ايڇ ٽِي لئمبرڪ ۽ سنڌ جي تاريخ
مختيار احمد ملاح
برطانوي دور ۾ ڪيترائي آفيسر هتي نوڪري ڪرڻ لاءِ آيا ۽ ويا. انهن مان
ڪيترا ئي اهڙا آهن، جن سنڌ بابت ڪيترائي ڪتاب لکيا، ڪن تعليم لاءِ خدمتون سر انجام
ڏنيون، ڪن ٻولي لاءِ ته ڪن صحت، آدمشماريءَ ته ڪن جاگرافيءَ، بائلاجيءَ ۽ سنڌو درياءَ جي سروي جي سلسلي ۾ ڪم
ڪيو. ڪن جو سياسي ۽ انتظامي نظام بهتر رهيو، ته ڪن جو تمام بيڪار ته ڪن جو متضاد
رهيو. ايڇ ٽِي لئمبرڪ به اهڙن انگريز آفيسرن مان هڪ هُئو، جن سنڌ تي ڪافي ڪم ڪيو
پر سنڌ ۾ مارشل لا ايڊمنسٽريٽر هجڻ ڪري سندس شخصيت متضاد رهي. هيو ٽريور لئمبرڪ جو جنم سن ۱۹۰۴ع
۾ ٿيو. سنڌ سان سندن خاندان جو پراڻو تعلق هو. ۱۸۸۹ع ۾ سندس نانو سنڌ جو ڪمشنر هو. لئمبرڪ آڪسفورڊ جي اوريل ڪاليج مان
تعليم ورتي. ۱۹۲۷ع ۾ انڊين سول سروسز چٽا ڀيٽي جي امتحان ۾ پهريون
نمبر آيو. پنهنجي سروسز جا سڀئي سال سنڌ ۾ گذاريائين. سنڌ ۾ رهڻ دوران هو سنڌ جي
جاگرافيءَ، تاريخ، سياست ۽ قديم آثارن ۾ وڏي دلچسپي وٺندو رهيو. ۱۹۲۷ع کان ۱۹۴۶ع تائين سنڌ ۾ ڪيترن ئي عهدن تي فائز رهيو. سنڌ ۾ رهي ڪري هن سنڌي ۽
بلوچي ٻولي ڪافي حد تائين سکي ورتي هئي. هن سنڌ ۾ رهڻ دوران تاريخ کان اڳ جي زماني
وارا ڪجھه هنڌ ڳولي لڌا ۽ بلوچي لوڪ موسيقي ۽ رزميه شاعريءَ متعلق پڻ لکڻ پڙهڻ جو
ڪم ڪيو.
۱۹۴۰ع ۾ حر تحريڪ جي وڌندڙ اثر ڪري انگريزن سنڌ ۾ مارشل لا نافذ ڪئي، لئمبرڪ
ان وقت سنڌ جو نائب ايڊمنسٽريٽر هو. ان دوران سنڌي ماڻهن تي انگريزن تمام گهڻا ڪيس
هلايا، جيل ڀريا ۽ ظلم ڪيا. بالآخر تحريڪ جي اڳواڻ پير صبغت الله شاھه راشدي کي ڦاسي ڏني وئي. ان دور ۾ سندس مارشل لا ايڊمنسٽريٽر هئڻ واري
حيثيت جي ڪري سندس شخصيت متضاد هئي. اهو ئي سبب هو جو سنڌ جي تحقيق جي خدمتن جي
عيوض جڏهن سنڌالاجي ۾ ايڇ ٽي لئمبرڪ ڪارنر کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ جي مختلف
مڪتبه فڪر جي ماڻهن اهڙي عمل جي سخت مخالفت ڪئي ۽ نتيجي طور ”ڪارنر“ قائم ڪرڻ جو
پروگرام ملتوي ڪيو ويو.
ايڇ ٽي لئمبرڪ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ گهميو هو. هن کي سنڌ سان بيحد محبت
هئي. هن سنڌ تي ڪافي تحقيق پڻ ڪئي. پاڻ سنڌ جي آڳاٽي جاگرافيءَ، جيالاجيءَ، تاريخ
۽ اينٿراپالاجيءَ وغيره تي ڪم ڪيائين. انهن موضوعن تي ڪيترائي مضمون لکائين جيڪي
هسٽاريڪل سوسائٽي جي جرنلن شايع ٿيا. هو سوسائٽي جو ۱۹۴۰ع کان ۱۹۴۳ع تائين صدر به رهيو.
انڊين سول سروسز مان ريٽائرمينٽ کان پوءِ ۱۹۴۷ع ۾ اوريل ڪاليج آڪسفورڊ ۾ فيلو مقرر ٿيو، جتان هن پاڻ به گريجوئيشن
ڪئي هئي. هن عهدي تي هو ۱۹۷۱ع تائين رهيو.جڏهن اتان
به رٽائر ڪيائين ته کيس ايمريٽس جو فيلو بنايو ويو. ۱۹۷۱ع ۾ کيس اعزازي ڊاڪٽريٽ ۽ ۱۹۷۸ع ۾ رچرڊ برٿن ميموريل ميڊل ڏنو ويو.
هن سنڌ تي ڪيترا ئي مضمون ۽ مقالا لکيا، جيڪي مشرق ۽ مغرب جي مشهور
ناشرن شايع ڪيا. سندس ڪتابن جو مختصر جائزو هيٺ ڏجي ٿو.
۱۹۵۲ع ۾ سندس ڪتاب سرچالس
نيپئر ۽ سنڌ لنڊن مان شايع ٿيو. هن
ڪتاب بابت ”Times“ اخبار جي لٽرري سپليمنٽ ۾ لکيو ته اهو
ناممڪن آهي ته انهيءَ دور تي هن کان وڌيڪ بهتر ڪو ڪتاب لکي سگهجي. چارلس نيپئر تي
هن کان اڳ وليم نيپئر جي ڪتاب ۾ The
conquest of Sindh مڪمل
تعريف سان ڀريل هو. چارلس نيپئر جي هر عمل کي صحيع ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي هئي.
ان ڪتاب جي جواب ۾ ميجر
آئوٽرام انتهائي تنقيدي انداز ۾
هڪ ڪتاب لکيو، جنهن ۾ چارلس نيپئر جي ڪيترن ئي ڳالهين سان اختلاف ڪيا ڪيا ويا هئا.
پر لئبرڪ جي تحقيق ڪافي حد تائين متوازن ۽ غير جانبدار هئي.
چارلس نيپئر برطانوي فوج جو جنرل هو، جنهن جي اڳواڻيءَ ۾ انگريزن سنڌ
کي فتح ڪيو هو. سنڌ جي تاريخ ۾ برطانوي دور قديم روايتن کان جديد مشينري دور ۾ پير
رکڻ جو دور هو. چارلس نيپئر ڏنڊي جي زور تي سنڌ ۾ حڪومت ڪئي هئي. هو سنڌ جو پهريون
گورنر جنرل هو. سندس رٽائرمينٽ کان پوءِ انگريز سرڪار ڪنهن ٻئي کي سنڌ جي گورنرشپ
ڏيڻ جي سگھه نه سمجهندي، سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسي سان ملائي ڇڏيو ۽ ڪمشنر جي سرڪار
هيٺ ڏنو ويو . مطلب ته ايڇ ٽي لئمبرڪ نه صرف چارلس نيپئر جي ذاتي زندگيءَ جي باري
۾ لکيو پر سندس فوجي ڪيريئر ۽ ڪارنامن تي به روشني وڌي. ان کان علاوه سندس گورنرشپ
۾ سنڌ جي سياسي ۽ انتظامي حالتن کي ڀرپور نموني پيش ڪيو ويو آهي. ٻين عام انگريز
محققن وانگر ايڇ ٽي لئمبرڪ سنڌ جي فتح کي صحيع ثابت ڪرڻ لاءِ پنهنجا دليل ڏنا آهن
۽ حمايت ڪئي هئي. ايڇ ٽي لئمبرڪ جي ڪتاب جي هڪ ٻي خوبي اها هئي ته هن نيپئر جو هڪ
اڻلڀ پورٽريٽ به ڪتاب ۾ ڏنو هو، جيڪو شايد ۱۸۴۰ واري ڏهاڪي جو ٺهيل هو.
۱۹۶۰ع ۾ سندس ٻيو اهم ڪتاب جان جيڪب آف جيڪب آباد لنڊن مان شايع ٿيو. هي ڪتاب ان انگريز فوجي آفيسر تي لکيل هو، جنهن
هڪ دفعو سنڌ ۾ قدم رکڻ کان پوءِ ٻيهر پنهنجي ملڪ جو منهن نه ڏٺو ۽ کيس ابدي ننڊ به
سنڌ ۾ نصيب ٿي. هي هڪ سوانحي ڪتاب آهي، جنهن ۾ جان جيڪب
جي مڪمل معلومات انتهائي محققاڻي انداز ۾ ڏنل آهي. جان جيڪب تي ان کان پوءِ جيترا
ڪتاب، مضمون ۽ مقالا لکيا ويا آهن. انهن سڀني لکڻين ۾ خاص حوالا لئمبرڪ جي ڪتاب مان کنيا ويندا آهن. هن ڪتاب ۾
لئمبرڪ جو هڪ اڻلڀ پورٽريٽ پڻ ڏنل آهي. سال ۱۹۵۲ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان لئمبرڪ کي سنڌ جي تاريخ تي ٻه جلد لکڻ جو
ڪم ڏنو ويو. انهي خاص ڪم ۾ هن سنڌ تي ڪافي ڪم ڪيو. ڪتاب جو پهريون جلد سنڌ اي جنرل انٽروڊڪشن جي نالي سان ۱۹۶۴ع
۾ شايع ٿيو ۽ ڪتاب جو ٻيو جلد ۱۹۷۳ع
۾ شايع ٿيو. هي ٻئي ڪتاب سنڌي ۾ ترجما ٿي چڪا آهن ۽ سنڌ جي تحقيق جي سلسلي ۾ خاص
اهميت رکن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو اڪثر ڪتابن ۾ حوالن لاءِ به سندس ڪتاب بهترين
سمجهيا ويندا آهن.
ڪتاب جو پهريون جلد خاص طور تي سنڌ جي جاگرافيءَ، آب هوا ۽ انهن جو
سنڌ جي تاريخ تي اثر جي حوالي سان تمام مفيد معلومات مهيا ڪري ٿو. ڪتاب ۾ ۱۲ باب، نقشا ۽ انڊيڪس ڏنل آهن. پهرين باب ۾ سنڌ جي جاگرافيءَ کي قديم
دور کان بيان ڪيو ويو آهي ۽ ان کي طبعي ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي. ان کان پوءِ ٿر جي
جاگرافيءَ، بيهڪ ۽ تاريخ جي باري ۾ ٻڌايو ويو آهي. اهڙيءَ طرح سنڌ جي ميدانن ۽
درياهه سنڌ جي باري ۾ معلومات ڏنل آهي.
هو لکي ٿو ته هاڻوڪي انسان يعني انسان کي ڌرتي تي نروار ٿئي اٽڪل ۱۰ هزار ورھيه ٿيا آهن. سنڌ ڏيھه جي پيدائش وچين جُڳ جي پهرين زماني جي
چئي وڃي ٿي. ٻين لفظن ۾ سنڌ جي سرزمين کي ڄائي ڪي ساڍا ۱۳ ڪروڙ سال ٿي چڪا آهن. سنڌ جي نالي جي وضاحت ڪندي، ڪنهن ٻئي ليکڪ جي
ڪتاب جي حوالي سان لکيو اٿائين ته سنڌ
جنهن جو صحيع اچار ”سنڌو“ آهي، سو شروعاتي طرح انهيءَ نديءَ جو نالو آهي، جيڪا
الهندن ملڪن ۾ ”انڊس“ جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي. اهو غلط اچار انهيءَ ڪري قائم
رهيو جو اهو سڪندر اعظم جي ساٿين سندس ڪاهن جي تذڪري ۾ ڪتب آندو هو ۽ اهو پوءِ عام
استعمال ۾ اچي ويو. هو اڳتي لکي ٿو ته اها
ڳالھه بلڪل صحيح آهي، ته سنڌ جي سر زمين درياھه سان وابسته آهي. انهيءَ سموري ڏيھه
کي، جيڪو ڊيگھه ۾ سوين ميل ۽ ويڪر ۾ سَو ميلن تائين آهي . سنڌو جي پاڻي ۾ قطرو
قطرو ڪري تهه مٿان تهه رکي جوڙي ٿانيڪو ڪيو آهي، جنهن پاڻي کي اسان جا پير لتاڙن
ٿا، اهو ساڳو پاڻي موهن جي دڙي وارا به لتاڙيندا هئا.
سنڌ جي ميداني علائقن لاءِ لکيو اٿس ته ساڄي يا الهندي پاسي کان سنڌ
جون حدون انهن ڪڪرالين ماٿرين جي ڇيڙي جي صورت ۾ نظر اينديون، جيڪي بلوچستان جي
اندر ڦهلجي ويندڙ ٽاڪرون علائقي تائين هليون وڃن ٿيون. پر حقيقت ۾ ان کان مٿاهين
پٽ سان هڪدم لڳو لڳ زمين ٽڪرين کان وهي آيل لٽ منجهان ٺهيل آهي. اها سنڌو جي لٽ
کان بلڪل نرالي ٿئي ٿي. اهو علائقو، جنهن کي مڪاني طرح ”ڪاڇو“ سڏجي ٿو ۽ گهڻي ڀاڱي
سوڙهو آهي، سو سليمان جبل ۽ بولان کان ڏکڻ طرف ويندڙ جبلن جي وچ ۾ ڪيترن هزارن
چورس ملين جو علائقو ٺاهي ٿو.
ڪتاب جو ستون باب سنڌ جي قديم تاريخي پسمنظر جي لحاظ کان بيان ٿيل
آهي. ان کان پوءِ سنڌ جي باري ۾ ڪلاسيڪل مؤرخن جي تحقيق جي آڌار تي تاريخ جو بيان
ڪيو ويو آهي. ڪتاب جي اٺين باب ۾ راءِ ۽ برهمڻ دورن جو احوال ملي ٿو. ان کان پوءِ
واري باب ۾ سنڌ ۾ اسلامي حڪومتن ۽ ان سان سياسي ۽ ثقافتي تبديليءَ جي باري ۾ ٻڌايو
ويو آهي. ڪتاب جو يارهون باب سنڌ ۾ آباد قومن جي باري ۾ آهي. جڏهن ته ٻارهون باب
سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ آهي سنڌي ٻوليءَ جي تاريخي اهميت جي بيان کان سواءِ سنڌي بڻ
بڻياد تي به بحث ڪيو اٿائين. سنڌي جي سنسڪرت واري نظرئي کي هن بنياد بڻايو آهي.
ٻئي طرف لئمبرڪ، بارٽل
فريئر جي زماني ۾ جڙيل عربي
لفظ الف-ب جي تعريف ڪري ٿو ۽ لکي ٿو ته موجوده سنڌي الف-ب ۾ دنيا جي هر شيءِ لکي ۽
پڙهي سگهجي ٿي.
سندس سنڌ جي تاريخ جو ٻيو جلد سنڌ بفور دي مسلم ڪانڪيسٽ (يعني سنڌ
مسلمانن جي فتح کان اڳ) ۱۹۷۳ع
۾ شايع ٿيو . ڪتاب شايع ٿيڻ کان پوءِ لئمبرڪ سنڌي ادبي بورڊ ڏانهن تاريخ ۲۶ جولاءِ ۱۹۷۷ع ۾ موڪليل هڪ خط ۾ لکيو
ته ”توهان کي اهو ٻڌي خوشي ٿيندي ته ڪئمبرج ۾ آثار قديمه جي ماهر ڊاڪٽر ايف آر
آلچن، جنهن پنهنجي زال سان گڏ (جيڪا پڻ آثار قديمہ جي ماهر آهي) تازو روهڙيءَ جي
ٽڪرين ۾ پٿر جي دور ۽ ان کان پوءِ آثارن تي تحقيق ڪئي آهي، ”انٽي ڪئريز“ نالي
رسالي ۾ منهنجي ڪتاب ”سنڌ مسلمانن جي فتح کان اڳ“ تي تبصرو ڪيو آهي. هن منهنجي
راين تي تفصيل سان راءِ زني ڪندي انهن کي ساراهيو آهي ۽ آخر ۾ چيو آهي ته سنڌ جي
تهذيب جو مطالعو ڪندڙ شاگردن لاءِ هي باب لازمي قرار ڏنا وڃن.
لئمبرڪ سنڌ جي تاريخ جي پهرين جلد ۾ سنڌو ماٿري جي تهذيب يعني موهن
جي دڙي واري تهذيب جي زوال تي بحث ڪيو. جڏهن ته ٻئي جلد ۾ سنڌ جي تاريخ جي ان دور
جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪو ۷۱۲ کان اڳ يعني عربن جي فتح
کان اڳ جي تهذيب، تاريخ، سياست، آرڪيالاجي، جاگرافي، مذهب ۽ ثقافت جهڙن موضوعن کي
بيان ڪري ٿو. ڪتاب ۾ ڪل ۱۱ باب، تصويرون ۽ چارٽ ڏنل
آهن.
پهرين باب سنڌو تهذيب جو اڀرڻ ۽ ڦهلاءَ جي باري ۾ آهي، ٻئي باب ۾ سنڌ
و تهذيب جي عروج ۽ زوال جو ذڪر آهي، ٽئين باب ۾ سنڌ جي روايتي تاريخ کي بيان ڪيو
ويو آهي، چوٿين باب ۾ سنڌ ۾ ايراني ڪاهن ۽ بادشاهن جو پسمنظر بيان ڪيل آهي، پنجين
باب ۾ يوناني سڪندر اعظم جي ڪاهه ۽ فتح جو تاريخي احوال آهي. تاريخي ترتيب سان ملي
ٿو، عيسوي، سن ٻڌ ازم جو دور، راءِ ۽ برهمڻ دورن تائين سنڌ جي تاريخ کي سائنسي
انداز سان پيش ڪيو اٿائين. انهن تاريخي واقعن کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ قديم آثارن
مان مليل مهرن، نشانين ۽ مورتين جا دليل ۽ حوالا ڏنا اٿائين. لئمبرڪ جو هڪ ٻيو اهم
ڪتاب دهشتگرد (The Terrorist) ۱۹۷۲ع ۾ لنڊن مان
شايع ٿيو. هي ڪتاب سنڌ ۾ انگريزن جي دور ۾ هليل حر تحريڪ جي پسمنظر ۾ هڪ تحقيقي ۽
تاريخي ڪتاب آهي. هن تحريڪ سنڌ جي تاريخ تي تمام گهڻو اثر ڇڏيو آهي. اڄ به هن
تحريڪ جا ڪارڪن پاڻ کي حر سڏائيندا آهن. هن تحريڪ جو اڳواڻ پير صاحب پاڳارو عرف
سيد صبغت الله راشدي صاحب هو، جنهن انگريزن خلاف حر تحريڪ هلائي ۽ سنڌ جي هن عظيم
سپوت ۽ بهادر اڳواڻ جي تحريڪ کي چٿڻ لاءِ انگريزن سنڌ ۾ مارشل لا عائد ڪئي. لئمبرڪ
ان وقت سنڌ ۾ نائب مارشل لا ايڊمنسٽريٽر هو. تحريڪ جي عظيم رهنما پير پاڳاري عرف
سيد صبغت الله شاهه کي انگريزن بغاوت جي ڪيس ۾ ڦاسيءَ تي چاڙهي ڇڏيو. لئمبرڪ سڄي
حر تحريڪ جو اکين ڏٺو شاهد هو. هن ”دي ٽيررسٽ“ افسانوي انداز ۾ حر تحريڪ ۽ حر
تحريڪ جي اڳواڻ تي لکيو. هن ڪتاب ۾ واقعا ۽ ڪردار ناول جي سٽاءَ ۾ ڏنل آهن. هيءُ
ڪتاب محترم عطا محمد ڀنڀري صاحب سنڌي ۾ ترجمو ڪري شايع ڪرايو آهي.
لئمبرڪ ڪيترائي مضمون، مقالا ۽ سرڪاري رپورٽون پڻ لکيون. سندس مضمون
رسالن ۾ شايع ٿيل آهن، جيڪي گڏ ڪري شايع ڪرائڻ جي ضرورت آهي. سندس سرڪاري رپورٽون
۽ ڪجهه ٻيو ڪتابي مواد برٽش لائبريري ۾ قلمي نسخي جي صورت ۾ موجود آهي. هن مواد ۾
هڪ Note Book of Sindhi
Vocabulary پڻ شامل آهي. لئمبرڪ جي
سنڌ ۾ ڪيترن ئي ماڻهن سان خط و ڪتابت به هئي. سندس خط سنڌي ادبي بورڊ وٽ به محفوظ
آهن. لئمبرڪ وڏيءَ عمر ۾ شادي ڪئي هئي، سندس گهر واري وقت کان اڳي گذاري وڃڻ ڪري
هيءُ ويڳاڻپ واري زندگي ۾ رهيو. آخري دور بيماري ۽ تنگدستي ۾ گذاريائين ۽ ۷۸ ورهين جي ڄمار ۾ ۳۱
آگسٽ ۱۹۸۲ع ۾ وفات ڪيائين.
No comments:
Post a Comment