ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد
سنڌيءَ جي ڪتاب
”گهڙيون گذاريم جن سين“ جو تنقيدي جائزو
پروفيسر نذير احمد
سومرو
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي |
زيتونن، ٻيرن ۽ انبن جي وڻن سان
جنجهيل شهر لاڙڪاڻو، پنج هزار سال قديم تهذيبي اهڃاڻ موئن جو دڙو ۽ بين الاقوامي
شخصيت قائد عوام ذوالفقار علي ڀُٽي جي حوالي سان، سڄي دنيا ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. انھي
سان گڏوگڏ، لاڙڪاڻي جو سنڌي ادب ۽ شاعريءَ ۾ پڻ ججهو حصو رهيو آهي. تازو کسڪي
ويندڙ وِيهين صديءَ جي پوئين اڌ واري حصي ۾، مرحوم ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جو نالو به، سنڌي ادب جي حوالي سان چڱو گونجيو. اهو اتفاق چئجي يا
ٻيو ڪجهه، ته گذريل ويهين صديءَ ۾، لاڙڪاڻي جي حوالي سان جن غير لاڙڪاڻوين شهرت
ماڻي،انھن ٻنهي جا نالا عبدالمجيد هئا ۽ ٻئي پاڻ کي سنڌي سڏرائيندا هئا. منجھانئن
هڪُ، تحريڪ پاڪستان جو اهم نالو، شيخ عبدالمجيد
سنڌي هو. ھُو اصل ۾ حيدرآباد سنڌ جو رهاڪو هو. برصغير جي
نامور ليڊر، اديب ۽ فلاسافر سائين جي. ايم. سيد جي چوڻ تي، ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ، اسيمبلي
جي سيٽ لاءِ، لاڙڪاڻو ۽ رتوديرو تڪ مان، سر شاهنواز ڀُٽي جي مقابلي ۾ فارم ڀريو هئائين.
ڪن مخصوص سببن جي ڪري ھو ڪامياب به ٿي ويو هو.
ٻيو آھي ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي. ھو اصل ۾، سنڌ جي ثقافتي شهر شڪارپور
کان ٽن ميلن جي فاصلي تي هڪ ڳوٺ ماڙيءَ جو رهاڪو هو. شروعاتي ۽ ڪجهه سيڪنڊري
تعليم، شڪارپور شھر جي مشهور نيو ارا اسڪول مان ورتي ھئائين، جنھن بعد لڏي اچي
لاڙڪاڻي ۾ ديرو ڄمايائين ۽ حياتيءَ جا پويان پساهه به اتي پورا ڪيائين.
لاڙڪاڻي ۾ الائي ته ڪهڙي قدرتي
ڪشش رکيل آهي جو جيڪو به ٻاهريون ماڻهو، منجھس پهتو ته هميشه لاءِ لاڙڪاڻوي ٿي
ويو. جيڪڏھن ڪن سببن جي ڪري لاڙڪاڻي کي ڇڏڻ چاهيو به هوندائين ته سندس دل ۽ من
سندس ساٿ نه ڏنو هوندو. مثال طور؛ سنڌ جو سابق وزير اعليٰ قاضي فضل الله، اصل ۾ نوشهروفيروز جو
هيو پر لاڙڪاڻي جي آب و داڻي کيس ڇڪي لاڙڪاڻي پهچايو، ته هميشه لاءِ لاڙڪاڻي جو ٿي
ويو، تان جو مٽيءَ پنوڙو به لاڙڪاڻي ۾ دفن ٿيس. مشهور درگاهه، سائين قائم شاهه
بخاري جي ڀر واري قبرستان ۾ ابدي ننڊ
ڪري رهيو آهي.
ڪيترا مثال ڏجن؟ سنڌي ادب جي
مشهور شخصيت، محترم محمد حنيف صديقي، ڊاڪٽر بشير احمد شاد، ساهتي پرڳڻي سان تعلق رکندڙ سنڌ جو ڄاتل سڃاتل محقق جناب انجنيئر عبدالوهاب سهتو ۽ پٽنه
شهر (بهار-انڊيا) کان لڏي ايندڙ، انجمن ترقي پسند مصنفين جو موجوده سيڪريٽري جنرل
۽ لاڙڪاڻي سنگت جو باني چيئرمين جناب مسلم شميم وغيرھ، انهن سڀني جي شناخت لاڙڪاڻي سان آهي.
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
شروعات ۾ پِي. ڊبليو. ڊِي کاتي ۾ اوورسيئر هو ۽ پوءِ ايم.اي سنڌي ڪيائين ته پراڻي
سکر جي مين روڊ تي ٽڪريءَ تي اڏيل هڪ خانگي اسلاميه آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج ۾ شعبي
سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو. ۱۹۷۲ع جي
سيپٽمبر مهيني ۾، ان وقت پاڪستان جي صدر ۽ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر، جناب
ذوالفقار علي ڀُٽي جي حڪم هيٺ سڀئي تعليمي ادارا قومي ملڪيت ۾ ورتا ويا، ته ڪاليج
سان لاڳاپيل تدريسي ۽ غير تدريسي عملو به رات جي پيٽ ۾ سرڪاري ملازم بڻجي ويو. ۱۹۷۴ع ۾ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ پي ايڇ. ڊي جي ڊگري ورتي ۽ بعد ۾ اُتر سنڌ
جي مختلف ڪاليجن ۾ پرنسپال پڻ رهيو، جن ۾ پاڪستان ڪاليج خيرپور ميرس، شاهه لطيف
ڪاليج شڪارپور، شاهه لطيف ڪاليج قمبر، آرٽس ڪاليج رتوديرو ۽ آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج
لاڙڪاڻو شامل آهن. اهو به اتفاق ئي چئجي ته ڊاڪٽر صاحب، جن به ڪاليجن ۾ پرنسپال
رهيو، سي هڙئي قومي تحويل ۾ ورتل يعني نيشنلائيزڊ ڪاليج هئا.
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جو، يادگيرين تي ٻڌل ڪتاب ”گهڙيون گذاريم جن سين“ ۱۹۹۴ع جي جنوري واري مهيني ۾، ”مهراڻ اڪيڊمي
ڪراچي“ طرفان شايع ٿيو، جنهن ۾ ڊاڪٽر
ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ پنهنجن گهاٽن دوستن يا گهڻي ويجهڙائپ رکندڙ شخصيتن جو ذڪرِ
خير ڪيو آهي، جن ۾ روهڙيءَ وارو مشهور روشن دماغ تعليمي ماهر، اديب ۽ دانشور سائين
عطا حسين شاهه موسوي کان وٺي رتوديرو جي مشهور تعليمي ۽ سماجي شخصيت المعروف ”سائين قاضي“ يعني
قاضي عبدالحي شامل
آهن.
پنهنجي ڪتاب جي صفحي ۴۰ تي، سنڌ جي لاثاني اديب ۽ مورخ مولائي
شيدائي بابت ”هڪ زنده دل دوست ۽ عظيم مورخ“ عنوان ڏئي ڳالهه شروع
ڪئي اٿس ۽ صفحي ۴۶ تي لکي ٿو:
”سکر مان جڏهن پير علي محمد راشدي ۽ پير حسام الدين راشدي
هفتيوار اخبار ’ستاره سنڌ‘ جاري ڪئي ته ان ۾ سندس مضمونَ ’مولائي شيدائي‘ جي قلمي
نالي سان ڇپجڻ لڳا. اخبار جي مطالعي ۽ مضمونن لکڻ جي شوق کيس ’ستاره سنڌ‘ اخبار جي
آفيس ۾ پهچايو. اهڙيءَ طرح راشدي برادران سان تعلق پيدا ٿيس. انگريزن جي ڏاڍ ۽
ڏهڪاءَ جي گرفت کان بچڻ لاءِ، صلاح بيٺي ته قلمي نالو اختيار ڪيو وڃي. پير علي
محمد راشدي، سندس طبيعت موجب ’مولائي‘ نالو
اختيار ڪرڻ جي تجويز ڏني. پير حسام الدين راشدي
جو رايو هو ته ’شيدائي‘ لکيو وڃي. مولائي صاحب کلندي چيو؛ ٻئي نالا کڻي ٿو گڏ
رکان. اهڙي طرح ’مولائي شيدائي‘ قلمي نالو
اختيار ڪري، ان نالي سان مضمون لکڻ شروع ڪيائين.“
خبر نه ٿي پوي ته ڊاڪٽر ميمڻ
عبدالمجيد سنڌيءَ جي لکڻ جو مقصد ڇا آهي؟ هڪ طرف پاڻ لکي ٿو: ”جڏهن راشدي ڀائرن
سکر مان ’ستاره سنڌ‘ اخبار جاري ڪئي ته رحيمداد خان جا مضمون ’مولائي شيدائي‘ جي
نالي سان اخبار ۾ ڇپجڻ لڳا هئا. وري ٿو لکي ته؛ اخباربيني
جي شوق کيس اخبار ’ستاره سنڌ‘ جي آفيس ۾ پهچايو، جتي راشدي برادران سندس قلمي نالي
تي پاڻ ۾ ردڪد ڪئي.
سوال آهي ته جڏهن اخبار ’ستاره
سنڌ‘ ۾، ميمڻ صاحب جي لکت موجب، رحيمداد خان جا مضمون، ’مولائي شيدائي‘ جي نالي
سان ڇپبا هئا ته پوءِ انگريزن جي حڪومت جو ڊپ ڊڄ ڇا معنى؟ راشدي ڀائرن کيس قلمي
نالو اختيار ڪرڻ لاءِ ڇو زور ڀريو ۽ ڪيئن زور ڀريو؟ ڇا راشدي ڀائرن کي اها ڄاڻ به
ڪانه هئي؟ ايئن به ناهي ته مولائي شيدائي کلي، راشدي ڀائرن کي چيو ته؛ ٺهيو ڀلا
ٻئي نالا گڏي ٿو رکان، جيئن ميمڻ صاحب لکيو آهي. رحيمداد خان جو قلمي نالو ’مولائي
شيدائي‘ اختيار ڪرڻ لاءِ آخري ۽ حتمي فيصلو، ڪنهن ڪيو هو؟ ان لاءِ ڏسو ٽه-ماهي ’مهراڻ‘
جو ’سوانح نمبر‘، حصو پهريون، ڇاپو پهريون، سال ۱۹۵۸ع. سنڌ جو هڪ سٺو اديب محترم مقبول
صديقي، مولائي شيدائي
جي سوانح عمريءَ ۾ ’مولائي شيدائي‘ نالو ڪيئن پيو، جي عنوان تحت لکي ٿو:
”ريلوي گارڊ جي زماني ۾، مولائي
صاحب پنهنجي فرصت جون گهڙيون سکر جي اخبار، ’ستاره سنڌ‘ جي آفيس ۾ ان جي ايڊيٽر
پير علي محمد راشدي وٽ گذاريندو هو. هڪ دفعي مولائي
صاحب جڏهن پير علي محمد راشدي، پير حسام الدين راشدي ۽ مولانا دين محمد وفائي مرحوم سان ڪچهري ڪري رهيو هو
ته ڳالهين ڳالهين ۾ پير علي محمد راشدي
کيس صلاح ڏني ته جيئن ته هو سرڪاري ملازم هوندي اخبارن ۾ مضمون لکي رهيو آهي، جا
ڳالهه حڪومت جي نظر ۾ ڪنهن حد تائين اعتراض جوڳي آهي، تنهنڪري وقت جي تقاضا اها
آهي ته هو پنهنجي اصلي نالي سان اخبارن ۾ طبع آزمائي ڪرڻ بدران ڪو فرضي نالو
اختيار ڪري. جيئن ته راشدي صاحب جي تجويز نهايت ئي معقول هئي، تنهنڪري مولائي صاحب
قبول ڪئي. ان ڪري کين پاڻ بابت ڪو فرضي نالو تجويز ڪرڻ لاءِ استدعا ڪيائين، جنھن
تي پير علي محمد راشدي،
سندس فقيرانه ۽ دلچسپ طبيعت کي مدنظر رکي سندس لاءِ ’مولائي‘ جو تخلص تجويز ڪيو.
وري پير حسام الدين راشدي
جو خيال هو ته هن لاءِ ’شيدائي‘ تخلص وڌيڪ موزون رهندو. مگر هڪڙو مولانا دين محمد
وفائي مرحوم ئي هو، جنهن جي دماغ ۾ گهڻي ويچار ڪرڻ کان پوءِ به مولائي صاحب لاءِ
ٻيو ڪو موزون تخلص نه آيو. هوڏانهن وري راشدي برادران ڪنهن به هڪ تخلص تي متفق ٿيڻ
لاءِ تيار نه هئا ۽ هر هڪ پنهنجيءَ جاءِ تي هوڏيو بيٺو هو. ان ڪري ان تنازعي کي
طئه ڪرڻ لاءِ مولانا دين محمد وفائي مرحوم پنهنجي طرفان رٿ پيش ڪئي ته ڇو نه ٻئي
تخلص؛ ’مولائي شيدائي‘ اختيار ڪيا وڃن. اها رٿ سڀني ڌرين کي پسند آئي ۽ ان ڏينهن
کان مير رحيمداد خان جو قلمي نالو ڦري ’مولائي شيدائي‘ ٿي ويو.“
سنڌ جي هڪ ٻئي اديب ۽ شاعر،
ميرن واري خيرپور جي رھاڪو، پروفيسر عطا محمد
حامي جو ذڪر ڪندي، ڊاڪٽر صاحب پنهنجي
ڪتاب جي صفحي ۱۱۲ تي لکي ٿو:
”ڪجهه وقت کان پوءِ رياست
خيرپور جي سياست ۾ اهم تبديلي آئي ۽ رياست جي آزاد اسيمبليءَ جو قيام عمل ۾ آيو.
حامي مرحوم به رياست جي سياست ۾ حصو ورتو ۽ اليڪشن کٽي اتي جو ايم اين اي ٿيو.“
خبر ناهي ته ڊاڪٽر ميمڻ
عبدالمجيد سنڌيءَ اهو ڪيئن لکيو آهي ته؛ رياست خيرپور جي آزاد اسيمبلي جو قيام عمل ۾ آيو! ڇا رياست خيرپور کي آزاد ڪشمير
جهڙي حيثيت حاصل هئي جو ان جي اسيمبلي به آزاد هئي؟ ان زماني جي خيرپور رياست جو
نظام توڙي اسيمبلي، حڪومت پاڪستان جي قانون پٽ-اندر ڪم ڪندا هئا. رياست خيرپور جي
اسيمبلي، جنهن کي ڊاڪٽر صاحب ”آزاد اسيمبلي“ ڄاڻايو آهي، تنھن جي حيثيت اها ساڳي
هئي جيڪا موجوده نئين نطام تحت پاڪستان جي ضلعي اسيمبلين کي آهي. ڇا ڪو هاڻي اهو
چئي سگهندو ته ضلعي اسيمبليون آزاد آهن؟ رياست خيرپور جا وزيراعظم به رياست جو
حڪمران مقرر ڪري ڪونه سگهندو هو. اهي به مرڪزي حڪومت مقرر ڪندي هئي. جنهن اليڪشن
جي ڳالهه ڊاڪٽر صاحب ڪري ٿو، سا خيرپور رياست جي آخري وزيراعظم ممتاز علي قزلباش جي دَور
۾ ٿي هئي. آغا ممتاز علي قزلباش جا يادگار؛ ممتاز ڪاليج، ممتاز گرائونڊ ۽ ممتاز
ڪالوني، اڃا تائين خيرپور ۾ موجود آهن. ايم اين اي مان مراد آهي ميمبر نيشنل
(قومي) اسيمبلي. ڇا خيرپور رياست جي اسيمبلي
کي قومي اسيمبلي واري حيثيت حاصل هئي، جو پروفيسر
عطا محمد ”حامي“ اتان جو ايم اين اي هو؟ هيءَ ڳالهه ڪا صديون پراڻي ڪونه آهي. ان
اليڪشن جا کوڙ ساترا اکين ڏٺا شاهد، ووٽر ۽ اليڪشن ۾ ڊيوٽي ڪندڙ ماڻهو اڃا خير سان
حال حيات آهن. رپڙيءَ جي ڀر واري ڳوٺ علي بخش سروهيءَ جا ٻه ڀائر؛ مولوي نور محمد
خان سروهي ۽ ميان فيض محمد خان سروهي، جيڪي تپيدار طور مشهور هئا، سي ان اليڪشن جا
داستان ٻڌائيندا هئا. انهيءَ اليڪشن ۾ ڳوٺ علي بخش سروهي
جي زميندار ۽ وڏيري علي بخش سروهي
جو پاڙيسري، ڪنڊڙي وارو مرحوم غلام قادر پنهور به چونڊجي آيو هو ۽ قزلباش وزارت ۾ تعليم جي محڪمي جو قلمدان سنڀاليو هئائين،
جنهن جو ذڪر مرحوم قائم رضا عرف ”نسيم“ امروهي پنهنجي اردو ۾ لکيل ڪتاب ”تاريخ خيرپور“ ۾ پڻ ڪيو آهي. ايئن ته کوڙ ماڻهو ان اسيمبلي جا ميمبر چونڊجي آيا هئا، ڇا
اهي سڀ ايم اين اي هئا؟!
ان اسيمبلي جي خاص ڳالهه هيءَ هئي ته پروفيسر عطا محمد حامي ان
اسيمبلي جو واحد ميمبر هو، جيڪو حزب اختلاف واري سيٽ والاريندو هو ۽ قزلباش جي ”مخالف
ڌر“ طور سڃاتو ويندو هو، ڇاڪاڻ ته آغا ممتاز علي قزلباش ۽ مرحوم پروفيسر عطا محمد
حامي جي هڪ ٻئي سان بنهه ڪانه پوندي
هئي. ٻئي هڪ ٻئي لا، سڄي رياست ۾، رقيب طور مشهور
هئا. آئنده جو مورخ، جڏهن خيرپور رياست جي تاريخ ۾، سنڌيءَ جي شاعر پروفيسر عطا
محمد حاميءَ جي علمي ڪارنامن ۽ شخصيت تي قلم کڻڻ چاهي ۽ کيس ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد
سنڌيءَ جو ڪتاب هٿ لڳي وڃي، ته ظاهر آهي ته هو اهو ئي لکندو جيڪو ڊاڪٽر ميمڻ سنڌي
لکيو آهي. ڇا پو اهڙي تاريخ ”مستند“
هوندي؟ اڄ کان ۱۰۰ سال يا وڌيڪ عرصي بعد،
ڪير تصديق يا ترديد ڪندو ته مرحوم پروفيسر عطا محمد حامي ايم اين اي هئو! يا رياست
آزاد به هئي؟
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
ساڳئي باب ۾ لکي ٿو: ”ون يونٽ قائم ٿيڻ وقت، جيئن ته صوبائي اسيمبليون ختم ٿي
رهيون هيون، انهيءَ ڪري ون يونٽ قائم ٿيڻ کان ٿورو اڳ (حامي صاحب) اسيمبليءَ تان
استعيفى ڏئي ممتاز ڪاليج خيرپور ۾ سنڌيءَ جو پروفيسر ٿي رهيو. انهيءَ سان گڏ ڪرنل
شاهه هاسٽل جو سپرينٽينڊنٽ به ٿي رهيو.“
هڪ طرف لکي ٿو ته صوبائي
اسيمبليون ختم ٿي رهيون هيون، ڇاڪاڻ ته ون يونٽ قائم پئي ٿيو، ته ان کان ٿورو اڳ
اسيمبلي تان استعيفى ڏئي ممتاز ڪاليج خيرپور ۾ سنڌيءَ جو پروفيسر ٿي رهيو. پر ساڳي
صفحي تي ڊاڪٽر عطا محمد حامي لاءِ لکي ٿو:
”انهن ڏينهن ۾ مخدوم طالب المولى جي
زيرنگرانيءَ هالا ۾ سروري اسلاميه ڪاليج هلي رهيو هو، جنهن جو ان وقت پرنسپال
مشهور اديب محبوب علي چنه مرحوم
هو. حامي صاحب مرحوم، ايم اي پاس ڪرڻ کان پوءِ هن ڪاليج ۾ سنڌيءَ جو پروفيسر مقرر
ٿيو، جتي کيس محبوب علي چنه مرحوم جي رفاقت ۽ دوستي ۽ حضرت طالب المولى سائين جي
صحبت جو شرف به حاصل ٿيو.“
هتي سوال هيءُ آهي ته پڙهندڙ
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جي لکيل ڪهڙي ڳالهه تي اعتبار ڪري؟ حامي صاحب اول ڪٿي
پروفيسر مقرر ٿيو هو؟ مخدوم طالب المولى جي زيرنگرانيءَ ۾ سروري اسلاميه ڪاليج
هالا ۾ يا ون يونٽ قائم ٿيڻ کان ٿورو اڳ ممتاز ڪاليج خيرپور ميرس ۾؟ ڇاڪاڻ ته
ڊاڪٽر ميمڻ صاحب، ٻئي ڳالهيون لکيون آهن ۽ ڪابه وضاحت نه ڪري سگهيو آهي.
ساڳئي صفحي تي پاڻ وڌيڪ لکي ٿو:
”هر سال اسلام آباد ۾، اهلِ علم
ڪانفرنس تي، به گڏ هوندا هئاسون. هڪ ڀيري مرزا اسد بيگ مرحوم، راقم الحروف ۽ حامي صاحب هڪ ڪمري ۾
رهياسون. اهي ڪچهريون وسرڻ جون نه آهن.“ خبر نه ٿي پوي ته ڊاڪٽر ميمڻ صاحب جي لکڻ
جو مقصد ڇا آهي؟ اها ته عام ڳالهه ۽ عام مشاهدو آهي ته ڪانفرنس جي موقعن تي
منتظمين طرفان انتظام ڪجهه اهڙو هوندو آهي جو ٻن ٻن يا ٽن ٽن اهل قلم حضرات کي هڪ
ڪمري ۾ ئي رهايو ويندو آهي ۽ اها ڪا نئين يا خاص ڳالهه به ڪانه آهي. پر سوال آهي
ته اتي ڪچهري ڪهڙي ٿي؟ ڪهڙا عالمانه ۽ اديبانه نقطا زير بحث ٿيا؟ يا حامي صاحب
ڪهڙيون نيون ۽ ڇرڪائيندڙ ڳالهيون ڪيون. يا بس فقط اهو لکڻ ته اهي ڪچهريون وسرڻ جون
نه آهن، ڇا معنى؟ ايئن ته عام ماڻهو به چوندا آهن ته يار فلاڻو اديب مليو. ڏاڍي
سٺي ڪچهري ٿي، چانهه ٻانهه پيتي سون!
ڊاڪٽر صاحب صفحي ۱۱۴ تي لکي ٿو:
”ان کان سواءِ، هن ناچيز سان گڏ
سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر به ٿي رهيو. محترم قاسمي صاحب بورڊ جو چيئرمين هو. حامي مرحوم، سندس (مولانا
قاسمي صاحب جو) بيحد احترام ڪندو هو، پر حق ۽ سچ چوڻ ۾ ڪنهن جو به لحاظ نه رکندو
هو.“ ان جي جواب ۾ عرض ته سنڌ ۽ پاڪستان جو ڪهڙو عالم، اديب، شاعر، سياستدان يا
دانشور هيو يا آهي، جيڪو مولانا قاسمي صاحب جو احترام نه ڪندو هو؟ سنڌ يونيورسٽي جو سابق وائيس چانسيلر، پاڪستان جو مڃيل دانشور ۽
اديب، سابق مرڪزي وزيرِ تعليم، پروفيسر غلام
مصطفى شاهه جهڙو شوخ طبيعت رکندڙ ماڻھو به قاسمي صاحب جو احترام
ڪندو هو. ايتري قدر جو شاهه صاحب پنهنجي ايامڪاري ۾
مولانا قاسمي صاحب کي پي ايڇ. ڊي جي ڊگري نه هوندي به پي ايڇ. ڊي ڪندڙن جو گائيڊ
مقرر ڪيو هو. جيڪڏهن مان ڀلجان نه ٿو ته خود ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ کي جيڪا پي ايڇ.
ڊي جي ڊگري ملي هئي سا به مولانا قاسمي صاحب جي مرهون منت ملي هئي. سوال ٿو ٿئي ته
اهو ڪهڙو حق ۽ سچ هيو، جيڪو چوڻ ۾ حامي صاحب، بقول ڊاڪٽر ميمڻ صاحب جي، ڪنهن جو به
لحاظ نه رکندو هو؟ مولانا غلام مصطفى قاسمي جي حوالي سان ههڙو جملو لکڻ جي ڇا معنى
آھي؟!
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي اڳتي
هلي، سنڌ جي هڪ ٻئي سٺي اديب، شاعر ۽ نقاد شيخ اياز ۽ آفاق صديقيءَ جي گهاٽي دوست مرحوم شيخ عبدالرزاق ”راز“ جو
ذڪر ڪندي صفحي ۱۲۵ تي لکي ٿو:
”۱۹۴۷ع جو ڪجهه عرصو هن پنجاب ۽ ڪشمير جي سير و سياحت ۾ صرف ڪيو ۽ انساني خون جي
هولي جا مناظر پنهنجي اکين سان ڏٺا.“
۱۹۴۷ع ۾
انسانن جو رت بيدردي سان وهيو ۽ هڪ راڪاس پنهنجي اندر
جي اڃ انساني رت سان اجهائيندو، سڄي برصغير ۾ ڊوڙندو رهيو ۽ اسان جي اديب ڊاڪٽر
ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ کي اهو سڀ ڪجهه ”هولي“ نظر آئي؟ هولي ته هندن جي خوشين جو
تهوار آهي، جيڪو مختلف خوشنما رنگن ۽ خوشين جو اهڃاڻ آهي ۽ ههڙي انساني سانحي کي
ھولي سمجهڻ؟ يا ههڙي انسان ذات سان قهر ٿيڻ واري واقعي کي هوليءَ سان ڀيٽ ۽ تشبيهه
ڏيڻ؟
اڳتي هلي صفحي ۱۳۰ تي پاڻ لکن ٿا:
”وڏي پئماني تي، لطيف ادبي
ڪانفرنس به سکر ۾ منعقد ٿي. محترم آفاق صديقي ۽ راقم الحروف (ميمڻ عبدالمجيد
سنڌي)، ’راز‘ صاحب جا ٻانهن ٻيلي رهياسون.“ سکر ۾ لطيف ڪانفرنس منعقد ڪرڻ ۾ رڳو ’راز‘
صاحب اڪيلو ڪونه هو. اھا شيخ اياز ۽ رشيد ڀٽيءَ
جي گڏيل ڪوشش هئي، ڇاڪاڻ ته آفاق صديقيءَ ان ڪانفرنس جي
تفصيلي روئيداد پنهنجي آتم ڪٿا ”صبح ڪرنا شام ڪا“ ۾ لکي آهي. ان ۾ ڪٿي به اهو ڪونه لکيو اٿس ته؛ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
به ڪو، ان ڪانفرنس جي منعقد ڪرڻ ۾ سندن ٻانهه ٻيلي هو.
پنهنجي ڪتاب جي صفحي ۱۴۵ تي ڊاڪٽر صاحب ننڍي کنڊ جي مشهور مزدور ليڊر ۽ ڪميونسٽ رهنما ڪامريڊ جمال الدين بخاريءَ جو
ذڪر ڪندي لکي ٿو:
”کيس انهيءَ ڳالهه تي به فخر هو
ته هُو (ڪامريڊ بخاري) احمد آباد جي جنهن محلي ۾ ڄائو هو، ان جو نالو به ’سنڌ واڙو‘
هو جيڪو سنڌ جي رهواسين ئي اچي آباد ڪيو هو ۽ پوءِ انهن جي ڪري ئي انهيءَ نالي سان
مشهور ٿيو.“
ڊاڪٽر ميمڻ سنڌيءَ جي مٿين لکيل
ڳالهه جي جواب ۾ عرض ته ڪامريڊ سيد جمال الدين بخاري احمد آباد گجرات انڊيا ۾ ضرور
ڄائو هو پر سنڌي واڙي ۾ نه، جيئن ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو. ڪامريڊ سيد جمال الدين
بخاريءَ جو جنم ۱۹۰۰ع ۾ احمد آباد، گجرات، انڊيا جي
هڪ پاڙي ”بخاري محلي“ ۾ ٿيو هو. ۱۹۸۲ع ۾ پاڪستان
نيشنل سينٽر لاڙڪاڻي ۾، ڪامريڊ سيد جمال الدين بخاري
سان رهاڻ رچائي وئي. ان موقعي تي، لاڙڪاڻي جي هڪ ادبي تنظيم، بزم سچل، طرفان
ڪامريڊ جي حياتي ۽ ڪارنامن تي مشتمل هڪ ڪتاب؛ ”اڃا ڪي آهين“ شايع ٿيو ويو هو. اھو،
تنظيم جي جنرل سيڪريٽري ۽ لاڙڪاڻي جي معروف شاعر مرحوم لقمان ”حڪيم“ شايع ڪرايو ھيو. اُن ڪتاب ۾ پهريون مضمون
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد ”سنڌيءَ“ جو ۽ آخري مضمون ”بخاريءَ جي ڪهاڻي، سندس ئي زباني“ جي نالي سان، خادم حسين منگيءَ
قلمبند ڪيوھيو. انهيءَ ۾ ڪامريڊ سيد جمال الدين بخاري چوي ٿو:
”آئون احمد آباد ۾ ڄائو آهيان.
مون ننڍي هوندي کان ڏٺو ته احمد آباد ۾ هڪڙو پاڙو هو، جنهن کي ’سنڌي واڙو‘ جي نالي
سان ياد ڪيو ويندو هو. انهيءَ پاڙي جا سنڌي صدين کان وٺي ڪو نه ڪو ڪم ڪندا هئا.
اهي سنڌي اسان جي خاندان جا مُريد به هئا ۽ اسان جي ’پاڙي جي آستوڙيه دروازي‘ جي
ٻاهران، جانورن جو هاٽ لڳندو هيو، جنهن ۾ سنڌي گهوڙا، ڳئون، ڍڳا ۽ مينهن جو واپار
ٿيندو هو. سنڌ جا ماڻهو پڻ اسان جي ڏاڏي جي قبر تي فاتحا پڙهڻ لاءِ عام طور تي
ايندا هئا. اسان جي ’بخاري محلي‘ جي سامهون هڪ وڏي مسجد آهي. انهيءَ مسجد کي عام
طور ماڻهو ’راڻي سپري‘ جي مسجد جي نالي سان ياد ڪندا آهن. انهيءَ مسجد جي سامهون ’ڄام
جُوڻي‘ جي ٻنهي ڌيئرن جا مقبرا آهن، جيڪي ميناڪاريءَ جي ڪري مشهور آهن.“ (ڪتاب:
اڃا ڪي آهن، صفحو ۴۶-۴۵)
ڪامريڊ سيد جمال الدين بخاريءَ
جي زباني معلوم ٿيو ته هن جو جنم احمد آباد گجرات انڊيا جي هڪ پاڙي ’بخاري محلي‘ ۾
ٿيو هو. ڪامريڊ سيد جمال الدين بخاري عليڳڙهه يونيورسٽيءَ جي شاگرديءَ واري دَور ۾
پنهنجي هڪ گهاٽي سنڌي دوست ۽ سنڌ جي هڪ سابق وزيراعليٰ، قاضي فضل الله جي معرفت
لاڙڪاڻي ۾ آيو. سندس گهر واري شانتا ٻائي ۽ سندس ٽئي پٽ، اڃا تائين لاڙڪاڻي جي
مشهور ۽ معروف درگاهه حضرت سيد قائم شاهه بخاريءَ جي ڀرسان قائد عوام روڊ تي رهن
ٿا. ڪامريڊ سيد جمال الدين بخاري جي فرزند ۽ عالم سيد سلطان بخاريءَ (هن جو به ذڪر ڊاڪٽر ميمڻ
عبدالمجيد سنڌي، ڪامريڊ سيد جمال الدين بخاريءَ واري تذڪري ۾ ڪيو آهي) ٻڌايو ته؛ ”آئون
پنهنجي والد ڪامريڊ سيد جمال الدين بخاريءَ ۽ والده شانتا ٻائيءَ سان گڏجي ۱۹۵۶ع ۾ پنهنجي ڏاڏاڻي ڏيهه يعني احمد آباد گجرات ويو هئس. اسان جو ڏاڏاڻو گهر،
احمدآباد جي بخاري پاڙي ۾ آهي، نه ’سنڌي واڙي‘ ۾. احمد آباد ۾ پاڙي کي واڙو چيو
وڃي ٿو. اسان جي وڏن جي درگاهه حضرت سيد عالم شاهه بخاريءَ جي نالي سان، احمدآباد
جي بخاري پاڙي ۾ موجود آهي ۽ اسان جا سوٽاڻ ان درگاهه جا متولي ۽ سجاده نشين آهن.
ٻه ٽي سال اڳ جڏهن احمد آباد، گجرات ۾ ڀيانڪ هندو مسلم فساد ٿيا هئا، تڏهن اُتان
جي مسلمانن ڀڄي اسان واري درگاهه ۾ پناهه ورتي هئي. البته سنڌي پاڙو احمد آباد
گجرات ۾ ضرور آهي. پر ’بخاري پاڙو‘ ۽ ’سنڌي واڙو‘ احمد آباد جا ٻه الڳ الڳ محلا
آهن، جيئن ڪنهن به شهر ۾ به مختلف پاڙا يا محلا هجن.
ڪامريڊ جمال الدين بخاريءَ کان
پوءِ ”سيرت ۽ ساڃاهه جو صاحب“ جي عنوان سان سنڌ جي هڪ مڃيل اديب ۽ شاهه جي رسالي جي ڄاڻوءَ، سابق ڊائريڪٽر
آف ڪاليجز حيدرآباد ريجن مرحوم پروفيسر سائين محمد اڪرم انصاريءَ جون يادون بيان ڪيون اٿس.
ڊاڪٽر ميمڻ صاحب پنهنجي ڪتاب جي صفحي ۱۴۹ تي
شروعات ۾ ئي لکي ٿو:
”هُو (پروفيسر محمد اڪرم انصاري
صاحب) مون کي شاهه لطيف جي شعر جو تمام وڏو ڄاڻو معلوم ٿيندو هو. ان هوندي به هو
مون ناچيز کان شاهه صاحب جي ڪن شعرن جو مفهوم پڇندو هو ۽ تبادله خيالات ڪندو هو.“
ڊاڪٽر ميمڻ صاحب اڳتي هلي صفحي ۱۵۱ تي لکي ٿو:
”اتفاق وري اهڙو ٿيو جو جڏهن
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ مون پروفيسر آف سنڌيءَ جي آساميءَ لاءِ فارم ڀريو ته ان کان
پوءِ جلد ئي انصاري صاحب ڪميشن جو ميمبر مقرر ٿيو. ڪميشن ۾ پروفيسر آف سنڌيءَ جو
انٽرويو ڏيڻ ويس ته انصاري صاحب منهنجو انٽرويو وٺڻ واري بورڊ ۾ ميمبر هو. شاهه
صاحب جي ’خاص‘ بيتن جي لسٽ ٺاهي کڻي آيو هو، جن جو مفهوم هن ’مون کان‘ سمجهڻ گهريو
ٿي. هو مون کان بيتن جي معنيٰ پڇندو رهيو ۽ لفظن جي معنيٰ ۽ مفهوم تي بحث مباحثو
ڪندو رهيو. هو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ سندس منهن ٻهڪڻ لڳو. حقيقت اها آهي ته عالم کي ڪنهن
علمي مسئلي جي سلجهاءَ تي جيڪا دلي مسرت حاصل ٿيندي آهي، ان جو ڪاٿو ڪَٿي نه ٿو
سگهجي.“
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جي
مٿين لکڻيءَ مان اهو صاف بکي رهيو آهي ته پروفيسر محمد اڪرم انصاري، شاهه ڀٽائي جي
بيتن جي باري ۾ ڪنهن اهڙي مونجهاري جو شڪار هيو ۽ هو غريب ريشمي ڌاڳن جي اهڙن
مختلف رنگن واري سُٽ جيان منجهيل ڪنهن اُلجهاءَ جو شڪار هيو جو ان مسئلي کي آخرڪار
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ حل ڪيو، تڏهن ته پاڻ لکيو اٿس:
”ڪنهن عالم کي ڪنهن علمي مسئلي
جي سلجهاءَ تي جيڪا دلي مسرت حاصل ٿيندي آهي، ان جو ڪاٿو ڪَٿي نه ٿو سگهجي.“ پر
اهو ڪهڙو علمي مسئلو هيو جيڪو پروفيسر اڪرم انصاري کان نه سلجهيو هو؟ يا شاهه
ڀٽائيءَ جا اُهي ڪهڙا بيت هئا جن جي پروفيسر صاحب هڪ ڊگهي لسٽ ٺاهي رڳو ڊاڪٽر ميمڻ
عبدالمجيد سنڌيءَ کان معنى ۽ مفهوم پڇڻ واسطي کڻي آيو هو؟ ان آسامي لاءِ انٽرويو
ڏيندڙ فقط ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد ”سنڌي“ ته ڪو نه هو جو کيس يقين ٿي ويو ته شاهه جي
بيتن جي اها لسٽ رڳو ۽ رڳو هن لاءِ ترتيب ڏئي ٺاهي وئي هئي؟ يا اهي ڪهڙا بيت هئا؟
ثبوت ڏيڻ لاءِ ڪو هڪ اڌ شاهه جو بيت يا شعر ڏيڻ ته کپندو هو ته جيئن اسان پارن جي
علمي معلومات ۾ اضافو ٿئي ها! ڇاڪاڻ ته ميمڻ عبدالمجيد ”سنڌي“ پاڻ ئي لکي ٿو ته؛ ”سندس
جواب ڏيڻ کان پوءِ پروفيسر انصاري صاحب ڏاڍو خوش ٿيو ۽ سندس منهن ٻهڪڻ لڳو.“
هتي جيڪڏهن اهو وڌاءُ نه سمجهيو
وڃي، جيڪڏهن آءٌ اهو لکان ته پروفيسر محمد اڪرم انصاريءَ سان منهنجي به نيازمندي
هئي. پروفيسر محمد اڪرم انصاري صاحب سان منهنجي پهرين ملاقات تعلقي ڏوڪري، ضلعي
لاڙڪاڻي جي هڪ ڳوٺ ٺُلاهه جي رهواسي محترم علي اڪبر تُنئي ڪرائي هئي. مرحوم علي اڪبر تنيو، منهنجي سڳي چاچي (جنهن
کي آءٌ بابو وڏو چوندو آهيان) مشهور تعليمي ماهر مرحوم حاجي درمحمد سومري جو عزيز ترين شاگرد هو. علي
اڪبر تنيو پهريائين جامعه عربيه جو هيڊ ماستر هيو، جتي ٻين سان گڏ پروفيسر عبدالرسول شيخ (سابق
پرنسپال گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو حال حيات ۽ لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير) به سندس
نائب هو. ۱۹۶۲ع واري تعليمي پاليسيءَ کان اڳ
سنڌ يونيورسٽيءَ جي مئٽرڪ واري درجي ۾ علي اڪبر تنئي جو انگي حسابن جو ڪتابA Simple Course of Arithmetic پڙهايو ويندو هو ۽ محترم علي اڪبر تنيو پوءِ،
حيدرآباد سنڌ جي ڪينٽونمينٽ ڪاليج جو پرنسپال ۽ اڳتي هلي (شايد) مرڪزي تعليمي بورڊ
اسلام آباد جو چيئرمين بڻيو هو. آءٌ جڏهن به حيدرآباد ويندو هئس ته جناب علي اڪبر
تنيو سان گڏجي پروفيسر محمد اڪرم انصاريءَ سان ملڻ ضرور ويندا هئاسون، ڇاڪاڻ ته
علي اڪبر تنيو پاڻ به علم ۽ ادب دوست شخصيت هو. اُتي انصاري صاحب سان وڏا عالم،
اديب ۽ دانشور ڪچهري ڪرڻ ۽ ملڻ ايندا هئا پر مجال هئي جو انصاري صاحب ڪنهن کان پڇي
ته يار شاهه جي رسالي تي ڪم پيو ڪريان، فلاڻي شعر ۾ شاهه جا ڪتب آيل لفظ سمجهه ۾
نه ٿا اچن. اُٽلندو ڪو پڇندو به هين ته جواب ۾ فرمائيندا هئا؛ ”سائين! مڙئي سمنڊ
ڪناري بيهي ڪچ ۽ ڪوڏيون پيا ميڙيون. شاهه صاحب کي سمجهڻ ڪو آسان آهي ڇا؟“
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد ”سنڌي“
پنهنجي ڪتاب ۾ حافظ خير محمد ”اوحدي“ جي باري ۾ لکي ٿو: ”حافظ صاحب پڪو ۽ سچو مسلمان هو.“ (صفحو ۹۷) ۽ صفحي ۹۲ تي حافظ صاحب جو هڪڙو شعر ڏنو
اٿس، جنهن مان گستاخي صاف ظاهر آهي. سوچڻ جو مقام آهي ته ڇا هڪ پڪو ۽ سچو مسلمان
اهڙو گستاخانه شعر لکي سگهي ٿو؟ حافظ صاحب جو شعر هي آهي:
ڪرامن ڪاتبين جي ڊائري ڦاڙيم
ته ڇا ٿي پيو؟
ڪـريـان ٿـو
ڪـاتبِ تـقـديـر جـي تحريـر جا ٽڪرا.
ڪاتب تقدير ڪير آهي؟ اهو ته فقط
هن سڄي ڪائنات جو رَبُ ۽ قادر مطلق آهي. ڇا هڪ بيوس، گنهگار (عبد) ٻانهو پنهنجي
پيدا ڪندڙ جي تحرير کي ٽڪڙا ڪرڻ جي سگهه به رکي سگهي ٿو؟
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صفحي
۹۲ تي لکي ٿو:
”ڪنهن زماني ۾ روزانه ’مهراڻ‘ ۾
سنڌي شاعرن جي شعر تي ’ڪي. ايم. حافظ‘ جي نالي سان سندس پنجاهه قسطون شايع ٿيون هيون. انهن تنقيدن ادبي حلقي ۾
وڏو تهلڪو مچائي ڇڏيو هو. آخر اخبار تي زوربار آڻي، اهو سلسلو بند ڪرايو ويو، ته
جيئن وڏن وڏن شاعرن جي عظمت ۽ اهميت جو ڀانڊو ڦاٽي نه پوي. اهي حافظ صاحب مرحوم
جون لکيل هيون.“
سڄي سنڌ ڄاڻي ٿي ته روزاني
(اخبار) ’مهراڻ‘ جو ايڊيٽر سردار علي شاهه ”ذاڪر“ هيو ۽ سائين سردار علي شاهه سڄي عمر ساڄي ڌُر سان وابسته رهيو هو ۽ ڪي.
ايم. حافظ پڻ ساڄي ڌُر سان سلهاڙيل هئڻ ڪري، کاٻي ڌُر يعني ترقي پسند اديبن جي
خلاف تنقيدون لکيون هونديون ۽ اُهي بقول ميمڻ صاحب جي ته ۵۰ قسطن کان پوءِ انهن جو زوربار هليو جو ڪي. ايم. حافظ جو زور ٽٽو!
اها ساڳي ڳالهه ميمڻ عبدالمجيد ”سنڌي“
سائين سردار علي شاهه ”ذاڪر“ واري باب ۾ صفحي ۱۷۶ تي منڍ ۾ لکي ٿو، پر ان ۾ اهڙي ڳالهه ڪا نه لکي اٿس ته ڪو سردار علي شاهه ”ذاڪر“
تي ”ڪنهن“ جو زوربار پيو ۽ مرحوم سردار علي شاهه ”ذاڪر“ زيربار ٿي، اهو سلسلو بند
ڪيو.
ڊاڪٽر ميمڻ صاحب لکي ٿو:
”سندس (سردار علي شاهه ”ذاڪر“)
ئي تحرڪ سبب حافظ خير محمد اوحديءَ ڪي. ايم حافظ جي نالي سان سنڌي عروضي شاعرن جي
شاعريءَ جو فني ۽ فڪري جائزو لکيو، جنهن جون ۵۰ قسطون روزاني ’مهراڻ‘ ۾ ڇپيون پر پوءِ سلسلو بند ڪيو ويو، جنهنڪري اڃا
اڌورو رهجي ويو.“ (ڪتاب جو صفحو ۱۷۶)
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد ”سنڌيءَ“
سنڌ جي هڪ لاثاني اديب، شاعر، نقاد، عالم ۽ دانشور ٽه ماهي ’مهراڻ‘ جي ايڊيٽر مولانا غلام محمد گراميءَ کي به
ياد ڪيو آهي ۽ ان جو خاڪو به لکيو اٿس، پر خبر ناهي ته ميمڻ صاحب الائي ڇو مرحوم
غلام محمد گراميءَ جي خلاف هر جاءِ تي يعني ”پٿر پرائو ۽ سور پنهنجا“ جي مصداق،
پنهنجي اندر جو اوٻر ڪڍيو آهي، ان سلسي ۾ ڪجهه مثال ڏجن ٿا.
مثال-۱: ڊاڪٽر صاحب پنهنجي هڪ گهڻگُهري شيخ عبدالرزاق ”راز“ جو ذڪر ڪندي صفحي ۱۳۱ تي لکي ٿو:
”راز صاحب بلند پايه نقاد هو،
جڏهن مولانا غلام محمد گراميءَ جو طويل مقالو ’مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات‘
ڇپيو، تڏهن ان تان وڏو اختلاف پيدا ٿيو، ڇاڪاڻ جو ان ۾ مسلمان صوفي شاعرن کي غلط
رنگ ۾ پيش ڪيو ويو. راز صاحب ان جي جواب ۾ مقالا لکيا جيڪي روزاني ’مهراڻ‘ ۾ ڇپيا.“
مثال-۲: مرحوم سردار علي شاهه ذاڪر واري باب ۾ وري ميمڻ صاحب کي مرحوم غلام محمد
گرامي ياد اچي ويو. پاڻ صفحي ۱۷۷ تي
لکي ٿو:
”۽ مولانا غلام محمد گرامي جي
طويل مقالي ’مشرقي شاعريءَ جي فني قدر ۽ رجحانات‘ تي تنقيدي بحث تي مشتمل مضمون
ڇپايائين. سندس تحرير تي ٻين به تنقيدون لکيون، جن ۾ ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ’خليل‘، رشيد لاشاري، شيخ عبدالرزاق ’راز‘، ’معمور‘ يوسفاڻي، عبدالڪريم ’تابان‘، راقم
الحروف (ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي) ۽ ٻين جا نالا اچي وڃن ٿا.“
خبر ناهي ته ڊاڪٽر ميمڻ
عبدالمجيد سنڌيءَ جا مولانا غلام محمد گرامي جي شاهڪار مقالي جي خلاف تنقيدي مضمون
ڪٿي ۽ ڪڏهن شايع ٿيا هئا، جو پاڻ لکي ٿو ته مرحوم سردار علي شاهه ذاڪر جي چوڻ تي
جن اديبن مرحوم غلام محمد گراميءَ خلاف لکيو تن ۾ ميمڻ صاحب پاڻ به شامل هو.
جيڪڏهن ميمڻ صاحب جي ڳالهه کي صحيح سمجهون ٿا ته پوءِ اها ڳالهه مولانا غلام محمد
گراميءَ واري باب ۾ ڄاڻائڻ کپندي هيس!
دُنيا جي سرتاج الشعراءُ حضرت
شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو هڪ شعر آهي:
جـڏهـانـڪـر ٿـيـام، سـاڃـاهه
سپرين سيـن،
تـڏهـان ڪـر تِـر جـيتـرو، ويـر
م وسريام،
اندر روح
رهيام، سڄڻ اوطاقون ڪري.
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد ”سنڌي“
اچي ڀٽائيءَ جي ان شعر کي ورتو آهي، جو هڪ کي ڇڏي ٻئي دوست واري باب ۾ ڀٽائيءَ جو
اهو شعر ڏنو اٿس، ڄڻ ته شاهه جي رسالي ۾ ٺهڪندڙ بيتن/شعرن جي ايڏي کوٽ هئي جو ميمڻ
صاحب کي ٻيو ڪو شعر ئي نه ملي سگهيو!
مثال-۱: روهڙيءَ جي سادات گهراڻي جي علمي ۽ ادبي شخصيت ۽ دُورانديش انسان سائين عطا حُسين موسوي لاءِ ڀٽائيءَ جون مٿيون شعر صفحي ۱۴ تي ڏنو
اٿس.
مثال-۲: لاڙڪاڻي جي هڪ شاعر ”قلندر بدوي“ جو ذڪر ڪندي، ڀٽائيءَ جو ساڳيو شعر صفحي ۵۲ تي لکيو اٿس.
مٿال-۳: لاڙڪاڻي جي ئي هڪ سياسي، سماجي، مذهبي ۽ ادبي شخصيت مرحوم سيد حسين شاهه کي ياد
ڪندي، ڀٽائي جو ساڳيو شعر صفحي ۸۱ تي
ڏنو اٿس!
مثال-۴: لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ مشهور ڪميونسٽ ليڊر مرحوم ڪامريڊ جمال الدين
بخاريءَ کي ساريندي، ميمڻ صاحب ڀٽائي جو ساڳيو شعر صفحي ۱۴۷ تي ڏنو آهي.
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي،
دادوءَ سان تعلق رکندڙ سنڌ جي معروف اُستاد
الشعراءُ حافظ محمد ”احسن“ چنه جو ذڪر ڪندي صفحي ۱۸۸ تي لکي ٿو:
”حافظ محمد احسن چنه ڪجهه وقت
هفتيوار اخبار ’آواز سنڌ‘ دادوءَ جو ايڊيٽر رهيو.“
ان جي جواب ۾ عرض ته حافظ محمد ”احسن“
چنه هفتيوار اخبار ’آواز سنڌ‘ دادوءَ جو رڳو ايڊيٽر نه هيو پر پاڻ ان جو مالڪ،
پرنٽر ۽ پبلشر به هو. ۱۹۷۵ع ۾ حافظ صاحب کي ڪاليج
روڊ دادوءَ تي اخبار جو دفتر ۽ پريس به هئي، جتي ڪاليج بند ٿيڻ کان پوءِ، مان ۽ استاد بخاري گڏجي حافظ صاحب سان
ڪچهري ڪرڻ ويندا هئاسون. حالانڪه پاڻ گهڻو ضعيف ٿي ويا هئا پر پوءِ به پريس تي
ضرور ايندا هئا ۽ شام جو ٽپهريءَ کان اڳ اُٿي گهر هليا ويندا هئا.
بهرحال، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد
سنڌيءَ پنهنجي ڪتاب کي يادگيريون قرار ڏنو آهي، جيڪو حقيقت ۾ يادگيريون ته پنهنجي
جاءِ تي ضرور آهن پر اصل ۾ ”خاڪن“ جو ڪتاب آهي ۽ ڊاڪٽر صاحب، ڪنھن به شخصيت جي
خاڪي ۾ ڪو ڀرپور تاثر ڪو نه لکيو آهي، جيڪو مستقل ۽ ديرپا اثر ڇڏي.
No comments:
Post a Comment