20/11/2012

ضياء شاهه جون ساروڻيون ... - پروفيسر نذير سومرو

ضياء شاهه جون ساروڻيون .......
پروفيسر نذير احمد سومرو
دُنيا جي هر ٻوليءَ جي ادب ۾ آتم ڪٿا جي وڏي اهميت رهي آهي. آتم ڪٿا ادب جي واحد صنف آهي، جيڪا هر پڙهندڙ لاءِ وڏي ڪشش رکي ٿي، ڇاڪاڻ ته هي به داستان ۽ افساني جو هڪ قسم آهي، پر داستان يا افسانو هڪ خيال آهي ۽ هيءَ هڪ حقيقت. ”انسائيڪلوپيڊيا برٽينيڪا ۾ آتم ڪھاڻيءَ جي وصف هن طرح بيان ڪيل آهي: ”آتم ڪٿا غير افسانوي ادب جو هڪ قسم آهي، جنھن جو موضوع فرد جي حياتي هوندي آهي.“
آتم ڪٿا ڇا آهي؟ ان لاءِ مشھور برطانوي ناول نگار بينجامن ڊسرائيلي (۱۸۸۱-۱۸۰۴) لکي ٿو:
“Read No history, nothing but biography for that is Life without theory”
(نه تاريخ پڙهو، نه ٻيو ڪجهه، رڳو سوانح عمري پڙهو، ڇاڪاڻ ته اها ڪنھن ٿيوري/نظرئي يا فارمولا هيٺ نٿي لکي وڃي.)

هڪ ٻيو انگريز اديب ايڊمنڊ چيريو (۱۹۵۶-۱۸۷۵) پنھنجي ڪتاب Biography of beginners ۾ سوانح حيات تي روشني وجهندي چوي ٿو:
“The art of biography is different from Geography. Geography is about maps but biography is about chaps.”
(سوانح نگاري جاگرافيءَ کان الڳ ۽ مختلف شي آهي، ڇاڪاڻ ته جاگرافي نقشن جي ڪھاڻي آهي ۽ سوانح نگاري، انسانن جو داستان آهي.)
مشھور مفڪر ٿامس ڪارلائل چوي ٿو:
“No great men live in vain. The history of the world is but the biography of great men.
(ڪوبه اُتم ماڻھو زندگي اجايو نٿو گهاري. دنيا جي تاريخ ڪجهه به ناهي سواءِ اُتم انسانن جي ڪٿا جي.)
چيو وڃي ٿو ته آتم ڪھاڻي ايتري پراڻي آهي؛ جيترو خود انسان. ڪن زبانن ۾ ته هزارين سال پراڻيون آتم ڪھاڻيون موجود آهن. سڀ کان انوکي ڳالهه ته دنيا جي سڀني ٻولين/زبانن ۾ انسانن جي آتم ڪٿا موجود آهي. اردو زبان جي هڪ اديب شميم نويد روزاني ”ايڪسپريس“ جي سومر واري ايڊيشن ۾ لکيو آهي ته؛ هو ۱۹۹۲ع ۾ دهلي (انڊيا) پنھنجي مائٽن سان ملڻ ويو. دهلي شھر جي هڪ پاڙي بلي ماران (ٻلي ماريندڙ) ۾ ڪراچي جي ريگل چوڪ ۽ حسن اسڪوائر وانگر پراڻن ڪتابن جا دوڪان آهن. هُن پنھنجي ساهراڻي آڪھه مان هڪ مائٽ سليمان صابر سان، پنھنجي زال کي بلي ماران ۾، پراڻن ڪتابن خريد ڪرڻ لاءِ روانو ڪيو. موٽندي مائيءَ جي هٿن ۾ ٻه پراڻا، پر ناياب ڪتاب هئا، جيڪي هن پنھنجي مڙس کي خوش ٿيندي ڏنا. مٿان چيائينس؛ هي ٻئي نادر ۽ ناياب ڪتاب آهن، توڙي جو ڪٿان ڪٿان اڏوهي کاڌل آهين پر ڏاڍي ڪم جا آهن، ڇاڪاڻ ته هي ٻئي ڪتاب، هڪ جن ۽ هڪ جنڙيءَ جون آتم ڪٿائون آهن، جيڪي هنن پنھنجي مرشد حافظ رحمت علي کي ٻڌايون هيون. حافظ رحمت علي سندن زباني ٻڌايل ڳالھين کي اردو زبان ۾ قلمبند ڪيو. حافظ رحمت علي ڪيترن ئي جنن جو مرشد هيو ۽ سندس مزار دهليءَ جي مشھور اولياءَ خواجه بختيار ڪاڪي رحه جي مزار جي اڱڻ ۾ آهي. جنڙيءَ جي آتم ڪٿا جو نالو ”دينار آهي.
ڪن آتم ڪھاڻين دنيا ۾ وڏو ٿرٿلو مچايو. مثال طور؛ سينٽ آگسٽس جي ”اعترافن مذهبي دنيا ۾ وڏو ٻڙڌڪ مچايو، جين جيڪس روسو جي ”اعتراف وري ادبي دنيا ۾ وڏو غوغاءُ پيدا ڪيو.
سنڌ جي هڪ اديب ۽ آثار قديمه جي ماهر مرحوم تاج صحرائي به استاد بخاريءَ جي ڪتاب ”اوتون جوتون جي مھورت ٿيڻ کان ٿوري جهٽ پھريائين ڪيفي فردوس، نيو چوڪ، دادوءَ ۾ استاد بخاريءَ سميت ويٺل دوستن جي اڳيان اهو ٻڌايو ته مان به پنھنجي جيون ڪھاڻي ”اعتراف(Confessions) جي نالي سان لکي رهيو آهيان. ان ۾ مان ڪابه ڳالهه لڪائي نه رکندم. پر الائي ڇو نه لکيائين؟ حالانڪ مون ڪيئي دفعا کانئس پڇيو. کلي چوندو هيو؛ آتم ڪٿا لکڻ ڪو ڀوڳ ڪونھي، سوچيان ٿو ته ڇا لکان ۽ ڇا نه لکان؟ پنھنجي وفات کان هڪ هفتو اڳ، رات جو ۹ بجي فون ڪري سيوهڻ ۽ قلندر جي ميلي ۾ رٿيل ادبي ڪانفرنس ۾ اچڻ ۽ مقالي پڙهڻ لاءِ زور ڀريائين. مون کانئس سندس ”اعترافلاءِ پڇيو. چيائين؛ نذير! اهڙا اعتراف، تو شايد سڄي زندگي ڪونه پڙهيا هوندا، جيڪي مان ڪندم. افسوس جو قلمي اعتراف ڪرڻ کان اڳ، هڪ وڏي حقيقت يعني موت جو اعتراف ڪيون هليو ويو. ڏک اهو به اٿم ته تيار هوندي به مان سيوهڻ جي ادبي ڪانفرنس ۾ نه وڃي سگهيو هوم. ميلي مان موٽيل ٻن اديبن ۽ شاعرن؛ مقصود گل ۽ مختيار گهمرو ٻڌايو ته؛ تون ميلي ۾ نه ايئن! سائين تاج محمد صحرائي، هر هر بي چين ٿي، تنھنجي لاءِ پڇندو رهيو، ڏاڍو منتظر رهيو تنھنجي لاءِ.
ڪئناڊا جي وزيراعظم جي زال مارگريٽ ٽروايڊا جي آتم ڪٿا ”عقل کان ڪجهه مٿڀرو به دنيا جي علم ادب جي شوقينن ۽ اديبن/شاعرن کي وائڙو ڪري ڇڏيو هو، ڇو ته مارگريٽ پنھنجي جيون آکاڻيءَ ۽ زندگيءَ جا ڪڙا سچ ۽ حقيقتون، جيئن جو تيئن لکيون آهن جو پڙهندڙن کان ڇرڪ نڪري ويا. چيائون؛ هان! اهڙو سچ به پني تي لکي سگهجي ٿو!
اردوءَ جي شاعرِ انقلاب جوش مليح آبادي جي جيون ڪٿا ”يادون ڪي بارات ۳۰ سال گذري وڃڻ کان پوءِ به اردو ادب جي ماڻھن ۾ ڪچھريءَ جو موضوع آهي.
اردو جي مشھور اديب خامه بگوش (ڪَنَ تي قلم) جي پردي ۾ لڪل بي مثال نقاد، مشفق خواجه جا لفظ ڪاڏي وڃن ته؛ آتم ڪٿا ۾ ڪوڙ ۽ زٽ هڻڻ جي گهڻي گنجائش موجود هوندي آهي!
انڊيا جي صوبي اَوڌَ جي تاجدار واجد علي شاهه پنھنجي خود نوشت ”محل خانه شاهي ۾، جيڪا بعد ۾ِ ”پري خانه جي نالي سان اردو ۾ لکنو مان شايع ٿي ھئي، وڏا زٽ هنيا آھن. پنھنجي لا لکي ٿو ته؛ ۸ سالن جي عمر ۾ پھريون عشق ڪيم.
ساڳي ڳالهه اردو جي متنازعه شاعر رئيس امروهيءَ جي ڀاءُ ۽ اردو اديبه زاهده حنا جي سابق مڙس، جون ايليا پڻ پنھنجي شاعري جي مجموعي جي مھاڳ ۾ لکي آهي يعني جون ايليا به ۸ سالن جي عمر ۾ پھريون عشق ڪيو هو. عمر ۸ سال ۽ عشق؟! هي ماڻھو مجنونءَ کي مات ڏئي ويا!
البرٽ هبرڊ آتم ڪھاڻين جي باري ۾ چوي ٿو:
“Biography broadens the vision and allows us to live a thousand lives in one.”
(ڪٿا اسان جي شعور ۾ واڌارو آڻي ٿي ۽ اسان کي هڪ زندگيءَ ۾ هزارين زندگيون گذارڻ جي لائق بڻائي ٿي.)
آتم ڪٿا قابلِ مطالعه ٿئي ٿي. ان کي پڙهندي، بقول هڪ مفڪر البرٽ هبرڊ اها اسان جي مسرت ۽ شعور ۾ اضافو آڻي ٿي. ڪٿي ڪي واقعا پڙهندي عبرت حاصل ٿئي ٿي.
ڪن ماڻھن ته پنھنجي جيون ڪھاڻي ۾ واهه جا زٽ ۽ ڪُوڙ هنيا آهن. آتم ڪٿائون لکندڙ الائي ڇو اکيون ٻوٽي بند ڪمرن ۾ لکڻ وقت اهو به نه ٿا سوچين ته پڙهندڙ ٻئي اکيون کولي ۽ چٽيءَ روشنيءَ ۾ پڙهندا ھوندا.
مثال طور مشھور پاڪستاني فلمي ڊائريڪٽر ڊبليو زيڊ احمد جي ڀاءُ، انڊيا جي مشھور ڪميونسٽ ليڊر ڊاڪٽر زيڊ اي احمد جي آتم ڪٿا، هونءَ ته پڙهڻ جھڙي آهي پر اهو به هڪ ٻن جاين تي کِسڪي ويو آهي. ڊاڪٽر زيڊ اي احمد مشھور اديب ۽ لاهور جي ترقي پسند رسالي ”ادبي دنيا جي ايڊيٽر مولانا صبيح الدين احمد جو سڳو ڀائيٽو هو ۽ سنڌ جي نامياري سياستدان ۽ سنڌ جي گورنر سر غلام حسين هدايت الله جي گهر واري، سندس سڳي پُڦي هئي. ڊاڪٽر زيڊ اي احمد سنڌ جي تاريخي شھر عمرڪوٽ ۾ ۱۹۰۸ع ۾ ڄائو ۽ ۱۹۹۹ع ۾ لکنؤ ۾ فوت ٿيو. ڊاڪٽر زيڊ اي احمد پنھنجي آتم ڪٿا ۾ اُهو به لکي ٿو: ”منھنجي سڳي ڀيڻ صادقه بيگم جي شادي الله آباد (انڊيا) جي هڪ مشھور ۽ معروف وڪيل پر هڪ هندو، شيکر سرن سان ٿي.“ اڳتي هلي هو هند ۽ سنڌ جي مشھور عالم شمس العلماءُ دائود پوٽي کي ۱۹۳۶ع ۾ سنڌ جي ممبيءَ کان ڌار ٿيڻ وقت رٽائر ڏيکاري ٿو. جڏهن ته ڊاڪٽر دائود پوٽو، سنڌ جي سابق گورنر عظيم دائود پوٽي جو والد بزرگوار، پاڪستان ٺھڻ وقت به ۵۵ سالن جو ڪونه ٿيو هو. ان وقت سرڪاري ملازم جي رٽائر ٿيڻ جي عمر جي آخر حد ۵۵ سال ھئي. ڊاڪٽر دائود پوٽو پاڪستان جي قيام کان پوءِ به سنڌ ۾ ڊئريڪٽر پبلڪ انسٽرڪشن ھئو. اھو عھدو موجوده سيڪريٽري تعليم جي عھدي برابر هو.
محترم ضياء شاهه، سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جي دنيا ۾، ڪنھن به رسمي تعارف جي ضرورت نه ٿا رکن. ضياء شاهه جي جيون آکاڻي ”ساروڻيون“ جي نالي سان ماهوار ”سوجهرو“ ۾ قسطوار ڇپجي رهي آهي. ضياء شاهه پنھنجي آتم ڪٿا کي بابن ۾ ورهائڻ بجاءِ، انگي حسابن وارن انگن ۾ ورهائي ٿو. هن وقت يعني مئي ۲۰۰۳ع تائين، ضياء شاهه جي جيون ڪھاڻيءَ جون ۲۰ قسطون ۽ انگ ۲۸۴ تائين اچي بيٺو آهي. هر قسط ۾ ضياء شاهه جي ’مان مان‘ پئي ٿي پوي. وٽس لفظن ۽ تشبيھن جي ڏاڍي کوٽ نظر اچي ٿي. مثال: ساروڻي نمبر ۴۱ ۾ لکي ٿو: وزيراعظم ذوالفقار علي ڀُٽي چونڊن جو اعلان ڪيو. ملڪ ڪر ڀڃي اُٿي کڙو ٿيو. وري ساروڻي نمبر ۴۸ ۾ لکي ٿو: ۵ جولاءِ ۱۹۷۷ع جو ڏينھن ڪر موڙي اٿيو آھي. يعني ڪڏھن ملڪ ٿو ڪَرَ ڀڃي ۽ ڪڏھن ڏينھن ٿو ڪر موڙي؟ معنى ڀُٽي صاحب جي جنوري ۱۹۷۷ع واري چونڊن جي اعلان کان اڳ ملڪ ننڊ پيو هو. يا ايئن ليٽي پيو هو جو چونڊن جي اعلان سان ڪر موڙي اُٿي پيو؟ هي ملڪ ۽ ڏينھن ته نه ٿيا، بلڪ ڪي انسان ٿيا، جيڪي بار بار ڪر موڙي، آرس ڀڃي اُٿي کڙا ٿين ٿا!
ضياء شاهه خود پسند ۽ خود نمائي ڪندڙ ايترو آهي جو پنھنجي تعريف ۾ مبالغي ۽ وڌا کان ايترو ڪم ورتو اٿس جو لڳي ٿو ڄڻ پاڻ شڪارپور ۽ ان جي پسگردائيءَ جو هڪ اهم ۽ وڏي ڪم وارو ماڻھو يا اهم سياستدان آهي. انھن ڳالھين جو ذڪر اڳتي ايندو.
ضياء شاهه ساروڻي نمبر ۴۷ ۾ لکي ٿو: ماضي اڃا پيڇو نٿو ڇڏي. هڪ انسان جي ماضيءَ ڪڏهن سندس پيڇو ڇڏيو آهي؟ ماضي به پيڇو ڇڏيندو آهي ڇا؟ معنى هن وقت يعني جُون ۲۰۰۳ تائين يقينًا ماضي ضياء شاهه جو پيڇو ڇڏي چڪو هوندو؟! ماضي خوشگوار هجي يا ڏکوئيندڙ، ڪنھن به انسان جو قبر تائين پيڇو ڪو نه ڇڏيندو آهي. ايئن لکڻ ته ماضي اڃا پيڇو نٿو ڇڏي ڇا معنى؟
نمبر ۴۸ ۾ لکي ٿو: ۵ جولاءِ جو ڏينھن ڪر موڙي اُٿيو آهي. شينھن وانگر گجيو پئي. باقي ٻيا ڏينھن گدڙن وانگر اونايون ڪندا آهن. اونھاري جي اُس چورن وانگر ڀتيون ٽپي آئي آهي. اُس ته هر جاءِ/هر گهر/بنگلي جي اڱڻ يا پڌر ۽ ورانڊي تائين پھچندي آهي. ڇا چور ڀتيون ٽپي رڳو اڱڻ ۽ ورانڊن ۾ اچي بيھندا آهن؟ هر روز جيان رڻ ٻري وڃي ٿو. ڏامر جون سڙڪون ٽامڻي هڻي وڃن ٿيون. پاڇا سرڪندا وڃن ٿا. ٽيپھري ڌاري لکيدر چوڪ تي روايتي رونق موٽي اچي ٿي. مان ڪيفي اعجاز ۾ داخل ٿيو آهيان. دخل وارو ٿو چوي: ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪيوويو آهي. دستور معطل ٿي ويو آهي. جنرل ضياءءُ الحق وارد ٿي چڪو آهي. منھنجي پيرن هيٺان زمين نڪري وڃي ٿي.
ضياءءَ شاهه جي چوڻ موجب؛ ۵ جولاءِ تي هر روز جيان رڻ ٻري وڃي ٿو. ۵ جولاءِ کان اڳ ۾ به ڪو رڻ متو هيو ڇا، جو ۵ جولاءِ تي به روزمره جيان ساڳي طرح رڻ ٻريو؟ شاهه صاحب پنھنجي آتم ڪٿا ٿو لکي يا ڪنھن فلم ۽ ٽي ويءَ لاءِ ڊرامو، جو پنھنجي ڳالهه ڪنھن فلمي سين وانگي ڏيکاري ٿو؟ ڏامر جون سڙڪون ٽامڻي هڻن ٿيون ۽ وري ٿڏي تي پاڇا سرڪندا وڃن ٿا ۽ هڪدم ٽيپھري به ٿي وڃي ٿي. هيءَ ڪا فلم/ ڊرامي جي سين آهي يا ڪنھن آتم ڪٿا جو حصو؟ جڏهن ڳالهه ٽيپھري واري وقت جي ڪرڻي آهي ته پوءِ ٻن-پھرن جي ٽامڻي هڻڻ جي منظر نگاري ڪرڻ جي ڪھڙي ضرورت؟ ضياء شاهه آتم ڪٿا لکي ٿو يا ڪا فلم يا ڪو ڊرامو؟
۴ ۽ ۵ جولاءِ جي وچ واري اڌ رات جو، جناب ذوالفقار علي ڀُٽي جي حڪومت ختم ٿي وئي ۽ پاڪستان ۾ مارشل لا لڳايو ويو. صبح ساجهر کان پاڪستاني ريڊيو ۽ ٽي وي دنيا جون ريڊيو اسٽيشنون هر هر اها خبر ٻڌائينديون رهيون ته ڀُٽي صاحب جي حڪومت ختم ۽ مارشل لا نافذ ڪيو ويو. هيءَ ڪا رواجي ۽ خسيس خبر ڪانه هئي، جيڪا سنڌ جي هڪ سٺي تاريخي ۽ ثقافتي ۽ تعليم يافته ماڻھن جي شڪارپور تائين شام لڙندڙ ۽ سرڪندڙ پاڇن تائين پنڌ ڪندي رهي. ضياء شاهه جھڙي اديب، ڄاڻو، سياستدان (شاهه صاحب خود لکيو آهي ته مون کي سياست ۾ ٻيھر آڻڻ وارو فلاڻو ابڙو هو) ۽ شاعر يا ڪيفي اعجاز جي دخل تي ويٺل شخص کي هيءَ هيڏي وڏي ۽ ڇرڪائيندڙ خبر، جنھن سڄي ملڪ جي ماڻھن کي وائڙو ڪري ڇڏيو هو، پيار جي واعدن جيان لڙندڙ ۽ سُرڪندڙ پاڇن يعني ٽيپھري جي وقت پوي ٿي؟ ڀُٽي صاحب جي حوالي سان سندس حڪومت ختم ٿيڻ جي خبر، ٺيٺ ٻھراڙين جي اڻ پڙهيل عورتن کي به، گهر ويٺي پئجي وئي ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ ماڻھن کي روئڻھارڪو ڪري ڇڏيو هئائين. اها خبر جهنگ جي باهه وانگر سڄي ملڪ ۾ ٻڌي وئي، پر حيرت آهي ته شڪارپور شھر وارا شام تائين بي خبر رهيا! جو کين شام جو اها خبر پئي ته ڀُٽي صاحب جي حڪومت ختم ڪري مارشل لا نافذ ڪيو ويو آهي!
محترم ضياء شاهه، تاريخ ۽ تاريخي ڪردارن سان، ويساهه-گهاتي ڪرڻ ۾ ملڪو رکي ٿو. سندس مرضي آهي ته ڀُٽي صاحب کي زبردستي آزاد ڏيکاري، نئون ديرو پھچائي يا ڪراچيءَ، شاهه صاحب کان ڪير پڇندو؟
نمبر ۱۷۷ ۾ ضياء شاهه لکي ٿو: مان سال ۱۹۷۷ ڏانھن موٽي اچان ٿو، ذوالفقار علي ڀُٽي کي سھالا ريسٽ هائوس ۾ نظربند ڪيو ويو. تڏهن ڪنھن به نه پئي ڄاتو ته جنرل ضياء حدون اورانگهي ويندو. هن ڀُٽي کي ٻاهر وڃڻ جو وجهه به ڏنو. ڪاش ڀٽو برطانيه يا فرانس هليو وڃي ها. آيت الله خميني به ته جلا وطن رهيو هو ۽ اتي ويھي ايران جي انقلاب کي ڪائونٽر ڪندو رهيو. ڀٽو خود سياست کي آرٽ سمجهندو هو. الائي ڇا ٿي ويس؟ ..... جنرل ضياء، ڀُٽي کي پيرول تي به آزاد ڪيو هو پر هو جذباتي بيان ڏيندو رهيو.
۴ ۽ ۵ جولاءِ جي اڌ رات جو ڀُٽي صاحب جي حڪومت ختم ٿي، تڏهن وزيراعظم هائوس تي فوج جو قبضو ڪونه ٿيو هو. پنھنجي ملٽري سيڪريٽري جي معرفت ڀُٽي صاحب، جنرل ضياء سان ڳالھايو ته جنرل ضياء چيس؛ سر مان مجبور آهيان. رڳو اهو ٻڌايو ته توهان ڪراچي وڃڻ پسند ڪندؤ يا ڳوٺ نئون ديرو؟ ڀُٽي صاحب نئون ديرو لفظ چئي فون بند ڪرڻ تي هيو ته جنرل ضياء چيس؛ ٺيڪ آ سر، صبح صادق جو اسپيشل جھاز توهان کي نئون ديرو کڻي ويندو. ڀٽو صاحب صبح جو ۹ بجي تائين چانھه ۽ سگار پيئندي منتظر رهيو. اتفاق سان ان رات ڀُٽي صاحب جي سڄي فيملي وزيراعظم هائوس ۾ موجود هئي. صبح جو ۹ بجي اسپيشل جھاز رڳو وزيراعظم ڀُٽي صاحب کي کڻي ڪوهه مري پھچايو ۽ نه سھالا ريسٽ هائوس. جيئن ضياء شاهه لکي ٿو. ثبوت لاءِ ڏسو ۶ ۽ ۷ جولاءِ ۱۹۷۷ جون اخبارون ۽ ان هفتي جا رسالا. ڀٽو صاحب سھالا ريسٽ هائوس ۾ نظربند ڪونه هو، البته ڀُٽي صاحب جي وزارت جا اهم ماڻھو؛ جناب ممتاز علي ڀٽو، عبدالحفيظ پيرزادو ۽ مولانا ڪوثر نيازي ۽ قومي اتحاد جا اڳواڻ سھالا ريسٽ هائوس ۾ نظربند ڪيا ويا هئا، جن لاءِ جنرل ضياء جي حڪومت ريڊيو ۽ ٽي وي تي اهو بيان نشر ڪندي رهي ته؛ انھن اڳواڻن کي حفاظتي طور نظربند رکيو ويو آهي. ويجهي ماضيءَ جي تاريخ سان ايڏي هٿ-چراند! هيءَ ڳالهه خود ڀُٽي صاحب ڪيترا دفعا چئي هئي ته؛ جنرل ضياءءُ الحق مون سان ڪيل پوئين واعدي تان ڦري ويو هو. جناب ممتاز علي ڀٽو، عبدالحفيظ پيرزادو ۽ پروفيسر غفور ان واقعي جا اکين ڏٺا شاهد نه، پر ان واقعي جا بذات خود ڪردار آهن. اهي به تصديق يا ترديد ڪري سگهن ٿا. باقي جيستائين آيت الله خميني ۽ ڀُٽي صاحب جي ڳالهه آهي ته ٻنھي کي مليل حالتن ۾ فرق هو. ايراني قوم سا به اسلام جي هڪ فرقي شيعه سان سلھاڙيل. مون کي نئون ديري ۾، ڀُٽي صاحب جي بنگلي ۾ ڀُٽي صاحب جي ٻارهي تي آيل، مشھور قانوندان ۽ ڀُٽي صاحب جي وڪيل يحى بختيار ٻڌايو ته؛ هڪ دفعي مون ڀُٽي کي عرض ڪندي صلاح ڏني ته هو ملڪ کان ٻاهر هليو وڃي. تنھن تي ڀٽو صاحب ڏمرجي پيو ۽ ڇينڀيندي چيائين؛ تون ڇا ٿو سمجهين ته تاريخ مون کي ڀاڄوڪڙ قرار ڏئي. مان ته ڀڄڻ جي بجاءِ تاريخ جي هٿان مرڻ پسند ڪندم. پر ضياء شاهه لکي ٿو ته؛ ڀٽو صاحب تاريخ جي بجاءِ فوج جي هٿان مرڻ پسند ڪيو. ضياء شاهه جيڪر تاريخ جي وصف ٻڌائي، ڪجهه وضاحت ڪري ها ته چڱو هو.
ضياء شاهه چوي ٿو؛ جنرل ضياء، ڀُٽي صاحب کي پيرول تي آزاد ڪيو هو. سوال آهي ته جنرل ضياءءُ الحق ڪھڙي ڪورٽ جو جج هو، جو ڀُٽي صاحب کي پيرول تي آزاد ڪيو هئائين. پاڪستان جي هر فرد کي اها خبر آهي ۽ پاڪستان جي عدليه جي تاريخ شاهد آهي ته ڀٽو صاحب ڪڏهن به ڪنھن به صوبائي ۽ مرڪزي ڪورٽ طرفان پيرول تي آزاد ڪونه ٿيو هو. ڀٽو صاحب ضمانت تي آزاد ٿيو.
ضياء شاهه شڪارپور ۽ ان جي ڀرپاسي جو ڪيترو اهم ماڻھو آهي جو ٻاهران ايندڙ هڪ غير سويلين عملدار پر ان جو نالو لکڻو ناهي، به هڻ مار ڪري، شڪارپور شھر مان ڏس پنڌ پڇائيندو ضياء شاهه کي سلطان ڪوٽ جي مڊل اسڪول ۾ ڳولي لھي ٿو. هڪ ڪم جي معاوضي طور کيس سينيٽر ٿيڻ جي آڇ به ڪري ٿو! ”ساروڻيونجي قسط نمبر ۱۲ ۽ انگي نمبر ۱۹۸ ۾ پاڻ لکي ٿو:
”هڪ ڏهاڙي اسڪول ۾ هڪ غير سويلين هڪ رٽائرڊ عملدار (نالو ڇا هيس؟) اچي نڪتو. سندس عھدي جو نالو ٻڌي هوند چڱن ڀلن کي ڏڪڻي وٺي وڃي ها. (رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ به ايڏو عھدو جو چڱا ڀلا ڏڪي ٿا وڃن!) هو سڌو مون ڏانھن هليو آيو. مون سان ايئن پئي ڳالھايائين ڄڻ اسان جي قلمي دوستي رهي هئي. (ماشاء الله) چي: شاهه صاحب مين ني آپ ڪي تعريف سُني هي. آپ ماشاءَ الله انڌيري مين چراغ ڪي طرح هين. پوءِ اصل مقصد ڏانھن آيو. کيس ڪا زمين انعام ۾ مليل هئي. کيس منھنجو سھڪار گهربل هو. مان اچرج ۾ هوس، منھنجي ڪابه سماجي حيثيت نه هئي ۽ نه وري سردار سلطان احمد خان سان ڏيٺ وائٺ هيم. اسان جي اسڪول ۾ سردار صاحب جا ٻارڙا ضرور پڙهندا هيا، جيڪي مون سان رلي ملي ويا هئا پر مان هڪ صوفي منش هيس. اسڪول کان واندو ٿيڻ، مون لاءِ قيد مان رهائي وانگر هو. سڌو گهر هليو ايندو هوس، ڪنھن سان به عليڪ سليڪ نه رکي هيم. اوچتو وارد ٿيل همراهه ڀروسي سان پئي چيو ته؛ سندس مسئلي جو حل منھنجي سھڪار سان سلھاڙيل آهي. مان نٿو چئي سگهان ته کيس اهو ڏس ڪنھن ڏنو هو؟ هن مون کي انعام جي آفر به ڏني. چئي: مان توهان کي ٽيڪنوڪريٽس جي ڪوٽا ۾ سينيٽر مقرر ڪرائيندس. جنرل ضياء جي دور ۾ ماڻھو خريد ڪرڻ وارو سلسلو هليو پئي، تنھنڪري اها آفر گهڻي عجيب به لڳي پر کيس ٺپ جواب ڏئي ڇڏيم.
ضياء شاهه جي مٿين ڳالھه، ڪيتري قدر سچي يا من گهڙت آهي؟ هڪ غير سويلين عملدار، معنى فوجي عملدار، جنھن جي عھدي جو ٻڌي، چڱا ڀلا به ڏڪي وڃن ٿا. اهڙي وڏي بااختيار عملدار جو ڪم آهي هن کي انعام ۾ مليل زمين تان هارين جو قبضو ڇڏرائڻ. اهڙي بااختيار غير سويلين عملدار نه گورنر کي چيو، نه ڪنھن ڪمشنر يا ڊپٽي ڪمشنر کي، پر پنڌ ڪري، وقت سيڙائي، مڊل اسڪول سلطان ڪوٽ ۾ پھچي وڃي ٿو. اهڙن بااختيار عملدارن جا ڪم ته ٽيليفون تي اک-ڇنڀ ۾ ٿي ويندا آهن، پوءِ سوال آهي ته اهڙي بااختيار عملدار ضياء شاهه کي ايلاز ڇو ڪيا؟ جڏهن ته خود ضياء شاهه مڃي ٿو ته سندس ڪابه حيثيت ڪانه هئي، پوءِ اهڙي عملدار هڪ ٽيچر کي سينيٽر ٿيڻ جي آڇ ڪيئن ڪئي؟ ڪم ننڍو ۽ معاوضو ايڏو وڏو؟! ضياء شاهه لکي ٿو ته؛ اها پيشڪش کيس عجيب ڪونه لڳي؟ لڳي ته ايئن ٿو ته اهڙيون آڇون (سينيٽر ٿيڻ جون) ضياء شاهه کي روز روز ٿينديون هيون. ان ڪري سائين ضياء شاهه ان عملدار کي ٺپ جواب ڏئي ڇڏيو!
محترم ضياء شاهه لکي ٿو ته؛ اسڪول کان واندو ٿيڻ مون لاءِ قيد مان رهائي وانگر هو. اسڪول (قيد) مان رهائي (موڪل) ملڻ تي ٻارڙن کي ته خوشي ٿيندي آهي. ان لاءِ عام طرح ماڻھو ٻڪريءَ ۽ ڪاسائيءَ جو مثال ڏيندا آهن. هڪ ٽيچر ايئن چوي ته اسڪول مان واندو ٿيڻ هُن لاءِ قيد مان آزاد ٿيڻ برابر هوندو هو ته اهڙو قيدي اسڪول ۾ ٻارڙن کي ڇا پاڙهيندو هوندو؟
ضياء شاهه جي آتم ڪھاڻي پڙهندي اها به ڄاڻ ملي ته ضياء شاهه ٽيچر/سرڪاري ملازم هوندي به سياستدان آهي. پاڻ ۹۱ نمبر ۾ لکي ٿو ته: مون کي سياسي دنيا ۾ ٻيھر آڻڻ وارو اياز ابڙو هو، معنى اياز ابڙي کان اڳ ۾ به ضياء شاهه سياسي دنيا جو ماڻھو هو. سياسي دنيا مان ضياء شاهه جي مراد الائي ڇا آهي؟ عملي سياست يا نظرياتي؟ سنڌ واسين ته پاڪستان/سنڌ جي سياسي دنيا ۾ ڪڏهن به ضياء شاهه جو نالو نه ٻڌو هو. نڪي ڪنھن پارٽيءَ ۾ سندس نالو گونجيل هو. محترم ضياء شاهه مشھور ڪميونسٽ ليکڪ نجم عباسي جي طرز تي لکي ٿو: بازار جي مھڙ وٽ به ماڻھو ڏاڍيان ڳالھائين پيا. هڪ اٻوجهه ڳوٺاڻو پيو لنگهي. ”چاچا ڇا حال آهي؟“ بابا الله جي ٻاجهه آهي، مڙوئي سک آهي. چاچا ڪوڙ پيو ڳالھائين، ايئن ڇو نٿو چوين ته؛ ٻچڙا بکيا آهن. زال بيمار آهي ۽ نياڻي جي مٿي تي پوتي ڪانھي! اڙي اڃا ڪونه سڌرندؤ! اڃا ڪيستائين پاڻ کي دوکو ڏيندَؤ؟
ان ڳالهه جو ضياء شاهه جي زندگي (جيون ڪھاڻيءَ) سان ڪھڙو تعلق؟ هيءَ آتم ڪٿا آهي يا رپورتاز؟ بازار جي مھڙ وٽ جيڪو اٻوجهه ڳوٺاڻو لنگهي ٿو ۽ حال احوال جي موٽ ۾ الله جو شڪر بجا آڻي ٿو ته کيس چوي ٿو (بقول ضياء شاهه:) ڪوڙ ٿو ڳالھائين، تنھنجي گهر ۾ بک آهي. تنھنجي زال بيمار آهي. تنھنجي ڌيءَ جي مٿي تي پوتي ڪانھي. سوال آهي ته ضياء شاهه کي اها خبر ڪيئن پئي ته ان (اٻوجهه جن لاءِ نبي ڪريم صه جن فرمايو آهي ته ڇا تون نٿو ٻڌين ته سادگي ايمان جي نشاني آهي!) ڳوٺاڻي جي گهر ۾ کائڻ لاءِ اٽو ڪونھي، هُن جي زال بيمار آهي ۽ هن جي نياڻيءَ جي مٿي تي پوتي ڪونھي. ضياء شاهه ”سوجهري“ ۾ منھنجي تنقيد جو جواب لکندي فرمايو هو ته؛ هو موسى روحاني ته ڪونھي، پوءِ واٽھڙو اٻوجهه ڳوٺاڻي جي باري ۾ اها خبر کيس ڪيئن پئي يا سندس دوستن کي يا ڪن ٻين کي، ته هُن جي گهر ۾ ٻچا بکيا آهن. هُن جي نياڻيءَ جو انگ اگهاڙو آهي ۽ هُن جي زال بيمار آهي. ايترين تڪليفن هوندي به جيڪڏهن اٻوجهه ڳوٺاڻو الله جا شڪرانه ادا ڪري ٿو، ته ان ۾ دوکي جي ڪھڙي ڳالهه آهي؟ اٻوجهه ڳوٺاڻي ڪنھن سان دوکو ڪيو؟ ان اٻوجهه ڳوٺاڻي جي ان ڳالهه سان ضياء شاهه جي آتم ڪٿا جو ڪھڙو تعلق يا ڪھڙو لڳ لاڳاپو؟ بقول ضياء شاهه ته؛ هو پنھنجو پاڻ سان دوکو ڪن ٿا، پو ان ۾ ٻئي ڪنھن جو ڇا وڃي؟ هنن جي، پنھنجو پاڻ سان ڪيل دوکي سان، ٻين جو ڪھڙو نقصان ٿئي ٿو؟ الله پاڪ جو لفظ ٻڌي، هي هٿرادو ترقي پسند چڙن ڇو ٿا؟ مظلوم ماڻھو ته ظلم جي انتھا ٿيندي به چوندو آهي؛ ڀلا الله ته آهي. هي جڙتو ترقي پسند، بي سھارا ماڻھن کان الله جو سھارو کسي موٽ ۾ ڇا ٿا ڏين؟ لينن، ڪارل مارڪس ۽ مائوزي تنگ جا قول. مائوزي تنگ جي قبر به ڊاٺي وئي. ان جا هڏا به ڪڍيا ويا. اقوال ماڻھن جو آسرو ٿي نه ٿا سگهن. ڪنھن ڏاهي ۽ عالم جا لفظ آهن ته:
Faith is not mere feeling there is an element of cognition in it.
(ايمان رڳو احساس ناهي پر ان ۾ عقل جو عنصر به شامل آهي.)
هيءَ ڪھڙي ترقي پسندي آهي. لاڙڪاڻي جي رام پنجواڻي لکيو آهي ته؛ هُن هڪ دفعي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کي به لاڙڪاڻي جي مسجد مان ٻاهر نڪرندي ڏٺو هو. هي سڀ ڇا آهي؟ خود ڪو فضيحت اورون ڪو نصيحت. اڃا ته ضياء شاهه پاڻ کي صوفي منش ڪري ڪوٺي ٿو. صوفي ٻين تي ٽوڪون ۽ ٺٺوليون، چٿر ۽ طنز نه ڪندا آهن؟ جيڪڏهن اٻوجهن، مسڪينن جو ايترو احساس اٿوَ ۽ نجات ڏيارڻ چاهيونِ پيا ته پنھنجي وس آهر ان اٻوجهه ڳوٺاڻي جي مالي مدد ڪيو ها. کيس ان بيمار زال لاءِ دوا ۽ نياڻيءَ کي پوتي پارايو ها. الله جا شڪرانا بجا آڻڻ هر ڪنھن جي ذاتي ۽ شخصي ڳالهه آهي. ڇا ذاتي ۽ شخصي ڳالهه ۾ مداخلت ڪرڻ واجب آهي؟
نمبر ۱۲۵ ۾، ضياء شاهه اسان جي تاريخ ۽ جاگرافيءَ جي علم ۾ اضافو ۽ ڄاڻ وڌائيندي لکي ٿو ته؛ جهلي ۽ ڪلواڙي ڳوٺن جا ٻار ماڻھپي ۽ مريادا ۾ اڳڀرا آهن. تعليم جي لحاظ کان اهي ڳوٺ حيدرآباد ضلعي جي پاٽ ڳوٺ سان ڪلھو ملائڻ لاءِ آتا آهن. پاٽ جو ڳوٺ ضلعي حيدرآباد ۾ آهي؟ يا ضلعي دادو ۾، پيارو ڳوٺ ريلوي اسٽيشن جي ڏکڻ ۾؟ هن ڳالهه جي تصديق يا ترديد ته ڦُلجي ۽ پيارو ڳوٺ جا رهاڪو يا رڪڻ جو رهواسي ۽ مشھور شاعر استاد بخاري اڪيڊمي جو سيڪريٽري، نواز رڪڻائي يا پيارو ڳوٺ جو سائين عبدالرحمان شاهه ئي ڪري سگهي ٿو.
۱۴۷ نمبر ۾ لکي ٿو: ادبيات ڪتاب گهر تي هڪ ڇوڪري ايندي هئي. هميشه تڪڙي اُٻھري ايندي هئي ۽ اُٻھري هلي ويندي هئي. مون آسماني اکيون اڳ نه ڏٺيون هيون. ڊگهي قد تي ڊگها وار واهه جو ٺھندا هئس. اها منھنجي دل جا چارئي خانه والاري ويٺي. کيس ڏسڻ لاءِ فردوس سئنيما وٽ وڃي ويھندو هوس، ڇو ته هو اڪثر اُتي ايندي هئي. يونيورسٽيءَ جي پوائنٽ بس ۾ سوار ٿي هلي ويندي هئي. بس ۾ سوار ٿيندي اک ٽيٽ سان ڏسندي هئي ته من اندر جا ساز ڇڙي پوندا هئا. هڪ منجهند ٽاڻي، آفيسر دوست وٽ ويم ته کيس پڻ اتي ويٺل ڏٺم. آڱريون زخمي ٿي پيون هيس. دروازو بند ڪندي طاقن جي ڀڪوڙ ۾ هٿ اچي ويو هوس. مون واري دوست اڇاتري نظر سان ڏٺس پئي، بنھه سرد نگاهن سان. مون سندس آڱرين جي ڊريسنگ ڪئي ته اکين ۾ لڙڪ اچي ويس. سنگتي کان ڪجهه پڇڻ مناسب نه ڄاتم (ڇا پڇڻ مناسب نه ڄاتئي؟) آسماني اکين واري ڇوڪري وري نه ڏٺم. سندس اکين جو رنگ آسمان جُهٽي ورتو هو.
بقول ضياء شاهه؛ هڪ ڇوڪري نيرين اکين واري هن جي پھچڻ کان اڳ ۾ هن جي دوست يا ٻنھي جي گڏيل دوست وٽ منجهند ٽاڻي (جڏهن پکي پکڻ بنھ سمھي پوندا آهن) جو ويٺل هئي، جنھن جون آڱريون دروازو بند ڪندي طاقن جي وچ ۾ اچي زخمي ٿي پيون هيون. ضياء شاهه ته پوءِ پھتو. ان سھڻيءَ ڇوڪريءَ جون آڱريون ته اڳ ۾ زخمي ٿي پيون هيون، پوءِ ضياء شاهه جي ان دوست ايترو وقت ڇا پئي ڪيو؟ اها سھڻي ڇوڪري رت وهائيندي رهي ۽ ضياء شاهه جي دوست ويٺي مزو پئي ڏٺو. سرد نگاهن سان (وڏو ڪو بي رحم انسان هو) ضياء شاهه پھچڻ سان ان ڇوڪريءَ جي ملم پٽ ڪئي. فرسٽ ايڊ باڪس ڪٿان آيو؟ يا ضياء شاهه پاڻ سان کنيو ويو هو، ڇاڪاڻ ته کيس خبر هئي ته نيرين اکين واري ڇوڪري زخمي ٿي فلاڻي دوست وٽ ويٺي آهي؟ جيڪڏهن فرسٽ ايڊ باڪس ضياء شاهه جي دوست وٽ آفيس ۾ موجود هئي ته پوءِ سندس دوست ملم پٽي پاڻ ڇونه ڪئي؟ يا فرسٽ ايڊ باڪس ڇوڪري کي ئي ڏئي ڇڏي ها ته هو خود پاڻ ئي پنھنجي ملم پٽي ڪري ها. آخر ضياء شاهه جو انتظار ڇو پئي ڪيو ويو؟
۱۵۵ ۾ ضياء شاهه لکي ٿو ته؛ آغا صدر الدين منھنجي ويجهي سنگتين مان هو. ڪي.ڊي.اي جو ڊائريڪٽر فنانس ٿيو ته منھنجو ڀاءُ عبدالغفار شاهه ملڻ ويس. آفيس ڇڏي نڪري آيو ۽ بوٽ به پائي نه سگهيو هو. مان به بنا اجازت سينٽر ڇڏي نڪتو هوس، هوش ۾ ڪونه هوس. شام واري ريل گاڏي تائين ترسڻ منھنجي وس ۾ نه هو. بس ويگن ۾ ئي روانو ٿي ويس. ڊرائيور سان ڄاڻ سڃاڻ هيم. کيس ٻڌايم ته ويگن معمول کان تيز ڪيائين.
مرحوم آغا ڪي.ڊي.اَي جو ڊائريڪٽر پنھنجي آفيس ۾ پيرين اگهاڙو ويٺو هو ڇا؟ جيئن ضياء شاهه جي ڀاءُ جي اچڻ جي خبر پيس ته پيرين اگهاڙو نڪري آيو؟ آغا ويٺو به ڄڻ پنھنجي اوطاق ۾ هو. ڇا آغا عبدالغفار شاهه کي اندر آفيس ۾ نه پئي گهرائي سگهيو؟ يا عبدالغفار شاهه جي آفيس ۾ داخلا بند هئي؟ دوستن جي موت جو ٻڌي واقعي صدمو رسندو آهي ۽ ماڻھوءَ کان تڙ تڪڙ ۾ ڪجهه به نه پڄندو آهي ۽ نه ئي سجهندو آهي پر ڊرائيور جو واقف نڪري پوڻ ڪا فلمي ۽ ڊرامائي سين ٿي لڳي. جيئن عام فلمن ۾ هيرو يا ولين جي لاءِ  ڏيکاريو ويندو آهي ته هو تڪڙ ۾ هوندو آهي ۽ تڪڙي سواريءَ کي سڏي ان ۾ ويھندو آهي ته ڊرائيور هن جو اڳ جو واقف نڪري پوندو آهي.
ساڳي قسط جي ۱۵۷ ۾ لکي ٿو ..... (آغا) کيس ايئن جلد موڪلائڻ جو پتو هجي ها ته سڪندر ذوالقرنين جيان ڪفن منجهان هٿ ٻاهر ڪڍڻ جي وصيت ڪري ها. سوال آهي ته ڪفن مان ٻاهر هٿ ڪڍڻ واري وصيت ڪنھن ڪئي هئي؟ سڪندر اعظم ڪئي هئي ته سندس مرڻ کان پوءِ هن جا هٿ ڪفن کان ٻاهر ڪڍيا وڃن ته جيئن دنيا وارا ڏسن ۽ عبرت حاصل ڪن ته سڄي دنيا تي بادشاهيءَ/حڪمرانيءَ جا خواب ڏسندڙ ۽ حڪومت ڪندڙ جڏهن هن دنيا مان هميشه لاءِ موڪلايو ته هٿين سکڻو هليو ويو. (ڏسو ”مھراڻ جو مقالا نمبر) سڪندراعظم جي حوالي سان هيءَ ڳالهه سنڌ ۾ ايتري مشھور آهي جو سنڌ ۾ هن ڳالهه پھاڪي/ورجيس/چوڻي/ضرب المثل جي صورت ورتي آهي. حيرت جھڙي ۽ اچرج ۾ وجهندڙ ڳالهه هيءَ آهي ته پي سي ۾ رهڻ جون دعوائون ڪندڙ، ايم اي فرسٽ ڊگريون رکندڙ ضياء شاهه کي اها خبر ڪانھي ته سڪندر اعظم ۽ سڪندر ذوالقرنين ۾ ڪھڙو فرق آهي؟
ضياء شاهه ۷۹ ۾ لکي ٿو ته؛ مون گوبند پنجابيءَ کي پئي ساريو. هو ته سال ۱۹۸۹ ۾ آيو هيو. کيس پبلڪ لائبريري ۾ آجياڻو ڏنو هيوسين. رهاڻ وغيره روايتي هئي. چيائين ته مان پنھنجي شھر واسين جي رڳو شاعري ٻڌندس. اُتي مون غزل پيش ڪيو هو. غزل پڙهندي مون کي هو ياد آئي. گوبند پنجابي کي نه ٻڌايو هيم. ٻڌايانس ها ته هوند الھاس نگر جي گهٽي گهٽي جهاڳي ها. غزل پڙهڻ وقت ضياء شاهه کي هُو (هندو ڇوڪري) ياد اچي ٿي ۽ لکي ٿو ته گوبند پنجابي کي نه ٻڌايو هيم. ٻڌايانس ها ته هوند الھاس نگر جي گهٽي گهٽي جهاڳي ها. گوبند پنجابي تي ڪھڙي اچي پئي هئي جو ضياء شاهه جي محبوبه جي تلاش ۾ هو الھاس نگر (هينئر يا ۱۹۸۹ع ۾ شڪارپور کان به وڏو شھر) جي گهٽي گهٽي جهاڳي ها! گوبند پنجابيءَ جھڙي عمر رسيده شريف ماڻھو، اديب ۽ شاعر کي ٻيو ڪم نه هيو ڇا؟ ڪنھن ٻئي ملڪ جي ماڻھوءَ جي محبوبه ڪير ڳوليندا آهن؟ گوبند پنجابي تي ايڏو وڏو الزام!
ساروڻي نمبر ۲۴۴ ۾ ضياء شاهه علم جا واهڙ وهائيندي  لکي ٿو: ...... مان بنو هاشم قبيلي جي باني هاشم بابت پڻ سوچيندو هوس. پوءِ تصور ۾ قداور ۽ جانٺو شخص اچي ويندو هو جيڪو زائرين جي اُڃ اُجهائڻ لاءِ زم زم جي پاڻيءَ ۾ ڪشمش وجهي ڇڏيندو هو ۽ پاڻي مِٺو ٿي ويندو هو. هاشم زائرين کي ماني، ڳڀن جي صورت ۾ پيش ڪندو هو. ماني کي ڳڀن ۾ ورهائڻ سبب مٿس نالو هاشم پئجي ويو.
ضياء شاهه جي لکڻيءَ موجب؛ هاشم زم زم جي پاڻيءَ ۾ ڪشمش وجهندو هو ته جيئن پاڻي مٺو ٿئي. ڇا هاشم جي وقت ۾ زم زم جو پاڻي کارو، تلخ ۽ ڪسارو هيو جو هاشم کي ان ۾ ڪشمش وجهڻ جي ضرورت پيش آئي؟ حقيقت اها آهي ته حضرت اسماعيل جي پيرن جي پيداوار ۽ بي بي هاجران جي چيل لفظن زم زم (بيھه بيھه) جي چشمي ۽ هاڻي کوهه جو پاڻي ته شروع کان وٺي مفرح ۽ هاضميدار رهيو آهي. زم زم جو پاڻي ڪڏهن ڪؤڙو ڪسارو ۽ کارو هيو جو ان ۾ هاشم سڳوري کي ڪشمش وجهڻ جي ضرورت پيش آئي؟ پاڻيءَ ۾ ڪشمش به وجهبي آهي ڇا؟ نڪو ماني جي ڳڀن ڪرڻ/ورهائڻ کي عربيءَ ۾ هاشم چئبو آهي، جيئن ضياء شاهه لکي ٿو. هاشم عربي جو لفظ آهي جيڪو هشم مان ورتل آهي يعني مانيءَ کي ٻوڙ جي رس ۾ ڪُٽي ڪرڻ وارو. نڪو زائرين کي هاشم مانيءَ جا ڳڀا ڪري کارائيندو هو. اصلي ڳالهه ته ضياء شاهه گول ڪري ويو آهي. عمر بن عبدالمناف تي هاشم نالو ڪيئن پيو. هڪ دفعي مڪي ۾ اهڙو ڏڪار پيو جو مڪي جا رهواسي اناج جي داڻي لاءِ سڪن پيا. پنھنجي ڳوٺائين جي اهڙي حالت ڏسي هاشم شام ويو ۽ اُتان سوين مڻ ان کڻائي مڪي پھتو. جن اُٺن تي ان کڻائي آيو هو انھن اُٺن کي ذبح ڪري، انھن جون قيمو ڪرايائين ۽ جيئن ته مڪي جا ماڻھو گهڻي تعداد ۾ بکايل هيا، ان ڪري قيمي ۾ گهڻي رس ڪرائي ان ۾ ماني ڀورا ڀورا ڪري ان جي ڪٽي ٺھرائي، ماڻھن کي کارائيندو رهيو، جتان ان جو نالو هاشم پيو يعني ڀورا ڀورا ڪُٽي ٺاهيندڙ. (ڏسو ڪتاب ”انسان العيون“ جلد۱-ص-۵) هاشم جي قبر، شام ۾ اڄ به موجود آهي.
ضياء شاهه لکي ٿو ته؛ هر جمعي تي لطيف شاهه جو ميلو لڳندو هيو. اُتي نرتڪين جو ناچ ٿيندو هو. هڪ ڏينھن ناچ ڏسڻ جي ارادي سان ميلي ۾ ويم. هڪ نوجوان ناري، ڍولڪ جي تال تي نچندي نچندي مون وٽ آئي. مون وٽ کيس ڏيڻ لاءِ آڌيلي (اڌ رُپيو) کان سواءِ ڪجهه به نه هو. مون کيسي ۾ هٿ وجهي آڌيلو ڪڍي سندس تريءَ تي رکي مٺ بند ڪئيمانس ته هُن به تيستائين مُٺ نه کولي جيستائين آڌيلو صندوق ۾ نه ويو ..... انھيءَ نرتڪي مون کي فيملي لائين جيڪب آباد ۾ موجود پنھنجي گهر جو سرنامو ڏئي چيو ته؛ جڏهن به جيڪب آباد اچو ته مون وٽ ضرور اچجو. (ساروڻي ۲۴۶)
ضياء شاهه جي مٿين هٿرادو ڳالهه پڙهي مون کي طلعت ۽ شمشاد بيگم جو ڳايل ڊوئٽ؛ ملتي هي آنکين دل هُوا ديوانه ڪسي ڪا، ٿو ياد اچي. هڪ نرتڪي جنھن جو ذريعهء معاش، جسماني شاعري/ناچ ڪري پئسا ڏوڪڙ ڪمائڻ هجي، سا آڌيلي تي ايڏو موهجي پئي، جو نه رڳو آڌيلو صندوق ۾ سوغات سمجهي سانڍيائين پر موٽ ۾ گهر اچڻ جي دعوت به ڏئي ٿي! نرتڪيون ايئن آڌيلن تي مرن ته پوءِ عاشقن کي ڇا کپي؟ آڌيون آڌيون ميڙينديون رهن ته پوءِ ميلن ۾ سڄي سڄي رات، ڇيريون وڄائڻ جي کين ڪھڙي ضرورت، جو نچندي سندن جسم به شل ٿي پوندا آهن؟ مون کي اردوءَ جو پھاڪو ياد اچي ٿو؛ گهوڙا گر گهاس سي دوستي ڪري تو ڦر کائي گا ڪيا؟ اها نوجوان نرتڪي، جيڪا ليکڪ ضياء شاهه جي خوابن جو سينگار آهي ۽ ليکڪ ايترو پُراميد آهي ته هو گهر جي چائنٺ تي بيھي سندس انتظار به ڪندي هوندي. عاشق ڪيڏي نه خيالي دنيا ۾ رهي اجايا پھه ٿا پچائين؟ شڪارپور کان جيڪب آباد وڃڻ لاءِ ڪنھن پاسپورٽ ۽ ويزا جي ضرورت هئي ڇا، جو ايڏي مھربان نرتڪي جا ديدار، درشن ۽ ڪچھريءَ لاءِ، ڪھڙا سبب هيا جو ضياء شاهه نه وڃي سگهيو؟ جڏهن ته اها مائي/نرتڪي ايڏي مھربان به هئي! اهڙي ايڊريس ته سنڌ جي هڪ ڄاتل سڃاتل ڪردار محترم ڄام ساقيءَ کي به ڪنھن ميلي ۾ ڪنھن مھربان مائي/نرتڪي ڏني هئي. هي اسان جا اديب ۽ شاعر يا مشھور ماڻھو پاڻ کي لکنؤ جي شاعرن ۽ اديبن سان ڇو ٿا ڀيٽين؟ لکنوي شاعر به هر هر اها ڳالهه لکندا ۽ چوندا ھئا ته مٿن طوائفون ۽ نرتڪيون مرنديون هيون.
ضياء شاهه پنھنجي جيون ڪھاڻيءَ ۾، پنھنجي تعريف ڪرڻ ۾ به وسان ڪونه گهٽايو آهي. لکي ٿو ته؛ لطيف آباد نمبر ۹ ۾ هڪ پناهگير طبيب وٽ بيھي ٿو رهان. هُو يوناني حڪمت ۾ ماهر هيو ۽ غزل گوئي سندس مشغلو هيو. هُو (حڪيم) لکنوي ٻوليءَ ۾ کيڪر ڪندو هو. کيس سنڌين لاءِ غلط فھميون هيون. سنڌين کي هو جنسي طور ڀٽڪيل ڀانئيندو هو. مون سان ڪچھريون ٿيس ته پشيمان ٿيو. چيائين؛ شاهه صاحب مين خود ڀٽڪ گيا ٿا! آپ راهه راست پر لائي هين. ٻولي به دهلوي، لکنوي ۽ بھاري ٿيندي آهي ڇا؟ دهلي، ڪانپور، سلطان پور، لکنؤ، حيدرآباد دکن ۽ صوبه بھار جا سڀئي ماڻھو (اڪثريت)، هندو مسلمان، اردو ڳالھائيندا آهن. سندن ٻولي اردو آهي. البته انھن جو لھجو الڳ الڳ  ٿئي ٿو. ضياء شاهه ته ماشاء الله سندس چوڻ موجب؛ اردوءَ ۾ شاعري به ڪندو هو. ان کي اها خبر ڪانھي ته لکنوي ٻولي نه ٿيندي آهي. اهو لکنوي حڪيم سنڌين کي جنسي طور ڀٽڪيل ڀائيندو هو. ضياء شاهه کيس اهڙي پٽي پڙهائي جو اهو لکنوي حڪيم ضياء شاهه جي گفتگو، دانائي ڏاهپ، فصاحت ۽ بلاغت جو ايترو قائل ٿي ويو جو بي اختيار چئي ڏنائين؛ شاهه صاحب مين خود ڀٽڪ گيا ٿا! آپ راه راست پر لائي هين. ايئن ته کوڙ مھاجر سنڌين جي خلاف زهر رکن ٿا. ضياء شاهه کي اهڙو گر هر هنڌ استعمال ڪرڻ کپي جو مھاجر مجبور ٿي چون؛ اسان ئي ڀٽڪيل هئاسون.
شاهه صاحب اهو تنھنجو قرب آهي جو اسان کي سنئين ۽ سڌي راهه تي وٺي آئين.
سارتر کان پڇيو ويو؛ توهان پنھنجي آتم ڪٿا جو نالو ”الفاظ ڇو رکيو آهي؟ جواب ۾ چيائين؛ لفظ ڳالھائبا آهن. لفظ لکبا آهن. لفظ بار ڪندا آهن. لفظ ذهني  باليدگي آڻيندا آهن. لفظ ذهني تشدد ڪندا آهن. لفظن (ڳالھائڻ) جي ڪري انسان اشرف المخلوقات آهي. سارتر جا اڃا به کوڙ ٻيا الفاظ آهن. اهي وري ڪنھن ٻي ساعت!
يار زنده صحبت باقي.

1 comment:

  1. واھ سائين منھنجا واھ. اميد ته ان علمي ادبي خدمت کي وس سارو جاري رکيو ايندئو.

    ReplyDelete