28/11/2012

نجم عباسي جي فلسفي جي چيرڦاڙ - پروفيسر نذير احمد سومرو


نجم عباسي جي فلسفي جي چيرڦاڙ
پروفيسر نذير احمد سومرو
نجم عباسي
هر انسان ۾ فطري طور نالي، شهرت ۽ نانءُ نيڪي ڪڍرائڻ جي بُک هر وقت ۽ هر عمر ۾ موجود رهي ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ان قسم جي بُک ڪِن ۾ ٿوري ۽ ڪِن ۾ گهڻي ٿئي ٿي. ڪجهه ماڻهو، ان بک جو پورائو ڪرڻ خاطر اهڙيون ته نازيبا حرڪتون ڪندا آهن جو نه رڳو پنهنجي ملڪ ۽ پرڳڻي ۾ مشهور يا بدنام ٿي ويندا آهن پر سندن بدناموسي يا بدنامي، ملڪي سرحدون به ٽپي ٻين ملڪن تائين پهچي ويندي آهي، جنهن کي اردو جي هڪ ضرب المثل شعري سٽ؛ ”بدنام هوئي تو ڪيا نام نه هوگا؟“ وانگر، پنھنجي ”هاڪ“ سمجهندا آهن.
اهڙن نام- ڪٺين يا بدنام ماڻهن جي، هڪ اڻ کُٽ فهرست اسان جي سنڌ سڳوريءَ ۾ موجود آهي. هتي ”خرار مان نموني جي مُٺ“ طور هڪ اڌ مثال، غير ملڪين جي، ڏيڻ تي اڪتفا ڪجي ٿي. انڊيا ۽ برطانيه جي ٻِٽي شهريت رکندڙ، شيطاني ذهن، جنوني ۽ ناقص العقل پر پنهنجي پَرِ ۾ پاڻ کي عقلِ ڪُل سمجهڻ  واري سلمان رشديءَ جو شمار اهڙن نام- ڪٺين يا بدنامِ زمانه ماڻهن ۾ ٿئي ٿو. سندس زندگي، سندس لاءِ ڪيڏي نه ڏکي ٿي وئي آهي جو الله پاڪ جي هيڏي وڏي ۽ وسيع ڌرتي به سندس لاءِ تنگ ۽ سوڙهي ٿي وئي آهي. ايتري تائين جو برطانيه جهڙي ملڪ ۾ به اشتهاري مجرمن وانگر جايون بدلائي لڪندو وتي ٿو. گذريل سال وري جڏهن هندستان ويو ته ڪنهن به ادبي تقريب ۽ مشاعري ۾، ڪوٺ جي باوجود، وڃي نه سگهيو. هڪڙي رات ۾، سواءِ ڪنهن کي ٻڌائڻ جي، ڀوپال مان جهاز رستي، دڳَ مٽائيندو، ڪلڪتي کان ٿيندو، چورن وانگر انڊيا مان ائين ڀڳو جو لنڊن جي هيٿرو هوائي اڏي تي به ساهه پٽڻ جي مهلت ڪونه مليس!
سال ۱۹۶۳ع جي نومبر مهيني جي ڳالهه آهي، لاڙڪاڻي شهر جي وڏي مڇي مارڪيٽ جي ڀرسان، غريب مقام جي ڀر ۾، هڪ اوپري ماڻهوءَ، چوني سان نڪتل گول دائري جي پٽي تي سواءِ ڪنهن وقفي جي ۴۸ ڪلاڪ سائيڪل هلائڻ جو مظاهرو ڪيو هيو. رونشي ڪوڏيا ۽ گهرن کان بي گهر ٿيل واندا ۽ رول ماڻهو، سائيڪل سوار کي ڏسڻ ۽ بيجا داد ڏيڻ لاءِ هر هر ڀڳا بيٺا هوندا هيا. ان مان سائيڪل سوار جو مقصد ڇا هيو؟ سواءِ نالي، نمود ۽ نمائش جي ٻيو ڪجھ به نه. ڀلا سندس ان بي مقصد ڪرتب مان، عوام کي ڪهڙو فائدو هو؟
ايئن لاڙڪاڻي جو شبير سولنگي، مسلمان هوندي به ڪڏهن ڌوتي ۽ جڻيو پائي، تلڪ لڳائي، پيرن ۾ گنگهرو ٻڌي لاڙڪاڻي شهر ۾ گهمندو هيو ته سڀني دڪاندارن ۽ واٽهڙن جي نگاهن جو مرڪز بڻجي پوندو هو. ڌوتي، جڻيو ۽ تلڪ لڳائڻ کان پوءِ به نالو مسلمانن وارو يعني شبير سولنگي سڏرائڻ ۽ چورائڻ پسند ڪندو هو. گهٽ ۾ گهٽ لاهور واري مجذوب فقير لال حُسين وانگر، لفظ ”ماڌو“ جو ته اضافو ڪري ها. شبير ته نه تلڪ لڳائيندا آهن ۽ نه ئي جڻيو پائيندا آهن. هڪ ڏينهن اهڙو به هيو جڏهن شبير سولنگي، تئو ڳچي ۾ پائي شهر ۾ گهميو ته روزانه ڪاوش ”تئو ڳالهائي ٿو“ جو ڪيپشن هڻي، سندس فوٽو شايع ڪيو. ان کان پو شبير سولنگي به ”تئي وارو“ جي لقب سان سڄي سنڌ ۾ سڃاتو ويو. سندس ان عمل سان سنڌين کي ڪهڙو فائدو پيو؟ انسانذات کي ڪهڙو لاڀ حاصل ٿيو؟ ڪيئن؟ آهي نه نالي جي بُک!
اِيئن اڄ جا ”ڪجهه“ سنڌي ليکڪ (شاعري جي نالي ۾ تڪبندي ڪندڙ) پاڻ کي نام- ڪٺيو يا بدنام ڪرڻ خاطر، جيڪي گل پوئي رهيا آهن، سي ڪنهن کان به ڳجها ڪونهن. اهڙن لکندڙن، پنهنجي وسان ڪونه گهاٽيو آهي. مذهب ۽ اخلاق کي، خاص طور، پنهنجي خيالن جي يلغار جي زد ۾ آڻي ٻين جي مٿان ”ٿاڦڻ“ جي ڪوشش ڪئي اٿائون. چڱا ڀلا، ڏسڻا وائسڻا ليکڪ، نوجوانن جي ڪچن ذهنن کي ماديت پرستيءَ وارو سبق ڏئي، سندن ڪردار ۾ هر طرح جي خوبين جي وبا پکيڙي، کين مذهب ۽ اخلاق کان ٻاهر ڪڍي ڌوٻيءَ جو ڪتو بڻائي ڇڏيو اٿائون، جيڪو نه گهر جو نه گهاٽ جو رهيو آهي. بقول ڪنهن شاعر جي؛ ”شاهين ڪو سکاتي هين، پَسنتي ڪيا پرواز“. نتيجي ۾ ڇا ٿو ٿئي؟ مايوس انسان، زندگيءَ جي عظمت جو منڪر ٿي وڃي ٿو ۽ ذهني صلاحيتون به ختم ٿي وڃنس ٿيون.
اخلاقي قدرن کي ڇڏي، جيڪو به دل ۾ اچي سو لکي ڇڏڻ، تخريبي ڳالهين جي تشهير ڪرڻ، هن ڪائنات جي پيدا ڪندڙ سان عداوت رکڻ ۽ ان جي موڪليل نبين ۽ پيغمبرن جي شان ۾ گستاخيءَ وارا جملا چوڻ، لکڻ يا پنهنجي مضمونن ۽ ڪهاڻين ۾ ٽُنبڻ، اسلام کي پنهنجي ذهني مرض جو نشانو بنائڻ، اھا ”انقلابيت“ ڪانهي، پر پاڻ کي نام-ڪٺيو/بدنام ڪرڻ واري ”ذاتي خود غرضي“ آهي. سنسڪرت جي ڪنهن ڏاهي ۽ عالم جا لفظ آهن:
”نائيم اَتما بال، هيني نا لڀيا.“
يعني: ”هڪ بزدل ذهن ڪڏهن به سچ کي ڳولي نه سگهندو.“
خانواهڻ واري، مرحوم ڊاڪٽر نجم کنڀڙي عرف نجم عباسيءَ، سنڌي ادب ۾ خاص ڪري سنڌي ڪهاڻين ۾، مذهبي ڳالهين جي مخالفت ڪرڻ ڪري، گهڻو نالو ڪمايو. ھن سواءِ اسلام جي، ڪنهن به ٻئي مذهب، جھڙوڪ؛ هندو ڌرم، ٻڌ ڌرم ۽ جين ڌرم کي هٿ نه لاتو. اها به اخلاقي تقاضا آهي ته ڪنهن به دين ڌرم کي طنز جو نشانو نه بڻائجي، پر ويچاري نجم عباسيءَ جو زور رڳو اسلامي ڳالهين جي مخالفت تي هيو ۽ هليو. ان جي پس پرده به ڪي نفسياتي سبب ٿي سگهن ٿا.
ڇوڏو“ جي عنوان سان ٽه-ماهي ’مهراڻ‘ ۾ ڇپيل، سندس ڪهاڻي پسند ڪئي وئي، ته هي به ٻانهون ۽ وَرَ کنجي، بظاهر مت جي موڙهيلن جي ڳالهين ۽ اصل ۾ اسلامي ڳالهين جي مخالفت ۾، واڌ آندائين. انٽرويو ڏيڻ وقت به ساڳي ڳالهه جو ورجاءُ ڪندو رهيو. ايئن سنڌي ادب ۾، بلبل هزار داستان بڻجي ويو.
۱۹۷۰ع ۾ ايلين لاسڪيءَ هڪ ڪتابA History of Greek Literature  جي نالي سان لکيو هيو، جنهن ۾ يوناني اديبن جي باري ۾ لکي ٿو ته؛ ”انهن ۾ بلاغت (Rhetoric) ۽ اسراريت (Mystery) جو غلبو زياده هيو. سڀئي اهو چاهيندا هئا ته قدرت طرفان مليل سموريون وصفون ۽ خاصيتون، ليکڪن جي هيرو ۾ شامل هجن.“ (اهو هن ڌرتي تي ناممڪن آهي ته هڪ ماڻهو هڪ ئي وقت سهڻو به هجي ۽ بهادر به هجي، جنگجو به هجي ۽ ڳائڻو به هجي، موسيقار به هجي ۽ سٺو سياستدان به هجي، سٺو ليکڪ به هجي ۽ ايڊيٽر به هجي). يوناني اديبن جي طرز تي بورس پوليوائيءَ جو ڏندڪٿا ٽائيپ ناول A Story of a real man هڪ سچي ماڻهوءَ جي آکاڻيءَ جي نالي سان شايع ٿيو. هن پنهنجي ناول ۾ هڪ ديومالائي قصو، ٻين لفظن ۾ معجزاتي قصو، بيان ڪيو آهي، جنهن ۾ هڪ پنگلي ۽ معذور ماڻهوءَ اليڪسي نالي واري پائليٽ جو، هڪ برفاني علائقي ۾، ڄنگهه ۾ چڪ هڻي، رڇ ماس پٽي کائي ٿو. سندس ڄنگهه ۾ چڪ وجهي، کيس برف جي تهن مان ٻاهر آڻي ڪڍي ٿو. شايد اڳئين جنم ۾ برفاني رڇ اليڪسيءَ جو وفادار مائٽ يا دوست رهيو هوندو، نه ته ڀلا ڪهڙو سبب جو رڇ پهريائين پائليٽ جو ماس پٽي کائي ٿو ۽ پوءِ کيس زندهه ڇڏي ڏي ٿو!
سوال آهي ته هڪ برفاني علائقي ۾ رڇ جي کاڌل معذور پائليٽ جا ڦٽ ڪيئن ڇٽا؟ نه دوا، نه دارون ۽ نه ملم پٽي، ته پوءِ ان زخمي ۽ پنگلي پائليٽ جا زخم ڪيئن ڀريا؟ پنگلي پائليٽ جي جهاز اڏارڻ جي ڳالهه ته اڃا پوئتي آهي. شايد نجم عباسيءَ جهڙا همدرد ۽ رحمدل سوشلسٽ ڊاڪٽر يا يوسف سنڌيءَ جهڙا انسان دوست اديب، فرسٽ ايڊ جا باڪس کنيون، رستا نه هوندي به برفاني علائقي ۾ پهچي ويا هوندا!
مذهبي معجزن جي مخالفت ڪرڻ وارا، محفلن ۾ وڏو وات ڦاڙي، نڙيءَ تي ايڏو زور ڏيندا آهن جو سندن ڳچيءَ جو رڳون به ڦوڪجي نڙ ٿي پونديون آهن. ڦوڪيل رڳن سان اليڪسيءَ جي ڪردار، برف ۾ ڪرڻ، رڇ جي چڪن (ڦٽ ڪيئن ڇٽا، انهي تي بحث ڪو نه ڪندا نه ڪي ڳالهه ڪندا) ۽ ان جي پنگلي پائليٽ جي جهاز اڏائي دشمن تي حملو ڪرڻ جو معجزو بيان ڪندا آهن.
محترم يوسف سنڌي به (جناب ذولفقار علي ڀُٽي، سائين جي ايم سيد، علامه آءِ آءِ قاضي، امر جليل، پليجي صاحب، پير حسام الدين راشديءَ کان وٺي استاد بخاري، نياز همايوني يا ذوالفقار راشديءَ تائين اسان هڙئي سنڌي، ڄڻ افريڪن، اسپيني، بنگالي، چيني، تامل، افغاني ۽ اسرائيلي آهيون. باقي هي ٻه ٽي ماڻهو سنڌي آهن. ڄڻ رهن سنڌ ۽ پاڪستان کان ٻاهر ڪنهن ملڪ ۾ ٿا، جو سنڌي سڏرائڻ تي زور اٿن. بقول ذوالفقار راشدي مرحوم جي ته جيڪو ٿو گهرؤن رُسي سو پاڻ کي سنڌي لکي ۽ سڏائي ٿو( مذڪوره ناول جي هيرو اليڪسيءَ سان نجم عباسيءَ کي ڀيٽ ڏيندي روزاني عبرت ۾ ”ڪالهه هُو اڪيلو هو“ جي عنوان سان هڪ خط نما مضمون لکيو هو، جيڪو پوءِ محترم يوسف سنڌيءَ جي ترتيب ڏنل ڪتاب ”جبل مٿي باهڙي“ (نجم عباسيءَ جا خط) صفحي ۱۷ تي شايع ٿيل آهي.
محترم يوسف سنڌي لکي ٿو ته:
مون کي پتو ڪونهي (ڇو؟ باقي هي رهاڻيون ۽ ڪچهريون ڪنهن سان ڪندو هو؟) ته سندس دل ۾ اهو احساس جاڳيو هيو يا نه!؟ پر ڏٺو وڃي ته اسان کيس وساري ڇڏيو آهي جو هُو بيماريءَ جي جنهن عذاب ۾ گذري پيو، تنهن ۾ اسان ڪڏهن به ڏانهس ٻه گهڙيون سيڙائي نه ويا آهيون...... خود سوچيو ته هڪ ماڻهو جنهن سڄي عمر انقلاب ۽ آزاديءَ لاءِ لکيو هجي. (ڊاڪٽر نجم عباسي انقلاب ۽ آزاديءَ لاءِ ڪهڙا ڪتاب لکيا هئا؟ ڪنهن هڪ اڌ ڪتاب ۽ پبلشر جو نالو؟) سو ماڻهو حيدرآباد ۾ موجود هجي، جنهن وٽ سوشلزم کان سواءِ ٻي ڪنهن ذاتي ملڪيت جو تصور به نه هجي (پاڻ سوشلزم جي واٽ تي ڪيترو عمل پيرا هيو؟) ۽ گذريل ٽن سالن کان اڌ-رنگ جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا هجي، جنهن جو علاج فقط لنڊن ۾ هجي ۽ سڄو ڏينهن اڪيلائپ ۾ گذاري، هفتن جا هفتا ڪنهن جو منهن نه ڏسي، جڏهن ته حيدرآباد/ قاسم آباد جي گهٽي گهٽيءَ ۾ ڪو نه ڪو اديب رهندو هجي، ته ڇا منجهس اڃا زندگي لاءِ تڙپ هوندي؟ منهنجو اهو سوال سڀني کان آهي.
محترم يوسف سنڌي هڪ سوال ۾ ڪيترائي سوال ڪري ويو آهي. سندس سوال جي جواب ۾ عرض ته نجم عباسي ڪهڙي انقلاب لاءِ ڪوشان هيو؟ هن سنڌي قوم کي ڪهڙو نئون منشور ڏنو؟ ايئن ته فيض احمد فيض ۽ حبيب جالب به شعر چيا ۽ احمد نديم قاسميءَ پارن به کوڙ ڪهاڻيون لکيون، جنهن ۾ سوشلزم جي ڳالهه ڪندا هيا. ڇا انهن شعرن ۽ ڪهاڻين سان اسان جي ملڪ ۾ انقلاب اچي ويو هيو، جيڪو نجم عباسيءَ جي لکڻين سان نه اچي سگهيو، جنھنڪري سڄي سنڌي قوم کي ٿا مياردار ڪيو!
يوسف صاحب، توهان لکو ٿا ته ڊاڪٽر نجم عباسيءَ جي بيماريءَ جو علاج ”فقط“ لنڊن ۾ هيو. لفظ ”فقط“ تي ايترو زور ڇو؟ ڪهڙي بيماريءَ جو علاج فقط لنڊن ۾ هيو يا آهي؟ سنڌ جو يگانو شاعر استاد بخاري ته ٻه دفعا علاج لاءِ لنڊن ويو هيو. ڇا استاد بخاريءَ کي بيماري ڇڏي وئي هئي؟ ڇا استاد بخاري لنڊن کان تندرست ٿي ۽ نوبنو ٿي موٽيو هو؟
حيدرآباد ۽ قاسم آباد جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ رهندڙ اديبن کي ڇڏيو. اديب هونءَ ئي مردم بيزار هوندا آهن. سواءِ ڪنهن هڪ اڌ شاعر ۽ اديب جي، باقي سڀني جا حال پورا آهن، ڀلي پوءِ اُهي اردو جا اديب ڇو نه هجن. مڙئي رڍون ٻوٿ ڪاريون آهن. باقي جيستائين نجم عباسيءَ کان عيادت ڪرڻ (عيادت ڪرڻ به نجم عباسيءَ کي وڻندو هيو الائي نه، ڇاڪاڻ ته اها به مذهبي ڳالهه آهي ۽ نجم عباسي ته سنڌي تهذيب ۽ ثقافت تي ٽوڪان ڪيون آهن، جنھن جو بيان اڳتي ٿيندو) جو تعلق آهي ته نجم عباسي سڀني خطن ۾ هر هر اها لٻاڙ هنئي آهي ته هو سنڌيت جو پرچار ڪرڻ ۾ ماهر آهي. سنڌيت بابت واعظ ڪندي، پنهنجي سڄي عمر گهاري ڇڏيائين ۽ بقول نجم عباسي ته هن جي اهڙي واعظ کان سڄي سنڌ جا نوجوان متاثر ٿيا هيا. پوءِ اهي هن جا سڀ مداح ۽ حواري ڪيڏانهن ويا، جو انهن جو هر دلعزيز ليکڪ (ليڊر) مري رهيو هيو، اخبارن ۾ خبرون شايع ٿيڻ کان پوءِ ٻه قدم ڀري، نجم عباسيءَ جو منهن به ڏسڻ ڪو نه آيا؟ ڇو؟!
سنڌيت (جنهن ۾ سنڌي ثقافت ۽ تهذيب پوري طرح شامل آهي) جي پرچار جي دعويٰ ڪندڙ نجم عباسي پنهنجي خط ۱۹۹۰-۱۲-۲۲ ۾ لکي ٿو:
”.....اهڙي طرح اسان وٽ ٻي به هڪڙي رسم آهي ته جڏهن هڪٻئي سان ملندا آهيون ته خوش خير عافيت ڪندا آهيون. چوندا آهيون ته خوش چڱا، ٻار ٻچا، اوڙو پاڙو، ڍڳا ڍور، مال متاءُ، مٽ مائٽ سڀ.... جواب ۾ به دستوري اکر دهرائيندا آهيون. سڀ خير آهي خدا جا شڪرانه. دعائون، رب جي مهرباني...... حالانڪ گهڻين حالتن ۾ ٻنهي طرف ڀينگ هوندي آهي. مان سمجهان ٿو ته اهو دستوري (هي هر هر دستوري ڪٿان آيو؟ نجم صاحب ته ٺيٺ سنڌي لکڻ جو قائل آهي) جملو؛ سڀ خير آهي! اسان سنڌين جي بيحس، بي عمل، سست، ڪاهل، رضا تي راضي رهڻ ۽ ڪوڙي اطمينان ۾ وقت گذارڻ جو هڪ وڏو ۽ خطرناڪ ڪارڻ آهي. اهو حقيقت کان لنوائڻ جو هڪ لاشعوري طريقو آهي.“
حال احوال ڏيڻ وٺڻ ته سنڌ جو اباڻو ورثو آهي ۽ سنڌ جو تهذيبي ۽ ثقافتي اهڃاڻ آهي. ڊاڪٽر نجم عباسيءَ کي ان ۾ الائي ڪهڙي برائي نظر آئي جو لکيو اٿس ته؛ اهو سنڌين جي بي حس ۽ بي عمل هجڻ جي نشاني آهي. حال احوال پڇڻ ۽ جواب ۾ خير خيريت هجڻ وارا لفظ چوڻ ۽ دهرائڻ ۾ ڪهڙي برائي آهي! اهو ڪو ضروري ناهي ته هر هنڌ نجم عباسي جي گهر وانگر ڀينگ ۽ بيماري هجي. يا سنڌ جي هر ڳوٺ، ھر واهڻ ۽ ھر شهر ۾، هڪٻئي کي حال احوال ڏيڻ ۽ وٺڻ وارا، سڃا يا ڀينگيا، مفلس يا نجم عباسي وانگر اڌ-رنگي جا هنيل ۽ سٽيل هجن. هن ۾ طبقاتيءَ ۽ قومي غلامي جو ڪهڙو سوال آھي؟ هي ته سنڌ جا تهذيبي اهڃاڻ آهن. ايتري قدر جو سنڌ ۾ نئين مٽي مائٽي ڪندڙ، پوءِ چاهي هڪ ٻئي جا ويجها مائٽ هجن يا ڌاريا هجن، هڪ ٻئي کان حال احوال پُڇڻ ضروري سمجهندا آهن.
اڃا ته نجم عباسي سنڌ، سنڌين ۽ سنڌي تهذيب جو عاشق هئڻ جو دعويدار آهي، جي نه ته الائي ڇا لکي ها! ٿورو سوچجي ته سنڌ جي اباڻي ورثي تي هيئن جُلهه ته پاڪستان جي پهرئين وزيراعظم به ڪئي هئي، پوءِ نجم عباسي ۽ لياقت علي مرحوم ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ لياقت علي به سنڌين جي ثقافتي ۽ تهذيبي اهڃاڻ جو انڪاري هيو ۽ نجم عباسي به لکي ٿو ته؛ هنن (سنڌين) جي ثقافت به ته ڀينگ آهي. هي نا اهل، بي عمل، سُست ۽ ڪوڙي زندگي گذارڻ جا عادي هوندا آهن! لياقت علي ۽ نجم عباسيءَ جي ڳالھين ۾ رڳو لفظن جو فرق آهي. معنيٰ ۽ مفهوم جي لحاظ کان، ٻنهي جو مقصد ساڳيو آھي، پوءِ نجم عباسي ۽ هُن ڌارئي (مهاجر وزيراعظم) ۾ ڪهڙو فرق؟
اڌ-رنگ جي بيماريءَ مان تنگ ۽ ڪڪ ٿيڻ جي ڪري نجم عباسيءَ جو خيال، بار بار خودڪشي /آتم-هتيا ڏي وڃي ٿو. يوسف سنڌيءَ ڏي، موڪليل هڪ خط ۾ (ڏسو صفحو ۳۳ ڪتاب - جبل مٿي باهڙي)، نجم عباسي لکي ٿو؛ ”.... ته پوءِ اهڙي خودڪشي کي ڇو نه مقصد وارو بڻايو وڃي. مثال طور؛ ڪنهن سنڌ دشمن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏجي، ڪنهن گروهه کي ختم ڪري ڇڏجي.“ اهڙي سٺي، نيڪ يا بامقصد (نجم عباسي چواڻي) ڪم ۾ نجم عباسي ايڏي دير الائي ڇو ڪئي؟ مري ته هونءَ ئي ويو. گهٽ ۾ گهٽ سندس انھي نيڪ ۽ وقتائتي قدم سان سنڌ کي ڪجهه ته لاڀ ملي ها. ساڳئي وقت سندس نالو سنڌ جي شهيدن ۾ به ڳڻيو وڃي ها. پنج ڇهه سال، خوامخواه، لوڙي لوڙي ۽ چُڙي چُڙي مري ويو.
”جبل مٿي باهڙي“ ۾، پنهنجي هڪ خط (ڏسو صفحو نمبر ۲۳) ۾ نجم عباسي لکي ٿو ته؛ ”موت کان مان ٻي طرح ڪو نه ٿو ڊڄان.“ (باقي پهرين طرح الائي ڪيئن ڊڄبو آهي؟) اڳتي لکي ٿو؛ ”صديون گذري ويون جو پاڻ مُلن جي غير سائنسي ڳالهين کي اهميت ڏيڻ ڇڏي ڏني آهي“. )پاڻ الائي ڪيتريون صديون هن ڌرتيءَ تي زندهه رهيو جن بابت ائين لکي ٿو.( جنهن سائنس تي ٽڏندو هيو، ان لاءِ دُنيا جي مڃيل ۽ مشهور ڏاهي برناڊشا چيو هو:
“Science is always wrong, it never solves a problem without creating ten more.”
(ڪير ٿو چوي ته سائنس فائديمند آهي؟ سائنس ته ھڪ مسئلي کي حل ڪرڻ بجاءِ، ويتر ڏھ مسئلا پيدا ڪندي آهي.)
ساڳئي ڪتاب جي ساڳئي صفحي تي، نجم عباسيءَ جي خط ۾ هن ريت لکيل آهي؛ ”ها مان (نجم عباسي) مرڻ لاءِ تيار آهيان. مان مرڻ کان ڪو نه ٿو ڊڄان، پر مان اهڙو موت ٿو چاهيان جنهن ۾ پيڙا نه ٿئي! ترت ۽ آسان هجي.“
هيءَ ڪهڙي بهادري آهي؟! جنهن لاءِ يوسف سنڌي ۽ نجم عباسيءَ جا ٻيا حواري ماڻهن جا ڪن کائين ٿا ۽ چون ٿا ته نجم عباسي وڏو بهادر انسان هو. خودڪشي ته بزدل ۽ گيدي ماڻهو ڪندا آهن، جيڪي زندگي جي حقيقتن کان فرار ٿيڻ چاهيندا آهن. دُنيا ۾ اھڙو ڪهڙو ماڻهو آهي، جيڪو مرڻ لاءِ وتي عام ماڻهن يا دوستن کان پڇندو ته؛ ”ٻيلي رستو ته ٻڌاءِ ته ڪيئن مران؟“
ورهاڱي کان اڳ، هندوستاني رياست رامپور جي رضا انٽر ڪاليج ۾، انگريزيءَ جو ليڪچرار اصغر علي عباسي پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ لڏي ڪراچي آيو، کيس آثارِ قديمه جي کاتي ۾ آفيسر ڪري رکيو ويو هو. ڪجهه سال نوڪري ڪرڻ کان پوءِ، کيس ساڳئي کاتي ۾ ترقي ڏئي اعليٰ عهدو ڏنو ويو. هڪ ڏينهن هُن ڇا ڪيو جو پنهنجي چانهن جي ڪوپ ۾ قاتل زهر وجهي پي ڇڏيائين ۽ اهو زهر ايترو طاقتور هيو جو اصغر علي عباسي اک ڇنڀ ۾ ختم ٿي ويو. ان واقعي جو ڏک وارو پهلو اهو به هيو ته هن اها چانهن پنهنجي پريءَ جهڙي ڌيءَ شهناز کي پياري ڇڏي هئي ۽ ايئن اصغر علي دنيا جي جنجهٽن کان آزاد ٿي ويو. نجم عباسيءَ جي آسان موت واري خواهش تي مون کي هڪ پراڻي ڏٺل انڊين بليڪ اينڊ وائيٽ فلم ياد پوي ٿي، جنهن ۾ ڏيکاريل آهي ته هڪ بادشاهه کي پاڙيسري دشمن ملڪ جي بادشاهه جنگ لاءِ نياپو موڪليو. بادشاهه پنهنجي وزيراعظم کي گهرائي چيو؛ ”جنگ ڪي تياري ڪرو!“ بادشاهه جو حڪم ٻڌڻ سان فلمي وزيراعظم جي چهري تي مايوسي ۽ پريشاني جا پاڇا وڌي آيا. بادشاهه کانئس پڇيو؛ ”ڪيون وزيراعظم! ڪيا موت سي ڊرتي هو؟!“ نجم عباسي وانگر فلمي وزيراعظم ورندي ڏني:
”نهين ظلِ الاهي، موت سي تو نهين ڊرتا! البته قتل هوني سي ڊرتا هون. بس ايسي موت چاهتا هون جو ذرا سهل اور آسان هو.“
”جبل مٿي باهڙي“ جي صفحي ۲۸ تي نجم عباسي علم جي پالوٽ ڪندي، اسان پارن جاهلن ۽ ڏُڏن جي علم ۾ اضافو ڪندي، ”سنڌي سوشلزم“ جو نئون نعرو ڏئي ٿو. ڪاش هن ڪتاب ڇپجڻ وقت مائو، لينن، اسٽالن، خروشچيف، ڪارل مارڪس ۽ چو اين لاءِ پارا ماڻهو زندهه هجن ها ته اُهي روس ۽ چين مان پنهنجا سڀ ڪم ڪار ۽ مصروفيتون ڇڏي، سڌا سنڌ جي شھر خانواهڻ ۾ پهچي، نجم عباسيءَ کي گلن جا هار پارائين ها. (اُهي ناهن ته ڇا ٿي پيو. مڙئي خير آهي. داد ڏيڻ وارا ٻيا به کوڙ آهن!) نجم عباسي واقعي علم جو ڀنڊار ٿو لڳي، ڇاڪاڻ ته سندس خط مان پهريون دفعو خبر پئي ته سوشلزم به، قومن وانگر؛ سنڌي، انگريزي، پشتو، اردو، پنجابي ۽ ڪشميري به ٿيندو آهي.
ماڻهو، پاڻ کي مشهور ڪرڻ لاءِ، ڪيڏا نه جتن ڪري ٿو. لڳي ٿو ته نالي ۽ شهرت جي بک، نجم عباسيءَ جي جسم ۾، ڪنهن لتون ڏئي ڀري هئي، ڇو جو مري وڃڻ کان اڳ، وصيتون ۽ نصيحتون لکي ڇڏي ٿو ته؛ ”قبر سنگ مرمر جي ٻڌرائجو (پونيرن تي اعتبار صفا ڪو نه هيس) ۽ قبر تي تختي (ڪتبو) لڳرائجو ته؛ هن قبر ۾ نجم عباسي پوريل آهي، جنهن فلاڻي تاريخ جنم ورتو ۽ فلاڻي تاريخ موڪلايائين.“ ڊاڪٽر نجم عباسي ته ھي وصيت ڪري وڃي ها: ”سنگ مرمر خريد ڪرڻ تي جيڪو خرچ اچي، سو ڪنهن مستحق غريب کي ڏئي ڇڏجو.“ ان کان علاوه به، نجم عباسيءَ هڪ حيران-ڪن وصيت جو اظهار، ڪاوش فيملي مئگزين جي انٽرويو ۾ ڪيو هو، جنهن جو ذڪر اڳتي ايندو. اهڙي حيران-ڪُن خبر، هڪ ٻئي عباسي يعني تنوير عباسيءَ جي حوالي سان به مشهور ٿي هئي، جنهن ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي چيو ھيو ته؛ سندس مرڻ کان پوءِ، سندس اکيون ڪنهن انڌي کي ڏنيون وڃن. عجيب و غريب وصيتون ڪندڙ ٻئي عباسي ھئا ۽ ٻئي ڊاڪٽر پڻ ھئا. شاعر تنوير عباسي جون اکيون ڪهڙي انڌي کي مليون؟ سندس ڪيل وصيت تي ڪيترو عمل ٿيو؟ اهو به جڳ جهان ڄاڻي ٿو. ڀلا جي اهڙا بيان نه ڏين ته پوءِ ”شهرت“ ڪيئن حاصل ٿئينِ. عام لوڪ ۾ هنن جو نالو وٺي، ”چوپچو“ ڪيئن ٿئي؟
پنهنجي هڪ خط ۾، صفحي نمبر ۷۷ تي، يوسف سنڌيءَ کي نجم عباسي لکي ٿو: ”ڪيترن ورهين کان موت جو سوچي، مان ان ڳالهه کان گهٻرائيندو آهيان ته قبر ۾ وجهي مٿان مَڻَ مٽيءَ جا وجهندا ته مون کي ڏاڍو ٻوسٽ ٿيندو.“ انهن لفظن سان ملندڙ ڳالهه، اردوءَ جي مشهورِ زمانه ليکڪا، عصمت چغتائي به ۱۹۸۰ ۾، لکنئو ريڊئي تي انٽرويو ڏيندي چئي هئي: ”قبر ۾ پورجڻ ۽ مٿان مڻ مٽيءَ جا پوڻ واري خيال اچڻ سان ۽ ڳالهه ڪرڻ سان، مون کي ته هاڻي ٻوسٽ ٿئي ٿو. ان ڪري مان (عصمت چغتائي) اها وصيت ڪري ڇڏي آهي ته مرڻ کان پوءِ لاش کي پوريو نه، پر ساڙيو وڃي.“ عصمت چغتائيءَ جي مرڻ کان پوءِ، واقعي سندس لاش کي ساڙيو ويو. ساڳيو حشر، اردو جي نامياري شاعر ن.م راشد جي لاش سان ڪيو ويو هو. سندس لاش کي، سندس ٻي گهر واريءَ، سندس مٽن ۽ مائٽن، دوستن ۽ احبابن بلڪ ساڳئي شهر لنڊن ۾ رهندڙ، سندس پهرين گهر واريءَ مان ڄايل سندس پٽ جي پهچڻ کان اڳ ئي، گيس جي وڏي آڙاهه ۾ اڇلارائي، ڀسم ڪرائي ڇڏيو هو.
جيستائين ”ٻوسٽ“ ٿيڻ جي ڳالهه آهي، اھو ته زندهه ماڻهن کي ٿيندو آهي. جڏهن ته نجم عباسي پنهنجي ڳالهه جي ترديد ڪندي، خطن واري ڪتاب جي صفحي نمبر ۹۴ تي هڪ خط ۾ لکي ٿو؛ ”موت کان پوءِ اوندهه (ٻوسٽ) جو ڪهڙو ڊپ؟“ يا وري صفحي نمبر ۱۲۰ تي لکي ٿو؛ ”ماڻھو جي موت سان، ماڻھو جو دماغ به مري وڃي ٿو. هن جو روح ۽ جسم به ختم ٿي وڃي ٿو.“ نجم عباسي جي خيال موجب؛ مرڻ کان پوءِ انسان جو دماغ، ذهن ۽ روح سڀ ڪجهه ختم ٿي وڃي ٿو، پو ”ٻوسٽ“ ڇا جو؟ ڪٿي نجم عباسيءَ جي لاشعور ۾، قبر جو پڇاڻو، جيڪو روح کان ٿيڻو آهي ۽ ٻوسٽ به ته روح کي ٿيندو ۽ قيامت ٿيڻ واري يقين هجڻ جو لڪل خوف ته موجود ڪو نه هو؟
يوسف سنڌيءَ جي ڪتاب ”نجم عباسي: فن ۽ شخصيت“ جي صفحي نمبر ۷۱ تي، نجم عباسيءَ جي وصيت شايع ٿيل آهي، جنهن ۾ نجم عباسي وصيت ڪندي (۲۲ سيپٽمبر ۱۹۹۱ع تي) لکي ٿو؛ ”منهنجي لاش کي، منهنجي ڳوٺ خانواهڻ جي اباڻي قبرستان ۾ دفنايو وڃي.“ چار پنج سال بعد، ساڳيو نجم عباسي، ڪاوش فيملي ميگزين کي انٽرويو ڏيندي چوي ٿو: ”منهنجي لاش کي ساڙيو وڃي!“ اهي اکر، ڪاوش فيملي ميگزين جي، نجم عباسيءَ جي انٽرويو واري صفحي تي، مٿان ئي مٿان، وڏن اکرن ۾ شايع ٿيل آهن. ايڏو تضاد ڇو؟ اڄ هڪڙي ڳالهه ۽ سڀاڻي ٻي ڳالهه. اهڙا ڦِرڻا گهرڻا ماڻهو ته، ڦِرڻي گهرڻي طبيعت سبب، بي اعتبارا سڏبا آهن.
”نجم عباسي: فن ۽ شخصيت“ جي آخري صفحي تي يوسف سنڌي صاحب، نجم عباسيءَ کي قومي ڪهاڻيڪار، بي باڪ ۽ بي ڊپو، سنڌ جو عظيم ليکڪ ۽ جرئتمند جهڙا لقب القاب ڏئي ٿو. مرحوم نجم عباسي ڪيترو بي ڊپو ۽ سنڌ جو عظيم ليکڪ هيو. ان جي لاءِ پنهنجي راءِ ڏيڻ بدران، آ نجم عباسيءَ جا اکر دهرايان ٿو ته نجم عباسيءَ جي بي ڊپائي ظاهر ٿي پوندي. مذڪوره ڪتاب جي صفحي نمبر ۵۲ تي، ”جيڪي بنگال سان ٿيو“ ڪتاب جي باري ۾، لکي ٿو:
ع غ سنڌي، منهنجو پاڙيسري ۽ دوست هيو. ٻه ٽي دفعا مون وٽ آيو ۽ ان ڪتاب جي باري ۾ ڊيڄاريائين. خبر ناهي هن کي پليجي سان ڪو وير پاڙڻو هيو يا ڪا ڳالهه هئي. مان نيٺ ’ڀاڙيو‘ ٿي پيس ۽ پليجي کي وڃي منٿ ڪيم ته ان ڪتاب تي منهنجو نالو ’نه‘ لک. هن گهڻي ئي خاطري ڏني ته ڪجهه نه ٿيندو پر مان سچ پچ ’ڊڄي ويو‘ هيس.“
نجم عباسي، پنهنجي لطيف آباد واري گهر جي لٽجڻ بابت، مذڪوره ڪتاب ۾ آندل هڪ خط اندر، يوسف سنڌيءَ کي لکي ٿو؛ ”ورهين کان پئي لکندو آيس ته انقلاب بندوق جي ناليءَ مان ايندو آهي. (سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته فقير نيت چڱي ڌار). حال ته بندوق جي ناليءَ سان پنهنجي گهر مان تڙيو ويس (جهڙي نيت، تهڙي مراد).“ نجم عباسيءَ کي خبر ڪا نه هئي ته عراق ۾، شاهه فاروق جو تختو اونڌو ڪرڻ واري ڪرنل نجيب سان، ڪرنل جمال عبدالناصر ڪهڙو حشر ڪيو؟ افغانستان ۾ ظاهر شاهه جي سڳي سالي جنرل دائود جو انقلاب آڻڻ کان پوءِ ڪهڙو حساب ڪتاب ٿيو؟ ڪلاشنڪوف ٺاهڻ واري جو موت ڪيئن ٿيو؟ ڪلاشنڪوف جي دل ڏاريندڙ ۽ هنيانءُ ڦاڙيندڙ آوازن، جتي عام بيگناهه ماڻهن کي يرغمال ۽ قتل ڪيو، اتي ساڳي ڪلاشنڪوف، پنهنجي ٺاهيندڙ کي به هڪ ڏينهن اهڙو شڪار ڪيو جو هن جي جسم جا هزارين ٽڪڙا اڏري ڀتين سان چنبڙي بيٺا هئا. هيءَ دنيا مڪافاتِ عمل جو ميدان آهي. ان ڪري قرآن پاڪ ۾ ارشاد آهي:
”فاعتبرو يا اولي الابصار“ يعني: ”پو اکين وارا! عبرت حاصل ڪريو.“
”نجم عباسي: فن ۽ شخصيت“ جي صفحي نمبر ۶۴ تي يوسف سنڌي لکي ٿو:
”نجم عباسيءَ جو پنهنجن پڙهندڙن سان خطن ذريعي گهرو لاڳاپو هوندو هو. هو ٺٽي جي ڊي ايڇ او جي پٽيوالي سومار سمون جي لکيل آڏن ڦڏن خطن (اڇا! اڄ خبر پئي ته خط به آڏا ڦڏا ٿيندا آهن، ڇاڪاڻ ته هن وقت تائين آڏا ڦڏا اکر ۽ سوال ٻڌا هئاسين) جا جواب ڏيندو هو، ته کور واهه جي نوجوان خادم حسين کي به خطن جا جواب ڏيندو هو. سندس اهڙن خطن جو تعداد هزارن ۾ آهي.“ هيءَ ڪهڙي ڳالهه آهي ته نجم عباسي عام ماڻهن جي خطن جا جواب ڏيندو هو. ايئن ته جناب ذوالفقار علي ڀٽو، سائين جي ايم سيد، رئيس ڪريم بخش نظاماڻي، پير حسام الدين راشدي ۽ استاد بخاري به خطن جا جواب ڏيندا هئا. جناب ذوالفقار علي ڀُٽي ۽ سائين جي ايم سيد کان عام ماڻهو خطن ۾ عجيب نموني جا سوال پڇندا هئا. اڄ به اردو ۽ سنڌي جا شاعر ۽ اديب ماڻهن جي خطن جا جواب ڏيندا آهن. نجم عباسي ڪو هڪڙو ته ڪونه هيو، جيڪو عام ماڻهوءَ کي خطن جا جواب ڏيندو هو. جيڪا ڳالهه يوسف سنڌي، نجم عباسي جي حوالي سان ڪتاب ۾ لکي آهي. جناب ذوالفقار علي ڀُٽي جي ڪراچي واري رهائشي گهر، ۷۰ ڪلفٽن ۾، کوڙ فائيل ڀريا پيا آهن. عام ماڻهن وٽ، جناب ذوالفقار علي ڀُٽي، سائين جي ايم سيد ۽ استاد بخاري يا ٻين ڪيترن اديبن ۽ شاعرن، ليکڪن ۽ سياستدانن جا خط سانڍيا پيا آهن. استاد بخاري ته هر روز اٽڪل اڌ ڊزن خطن جا جواب لکندو هيو، جنهن جو اکين ڏٺو شاهد مان پاڻ آهيان يا اهي ماڻهو، جن وٽ استاد بخاري اڪيڊمي دادو جا خط سانڍيل آهن. وڌيڪ ثبوت اهو آهي جو استاد بخاري جي فرزند ڊاڪٽر الطاف احمد شاهه بخاري اخبارن ذريعي اعلان ڪيو هو ته؛ جن وٽ استاد بخاري جا خط آهن، سي مهرباني ڪري انهن جا فوٽو اسٽيٽ (يا نقل) استاد بخاري اڪيڊمي ڏانهن ڏياري موڪلين ته جيئن، انهن خطن تي مشتمل ڪتاب ڇپائي سگهجي. اهڙا سوين خط ذوالفقار راشدي جي حويلي ۾ پيا آهن، جيڪي سندس فرزند سيد عبدالحي شاهه راشدي ترتيب ڏئي رکيا آهن. پير حسام الدين راشدي جي پونئير سائين حسين شاهه راشديءَ[1] وٽ ايترا خط پيا آهن، جو انهن جي سنڀال ڪرڻ به هنن لاءِ مشڪل آهي.
جبل مٿي باهڙي“ جي صفحي نمبر ۸۰ تي نجم عباسي لکي ٿو؛ ”اهڙي طرح اسان جي ڌرتي جي هڪ ڌرمي اڳواڻَ سوشلزم جو پهريون تصور ڏنو. اهائي گوتم ٻڌ جي عظمت آهي. نجم عباسي ته ڌرم (مذهب) جي سڄي عمر خلاف رهيو، پوءِ گوتم ٻڌ هن جو ڌرمي اڳواڻ ڪيئن بڻيو؟ نه وري نجم عباسي ”ٻڌ“ هيو، جو گوتم ٻڌ کي ”اسان جو ڌرمي اڳواڻ“ ڪري لکيو آهي. نجم عباسي ته پاڻ کي سنڌي سڏرائڻ جو دعويدار هيو. پراڻيءَ سنڌ جون جاگرافيائي سرحدون ته وڌ ۾ وڌ ڪشمير ۽ ڪاٺياواڙ رياست تائين هيون. گوتم ٻڌ ته صوبي بهار جي هڪ شهر ”گيا“ جو ڄايو هيو. گيا شهر ۾ ڪپل وسطو پاڙي ۾، اهو بڙ جو وڻ اڃا تائين بيٺو آهي، جنهن جي هيٺان گوتم ٻڌ ويهي عبادت ڪندو هو. اهو وڻ هاڻي ايڪڙن ۾ وڌي چڪو آهي. ان حالت ۾ گوتم ٻڌ اسان جي ڌرتيءَ (سنڌ) جو ڪيئن ٿيو؟ ثبوت لاءِ ڏسو انسائيڪلوپيڊيا آف برٽينيڪا جو جلد چوٿون، جنهن ۾ صاف لکيل آهي ته:
Buddhism is the religion of followers of Gotum Buddha, which formerly cover a large area in India and is still spread widely in Ceylon, Burma, Siam, China & Japan. It arose on 6th century B.C as an offshoot of prevailing Hindu religion of North India i.e. “Bihar” of west Bengal.
گوتم ٻڌ ته سڄي زندگيءَ ۾ سوشلزم جي ڳالهه ئي نه ڪئي ۽ نه سوشلزم جو نعرو هنيو هو. نبي، رسول، پيغمبر ۽ اوتار، انسانن جي برابري جا قائل هوندا آهن. ايئن گوتم ٻڌ به انسانن جي برابريءَ جو قائل ۽ بي ضرر انسان هو.
”نجم عباسي: فن ۽ شخصيت“ ۾ محترم يوسف سنڌي لکي ٿو: ”.... پاڻ (نجم عباسي) ڪافي غير سنڌي لفظن جا سنڌي نعم البدل به ڳوليائين ۽ استعمال به ڪيائين. جهڙوڪ؛ لائوڊ اسپيڪر (گونجارو)، رسيور (جهٽڻو)، ٿرماميٽر (تپ تپاسڻو)، ٽيليفون نمبر (پريان ڳالهائڻو انگ)، شهيد (سدا حيات)، ائش ٽري (رک-وَٽي)، ٽيليويزن (ڏور ڏسڻي) وغيره شامل آهن.“
هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته نجم عباسي مختلف شين لاءِ جيڪي نعم البدل الفاظ چونديا آهن، تن جي معنى يا مفهوم ڇا آهي. مثال طور؛ ٽيليفون نمبر، جنهن لاءِ نجم عباسي لکي ٿو ”پريان ڳالهائڻو انگ“، ڇا ٽيليفون نمبر صرف هڪڙو انگ هوندو آهي؟ ٽِي اينڊ ٽِي کاتي طرفان مليل فون نمبر جو ھڪ انگ هوندو آهي؟ اھو نمبر ته وڌيڪ انگن تي مشتمل هوندو آهي، پوءِ هڪ انگ ڪيئن ٿيو؟ ڇا موبائل فون جي نمبر ۾ صرف هڪ انگ هوندو آهي. پريان ڳالهائڻو انگ معنى؛ جيڪو پريان ڳالهائي، ان جو انگ! ۽ شهيد جي بجاءِ سدا حيات لفظ استعمال ڪيو اٿس. سنڌيءَ ۾ اسان وٽ سدا حيات جي بجاءِ مرحيات چيو ويندو آهي. نجم عباسي جڏهن اسلام ۾ يقين نه رکندو هو، پوءِ شهيد لفظ ته عربي آهي، جنهن جي معنى آهي واقعي جو اکين ڏٺو شاهد. اهو به قرآن پاڪ ٻڌائي ٿو ته شهيد زندهه آهن ۽ قرآن پاڪ تي ته نجم عباسي اعتبار ۽ ايمان يا يقين ئي نه رکندو هو. فون جي رسيور لاءِ لفظ استعمال ڪيو اٿائين جهٽڻو. جهٽڻو ته سنڌي ٻولي ۾ خراب معنى ۾ استعمال ٿيندو آهي. جهٽ هڻڻ معنى ڦرڻ، تڳائڻ، چوري ڪيل ڪا شي يا ڳالهه لڪائڻ/ تڳائڻ. مثال طور؛ ضلعي دادو جي هڪ سماجي نقاد ۽ شاعر، دادن فقير به، جهٽڻ لفظ پنهنجي هڪ شعر ۾ استعمال ڪيو آهي. دادن فقير چوي ٿو:
ڪيان ٿو فون محبوب ڏي، ڪو جهٽي نه وٺي،
متان ڪو  رقيب، ان  لائين کي  ڪٽي نه وٺي.
نجم عباسي ٽي وي لاءِ، لفظ ڏور ڏسڻي استعمال ڪري ٿو. واهه ڙي نجم عباسي واهه! واقعي تون گهر ۾ در دريون بند ڪري ويهي، ڪهاڻيون لکندو يا گهڙيندو هئين! ٽي ويءَ کي ”دور درشن“ ته هندوستان وارا ۱۹۶۲ع کان چوندا پيا اچن ۽ اڃا تائين انهن جي چينل جو نالو ”دور درشن“ آهي. نجم عباسي، نقل ڪرڻ جو وڏو ماهر آهي. ”دور درشن“ جو سنئون سڌو ۽ لَس ترجمو ”ڏور ڏسڻي“ ڪري ڇڏيائين.
سنڌي ٻولي ۾ ته ٻين کوڙ شين جا انگريزي نالا آهن. مثال طور: سئنيما، ڊرامو، ناول، گلاس، ٽڪيٽ، پليٽ فارم، فِرج، ريل، ٽرين، بس، لاري، پاس (امتحان پاس ڪرڻ) ۽ ٽيليفون وغيرھ. انهن کي ڀلا، انهن مروج لفظن ۽ نالن کان سواءِ ڇا چئون؟ انهن نالن/لفظن جا متبادل، نجم عباسي ڇونه ڳوليا ۽ لکيا؟ هروڀرو جدت/نواڻ جي آڙ ۾ مروج ۽ آسان لفظن کي بگاڙي لکڻ، سنڌ ۽ سنڌين جي ڪهڙي خدمت آهي؟
سال ۱۹۷۸ع جي ڳالهه آهي. دادو شهر جي هڪ شاعر ۽ ان وقت پرائمري استاد، هاڻي پي ٽي وي پروڊيوسر اطهر منگيءَ حيدرآباد مان نڪرندڙ هڪ رسالي ”هلچل“ کي خط لکي ايڊيٽر کي”ڀائل“ ڪري لکيو هو، جنهن تي ايڊيٽر جواب ڏنو هيس؛ ايڏا به جدت پسند نه ٿيو. سنڌيءَ ۾ ڀائو ته استعمال ٿيندي ٻڌو آهي. هِي ”ڀائل“ لفظ ڪٿان آندو اٿئي؟
هڪ طرف نجم عباسي نج پج ۽ ٺيٺ سنڌي لفظن جو ڳولائو ۽ استعمال ڪرڻ جو دعويدار آهي ۽ ٻئي طرف لکي ٿو: ”.... مان ادب ۾ نئين صنف ’مڪالمو‘ جي شروعات ڪري رهيو آهيان يا گهٽ ۾ گهٽ ان صنف جي نالي کي جنم ڏنو اٿم. اهو نالو ذهن ۾ رکڻ سان مون کي پڪ آهي ته ليکڪ جي لکڻيءَ ۾ نئون ڦير ايندو.“ (ڏسو: ”نجم عباسي: فن ۽ شخصيت“، صفحو ۳۸)
مڪالمو لفظ ته اردو جو آهي، جيڪو عربيءَ مان ورتل آهي. اتي نواڻ ۽ سنڌيت ڪاڏي وئي؟ وري ساڳئي ڪتاب جي صفحي نمبر ۳۶ تي لکي ٿو: ”.... ڄڻ  ته مون ذهن جو سمورو بار يا گهٽ ۾ گهٽ وڏو بار ڪاغذن تي اوتي ڇڏيو آهي.“ سوال آهي ته ”بار“ به ”اوتبو“ آهي ڇا؟ بار ته لاهبو آهي، بار ته گهٽ ڪبو آهي. اوتبو گهڙي/مَٽ/دلي مان پاڻي آهي يا ڪنهن هڪ ٿانءَ مان ٻئي ٿانءَ ۾ کير اوتبو آهي، نَه ڪ ”بار“، جيئن نجم عباسي لکيو هو. هيءَ اسان جي سنڌي اديب نجم عباسيءَ جي سنڌي ٻوليءَ تي دسترس آهي!
مذڪوره ڪتاب جي ۶۹ صفحي تي، محترم يوسف سنڌيءَ سوال پڇيو آهي: ”جيڪڏهن نجم عباسيءَ جون ڪهاڻيون، ڪچو مال آهن يا رپورٽنگ آهن ته پوءِ هن جون ڪهاڻيون ايڏي چاهه سان ڇو پڙهيون وينديون هيون؟ .... سندس ڪتابن جا ڪيترائي ڇاپا نڪرندا هئا؟ نهايت تيزيءَ سان، پبلشر سندس ڪتاب ڇو ڇپرائيندا هئا؟“ ايترن پُڇيل سوالن جي جواب ۾ عرض ته؛ ايئن ته جاسوسي ڊائجسٽ به تيزيءَ سان وڪرو ٿيندا آهن ۽ جنسي ڪتاب به ڌڙا ڌڙ خريد ڪيا ۽ پڙهيا ويندا آهن. پوءِ ان لاءِ ڇا چئجي؟
ڪاوش ميگزين طرفان پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ نجم عباسيءَ وراڻيو: ”ذهني سطح، ننڍي هوندي کان ئي سيڪيولر هئي ۽ ويتر ڪتابن پڙهڻ سان وڌيڪ شعور آيو.“ سيڪيولر ذهن وارا ماڻهو ته بي ضرر هوندا آهن. هُو هر ڪنهن جي مذهب ۽ فرقي جو دلي احترام ڪندا آهن. نجم عباسي اهڙي قسم جو سيڪيولر آهي جو سندس تنقيد جي تانَ ڦري گهري سندس مامي مرحوم الله بخش عرف سهڻا سائين ۽ ان جي فرزند محمد طاهر عرف سڄڻ سائين تي وڃي ٿي ٽُٽي. يا سندن روحاني مرشد خواجه محمد عبدالغفار عرف پير مٺا تي ۽ بس، جنهن لاءِ يوسف سنڌي فرمائي ٿو: ”سندس (نجم عباسي جو) مامو هڪ ڪٽر مذهبي خيالن وارو، هڪ پنجابي پير جو مُريد هو.“ ان کي سولي سنڌي ۾ چوندا آهن؛ ”ڏاچي هڻي ڏهه ته توڏي هڻي تيرنهن.“ يوسف سنڌي ته نجم عباسي جي مامي مرحوم الله بخش سان مليو ئي ڪونه هو. ان کي ڏٺو ئي ڪونه هئائين. اهو کيس ڪٽر مذهبي ڪيئن نظر آيو يا محسوس ٿيو؟ نه ئي مرحوم الله بخش جو مُرشد پنجابي هو. هو ته سرائيڪي مادري زبان رکندڙ هو ۽ مذهبي واعظ به سرائيڪي زبان ۾ ڪندو هو. هن جي مزار لاڙڪاڻي جي رحمت پور پاڙي ۾ آهي. يوسف سنڌيءَ کي اها خبر ڪٿان حاصل ٿي ته هو پنجابي هو. پنجابي هجڻ ڪو ڏوهه ڪونهي. ايئن ته فيض احمد فيض، حبيب جالب، احمد نديم قاسمي، ڊاڪٽر مُبشر ۽ ٻيا کوڙ سارا سوشلسٽ پنجابي آهن، پوءِ نجم عباسي ذاتي ڪچهرين ۾ انهن جي ساراهه ڇو ڪندو هو؟ ڪٽر ۽ تنگ نظر ته نجم عباسي هو، ڇو جو هُو اسلام ۽ مذهبي ڪتابن تي جرح ڪندو هو. هيءَ ڪهڙي ترقي پسندي آهي؟ جو پنهنجا هٿرادو ۽ جُڙتو نظريا، ڪچن ذهنن کي ڪمزور ڪندڙ خيال، ٻين جي مٿان ٿاڦيو ۽ مڙهيو!“ يوسف سنڌي جي ڳالهه کڻي مڃئون به، ته نجم عباسيءَ جي مامي جو مرشد پنجابي هو، ته پوءِ لينن، ڪارل مارڪس، مائوزي تنگ ۽ چو اين لاءِ، جن تي نجم عباسي ڪلمه پڙهيا آهن، سي ڪهڙا سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن جھڙوڪ؛ رپڙي، جهول، ڳڙهي، سن، سانگهڙ، مانجهند، ملان ڪاتيار، ٽلٽي ۽ جهڏي جا رهندڙ هئا؟ جيڪڏھن مامنھس جو مُرشد ڪٽرپڻي وارو ۽ ڌاريو (پنجابي) هيو ته سندس پيشوا به ته غير سنڌي، اوپرا ۽ ڌاريا هئا، جن پنهنجي سڄي زندگيءَ ۾ سنڌ جو نالو به ڪونه ورتو هو، جن جي اڳيان مذهب جو نالو کڻڻ به ڀولي کي کل ڏيکارڻ برابر هيو. ڇا اهو هنن جو ڪٽرپڻو نه هيو؟ جڏهن ته زماني جي آخري نبي حضرت محمد ﷺ جن پنهنجي زندگيءَ ۾ سنڌ جو نالو ورتو ۽ سنڌ ڏانهن منهن ڪري ويهندا هئا. نجم عباسي ته ڪڏهن به آخري زماني جي نبي ڪريم ﷺ جو، ڪنهن به حوالي سان، نالو ڪونه ورتو هو! اڄ به اقوامِ متحده جي مکيه دروازي تي جيڪو منشور لکيل آهي، سو نبي ڪريم صلعم جي آخري خطبي جو هوبهو ترجمو آهي.
نجم عباسي ته پاڻ کي سوشلسٽ سمجهندو هو. مذهب کان جيترو بيزار ۽ بگان هيو، اهو ته سندس لکڻين مان صاف ظاهر آهي. کانئس وڌيڪ سوشلسٽ، اردو جو مشهور رائيٽر، مرحوم سبط حسن هو. انجمن ترقي پسند مصنفين طرفان مارچ ۱۹۸۶ع دوران، ڪراچي ۾ هڪ گولڊن جوبلي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي هئي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ هندستان جا وڏا سوشلسٽ شريڪ ٿيا ھيا، جن ۾ سنڌي سوشلسٽ سوڀو گيانچنداڻي، جمال ابڙو ۽ ابراهيم جويو به هيا. آخري اجلاس ۾، جڏهن هن خطي جي خاص مذهب اسلام تي جرح ڪئي وئي ۽ جرح ڪندڙ مشهور مارڪسي ليکڪ عبدالله ملڪ هيو، تڏهن سيد سبط حسن اسٽيج تي آيو ۽ چيائين؛ ”مان بنيادي طور تي مارڪسي خيالن وارو يعني پڪو مارڪسٽ آهيان. مون هن ئي شهر ڪراچي ۾ ڪارل مارڪس جي زندگي تي ڪتابچو به ڇپائي پڌرو ڪيو هو، پر هتي اچي ڳالهائيندڙن طرفان عجيب ۽ غريب ڳالهيون ٻڌي ڏک ٿيو اٿم.“ سبط حسن، پنهنجي هم خيال دوست عبدالله ملڪ جي مقالي جي مخالفت ڪندي چيو: ”مارڪسزم يا سوشلزم ڪو يورپ يا تيسري دنيا ۾ تقسيم نهين ڪر سڪتي. مارڪسزم اور سوشلزم تو ايڪ هي هي. (پر نجم عباسي ته چوي ٿو؛ سنڌي سوشلزم به ٿيندو آهي.) اسلام مساوات اور انصاف پسند مذهب هي. اس مين حريت پرست الاهيات ڪي ارتقا ڪي زبردست گنجائش هي. صوفيا ڪرام ني، اسلام عوام ڪي محاوري ۾ پيش ڪيا ٿا. صوفيا ني، مقامي روايتون ڪا احترام ڪر ڪي عوام ڪي دلون ڪو جيت ليا تها. (پر نجم عباسي ته چوي ٿو؛ ٻيڙي ته صوفين ٻوڙي آھي!) (ڏسو هفتيوار بليٽن ممبئي، اپريل، ٻيو هفتو ۱۹۶۸ع ۽ طلوع افڪار ڪراچي جو انجمن ترقي پسند مصنفين جو گولڊن جوبلي نمبر مارچ ۱۹۸۸ع).
مذڪوره ڪتاب جي صفحي نمبر ۵۸ تي راڌڻ شهر سان تعلق رکندڙ هڪ نوجوان جو هٿرادو ۽ فرضي قصو بيان ڪيو ويو آهي. نجم عباسي جو ڪتاب ”ڏٺم، اڻ ڏٺل“ پڙهڻ ڪري، سندس مامي کي دانهن ۽ شڪايت ملي ته هي نوجوان نجم عباسي جا ڪتاب پڙهي منڪر/ڪافر ٿي ويو آهي، ان ڪري هن کي نئين سر مسلمان بڻائي پوءِ ان جو نڪاح پڙهايو وڃي. آخر هن ڇوڪري کي توبهن ڪرائي، ڪلمو پڙهائي ۽ نئين سر مسلمان ڪيو ويو. تڏهن مس وڃي هن جو نڪاح پيو ۽ شادي ٿي.“
هن ”زٽ“ جو ثبوت اهو آهي ته راڌڻ جي ان نوجوان جو، نه ته نالو لکيو ويو آهي ۽ نه ئي قوم. نه ئي وري ان جي والدين جا نالا لکيا ويا آهن. نڪاح اهڙو عمل آهي، جنهن ۾ گهوٽ ۽ ڪنوار جا پيئر ۽ انهن جي گهراڻن جا چند فرد، دوست احباب ۽ پاڙي وارا موجود هوندا آهن. جڏهن مون راڌڻ جي چند معززين کان، ڊاڪٽر نجم عباسي جي ان ”زٽ“ بابت پڇيو ته سڀني لاعلمي جو اظهار ڪيو. صاف صاف چيائون؛ ”اهو ايڏو وڏو واقعو آهي جو ان جي گونج اڃا تائين ٻڌڻ ۾ اچي ها! ته ڪنهن مسلمان ڇوڪري کي وري مسلمان ڪيو ويو!“ راڌڻ شهر ڪو ننڍڙو ڳوٺ يا گهٽ آدمشماري وارو شهر ڪونهي، جنهن ۾ اها ڳالهه لڪي وڃي ها.
منهنجون بهترين ڪهاڻيون“ جي نالي سان نجم عباسيءَ جي چند ڪهاڻين جو هڪ ڪتاب شايع ٿيل آهي، جنهن لاءِ يوسف سنڌي لکي ٿو: ”ان لحاظ کان نجم عباسي سنڌي ٻولي جو پهريون ڪهاڻيڪار آهي، جنهن پنهنجون ڪهاڻيون، پاڻ چونڊي پسند ڪيون.“ ان جي معنى اها ٿي ته ان ڪتاب ۾ آيل/شايع ٿيل ڪهاڻين کان سواءِ باقي نجم جون سڀئي ڪهاڻيون ”بدترين“ (بهترين جو ضد) آهن، ڇو جو ليکڪ پاڻ ئي چوي ٿو ته اهي ئي سندس بهترين لکيل ڪهاڻيون آهن. ليکڪ پاڻ لکي ۽ چوي ٿو؛ منهنجون فلاڻيون شيون بهترين آهن!
سال ۱۹۸۰ع واري ڏهاڪي جي شروعاتي سالن (۱۹۸۴ع) ۾ اردو جي فڪشن رائيٽرز ۾ نمايان جاءِ والاريندڙ، انڊيا واري قرت العين حيدر[2] ڪراچي آئي ته ڪجهه اردو اديبن، سيڙجي ساڻس ملاقات ڪري کيس چيو: ”اسان توهان جي اعزاز ۾ ڪو پروگرام ڪرڻ ٿا چاهيون، مهرباني ڪري وقت ڏيو.“ خبر آ ته قرت العين حيدر اردو اديبن کي ڪهڙو جواب ڏنو؟ هن چينِ: ”مان اٽڪل ۲۵ سالن کان پوءِ پاڪستان ۾ رڳو پنهنجي مٽن مائٽن سان ملڻ آئي آهيان. انهن ۲۵ سالن ۾ توهان پاڪستاني اردو اديبن جو الئي ڪهڙو انتقام مون ڏي رهيل هو جو، منهنجي سڀني افسانن مان چند افسانه چونڊي ڪتاب ڇپرائي به ڇڏيوَ ۽ نالو رکيو اٿوَس ”قرت العين حيدر جا بهترين افسانه“! ان جو مطلب اهو آهي ته منهنجا باقي افسانه، ان لائق ئي ڪونهن جو انهن کي ”بهترين“ چئي سگهجي. اهي ردي جي ٽوڪري جو مال آهن؟“
قرة العين حيدر جي اعتراض سان ملندڙ جلندڙ جواب، جڳ مشهور ليکڪا ۽ شاعره، امرتا پريتم به ان لاهوري پاڪستاني پبلشر کي ڏنو هو، جيڪو خاص طور تي سيڙجي انڊيا ويو هيو ته اتان جي ليکڪن کان اجازت نامو وٺي سندن ڪتابن جا پاڪستاني ايڊيشن شايع ڪرائي. هو جڏهن دهليءَ ۾ امرتا پريتم[3] سان مليو ۽ پنهنجي خواهش/تمنا بيان ڪيائين ته امرتا پريتم تپي باهه ٿيندي چيس؛ ”تم سب پبلشر ڪا ستيا ناس هو. تم ني ميري اڇي ڀلي ڪهانيون ڪا ستيا ناس ڪرديا. چند ڪهانيون پر مشتمل ايڪ ڪتاب شايع ڪر ڪي، اس ڪا نام ديا هي ”امرتا پريتم ڪي بهترين ڪهانيان“! يه ڪيا بڪواس هئي! اس ڪا مطلب هي ڪي ميري دوسري ڪهانيان بيڪار، بدترين اور پڙهني ڪي لائق نهين هين!“ هتي ته نجم عباسي، پنهنجي ڪهاڻين کي پاڻ نمبر ڏئي ويو ”هڪڙيون بهترين، باقي بدترين.“
نجم عباسي ۱۹۵۳ ۾ سرڪاري نوڪري ۾ گهڙيو. خير سان لاڙڪاڻي ۾ به پير گهمائي (نوڪري ڪري) ويو. ۱۹۵۸ع ڌاري، سرڪاري نوڪريءَ تان استعيفا ڏئي، خانگي طور پريڪٽس ڪرڻ لڳو. سرڪاري نوڪري ڇڏي، پرائيوٽ (خانگي) اسپتال يا ڪلينڪ هلائڻ جي پس منظر ۾ ڪهڙا ڪارڻ هئا؟ عام ماڻهن جي خدمت يا پيسي ڏوڪڙ ۾ موهه، لالچ ۽ لوڀ؟ سرڪاري اسپتالن ۾ نوڪري ڪرڻ سان عام ماڻهو جي وڌيڪ خدمت ڪري سگهجي ٿي. ڇاڪاڻ ته اُتي عام ماڻهن کي دوائون ته ڇا ويتر رهڙون، ڇٻيون ۽ يڇيون ملنديون آهن. نجم عباسي ته ڊاڪٽر هيو. ان کي ان زماني ۾ به خبر هوندي ته اسپتالن جو حال ڪهڙو آهي. خانگي اسپتالون ۽ ڪلينڪ ته ڪمائيءَ جو ذريعو هونديون آهن. نجم عباسيءَ کي دل ۾ وڏو قومي درد هو. قوم جو احساس رکڻ وارا ته سرڪاري اسپتال ۾ نوڪري ڪري عوام جي خدمت ڪن ها يا سرڪاري اسپتالون ’درندن‘ ۽ وحشين جي حوالي ڪري، پاڻ آجا ٿي ويهن ۽ پوءِ چوَن؛ ”اسان ته قومي ڪارڪن/ ليڊر/ ليکڪ آهيون.“
ڊاڪٽر نجم عباسي جا آخري سال ڏاڍا ڏکيا گذريا. جن هٿن سان قلم ذريعي ٻين (مامو وغيرھ) ماڻهن کي رنجائيندو هو، فالج ان هٿ تي ڪريس! جنهن زبان سان، شعائر الله جي مخالفت ڪندو هو، فالج تنھن تي ڪريس. نتيجي طور، آخر ۾ ڳالهائڻ وقت ’ائن‘’ائن‘ ڪندو هو. لفظ/الفاظ هن جي چپن تي دم ڏئي ڇڏيندا هيا ۽ پوءِ هن جي دماغ جو وارو آيو. اتي سائنس ڪيڏانهن وئي؟ سائنسي ايجادون سندس بيماري )فالج/اڌرنگي( جو علاج ڪرڻ ۾ ڇو ناڪام ٿيون؟ واقعي ڪنهن ڏاهي سچ چيو آهي ته:
”هيءَ دنيا عبرت جي جاءِ آهي، ڪو کيل ۽ تماشو ناهي.“


[1]  هاڻي مرحوم ٿي چڪو آهي: عبدالوهاب سهتو
[2]  ھن وقت دنيا ۾ نه رھي آھي: عبدالوهاب سهتو
[3]  تازو ديهانت ڪري وئي آهي: عبدالوهاب سهتو

No comments:

Post a Comment