29/11/2012

سفرنامو ”فارس جو مسافر“ - اظهار سولنگي


نور خان محمد حسني جو سفرنامو
”فارس جو مسافر“
اظهار سولنگي
ادب ۾ سفر نامي کي اهم حيثيت حاصل آهي، اسان جا اديب ۽ سياح سفرنامن کي پڙهي اهم معلومات حاصل ڪن ٿا ۽ منجهن مختلف ملڪن جي سير ڪرڻ جو چاهه پيدا ٿئي ٿو. سفرنامن ۾ اسان جا سياح جن جن ملڪن جا دورا ڪندا آهن، انهن ملڪن جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، تهذيب، ثقافت، تاريخ، جاگرافي ۽ قديم آثارن کي ڏسي پنهنجي سفرنامن کي اسان تائين پهچائيندا آهن. اسان انهن مان ڪافي معلومات حاصل ڪئي آهي ۽ ڪندا رهون ٿا.
هينئر تائين اسان جا سياح جيڪي ادب سان چاهه رکندڙ آهن، ڪيترا ئي سفرناما اسان تائين پهچائي چڪا آهن، انهن ۾ منصور ملڪ، عنايت بلوچ ۽ الطاف شيخ ڪيترا ئي سفرناما لکي اسان پڙهندڙن کي مهيا ڪري ڏنا آهن. انهن سفرنامن کان علاوه تازو هڪ ڪتاب ”فارس جو مسافر“ جيڪو بلوچستان جي هڪ اديب نور خان محمد حسني لکيو آهي، جيڪو اصل ۾ اردو ۾ لکيل آهي، ان جو سنڌي ترجمو ڊاڪٽر نواز علي شوق ڪيو آهي. هن ڪتاب جي سٽاءَ ۾ چوڏهن موضوع آهن. پهريون موضوع ”سنڌ ۽ بلوچستان جا تهذيبي رشتا“ تي تفصيل سان ذڪر ڪيو ويو آهي. هن صاحب لکيو آهي ته شاهه عبداللطيف وڏو شاعر هو ۽ ڀٽائي سرڪار کي صوفين جي رنگ ۾ پڙهيو آهي. شاهه عبداللطيف هن خطي ۾ عظيم شاعرن جي پل تي بيٺل آهي، جنهن سڀني خيالن ۽ فڪرن کي نروار ڪيو آهي، جيڪڏهن لطيف نه هجي ها ته اڄ سنڌي ٻولي کي اها عظمت حاصل نه ٿئي ها. ٻيا صوبا به سنڌي ٻولي کي تسليم ڪن ٿا. سنڌي ٻوليءَ کي اها سگهه لطيف سرڪار کان ملي، جنهن سنڌ جي ڪلاسيڪل ادب کي عروج تي پهچايو.
نور خان محمد حسني ”ماضي جون دريون“ ۾ شهنشاهه ايران جو تاريخي منظر چٽي طرح نقش ڪيو آهي. هو ”شعور جو سفر“ ۾ لکي ٿو ته ايران تي ڪيترن ئي حڪمرانن حملا ڪري، ان کي لٽيو ڦريو، عربن، چنگيز خان، هلاڪو ۽ تيمور به حملا ڪيا، ايران کي لٽيو ڦريو، ايران جي تهذيب ۽ ثقافت تباهه ڪري شهرن جا شهر، ڳوٺ ۽ وسنديون ويران ڪري ڇڏيون، ايران ڪيترائي دَور ڏٺا. صفوين عهد 1501 کان 1732ع تائين رهيو جيڪو ايران لاءِ سونهري دور هو، ان کان پوءِ جيڪي دور آيا، انهن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو اٿس، جنهن مان ثابت آهي ته حسني صاحب کي سٺي تاريخي ڄاڻ آهي.
حسني صاحب ”جنن جو ديس“ موضوع ۾ ايران جو سفر شروع ڪندي لکي ٿو ته زاهدان پهچڻ کان اڳ اميگريشن جا معاملا طَي ڪرڻ لاءِ اميگريشن آفيس پهچي ٿو، ته پاڪستاني اميگريشن آفيس جيڪا صرف ٻن ڪمرن تي مشتمل هئي ۽ اميگريشن آفيس سان لڳ مسافرن لاءِ ڇپرو ٺهيل هو، جيڪو به ايران حڪومت طرفان ٺهرايل هو. سندس چواڻي ته پاڪستان سرڪار سياحن لاءِ ڪو به جوڳو انتظام نه ڪيو آهي، اميگريشن جا مسئلا طي ڪرڻ کان پوءِ ايران جي حدن ۾ داخل ٿئي ٿو. جڏهن ايران جي حدن ۾ پهچي ٿو ته ڏاڍي خوشي محسوس ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته ايران کي پنهنجي تاريخ ۽ ثقافت آهي. هن قوم کي پنهنجي زبان ۽ ادب آهي، پر ٻه ڏهاڪا اڳ سڄي دنيا ۾ شهنشاهه جي آمريت سبب بدنام ٿي رهيو هُئو پر ان ئي ملڪ آمريڪا کي ٽوٽا چٻايا.
نور خان محمد حسني جا ايران ۾ بهترين دوست يار جان باديني ۽ جواد حيدر ۽ ٻيا سندس جگري دوست آهن، جن کيس ايران جو سير ڪرائڻ ۾ ڀرپور مدد ڪئي. ايراني بلوچستان ۽ پاڪستاني بلوچستان کي ”جنن جو ديس“ چيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪو جنن جو سردار يا حڪمران ڪنهن تي ناراض ٿئي ته ان کي سزا طور بلوچستان موڪليو وڃي ٿو. زاهدان جي باري ۾ لکي ٿو ته: هي علائقو گرمي جي موسم ۾ سخت گرم ۽ سردي جي موسم ۾ سخت سرد هوندو آهي. زاهدان ۾ سندس رهائش هڪ هوٽل ۾ هئي. زاهدان بابت چئي ٿو ته ٻين شهرن وانگر ترقي يافته نه آهي، تڏهن به به صفائي ۽ سٿرائي جو سهڻو انتظام آهي. رستا ڪٿي ڪشادا ته ڪٿي وري سوڙها اٿس، هن شهر ۾ پارڪ ۽ تفريحي جڳهيون پڻ آهن. هن پنهنجي سفر دوران ايران جو اهڙو ڪو به شهر نه ڏٺو، جيڪو پلاننگ بغير آباد ڪيو ويو هجي، جڏهن ته پاڪستان ۾ اهو دستور آهي ته پهريان بستي يا آبادي قائم ٿيندي ۽ سهولتن لاءِ بعد ۾ سوچ ويچار ڪيو ويندو ۽ پوءِ روڊن ۽ رستن جي ڀڃ ڊاهه شروع ٿي ويندي آهي.
حسني صاحب جنهن هوٽل ”ڪوبر“ ۾ رهيل هو، اتي هوٽل جي ملازمن سان رلي ملي ويو. هوٽل ۾ هڪ ملازم ظاهر ريڪي هو، ان کيس چيو ته منهنجي خواهش آهي ته بلوچستان يونيورسٽي جي بلوچي شعبي ۾ داخلا وٺي ايم اي ڪريان. ان بلوچ ملازم کيس ڪيتريون ئي نيڪ صلاحون ڏنيون. ان مان ايرانين جي سڄي سڀاءَ جي خبر پوي ٿي. نور خان محمد حسني ايراني بلوچستان جي بلوچ قبيلن بابت لکيو آهي ته ايراني بلوچ اقتصادي لحاظ کان ڪنهن حد تائين مستحڪم آهن، پر هتي به اهي خانداني ۽ قبائلي جهڳڙڻ ۾ اڳرا آهن. زاهدان کان سندس ٻي منزل مشهد هئي، مشهد ۾ امام علي رضا عليه السلام جو روضو آهي ۽ روزانو هزارين ماڻهو زيارت لاءِ ايندا آهن. مشهد ۾ رهڻ لاءِ هوٽلن ۾ ڪمرو ملڻ مشڪل آهي، ان ڪري ايران جي ڪيترن ئي شهرن، خاص ڪري مشهد ۾ اها سهولت آهي ته اوهان ڪنهن جي گهر ۾ پنهنجي خرچ تي مهمان ٿي رهي سگهو ٿا. مشهد ۾ رهندڙ پنهنجي گهر جو ڪجهه حصو اهڙن مقصدن لاءِ وقف ڪندا آهن، جيئن اسان وٽ قلندر شهباز جي سالياني عرس تي ڪي سيوهاڻي به پنهنجا گهر چند ڏينهن لاءِ مسواڙ تي ڏيندا آهن. مشهد ۾ رهڻ دوران هن مشهور فارسي شاعر ابوالقاسم فردوسي جي زيارت ڪئي ۽ اتان جي ماحول ۽ رهڻيءَ ڪهڻيءَ بابت ڪافي معلومات حاصل ڪئي. ايراني قوم ۽ حڪومت هن عظيم ايراني شاعر جي مزار کي چوڌاري وڻن ۽ باغن سان سينگاريو آهي. فردوسيءَ جي مزار هڪ خوبصورت چوڪنڊي گنبذ نما عمارت جي تهخاني ۾ آهي. فردوسي جي مزار ويجهو هن هڪ ميوزم جو ذڪر به ڪيو آهي ۽ رستم ۽ سهراب واري قصي کي مختلف گهڙيل پٿرن تي نهايت خوبصورتي سان ڏيکاريو آهي. هن اتي امام علي رضا عليه السلام جي زيارت پڻ ڪئي.
نور خان محمد حسني ايران جي ڪيترن ئي علائقن ۽ شهرن جو سير ڪيو. هن تهران کان علاوه ٻيا ننڍا وڏا ڳوٺ ۽ شهر گهمي ڏٺا. شهرن جي بيهڪ، جوڙجڪ امن امان، ماحوليات، بابت تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي. وڏا وڏا پارڪ، ويڪرا روڊ رستا، تفريحي ۽ تاريخي ماڳ چڱي طرح گهميا ۽ ڏٺا ۽ انهن جي تفصيل سان معلومات ڏني آهي، جيڪا ايران کي ڏسندڙ سياحن لاءِ نهايت ڪار آمد آهي.
هو اڳوڻي شهنشاهه ايران جو محل ڪاخ نيا وران ڏسڻ دوران چوي ٿو ته اهو محل تهران جي اوڀر ۾ آهي. شاهه ايران جا ٻيا به محل آهن، جن مان ڪاخ سعد آباد جيڪو 410 هيڪٽر تي پکڙيل آهي، ان ۾ ارڙهن محل آهن، جن ۾ ملت پئليس ميوزيم، ملٽري ميوزيم، ايٿنولاجيڪل ريسرچ ميوزيم، ويدر ميوزيم، بهزاد ميوزيم، اڪبر ميوزيم ۽ خطاطي ميوزيم شامل آهن. ڪاخ نيا وران اسان جي سوچ ۽ ويچار کان گهڻو مٿاهون ۽ شان شوڪت وارو محل آهي. هتي هڪ ڪمري ۾ مائوزي تنگ، هٽلر، مسوليني، صدر نڪسين ۽ دنيا جي ٻين عظيم اڳواڻن سان گڏ ذوالفقار علي ڀُٽي شهيد جي تصوير پڻ موجود هئي. هي اهي سڀ هئا، جن سان شهنشاهه جي دوستي هئي. اتي ڀُٽي صاحب جي تصوير ڏسي بيحد خوشي محسوس ٿي.
ايران جي سير دوران حسني صاحب چهل ستون ۽ مينار جنان به گهمي ڏٺو ۽ اتي نظارا ڏسي خوشي محسوس ٿيس. اهڙيءَ طرح تخت جمشيد کي ويجهي کان ڏٺو، جيڪو پهاڙن کي ٺڪي ٺاهيو ويو هو، جيڪو اڍائي هزار سال اڳ جو ٺهرايل آهن. تخت جمشيد فارس جي بادشاهه ڪوروش اعظم جوڙايو هو. تخت جمشيد جي آثارن ۾ ڪيئي ٻيا آبشار پڻ آهن، جيڪي سياحن لاءِ دلڪشي جو سبب آهن. انهن جي تاريخي پس منظر کان هن چڱيءَ ريت پڙهندڙن کي واقف ڪيو آهي.
حسني صاحب ايران جي دوري دوران قديم ماڳن، مڪانن کان علاوه جديد شهرن بابت ڪافي معلومات فراهم ڪئي آهي. ايران جي نظم نسق، صفائي سٿرائي، صحت، روڊ رستن پارڪن، باغن ۽ ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، ريتن رسمن، اخلاق ۽ مهمان نوازيءَ بابت ڪافي معلومات فراهم ڪئي آهي، جيڪا هڪ سياح کي ڄاڻڻ ۽ سمجهڻ لاءِ ضروري آهي. هن ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ سياحت سان چاهه رکندڙ ان مان معلومات حاصل ڪري ايران جو سفر صحيح نموني ڪري سگهندا. ڪتاب پڙهڻ وقت، پڙهندڙ ايئن محسوس ڪري ٿو ته ڄڻ هُو حسني صاحب سان هر جڳهه هر جاءِ تي گڏ آهي ۽ جيئن حسني محسوس ڪيو آهي، هُو پڻ ڄڻ اهي شيون اندر جي اکين سان ڏسي ۽ محسوس ڪري رهيو آهي.
سندس لکڻ جو انداز نهايت دلچسپ ۽ نرالو آهي. ان ڪري ڪتاب کي شروع ڪرڻ سان يڪساهي پڙهي پورو ڪرڻ تي اوهان جي دل ضرور چوندي. آءٌ اهڙي سفرنامه لکڻ تي کيس خراج تحسين پيش ڪيان ٿو.

No comments:

Post a Comment