نثري نظم ۽ نئين ڪوتا جو ارتقائي سفر
ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻيءَ جو هڪ اهم اڀياس
رکيل مورائي
اڳوڻي خيرپور رياست ۽ هاڻوڪي کجين واري خيرپور جي ڀر ۾ سورهيه
بادشاهه جي شهر پير ڳوٺ ۾ جنم وٺندڙ ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻيءَ
جو نالو وٺندي دل ۾ هڪ احترام جاڳي ٿو، جيڪو ڪنهن به عالم، اسڪالر جي نالي وٺڻ سان
جاڳڻ کپي. سنڌين جي شهر الهاس نگر ۾ رهندڙ ۽ سنڌي ادب کي ٻه درجنن کن ڪتابن کان
وڌيڪ ادب ڏيندڙ ڊاڪٽر لڇاڻي اڄ ڪلهه ڪل وقتي لکڻ پڙهڻ جي ڪم ۾ رڌل آهي. هن تازو ئي
ٻن شخصيتن تي مرڪزي ساهتيه اڪيڊميءَ جي اسائنمينٽ تي ڪتاب لکيا آهن: هڪ موهن ڪلپنا تي ۽ هڪ لعل
پشپُ تي. ان کان اڳ هُن
پنهنجي طور تي هڪ نهايت اهم تنقيدي اڀياس، سنڌي ٻوليءَ جي حسين ۽ جديد شاعر ايم ڪمل تي لکيو آهي، جيڪو پنهنجو مٽ پاڻ آهي. هونئن ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻيءَ
جيڪو سنڌي ادب تي احسان ڪيو آهي اهو شايد اسان لاهي نه سگهون. اهو آهي عاجز بيديءَ سان گڏجي شاهه
سائين تي وڊيو اسڪرپٽ لکڻ،
جيڪو ڪجهه سال اڳ ”نيڻين ننڊ
حرام“ جي نالي سان ڇپيو هُئو،
جنهن کي کڻي اڄ جي تاريخ تائين هند توڻي سنڌ ۾ شاهه سائينءَ تي هڪ اعليٰ وڊيو فلم
جوڙي سگهي ٿي، جيڪو ڪم سنڌ جي ثقافت کاتي کي ڪرڻ کپي ۽ سچ پچ جيڪڏهن اها فلم ٺهي
پوي ته هڪ يادگار ڪم ٿي پوي.
بهرحال ساڳئي نموني لڇاڻي صاحب ڀٽائي، اياز ۽ تاجل بيوس تي هڪ گڏيل اسڪرپٽ لکيو، جنهن جو نالو هُن ڀٽائيءَ جي سٽ تان کنيو
آهي ”ڏور به اوڏا سپرين“. ان کان سواءِ ادب جي الڳ الڳ صنف تي تنقيدي ۽
تحقيقي اڀياس لکندڙ ڊاڪٽر لڇاڻي، مان ڀايان ٿو ته ”ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ڪهاڻيءَ جي اوسر“ ڪتاب لکي ڊاڪٽر بڻيو آهي. جيتوڻيڪ هُو هڪ برک اديب سان گڏ هڪ
تعليمدان به آهي ۽ سڄي عمر تعليم کي ڏني اٿائين.
ڊاڪٽر صاحب جي مٿئين ننڍڙي تعارف کان پوءِ آنءُ پنهنجي اصل مقصد
ڏانهن اچان ٿو ۽ انهن ڪتابن جو تعارف ڏيڻ چاهيان ٿو جيڪي ڊاڪٽر صاحب لکي هڪ اڪيڊمڪ
ڪم کان سواءِ اهڙو تخليقي، تنقيدي اڀياس لکيو آهي، جيڪو هند ۾ ته اڄ جي ٽهيءَ کان
پوءِ شايد اڻ لڀ ٿي وڃي پر سنڌ ۾ نسلن تائين ياد رکيو ويندو. اهو آهي ٻن جلدن ۾
نثري شاعريءَ جو اڀياس ۽ هي هند - سنڌ جو هڪ اهڙو نئين شاعريءَ جو اڀياس آهي، جيڪو
سچ ته ڊاڪٽر صاحب لاءِ وڌيڪ احترام وڌائي ٿو ڇڏي پنهنجي پڙهندڙن وٽ.
ٻن جلدن ۾ ڇپيل هي ٻه ڪتاب، مان پنهنجي ليکي هڪ ڪتاب جا ٻه ڀاڱا
سمجهان ٿو، جنهن مان پهريون ڀاڱو سنڌ جي ”نثري نظم“ تي آهي. جنهن جو نالو آهي ”نثري نظم ۽ ان جو ادبي پسمنظر“. هيءَ ڪتاب سنڌ ۾ نثري نظم جو هڪ پاسخاطريءَ کان
سواءِ لکيل اهڙو اڀياس آهي جيڪو سنڌ ۾ اڄ تائين لکجي نه سگهيو آهي. 126 صفحن تي
لکيل هيءُ اڀياس ڊاڪٽر صاحب سنڌ کان ٻاهر ويهي لکيو آهي. ان لاءِ هُن کي ڪيتري
تڪليف ٿي هوندي، مواد هٿ ڪرڻ ۾، ڪتاب جاچڻ ۾ ۽ مناسب لکندڙن کي مناسب اهميت ڏيڻ ۾
هو جيترو سچيت رهيو آهي اهو فقط هُو ئي ڪري سگهيو آهي.
سنڌ ۾ سرجندڙ نثري نظم جي اؤسر، ان جي ادبي پسمنظر تي تفصيل سان لکڻ
کان پوءِ سنڌ جي 35 شاعرن ۽ شاعرائن جي نثري نظمن تي هُن پنهنجا اڀياسي نوٽ ڏنا
آهن، جيڪو گهڻو ساراهڻ جوڳو ۽ ياد رکڻ جوڳو ڪم آهي. هيءُ ڪتاب ڊاڪٽر لڇاڻي صاحب جو
سنڌ جي نثري نظم تي هڪ لاجواب اڀياس آهي، جيڪو سنڌي ادب ۾ پنهنجي الڳ حوالي سان
ياد رکيو ويندو، ان ڳالهه جي باوجود ته ڪي نثري نظم جون اهم داخلائون رهجي ويون
آهن ۽ ڪي غير اهم داخلائون اهم بڻجي ويون آهن.
سنڌ جي نثري نظم کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب ساڳئي موضوع کي کڻندي ڪتاب جو
ٻيو ڀاڱو (جيڪو پڻ الڳ ڪتاب آهي) اسان کي ڏنو آهي، جنهن جو نالو آهي، ”نئين ڪوتا، ارتقائي سفر“. هي ڪتاب هند ۾ نئين ڪوتا نالي هيٺ لکيو ويندڙ نثري نظم جو هڪ جامع
اڀياس آهي. ڏٺو وڃي ته نئين ڪوتا هند ۾ اسان وٽ آيل نثري نظم کان اڳ لکي وئي ۽ مان
ڪنهن حد تائين ايئن به سمجهان ٿو ته نئين ڪوتا کان متاثر ٿي اسان جي ڪن جديد شاعرن
نثري نظم لکڻ شروع ڪيو، ڇاڪاڻ ته هند جو سنڌي شاعر/ڪوتاڪار جن حالتن مان گذريو آهي
سنڌ جو شاعر/ڪوتاڪار انهن حالتن مان ڪونه گذريو آهي، جنهنڪري هند جي ادب ۾
اڪيلائپ/رشتن جي کوکلائپ، بي يقيني، اوپرائپ ۽ جلاوطنيءَ جو درد، هنن جو سچو پچو
اظهار آهي، جنهن کي محسوس ڪندي اتي نئين ڪوتا لکي وئي، پر سچ اهو به آهي ته هند جي
نئين ڪوتا ۾ سڀ ڪجهه نئون هُئو، نواب موضوع، نئون احساس، نئين ٻولي ۽ نئين صنف. شايد
اهو ئي سبب آهي جو لڇاڻي صاحب جي هن جامع اڀياس جو جيڪو هن نهايت تفصيل سان ٻن
ڪتابن ۾ ڏنو آهي ”نئين ڪوتا ارتقائي سفر“ ڊاڪٽر صاحب جي لکيت ۾ چٽو ٿي سامهون آيو
آهي. سبب اهو آهي ته هند ۾ ويٺي کيس سموري نئين ڪوتا مُيسر ٿي سگهي آهي ۽ ڪتاب جو
هيءُ ٻيو ڀاڱو يا چوڻ گهرجي هيءُ ٻيو ڪتاب، هڪ نهايت اهم تنقيدي اڀياس طور سامهون
آيوآهي جنهن لاءِ سچ پچ ڊاڪٽر صاحب جي ڪيل هن ڪم جي تعريف لاءِ هنن گهڙين ۾ شايد
لفظ پنهنجو ڀرپور مطلب ڏيئي نه سگهن پر مان سندس هن اڀياس کي نهايت نهايت، اهم
تنقيدي اڀياس سڏيندي فخر محسوس ڪريان ٿو ۽ اها خواهش ڪريان ٿو ته هي ٻئي ڪتاب سنڌ
۾ هڪ جلد ۾ شايع ٿيڻ گهرجن. ايئن سنڌي ادب کي هڪ نئون شاعراڻو اڀياس ملي سگهندو.
نئين ڪوتا ۽ ان جو ادبي پسمنظر - ڪوتا، نئين ڪوتا ۽ آزاد نظم - نئين
ڪوتا جا موضوع ۽ وصفون - نئين ڪوتا ۽ سنڌ جي ساروڻي - اهي مجموعي مضمون آهن جن تي
ڊاڪٽر صاحب نهايت اعمتاد سان ۽ سچيتائيءَ سان هڪ اسڪالر هجڻ جون گهرجون پوريون
ڪندي لکيو آهي، جيڪو چاليهن سالن تي پکڙيل نئين ڪوتا/نثري نظم جي سفر بابت آهي ۽ ان
کان پوءِ نئين ڪوتا جي لکندڙن/ليکڪن ۽ ليکڪائن تي اڀياسي نوٽ آهن، جيڪي نهايت
اهميت وارا آهن ۽ انهن جي اصلي سڃاڻ ڏين ٿا. ساڳي وقت انهن ليکڪن/ليکڪائن جي
ڪوتائن جا ڪجهه حصا يا مکيه ڪوتائون حوالي طور ڏنيون ويون آهن، جنهنڪري هيءُ ڪتاب
نه رڳو هڪ تخليقي تنقيدي اڀياس آهي پر ساڳئي وقت هڪ کوجنائي ڪتاب پڻ آهي، جيڪو سنڌ
جي تنقيدي اڀياس طور هند ۽ سنڌ جي سنڌي ادب ۾ هڪجيتري اهميت لائق آهي. هيءُ اڀياس
خود ڊاڪٽر صاحب لاءِ هڪ الڳ اهميت واري جڳهه جوڙيندو. اهڙي پڪ اٿئون.
No comments:
Post a Comment