ڳوڙهن ڳاڙهو ويس
مبارڪ علي لاشاري
سنڌي ٻولي شاعري جي وسعتن
سان پنهنجو دامن مضبوط پڪڙي تاريخ جي ورن وڪڙن مان پئي گذرندي آئي آهي ۽ اڄ به پئي
گذري. هونئن ته دنيا جي تقريبن سمورين ٻولين جي ادب جي شروعات شاعري سان ٿي آهي،
انگريزي کان وٺي يوناني، سنسڪرت، فارسي، توڙي سنڌي ٻولين پنهنجي پنهنجي اوائل ۾
اوسر شاعري سان ئي ڪئي آهي پر پوءِ انهن ٻولين اڳتي هلي مضبوط ۽ گهرو نثري مواد
پيدا ڪيو ۽ اسري اڳتي وڌيو، پر سنڌي ٻولي ۾ نثر اها جاءِ اڄ به ناهي والاري سگهيو.
ناول کان وٺي ڪهاڻيءَ تائين، مضمون نگاريءَ کان وٺي تنقيدنگاريءَ تائين ڪنهن به
نثر جو نمونو سنڌي قوم جي رهنمائي يا مضبوط بنيادن جو سبب نه بڻيو آهي. انهن سڀني
لکڻين جي نمونن جي گهرائيءَ جا بنياد نثري فلسفي ۾ هوندا آهن، پر سنڌي ۾ فلسفي تي
آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڪتاب به ناهن. محمد ابراهيم جوئي جي ترتيب ڏنل ”فلسفي جو ابتدائي ڪورس“ کان وٺي ڊاڪٽر سڪندر مغل جي ”ڏاهپ جو اڀياس“ تائين فلسفي جو مواد
اڪثر سياسي، مارڪسي يا مادي فلسفي تي آهي جيڪو خالص يعني پيور فلسفي ۾ اچي ٿو، ان
کي به نڄاڻان ڪيترن ماڻهن پڙهيو ۽ ڪيترا پڙهن ٿا؟ پر ان کان علاوه سماجي، ثقافتي،
زباني (ٻولي جو فلسفو) نفسياتي ۽ انساني اوسر (انٿروپولاجي) جا فلسفا نه ته اسان جي
سوچ جو حصو بڻجي سگهيا آهن، نه ئي اسان جي قوم انهن مان پرائڻ يا سکڻ کي ضروري
سمجهيو آهي، قوم ته پري جي ڳالهه آهي، اسان جو پڙهيل لکيل ادبي لڏو به ان کان وئون
پيو وڃي.
قومن جي ميچوئرٽي سندن
ادب ۾ موجود نثري ڪتابن، فلسفي، سوچ، لوچ ۽ پروڙ مان لڳندي آهي. سنجيده قومون
فلسفي تاريخ، تحقيق، تنقيدنگاري، سماجيات، ادبيات لاءِ وقت ڪڍي اونها ۽ ڊگها ڪتاب
لکنديون ۽ پڙهنديون آهن، پر اسان وٽ نثري ڪتابن جي ڇپائيءَ کان وٺي پڙهڻ تائين جو
رجحان ناپيد آهي جو شاعري جا ڪتاب جلدي ڇپيو مارڪيٽ ۾ ايترا اچيو وڃن، جو مشڪل سان
ماڻهو وٺي پڙهن ٿا، نه ته وتن دوستن کي ورهائيندا ۽ آڱر ڪٽائي شهيدن ۾ شامل ٿي
صاحب ڪتاب، مصنف، ليکڪ ۽ شاعر ٿيا وتن.
اهڙي ماحول ۾ جيڪڏهن ڪنهن
شاعر جي ڪتاب جي ڇپجڻ ۽ پڙهڻ جو ذڪر ٿو اچي، ته ذهن ۾ ڪيترائي سوال جنم وٺن ٿا، ته
اهو ڪتاب ۽ ان ۾ شاعري پڙهبي به سهي يا رڳو وٺي ڪٻٽ ۾ رکي ڪتابن جي انگن ۾ اضافو
ئي ڪري سگهبو؟ ڇا اها شاعري، شاعري به آهي جيڪا ڪتاب جي رنگين پاٺن جي اندر گليف
اوڍيو پئي آهي؟ اسان جو عام طور تي اديب، خاص طور تي شاعر، پڙهي پرجهي گهٽ، لکي
وڌيڪ ٿو. دنيا ڄاڻي ٿي ته شاعري جو اعليٰ ڪم پڙهڻ پرجهڻ بنا ڪيئن هوندو آهي (خدارا
انهي ڳالهه کي ڀٽائي سائين جهڙن شاعرن سان نه ڳنڍيو وڃي). شاعر يا اديب قومن کي گس
ڏيکاريندڙ هوندا آهن پر اهي خود تاريخ، تمدن، فلسفي، ثقافت، ٻولي، ادب ۽ سماجي
نفسيات جي گهٽ گهيرن کان اڻ واقف ۽ ڏُور هوندا ته قومن کي ڌڪا ڌوڻا ئي کارائيندا.
منهنجي هٿن ۾ جعفر جاني جي شاعري جو مجموعو ”ڳوڙهن ڳاڙهو ويس“ آهي. الئه ڇو اسان جي
نئين پيڙهي جي شاعرن جي ڪتابن جا ٽائٽل، سڏڪن، ڳوڙهن، لڙڪن، غمن، زارين، المين،
اداسين، بيوسين، هيڻائپن ۽ ڏکن ڏوجهرن وارا هوندا آهن؟ اگر چه اسان جي قوم جا شاعر
نه ته عالمي جنگين جا حصا رهيا آهن، نه آفريڪي قحط ۽ ڏڪارن جو روپ ڏٺو آ، نه
انقلابن ۽ صدين جي گهرو ويڙهن ۽ انقلابن ۽ آزادين جو دور ڏٺو آهي، نه عالمي منڊي
جي استحصال جا شڪار ٿيا آهن، نه عالمي طاقتن اڳيان ليبارٽري ٿيا آهن، اگرچه عالمي
ليبارٽري ۽ تجربيگاهه افغانستان جي ليکڪ خالد حسيني جي ڪتابن جا نالا به
خوشگوار آهن جهڙوڪ The Kite Runner (لغڙ اڏائيندڙ) ۽Thousand Splendid Suns (هزارين چمڪندڙ سج). اسان جي ماڻهن اجتماعي انسانيت جي درد جي وسيع
دامني کي اڃا جاءِ ڏيڻ ۽ درد کي مرڪي خوشي جا تحفا سمجهڻ ۽ انهن جي آڌار ڀاءَ ڪرڻ
جو رستو اپنائڻ شايد اڃا ٺيڪ نه سمجهيو آهي جنهن جو توڻي جو لطيف سائين به اسان کي
گس ڏيکاريو آهن:
ڏک سکن جي سونهن،
گهوريان سک ڏکن ري
جنين جي ورونهن، سڄڻ آيو
مان ڳري!
سئو سکن ڏيئي، ورهه
وهايم هيڪڙو،
مون کي تهه نيئي، پير
ڏيکاريو پرين جو.
نه صرف ايترو پر لطيف
سائين ته سُورن جي بنياد ته اجتماعيت جي گڏجڻ جو رستو ٿو ٻڌائي ۽ سبب ٿو ڄاڻائي
ڇوته سورن وارا ئي سور کي سمجهي سگهن ٿا، دردن وارا ئي انهي کي ڄاڻي سگهن ٿا،
محروم ماڻهو ئي محرومي جو درد رکي سگهي ٿو جنهن کي مارڪس پئي چيو ته دنيا جا مزدورو
هڪ ٿي وڃو اوهان وٽ وڃائڻ لا۽ ڪجهه به ناهي سواءِ زنجيرن جي:
ڏکيون جان نه مڙن، تان
تان ڀنڻ نه ٿئي....
تنهنڪري اسان جي انفراديت
۾ جيستائين اجتماعيت نه ايندي ايستائين اسان پنهنجي ڳوٺڙي مان نڪري دنيا هي
دردوندن سان ڏک سک ونڊي نه سگهنداسين. منهنجي تمهيد جو مقصد جعفر جاني جي ڪتاب جي
عنوان تي ڇوهه ڇنڊڻ ناهي پر اجتماعي لاڙي ڏانهن آهي جيڪو اڄڪلهه اسان جي شاعريءَ
جو حصو ٿيندو پيو وڃي، جيڪو ناڪام عاشقن جيان پنهنجي بيوسي جو اظهار ڪري محبوب جون
همدرديون حاصل ڪرڻ هجي ته اسين ڪو بنهه لاچار آهيون.
مجموعي ۾ ڪجهه نواڻ يا
انفراديت ڏٺم جيڪي ضرور شيئر ڪرڻ گهرجي. يقين ڄاڻو ته سعيد ميمڻ واري ٽهيءَ کان پوءِ واري
ٽهيءَ جي ڪنهن به شاعر جي شاعري ۾ ايترو محو ۽ متاثر ٿي نه پڙهيم جيڪو هن ڪتاب سان
ٿيم. مون ايتري تيزيءَ سان شايد ڪو شاعري جو نئون ڪتاب پڙهيو هجي. سندس شاعري ڪٿي
به مون کي بوريت جو شڪار ٿيڻ نه ڏنو. مون لکڻ کان پهرين سوچيو ته سندن شاعري کي
موضوعاتي طرح ورهايان پر هن مطالعي ۾ اهو مشڪل لڳي ٿو سو سندن شاعري جي ڪجهه اهم
لوازمات جا مثال ضرور ڏيندس.
جديديت پڄاڻان جو بحث ۽
ان جو اطلاق سنڌي ادب يا شاعري ۾ ته ورلي ٿو لڀي پر اردو ادب ۾ اهو 70 يا 80 واري
ڏهاڪي ۾ شروع ٿي ويو هو جيڪو اڃا جاري آهي. سنڌ جي نقادن پاران سنڌ جي اديبن ۽
شاعرن کي اهو گس ڏيکارڻ جو اونو نه رهيو ۽ اهو لاڙو اسان وٽ ڀرپور نموني نه اچي
سگهيو آهي اگرچه عالمي ليول تي ان جو اثر نفوذ ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي، پر پوءِ اسان
جي اديبن ۽ شاعرن وٽ ڪٿان نه ڪٿان ڳڙکا ۽ کڙڪيون نظر آيون آهن، انهن اهو استعمال
پئي ڪيو آهي. جعفر جاني جي شعرن ۾ به جديديت پڄاڻان جا اهڃاڻ ملن ٿا. سندن وائي جو
بند آهي ته؛
شيشي جو بازارون
۽ ميرو سيرو مان
هن شهر مان نڪتو آهيان.
شيشي جون بازارون، شيشي
جا پهاڙ (ميٽروپوليٽن شهرن جي اجگر عمارتون) ۽ شيشي جون عمارتون جديديت پڄاڻان
واري ترقي جون نشانيون آهن، جيئن ٽي وي اسڪرين، ڪمپيوٽر جا مانيٽر ايل سي ڊي، انهي
شيشي جي ساخت جا ساکي آهن. انهي پسمنظر ۾ لطيف سائين جي شعر کي پڻ اسين جديديت
پڄاڻان جي نقطئه نظر سان ڏسي سگهون ٿا، جنهن ۾ لطيف سائين چئي ٿو ته؛
ڪوڙين ڪايائون تنهنجون،
لکن لک هزار،
جيءُ سڀ ڪنهن جيءَ سين،
درسن ڌارو ڌار،
پريم تنهنجا پار، ڪهڙا
چئي ڪهڙا چوان.
پر جعفر جاني جو انهي
جديديت پڄاڻان Postmodernism ۾ پنهنجي شناخت جو عنصر به ملي ٿو ته جيڪو بيٺڪيت پڄاڻان Postcolonialism جو وڏو هٿيار آهي ته
عالمي ڳوٺڙي ۾ به پنهنجي شناخت ڪيئن بچائجي؟ مغرب جي شيشي جي عمارتن، بازارن ۽
اميجزم جي ترقي ۾ اسان ٽين دنيا جا رهواسي ڪيئن پنهنجي شناخت جا متلاشي آهيون،
انهي دور ۾ اسان ڪٿي ۽ ڪهڙي حيثيت ۾ شامل آهيون يا مورڳو ڪڍيا ويا آهيون؟ جيئن
جعفر جاني چوي ٿو ته ”هن شهر مان نڪتو هان“. سندس هيٺيون مثال ڏسو:
هت ماڻهو ڪو به مليو
ناهي
بس تجريدي تصويرون هن
هي رياست بي حس ٽهڪن
جي.
هت ڪن-رس تي حاوي جاني
ڪن ڦاڙيندڙ تقريرون هن
هي رياست بي حس ٽهڪن
جي.
مون کي خبر ناهي ته جاني جين بادريلار Jean Baudrillard جي تصور، تصويرون ۽
تجريديت کي ڪيترو پڙهيو آهي جنهن ۾ هن چيو ته اسين تصويرن يعني اميجز جي دنيا ۾
رهون پيا جتي حقيقت تبديل ٿي Hyper-reality بڻجي پئي آهي. سندن ڪم Simulcra and
Simulation انتهائي اهم ڪم آهي جديديت پڄاڻان ۾؛ جنهن کي جديديت پڄاڻان جو بلڊنگ
بلاڪ چيو ويندو آهي. جاني وٽ تصويري ۽ تجريدي دنيا ۾ رهڻ جو تصور انهي هيڪلائي جو
اظهار آهي جيڪو اسين پنهنجي جيءَ جي وڃائجڻ ڪري محسوس ڪيون ٿا، جنهن پسمنظر ۾ اياز
چيو هو ته
ميلي ۾ تون تنها تنها
ڪنهن کي ڳولين ٿو؟
اک ۾ ڳوڙها هٿ ۾ گجرا
ڪنهن کي ڳولين ٿو؟
جاني وٽ انهي جو انتهائي
تيز مشاهدو آهي ته اسين آوازن جي گهڻائي ۾ رهون ٿا، اهي آواز ميڊيا جا هجن، سيسي
هجن، ذاتي، سماجي هجن، معاشي هجن يا ڪي ٻيا. اڄ اسان وٽ ميڊيا عام ٿي وئي آهي،
ننڍن وڏن شهرن ۾ ٽي وي چينلز کان وٺي ايف ايم ريڊيو تائين اخبارن کان وٺي انٽرنيٽ تائين،
سياسي پارٽين کان وٺي اين جي اوز جي ڀرمار تائين، ڪن ڦاڙيندڙ آواز ته آهن پر بيحس
آهن، ڇو ته هر ڪو پنهنجي پنهنجي قوالي پيو ڳائي.
آ، تاڙيون تاڙيون لوڪ
سڄو،
هي ديس قوالن جو آهي.
ٿي چپٽيون چپٽيون جيئڻو
آ
ڏند ٽيڙيو، ڀل اندر ۾
هڄو
هي ديس قوالن جو آهي.
اهڙا ڪافي شعر آهن جن کي
صحتمند ۽ حوصلا افزا شعر چئي سگهجن ٿا. مٿين شعر ۾ ارادا ٿڪ کي به ٿڪائي ٿا ڇڏين،
ڪيڏو بهترين خيال آهي. ان کان سواءِ سندس مجموعي جي مکيه موضوعن مان رومانس، ڌرتي
سان محبت، آمريڪي سپر پاور کي نندڻ، ڌرتي جي غدارن ۽ دلالن کي نندڻ، ڳوٺاڻي ۽
شهري زندگي جي تفاوت کي چٽو ڪرڻ، پر انهي موضوعن تي جاني مون کي ورهايل لڳو ۽ شهري
زندگي جي اڳيان ڳوٺاڻي شناخت تي ڪجهه پشيمان ۽ احساس ڪمتري ۾ ورتل محسوس ٿيو
حالانڪه شهري ماڻهو خود ڳوٺاڻي زندگي جي وڃائجڻ ڪري اپ سيٽ آهن. مٿين موضوعن تي
تفصيلي ڳالهائي سگهجي ٿو ۽ لکي سگهجي ٿو جنهن سان نه صرف جاني جي احساسن ۽ تخليقي
رخن کي متعين ڪرڻ ۾ مدد ملندي پر اسان جا نوجوان گهڻو ڪجهه ڪري سگهن ٿا. جعفر جاني
جي مجموعي ۾ نظم سڀئي معنيٰ خيز آهن انهن ۾ وسيع معنيٰ سمايل آهي. انهن تي الڳ لکي
سگهجي ٿو انهن ۾ پريمي جوڙو، ورهاڱو، ڌاڙيل جي ڌيءَ، ندي ۽ مسافر ۽ ٻيا شاندار
آهن. سندس پنجڪڙا پڻ سٺا آهن. جعفر جاني جو منزل ڏانهن پهريون قدم آهي ۽ آئون کيس
مبارڪباد ڏيان ٿو ته سندس پهريون ڪتاب ايڏو لاڀائتو ۽ شاندار آهي، پر کيس اڃا محنت
ڪرڻي آهي، پنهنجن وڏي وزن وارن غزلن ڏانهن ڌيان ڏيڻو آهي ۽ پوئتي نهارڻ بجاءِ اڳتي
وڌڻو آهي، اسان جو آشائون ساڻس گڏ آهن.
No comments:
Post a Comment