هي پهاڪو ته نه، البته ورجيس ضرور آهي. اهڙيءَ طرح پاڻ ڏاڍن سان پاند نه
اٽڪائجي (ڪتاب جو صفحو ۴۱)، پڪي ماني ڇڏجي پر
سنگت نه ڇڏجي (ڪتاب جو صفحو ۴۱)،
پهاڪا نه، پر چوڻيون آهن. اهڙيءَ طرح ”پيروءَ وارا پنج سيپارا“ ڪتاب جو صفحو ۴۷، “پئسا ئي پاڻي ۾” ڪتاب جو صفحو ۴۷،
ورجيسيون آهن ۽ نه پهاڪا، جيئن مرحوم سنديلي ڄاڻايا آهن. اهڙيءَ طرح ڪتاب جي صفحي ۶۳ تي ”چانڊيا مگسي“ ۽ صفحي ۶۶ تي ”چور
کي چون ته گھڙينس گهر ۾“ يا صفحي ۶۷ تي ”چور
نه ته چاڪي ئي سهي“ ۽ ساڳئي صفحي تي ”چورن مٿان مور“ ۽ صفحي ۶۸ تي ”ڇتي ڪوريءَ واري ڊيگهه“ يا صفحي ۷۰ تي ”هنود ڪاسائيءَ واري کڏ“ کي ڊاڪٽر سنديلي پهاڪا ڄاڻايا آهن جيڪي حقيقت
۾ پهاڪا نه، پر ورجيسيون آهن. ان کان سواءِ صفحي ۷۵ تي دلوراءِ جي نگري پڻ ورجيس آهي. يا ڊاڪٽر صاحب پنهنجي ڪتاب جي صفحي ۷۵ تي فارسي چوڻي کي پهاڪو ڪري لکيو آهي. فارسيءَ جي اها چوڻي هن طرح آهي:
دراز ريش؛ خضر يا ابليس.
اهڙيءَ طرح سنديلي مرحوم کوڙ
سارن پهاڪن جو پس منظر به ڏاڍو عجيب ۽ غريب لکيو آهي. مثال ”اڍائي گهرن جو خير.“
سنڌ کان ٻاهر برصغير جي ٻين صوبن ۾ کڻي ايئن چوندا هجن ته اڍائي گهرن جو خير
گهرجي، باقي ٻين جو حشر ڪهڙو به ٿئي ان ۾ اسان جو ڇا وڃي. حقيقت هيءَ آهي ته سنڌ ۾
مرد توڙي عورتون، دُعا گهرڻ مهل هن طرح جا جملا استعمال ڪندا هئا ته: ”يا الله- سڀ
جو خير- هندو- مسلمين جو خير. اوڙي پاڙي جو خير!“
مرحوم سنديلي جي تعريف ڪندي سنڌ
جي هڪ سٺي شاعر مرحوم احمد خان ”آصف“ مصراڻي جيڪي شعر چيا، سي پڻ ڪتاب ۾ شامل آهن.
آصف مصراڻي چوي ٿو:
”مبـارڪ جـو حقـدار سنديلو صاحب،
پهاڪن جي واضح ڪئي جنهن حقيقت“
احمد خان آصف مصراڻي چواڻي ته،
سنديلو صاحب مبارڪ جو حقدار آهي، جنهن پهاڪن جي حقيقت واضح يعني کولي نروار ڪري
لکي آهي. سنديلي مرحوم پهاڪن جي حقيقتن جي وضاحت ڪيتري قدر سٺي ڪئي آهي، ان جو
هڪڙو مثال ڏيڻ ڪافي سمجهان ٿو.
”پيٽ ۾ ڪوئا“ نالي ورجيس کي
مرحوم سنديلو ”پهاڪو“ ڪوٺيندي ان جو پس منظر بيان ڪري لکيو آهي ته: (هي پهاڪو ڪتاب
جي سنڌي ادبي بورڊ ٻئي ايڊيشن جي صفحي ۴۵ تي ۽
پهاڪو نمبر ۵۲ ڪري
لکيل آهي) ”هڪڙي ماڻهوءَ کي هميشه پيٽ ۾ سُور رهندو هو. هڪ ڏينهن ان کان بيتاب ٿي
بادشاهه وٽ لنگهي ويو ۽ وڃي عرض ڪيائين ته جهان پناهه، پنهنجي حڪيم کي حُڪم ڪريو
ته مون کي پيٽ جي سُور جي اهڙي ڪا دوا ڏئي جو آئون هن عذاب جي جيئڻ کان مري وڃان.
بادشاهه پنهنجي حڪيم کي هن غريب جي علاج لاءِ حڪم ڪيو. حڪيم اهو حڪم ٻڌي ٻه اڍائي
سير ڀڳڙا گهرايا ۽ انهيءَ شخص کي حڪم ڪيائين ته هي ڀڳڙا کاءُ. هو جيترا گهڻي ۾
گهڻا کائي سگهيو، اوترا کاڌائين. ڀڳڙن کان پوءِ سخت اڃ لڳس. حڪيم کي عرض ڪيائين ته؛ مون کي پاڻي پياريو. حڪيم کيس پاڻي ته
ڪو نه پياريو، الٽو حڪم ڏنائين ته هن جون ٽنگون ۽ ٻانهون ٻڌي کيس وڻ ۾ اهڙي طرح
لڙڪايو جو سندس ٽنگون مٿي ۽ ڪنڌ هيٺ ٿئي. هڪدم حڪم جي تعميل ڪئي وئي. سندس هيٺان
هڪڙو ڪوٺار پاڻيءَ سان ڀريل رکايو ويو. لڙڪڻ شرط گهڻي خُشڪي ۽ اڃ سبب ان غريب جو
وات ڦاٽي ويو. هيٺان پاڻي ڏسي، سندس وات مان هڪ ٻئي پٺيان ٽي ڪوئا، پاڻيءَ جي
ڪوٺـار ۾ ٽپي پيا. ڪوئن جو پيٽ مان نڪرڻ ۽ سندس پيٽ جو درد دفع ٿي وڃڻ. بادشاهه
پڇيس ته؛ ”توکي ڪيئن خبر پئي ته هن جي پيٽ ۾ ڪوئا آهن؟“ حڪيم عرض ڪيو؛ ”سائين آئون
پاڻ هن وانگر ڪاٺير هئس. روزانو جهنگ مان ڪاٺيون ڪري گهر موٽندو هئس. هڪ دفعي
ڪاٺيون ڪري سج بيٺي گهر آيس. پاڻي پيئڻ جي خيال سان گهڙامنجيءَ ڏانهن وڌيس. ڏسان
ته ننڍڙا ڪوئا، دلن جي ڪنارن تي ويٺا آهن. جيڪڏهن اوندهه هجي ها ته ضرور پاڻي پي
وڃان هان ۽ ڪوئا پيٽ ۾ داخل ٿي وڃن ها. هاڻي جڏهن ته هي ڪاٺير آهي، تڏهن مون کي
يقين ٿيو ته هي ڪنهن ڏينهن دير سان گهر آيو آهي ۽ پاڻيءَ سان گڏ ننڍڙا ڪوئا به ڳهي
ويو آهي.“ وري بادشاهه پڇيس ته؛ ”مريض کي ڀڳڙا ڇو کارائيئي؟“ عرض ڪيائين ته؛ ”ڀڳڙا
مريض کي ان ڪري کارايم ته جيئن کيس اکين جو ڍاءُ هجي.“ بادشاهه حڪيم جي حڪمت ڏسي
ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کيس ججهو انعام ڏنائين.
مرحوم عبدالڪريم سنديلي مٿئين
پهاڪي، جيڪا اصل ۾ ورجيس آهي جو جيڪو پس منظر لکيو آهي، ان کي عقل سليم قبول به
ڪري ٿو يا نه؟ ڀلي اوندهه هجي پر اهو ڪيئن ممڪن آهي جو هڪ انسان جي نڙي مان/ ڪاڪڙي
مان هڪ يا ٻه يا ٽي ڪوئا آرام سان داخل ٿي وڃن! هي پس منظر ته هٿ جو گهڙيل ٿو ڏسجي،
جنهن جو نه منهن، نه مٿو ۽ نه پڇ! انساني پيٽ ۾ ڪوئا زندهه به رهيا ۽ انساني پيٽ
اندر نازڪ عضون؛ جيري، جگر، هنيانءَ، بڪين، ڦڦڙن ۽ آنڊن کي ڪوئن ڪجهه به نه ڪيو؟ ۽
اهي آرام سان هڪ انسان جي پيٽ اندر ڊوڙون پائڻ ۾ مشغول رهيا.
مرحوم ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو
ته خير سان هڪ سائنس ڪاليج جو پرنسپال به هو يا پاڻ ڪو اونداهي کنڊ ۾ رهائش پذير
ڪونه هو، جو اهڙي هٿ ٺوڪي ۽ غير سائنسي ڳالهه لکي، پڙهندڙن کي بيوقوف بنائڻ جي
ڪوشش ڪئي اٿس. فرض ڪجي ته سنڌيءَ جو ڪو اديب مرحوم سنديلي جي هن ڪتاب جو اردوءَ ۾
ترجمو ڪري ٿو ۽ اهو ڪتاب شايع ٿي وڃي ٿو ته اردو
جا اديب ۽ پڙهندڙ اسان جي سنديلي صاحب جهڙن عالمن، اديبن ۽ ڏاهن بابت ڪهڙي راءِ
قائم ڪندا. اھا ته سنڌين جا اديب جيڪي پي ايڇ ڊيءَ جون ڊگريون به رکندا آهن، انهن
جي عام معلومات جو عالم اهو آهي جو زندهه ڪوئا ڪنهن انساني پيٽ ۾ داخل ٿيندي
ڏيکارن، جيڪي مهينن تائين هڪ زندهه انسان جي پيٽ ۾ ڊوڙون پائيندا وتن. خبر ناهي ته
مرحوم ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي صاحب جو خيال ڇا هوندو، جڏهن ڪنهن سندن سامهون اچي
چيو هوندو ته؛ ”هن کي پيٽ ۾ پوليس آهي يا فلاڻي کي مغز ۾ اٺ آهي“، ته منهنجي خيال
۾ سنديلو صاحب، پنهنجي پهاڪي جي پس منظر کي شاهوڪار بنائڻ لاءِ ان ماڻهو جي پيٽ ۾ پوليس به داخل ڪري سگهي ها ۽ فلاڻي جي مغز
۾ اٺ کي به ٽپائي ڇڏي ها. هيءَ ته عام سوچ جي ڳالهه آهي ته ڪي شعر، ڪي سٽون، ڪي
ورجيسيون، ڪي پهاڪا، ڪي چوڻيون علامتي ٿين ٿا. اهڃاڻ مان اندازو ٿي وڃي ٿو ته اهي
علامتي اهڃاڻ آهن. ڀلا سنڌي ۾ چوندا آهن ته؛ ”پرائو ٽٽ ڪنهن پنهنجي ڳئيءَ ۾ وڌو
آهي.“ ته ڇا اھو ممڪن آهي؟ ھڪ جو ريحُ (ٽٽ) ٻئي جي ڳئيءَ ۾ ڪيئن داخل ٿي سگهي ٿو؟
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جي ڪتاب
”پهاڪن جي پاڙ“
(جنهن جون پاڙون گهڻي قدر ڪمزور آهن) ۾ ڪل پهاڪن جو تعداد ۵۲ (ٻاونجاهه) آهي. جڏهن ته ورجيسيون ۳۰ ۽
ورجيسي جملا ۱۰، چوڻيون ۳۱ آهن. حيرت آهي ته سنديلي صاحب کي اها خبر ئي ڪا نه پئي ۽ ڪتاب جو نالو ”پهاڪن جي پاڙ“ لکي ۽ رکي ڇڏيائين.
زبردست ڪاوش ۽ ڪوشش. بلڪ قابل تعريف پڻ.
ReplyDelete