18/11/2012

مان امن جو نشان آهيان - خالد چانڊيو



مان امن جو نشان آهيان

علي زاهد جي شاعري

خالد چانڊيو

سنڌي شاعريءَ جي ڪاڪ محل ۾ ڪيترائي ”راڻا“ پيش ٿيا آهن، ڪيترن ئي راڻن ڪاڪ محل جي جادوگريءَ کي سمجهي به ورتو ته ڪيترائي راڻا انهيءَ شاعراڻي ڪاڪ محل ۾ ويڳاڻن وانگر رُلندا رهيا. ڪتاب ”ناچڻي“ جو سرجڻهار علي زاهد اهڙو ئي راڻو آهي، جنهن نه صرف شاعريءَ کي سمجهيو آهي، بلڪ شاعري به کيس چڱي ريت سُڃاڻي ٿي. علي زاهد شاعريءَ جون رولاڪيون اختيار ڪيون آهن يا رولاڪين کيس شاعريءَ جي ڪاڪ محل ۾ اُڇلايو آهي؟ انهيءَ سوال جو جواب علي زاهد پاڻ ئي ڏئي سگهي ٿو.

علي زاهد جون ڪوتائون هڪ مصور جُون نظماڻيون تصويرون آهن، سندس ڪتاب ”ناچڻي“ ۾ شامل سمورا نظم، غزل، گيت ۽ ٻيون صنفون نهايت ئي خوبصورتيءَ سان سرجيل آهن. سندس شاعريءَ ۾ جيڪي به موضوع ڏنل آهن، هُن اُنهن موضوعن سان نڀاهڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي!
موکيءَ وَٽي وڌائي، درويش مُسڪرايو،
مخمور ٿي خدائي، درويش مسڪرايو.
سالار ڪي سڪندر، ڪيڏا وڏا تونگر،
تن جي ڏسي ڪمائي، درويش مُسڪرايو.
علي زاهد جي شاعريءَ پڙهڻ پڄاڻان سندس شخصيت ۾ پڻ موجود سمورين رولاڪين کي چڱي طرح پسي سگهجي ٿو. هُونئن به شاعري شاعرَ جي پنهنجي اندر جو اظهار آهي، سماج جو عڪس ۽ اولڙو آهي. علي زاهد جو شاعراڻو اتهاسُ، جنهن ۾ لطيف سائينءَ ۽ شيخ اياز جو عظيم فڪر موجود آهي. هُن پنهنجي رچنائن ۾ اُنهيءَ شاندار تسلسل کي ٽٽڻ ناهي ڏنو. سندس رچنائون پاڻ ئي اظهارن ٿيون ته هُو لطيف سائين ۽ اياز سميت سنڌ جي آبياري ڪندڙ شاعرن جو وارث آهي.
ڪنهن ڪاڻ وري مومل، تو ڪاڪ سجائي آ.
راڻا ته رهيا ناهن، ميندي تو پُسائي آ؟
مون هٿ کنيو اِن تان، هيءُ جڳ سڄو تنهنجو،
هِڪَ سِنڌُ ۽ ٻيو سنڌو، مون ساڻ ڀٽائي آ.
نامور شاعر سرمد چانڊيي ڪتاب جي مهاڳ ۾ لکيو آهي ”علي زاهد هڪ اهم شاعر آهي، جنهن جي سنڌي ادب کي وڏي ضرورت هُئي، هي مِٽيءَ جي اِها مهانتا آهي جو اُها ضرورتن پٽاندر پنهنجو پاڻ مان ڪيئي پُٽ پيدا ڪري پنهنجو مرتبو برقرار رکندي آهي.“ سرمد چانڊيي جي انهيءَ ڳالهه ۾ سچ پچ ڪوئي وڌاءُ ناهي، ڇو ته علي زاهد پنهنجي تخليقن سان پڻ اِهو ثابت ڪيو آهي ته هن پنهنجي ماءُ ٻوليءَ جي هنج ۾ ”ناچڻي“ ڪتاب جو اضافو ڏنو ۽ مستقبل ۾ به سندس قلم هُن جي رولاڪين جيان ماٺ ۾ ناهي ويهڻو.
مان عدم جي جاڳ آهيان
ڀاڳُ آهيان
ڌرتتيءَ ۾ ڇانوَ وانگر
ٿو رُلان مان ڏانوَ وانگر
مُنهنجو ڪوئي ڪير ناهي
پر نه دل ۾ ميرُ آهي....!
علي زاهد جي شاعريءَ ۾ موسيقيت به آهي ته خيال جو وقتائتو اظهار به آهي، خاص ڪري سندس غزل ۽ گيت ڪمال جي نغمگيءَ سان سرشار آهن.
اي دل مُڙين نٿي ڇو، دشتِ فراق کان تون
چاهت سرابُ آهي، جنهن جو اَپارُ دوکو.
يا وري سندس گيت پڙهي ڏسجي:
موسمن لائون لڌيون
تون نه آئين، ڇو نه آئين؟
انب ٽاريون ٻُور ٿيون
تون نه آئين، ڇو نه آئين؟
علي زاهد لکڻ واري هن ڏُکئي پيچري تي اهڙو مسافر آهي، جيڪو سسئيءَ جي پنڌ جيان ٿڪجڻو ناهي، سندس ڏات ڏياٽيون ٻاري پنهنجو پنڌ جاري رکندي، ڇو ته علي زاهد جديد سنڌ جو سُجاڳ شاعر آهي ۽ مستقبل جي سنڌ کي هُن جي ڪوتائن مان تمام گهڻيون تقاضائون آهن، ڪتاب ”ناچڻي“ آڻڻ کان پوءِ سندس پنڌ ناهي کُٽو، هُو مسلسل لکندو رهندو ۽ عظيم سنڌ جي مَٿي تي پنهنجي شاعريءَ جي ست رنگي ٽِڪَ لڳائي سُرخرو ٿيندو.
مان امن جو نشان آهيان
پنهنجي پيرن جي ڇُهاءَ سان
اڻ ڏٺل رستن جي ڌُوڙ اُڏائڻ
۽ نوان ماڳ تلاشڻ
مُنهنجن ابن ڏاڏن کان
مون کي ورثي ۾ مليو آهي...!

No comments:

Post a Comment