10/11/2012

خيام - غلام محمد گرامي

خيام
غلام محمد گرامي

شعر و  شاعريءَ جي باب ۾ الاهيات جو نمائندو ۽ فلسفي شاعر آهي خيام . سڀ محقق ۽ نقاد جڏهن ”خيام“ تي لکن ٿا، تڏهن ان جي فلسفهء الاهيات تي دل کولي لکن ٿا. ڪي کيس ملحد ۽ ڪافر چون ٿا، ۽ ڪي کيس صوفي ۽ فلسفي. بهرحال،خيام جو ڪجهه به هو، اهو پنهنجي ڪلام مان ظاهر آهي.
فلسفي ۽ الاهيات متعلق خيام تي تبصرو ڪندي، علامه شبلي لکي ٿو: فلسفو ڇا آهي؟ حقائق الاشياءَ جو ادراڪ. اسين جڏهن پنهنجي گرد و پيش نهاريون ٿا، تڏهن خود بخود سوال ٿو پيدا ٿئي ته هي ڇا آهي؟ هي چيزون ڪيئن وجود م آيون؟ ڪٿان آيون؟ اهي مفرد آهن يا مرڪب؟ انهن جي ذات ۽ اصل ڇا آهي؟ انهن جون خاصيتون ڪهڙيون آهن؟ انهن جا لوازمات ڪهڙا آهن؟ ان کان پوءِ چيزن جي اڳ پوءِ پيدا ٿيڻ تي ٿا ويچار ڪريون، ۽ پوءِ سوال ٿو پيدا ٿئي ته انهن ۾ ڪو باهمي تعلق آهي، يا اهي اتفاق سان پاڻ ۾ ملي ويون آهن؟ اگر انهن ۾ تعلق آهي ته پوءِ اهو ڪهڙي قسم جو آهي؟ انهن جي نوعيت ڪهڙي آهي؟ ڇو آهي؟ مطلب ته ان قسم جا سوال فلسفي جا بنيادي سوال آهن. ان جو جواب ڏيڻ فلسفيءَ جو فرض آهي. سڀ کان پهريون سوال اهو آهي ته ڇا، اسان شين جي حقيقت کي سمجهي سگهون ٿا؟ عام طور سڀ حڪيم ۽ فلسفي ان جو جواب اثبات ۾ ڏين ٿا، ۽ پنهنجا دليل پيش ڪن ٿا. ليڪن هر دور ۾ اهڙا فلسفي به ٿيندا رهيا آهن، ۽ اڄ به آهن، جن جي راءِ آهي ته ڪنهن به چيز جي حقيقت معلوم ٿي نٿي سگهي!
”اسپينسر سڀني شين جا ٻه قسم ٻڌايا آهن، هڪڙيون آهن ’فوق الادراڪ‘ ۽ ٻيون آهن ’تحت الادراڪ‘. ’فوق الادراڪ‘ جا مسئلا انسان جي علمي دائري کان ٻاهر آهن، ۽ ’تحت الادراڪ‘ متعلق به انساني عقل ناقص آهي. شوپنهائر به چوي ٿو ته اسان کي ڪنهن به چيز جي حقيقت معلوم نه آهي. خيام جو به اهوئي مذهب آهي“.
خيام چوي ٿو:
جمعے متفکرند در مذہب و دين
جمعے متحيراند در شک و يقين
ناگاه منادى بر آيد زکمين
کہ ای بيخبران، راه نہ آنست نہ اين!

فرمائي ٿو:  مذهب ۽ دين بابت سڀ جا سڀ فڪر ۾ آهن، ۽ سڀ جا سڀ شڪ ۽ يقين ۾ حيرت زده آهن، حقيقت ۾ ماهيت جو علم ڪنهن کي به نه آهي: ائين ڪندي، اوچتو منادي آئي ته اي بيخبرو، راه نه هيءَ آهي ۽ نه هوءَ!
ٻئي هنڌ چوي ٿو:
کس مشکلِ اسرار فلک را نہ کشاد،
کس يک قدم از نهاد، بيرون نہ نهاد،
چون بنگرم از مبتدى تا استاد،
عجز است بدست ہر کہ از مادر زاد.

چوي ٿو:  هنن مشڪل مسئلن کي ڪو به کولي نه سگهيو. ڪنهن اگر قدم وڌايو آهي ته پوءِ ٻاهر نه ڪڍي سگهيو آهي مبتديءَ کان استاد تائين، سڀ ’مادرزاد‘ عاجز آهن!
الله تعاليٰ متعلق صاف طرح سان چوي ٿو:
کس را پس پرده قضا راه نہ شد،
و ز سر خدا ہيچ کس آگاه نہ شد،
ہر کس ز قياس خيوش چيزى گفتند،
معلوم نہ گشت و قصّہ کوتاه نہ شد.

چوي ٿو:  ڪنهن کي به ’پرده قضا‘ تائين راهه نه ملي آهي، ۽ ڪوبه الله جي راز کان آگاهه نه ٿيو آهي. هر ڪنهن پنهنجي قياس آهر ڳالهيون ڪيون آهن. بهرحال، ڪنهن کي به ڪجهه معلوم نه ٿيو آهي ۽ هي قصو ڪوتاهه نه ٿيو آهي، ڳالهه اتي جا اتي آهي!
خيام، پنهنجي راءِ ۽ فيصلي کي اڳتي هلي هن طرح ٿو بيان ڪري
رندے ديدم نشستہ بر سنگِ زمين،
نے کفر نے اسلام، نے دنيا و نے دين 
نےحق نےحقيقت نےشريعت نے يقين
اندر دو جہان کرا بود زهره اين!

گو يا، پنهنجي حال کي هن طرح ٿو ظاهر ڪري ته هڪ رند ڏٺم، جو زمين تي پٿر تي ويٺو هو، وٽس نه ڪفر هو، نه اسلام هو، نه دنيا هئي، نه دين هو، نه حق هو، نه حقيقت هئي، نه شريعت هئي ۽ نه يقين!
خيام اتي اچي پنهنجي شاعرانه حيثيت سان ڪفر ۽ اسلام، دين ۽ دنيا، حق ۽ حقيقت،  شريعت ۽  مذهب  متعلق پنهنجيءَ  راءِ  جو کليءَ  طرح  اظهار ڪيو آهي.
بقول شبلي، جنهن کي مسلم فرقا قطعي ۽ يقيني راءِ ٿا سڏين، ان جي ڪابه علمي حيثيت نه آهي. باوجود ان جي، هو هڪ ٻئي کي گمراهه، جاهل، ڪور باطن، مرتد، ڪافر ۽ ملعون ٿا سڏين، ۽ مختلف گروهه ٺاهيا اٿن. وري اهي گروهه به هڪٻئي کي ’ڪافر‘ ۽ ’ گمراهه‘ ٿا سڏين. اهو سلسلو اڄ تائين جاري آهي. ٿوريءَ گهڻيءَ ڳالهه تي ڪفر ۽ لامذهبيت ۽ الحاد جي فتويٰ ڏيڻ اڄڪلهه عام آهي، حالانڪ ان جي علمي حيثيت ڪابه نه آهي. ان کان پوءِ شبلي بيان ٿو ڪري:
” اگر انهن بزرگن جو خيام جي فلسفي تي عمل هجي ها، يعني هي ته اهي مسئلا فوق الادراڪ آهن. بس، اسين ايترو ئي ڄاڻون ٿا، جو نه ڄاڻڻ جي برابر آهي. مذهبي حيثيت سان اسان جو رڳو اهو فرض آهي ته اجمالي ايمان آڻيون، يعني هي ته خدا آهي، ڄاڻي ٿو، ڏسي ٿو، ٻڌي ٿو، ۽ ڳالهائي ٿو. باقي اهي دقيق مسئلا ته سندس اوصاف ڇا آهن، وغيره، ان متعلق اسان کي شارع (پيغمبر) ڪابه تڪليف نه ڏني آهي.
خيام تي ڪفر جي فتوا
خيام جا سڀ سوانح نگار لکن ٿا ته سندس رندانه ۽ فلسفيانه خيالات جي ڪري ان دور جي عالمن ”خيام“ جي خلاف ڪفر جي فتوا ڏني، بلڪ کيس ’واجب القتل‘ قرار ڏنو ويو. علامه شبلي لکي ٿو:
”خيام سڀ کان وڌيڪ يوناني فلسفي جو درس ڏيندو هو، ۽ ان قسم جا فلسفيانه خيالات رکندو هو. جڏهن اهي خيالات زياده ڦهلجي ويا، تڏهن عوام ۾ سخت تاءُ پيدا ٿيو. ايستائين جو کيس بي دين قرار ڏيئي، قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. پاڻ مجبوراََ حج جي ارادي سان هليو ويو، ڇا لاءِ ته حَرم ۾ ڪوبه ڪنهن کي ستائي نٿو سگهي.
”حج کان فارغ ٿي، هو بغداد ۾ آيو. هتي جي ماڻهن جڏهن سندس نالو ٻڌو، تڏهن هر طرف کان اچي مٿس مڙيا، ته جيئن کانئس فلسفي جي تعليم حاصل ڪن، پر پاڻ انڪار ڪيائين، ۽ بغداد مان موٽي پنهنجي وطن پهتو“ (شعر العجم حصه اول. ص189)
خيام جا مذهبي نظريا
سندس مذهبي خيالات اگرچ فلسفي ۽ تصوف سان هم آهنگ آهن ۽ تاويل جا محتاج آهن، پر ظاهربين اهلِ شرع انهن کي قرآن ۽ سنت ۽ اجماع اُمت جي خلاف سمجهي، ڪفر ۽ زندقي جي فتوا ڏني آهي.
مغفرت جي دعا:  خيام ’دعا‘ کي به فلسفو بڻائي ڇڏيو آهي. چوي ٿو:
بر سينہء غم پذيرِ من رحمت کن،
بر جان و دل اسير من رحمت کن، 
برپاى خرابات زو من بخشائے،
بر دستِ پيالہ گير من رحمت کن.

خيام پنهنجو پاڻ لاءِ دعا نٿو گهري. چوي ٿو ته پنهنجي لاءِ دعا گهرڻ خود غرضي آهي. دعا گهري ٿو انهن پيرن لاءِ، جي خرابات ڏانهن ويا، ۽ انهن هٿن لاءِ  جي ساغر بڪف رهيا. ان ۾ نُڪتو اهو پيدا ڪيو اٿس ته هٿن پيرن جو ته ڪو قصور ڪونه آهي. اهي پنهجي اختيار سان ته ڪجهه به نٿا ڪري سگهن: سندس مطلب آهي ته انسان محض مجبور آهي، مختيار نه آهي.
عبادت ۽ اطاعت:  دين جي تقاضا آهي ته الله جي اطاعت ڪئي وڃي، ان لاءِ ”اطيعولله“ چيو ويو، ۽ مقصدِ حيات فقظ ’عبادت‘ ئي آهي:
”وما خلقت الجنّ والانس اِلاليعبدون.“ خيام ان نصّ جي خلاف هن طرح ٿو احتجاج ڪري:
در ملک تو از طاعتِ ما هيچ فزود،
وز معصيتے کہ هست نقصانے بود! 


خدا سان خطاب ٿو ڪري ته اي خدا، اگر مون اطاعت ڪئي ته پوءِ ڇا، تنهنجي سلطنت ۾ ڪا ترقي ٿيندي؟ ۽ اگر گناهه ڪيم ته پوءِ ڪو تنهنجو نقصان ٿيندو؟
بهشت :  دين جي تعليم آهي ته طاعت جي بدلي ۾ بهشت ملندو، قرآن ۽ حديث جو ان تي نص آهي. ان متعلق ڪجهه به چون و چرا، تنقيد ۽ تحقير ڪرڻ زندقو ۽ الحاد آهي. خيام چوي ٿو ته اهو سنئون سڌو واپار آهي- هڪڙي هٿ ۾ ڏي، ٻئي ۾ وٺ.
مارا تو بہشت اگر بہ طاعت بخشی،
آن بيع بود، لطف و عطاوی تو کجا ست؟ 
چوي ٿو ته اي خدا، اگر بهشت عبادت ۽ طاعت جي معاوضي ۾ ڏيندين، ته پوءِ اهو ته خريد فروخت وارو معاملو ٿيو، اهو ڪم ته سوداگرن جو آهي! ڀــلا تنهنجي لطف و عطا جا قصا ڪٿي رهيا، جي ٻڌندا هئاسين؟
بهشت متعلق ساڳيو خيال سعديءَ به پيش ڪيو آهي. چوي ٿو:
بدرويزه گري آمده ام، نه تجارت!
غالب جو مشهور شعر آهي:
هم ڪو معلوم هي جنت ڪِي حقيقت ليڪن،
دل ڪي بهلاني ڪو ”غالب“ يه خيال اڇا هي!
گناهن جو امتحان:  خيام گناهه کي حق تعاليٰ جي رحمت لاءِ ’امتحان‘ قرار ڏيندي چوي ٿو:
صد سال بہ امتحان گنہ خواه کرد
تاجرم من است بيش يا رحمت تو،
 
يعني: سوين سال ڄاڻي ٻجهي، ارادي ۽ ڄاڻ سان گناهه ڪندس، مون کي اها آزمائش وٺڻي آهي ته منهنجا جرم زياده آهن، يــا تنهنجي رحــمت!
گستاخي: اهو واقعو مشهور آهي ته هڪ ڏينهن شراب جي صراحي سندس هٿان ڪري ڀڄي پيئي ۽ سارو شراب هارجي ويو. ان تي چيائين:
ابريق مئے مرا شکستى ربى،
بر من در عيش را بہ بستى ربى، 
بر خاک بريختى، مئے لعل مرا،
خاکم بدهن کہ سخت مستى، ربى!

چوي ٿو : منهنجي شراب جي صراحي ڀڃي وڌئي، منهنجي عيش جو دروازو مون تي بند ڪري ڇڏيئي، ۽ منهنجي لعل شراب کي خاڪ تي هاري ڇڏيئي: گستاخي معاف، اي رب، تون به مئي پي، مستيءَ ۾ اچي ويو آهين!
خدا ۽ خيام ۾ فرق: ڪجهه وقت کان پوءِ ان تي کيس ندامت ٿي، متان ڪا روحاني سزا ملي، ته ان تي چيائين:
نا کرده گناه در جهان کيست، بگو،
و آن کس کہ گنہ نہ کرد چون زيست، بگو،
من بد کنم تو بد مکافات دهي،
پس فرق ميان من و تو چيست، بگو!
چوي ٿو: اي خدا، اهو ڪير آهي، جنهن هن دنيا ۾ ڪو گناهه نه ڪيو آهي؟ اهو ڪير آهي، جنهن گناهه نه ڪيو، ۽ زندهه به رهيو؟ مون بدي ڪئي، ۽ تو به ان جي بد سزا ڏني، ته پوءِ ڀلا تو ۾ ۽ مون ۾ ڪهڙو فرق رهيو؟
شاعراڻي شوخي: ايران ۾ رواج آهي ته هنن مهينن کي خاص لقب ڏنا آهن. مثلاً، شعبان آهي رسول جو مهينو، ته رجب آهي خدا جو مهينو. ”خيام“ مي نوشيءَ جي جواز ۾ دليل ٿو پيدا ڪري ته ماڻهو خدا ۽ رسول جي مهينن ۾ شراب پيئڻ کان منع ٿا ڪن، سو چڱو، انهن جو چوڻ شرع سان موافق آهي، ان بنياد تي مان رمضان شريف ۾ شراب ٿو پيئان، ڇو ته اهو مهينو اسان پارن رندن ۽ قلندرن جو آهي!
گويد کہ مئے مخور کہ شعبان نہ رواست،
نہ نيز رجب کہ آن مہ خاص خدا است، 
شعبان و رجب مہ خدا يند و رسول،
ما مئے رمضان خوريم کہ آن خاصہ ما است!

­­­­­
رمضان شريف ۾ مي نوشِيءَ جو جواز پيدا ڪرڻ هڪ اهڙو تاويل آهي، جنهن کي گستاخي به چئجي ٿو ۽ شرع جي خلاف استهزا ۽ ٽوڪ به آهي، پر آهي شاعراڻي انداز ۾، تنهنڪري گرفت ۾ نه آندو ويو.
عاقبت: هر ماڻهو عاقبت باالخير لاءِ دعائون گهرندو آهي ۽ ڪلمي سان لاڏاڻي لاءِ التجائون ڪندوآهي، ڇو ته شرعي حڪم آهي ته ماڻهو جنهن حالت ۾ مرندو، اٿندو به انهيءَ حال ۾، ڪلمي سان مئو ته پوءِ ڪلمي پڙهندي اٿندو.”خيام“ ان تي هن طرح ٽوڪ ڪئي آهي. چوي ٿو:  
ما  با  مَى معشوق ازانيم مقيم،
تا  بود کہ بحشر آن چنان انگيزند.
يعني: مشهور آهي ته انسان جنهن حال ۾ مري ٿو، ان ۾ ئي قيامت تي اٿندو. ان ڪري ئي مان رات ڏينهن مَي ۽ معشوق سان ٿو گذاريان، جيئن قيامت ۾ به ان حال ۾ هجان!
”الحق مُر“: عربي فقرو آهي ته ”الحق مر“، يعني حق ڪَوڙو ۽ تلخ آهي. خيام چوي ٿو ته ڳالهه درست آهي، شراب به تلخ آهي، ۽ اهو حق آهي، باطل نه آهي.
گويند بہ افواہہ کہ مى تلخ بود،
  شايد کہ بہرحال کہ مَى حق باشد!
ظاهرداري: نماز ۽ روزو فرض آهي. ان جو انڪار ڪفر آهي، ۽ ان تي ٽوڪ ۽ چٿر به ڪفر آهي. خيام چوي ٿو ته وضوءَ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، هڪ ”باد مخالف“ سان ختم، ۽ روزو، سو شراب جي ڍُڪ سان ختم!
افسوس کہ اين وضو ببادے بشکست،
و ان روزه بہ نيم جرعہ باطل شد!
شبلي چوي ٿو ته خيام جي ان ظرافت ۾ اهو به اشارو آهي ته جي ماڻهو ظاهري طور نماز ۽ روزي کي ادا ٿا ڪن، تن جي عبادت جي هستي اجهو ايتري آهي!
سامان عيش:  چيو ويو آهي ته بهشت ۾ به عيش جو سامان هوندو، حورن ۽ غلمانن طعام ۽ شراب جي نعمتن سان بهشتين کي نوازيو ويندو. خيام چوي ٿو ته اگر اها ڳالهه ايتري آهي ته پوءِ اسان هن دنيا ۾ ئي انهن کي اختيار ڪيو آهي، ان ۾ ڪهڙو گناهه:
چون عاقبت کار چنين خواہد بود.
شراب ۽ حور: زاهد فرمائي ٿو ته بهشت حور سان چڱو آهي، خيام چوي ٿو ته اهو ”شراب انگور“ سان چڱو آهي: ان دليل سان، هِت اهو”نقد“ وٺڻ بهتر آهي، سڀاڻي جي اوڌر تي ڪيترو ڀروسو رکبو! هونئن به ڳالهه آهي پري جي، ان تي ڪهڙو اعتبار، ڇو ته دهل جو آواز به پري کان ٻڌڻ ۾ چڱو آهي.
زاہد گويد بہشت با حور خوش است،
من مى گويم شراب انگور خوش است،
اين نقد بگير دست زان نسيہ بدار،
آواز دہل شنيدن ز دور خوش است.
بهشت ۾ ڇا هوندو؟ چيو وڃي ٿو ته بهشت عالمن ۽ پرهيزگارن، عابدن ۽ زاهدن کي ملندو، باقي گنهگار سڀ ويندا دوزخ ۾. سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته اگر بهشت مليو نيڪن کي ته پوءِ بهشت ۾ به ڍينگ رڙندا! خيام چوي ٿو:
ما را گويند دوزخى باشد مست،
قولى ست خلاف دل در و نتوان بست،
گر عاشق و مست دوزخى خواہد بود،
فردا بينى بہشت را چون کفِ دست!
يعني: زاهد چوي ٿو ته خيام پارو مست به دوزخي ٿيندو. مان چوان ٿو ته اها دعوا غلط آهي. اگر عاشق ۽ مست به دوزخي ٿيندا، ته پوءِ بهشت ائين هوندو، جئن هٿ جي تري! (يعني اتي سُڃ پيئي واڪا ڪندي.)
آخرت ۾ شراب جي اوڌر: خيام چوي ٿو ته ماڻهو چون ٿا ته بهشت ۾ حورون هونديون، شراب جون واهيون پيون وهنديون. ماکي هوندي، کير هوندو ۽ کنڊ هوندي، واه واه! ماڻهو سچ ٿا چون. تڏهن ته ان دليل تي آءٌ چوان ٿو ته اي ساقي، هڪ جام ڀري پيار، ڇو ته اڄ جي نقديءَ جو هڪ جام، سڀاڻي جي هزار اڌارن پيالن کان بهتر آهي.
گويند بہشت و حور و کوثر باشد،
جفوى مى و شہد و شير و شکر باشد،
يک جام بده ز باده ام، اى ساقى!
نقدى ز ہزار نسيہ بہتر باشد.
خراب اوليٰ تر:  چوي ٿو ته هيءُ ڪارخانو  ئي خراب آهي ته پوءِ مناسب آهي ته ان خرابي ۾ به ڪو اعليٰ درجو پيدا ڪجي: اهو هيئن ته ”ڳڀرو حسينن سان شراب پيئڻ“ سڀ کان اعليٰ آهي:
از ہر چہ خور و مرو شراب اولىٰ تر،
با سبز خطان باده ناب اولىٰ تر،
عالم ہمہ سر بسر رباطى ست خراب،
در جاى خراب ہم خراب اولىٰ تر.

خيام جي شراب نوشي
خيام جي مٿين شاعرانه شوخين ۾ ساقي ۽ شراب، حور ۽ ڪوثر، شهد ۽ شير کي ڏسي، مبادا ڪو چوي ته اهي رڳو شاعراڻيون شوخيون آهن، رمضان ۾ شراب پيئڻ جو جواز، اڄ نقد ۽ سڀاڻي اوڌر تي ٽوڪ، حق تلخ آهي، تنهنڪري شراب جو به حق هجڻ، ماڻهو جو حشر ان حال ۾ ٿيندو، جنهن ۾ مرندو، تنهنڪري ”مَي ۽ معشوق“ سان همڪنار رهڻ ۾ عاقبت جي نجات سمجهڻ- اهي ۽ ان جهڙا ٻيا خيال، سي اصل ۾ حقيقت آهن: خيام شراب پيئندو هو. علامه  شبلي ٿو فرمائي:
”جيئن عربي زبان ۾ ’ابو نواس‘ شراب جو عاشق آهي، تيئن فارسي ۾ ”خيام“ ’دورِ جام‘ جو ستم زده آهي. خيام جنهن شغف، جنهن شوق، جنهن بيخوديءَ جنهن بي اختياري ۽ جوش سان شراب جو نالو ٿو وٺي، ان مان صاف ثابت ٿو ٿئي ته هو اصل ۾ شراب پيئندو هو، ۽ اُهو ’ظاهري شراب‘ ئي پيئندو هو.“ (”شعرالعجم“)، حصه اول، ص202)
شبلي جنهن صاف نموني ۾ اقرار ڪندي چيو آهي ته ”اصل ۾ شراب پيئندو هو، ۽ اهو ظاهري شراب ئي پيئندو هو“، سو هڪ متفقه  طور فيصلو آهي، ۽ ان ۾ ڪوبه اختلاف ڪونه آهي. خيام ان کي رنديءَ ۽ مستيءَ، قلندريءَ ۽ بيباڪيءَ جي انداز ۾ بيان ڪيو آهي. پر مزو اهو آهي ته اهو ”انگور جو شراب“، اڳتي هلي ”شراب معرفت“ بنجي ٿو وڃي.
شبليءَ جي حسرت : ويچاري شبليءَ جي دل ۾ اها حسرت رهجي ويئي ته اي ڪاش، خيام اهو ظاهري شراب نه پيئي ها ! لکي ٿو:
”افسوس هي آهي ته خيام فلسفي هو، حڪيم هو، صوفي نه هو، نه ته ”حافظ“ وانگر اهو ساڳيو شراب، ”شراب معرفت“ بنجي وڃي ها !“ (ص 202)
جام آڻ : خيام جو هڪ واقعو آهي. هڪ مذهبي ماڻهو وٽس آيو، ڏاڍو پريشان هو. نهايت تردد جي عالم ۾ اچي کانئس سوال ڪيائين ته ”قيامت ڇا آهي؟ مرڻ کان پوءِ ڇا ٿيندو؟“ خيام کيس نهايت بي تڪلفيءَ سان جواب ڏنو: ميان، شراب جو پيالو آڻي منهنجي اڳيان رک، پوءِ جتي وڻيئي اتي وڃ: بهشت ۾ پئو يا دوزخ ۾ سڙ، ان سان منهنجو ڇا؟“
گفتى کہ پس از مرگ کجا خواهم رفت؟
مى پيش من آر و هرچہ خواهى رو!
شراب نوشيءَ جو حڪيمانه انداز: شراب پيئڻ جي منع آهي. اهو شرع جي خلاف آهي. هر حال ۾ حرام آهي. فقط هڪ صورت آهي: ڪي ٻه ديندار حڪيم ڪنهن بيمار لاءِ نسخي ۾ آڻڻ ضروري سمجهن ته پوءِ جائز آهي. ”خيام“ شراب نوشيءَ کي به هڪ ’حڪيمانه‘ انداز ڏنو آهي. اها تحقيق علامه شبليءَ جي آهي. لکي ٿو:
”تحقيق ۽ تلاش کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو ته خيام اگر شراب پيئندو هو، ته اهو رندانه نموني ۾ نه، پر حڪيمانه طرز تي پيئندو هو. اگرچ شرعي حيثيت سان اهو به ممنوع ۽ حرام آهي.“ (ص 203)
ان کان پوءِ خيام جي زباني هن طرح ٿو نقل ڪري :
”خيام چوي ٿوته شراب پيئڻ لاءِ هنن ڳالهين جو لحاظ رکڻ شرط آهي: ڪنهن کي پيئڻ گهرجي؟ ڪيترو پيئڻ گهرجي؟ ڪهڙن ماڻهن جي صحبت ۾ پيئڻ گهرجي؟ اگر انهن ڳالهين جو لحاظ رکبو ، ته پوءِ ثابت ٿيندو ته عقلمند کان سواءِ ٻيو ڪو شراب پي نه ٿو سگهي! ڇو ته عقلمند ئي انهن شرطن جو لحاظ رکي سگهي ٿو.“ (ص 203)
شراب عقلمندن لاءِ جائز : سبحان الله ! علامه شبليءَ جي اِها حڪيمانه شراب نوشيءَ جي تشريح ڪيڏي نه لاجواب آهي ! کيس اها خبر نه رهي ته خيام ڇا،ڇا چئي ويو آهي. شبلي صاحب خيام جي پاران وڪالت ڪندي اهو لکي ويو ته خيام رندانه نه،  پر حڪيمانه انداز تي شراب پيئندو هو، ”اگر چه شرعي حيثيت سان اهو به حرام آهي“ پر پوءِ اڳتي هلي، ”خيام“ جي شرطن کي بيان ڪرڻ کان پوءِ جڏهن لکيائين ته ”اگر انهن شرطن جو لحاظ رکبو ته پوءِ ثابت ٿيندو ته عقلمند کان سواءِ ٻيو ڪوبه شراب  پي نٿو سگهي“، تڏهن ان مان ڇا واضح ٿئي ٿو؟ شراب بيشڪ ممنوع ۽ حرام آهي، پر ان لاءِ ڪي شرط آهن، سو عقلمند ئي شرط نباهيندو، تنهنڪري ان لاءِ جائز! ان مان واضح ٿيو ته شراب احمقن ۽ بي عقلن لاءِ ئي شريعت حرام ڪيو آهي، باقي ”خيام“ پارن لاءِ حلال آهي، ڇو ته اهي شرطن جو لحاظ رکن ٿا.
عقلمنديءَ جا شرط :  هاڻي ڏسڻو آهي ته خيام جي حڪيمانه انداز ۽ عقلمندانه مينوشيءَ جا شرط ڪهڙا آهن؟ افسوس جو شبلي شرع جي وٺ پڪڙ ۽ عالمن جي لعن طعن کان گهٻرائجي ويو آهي. اهي شرط ته بيان ڪيا اٿس، پر ’مشروط‘ نه ٻڌايا اٿس. اسين خيام جي ڪلام مان اهي ’عقلمندانه‘ جواب پيش ٿا ڪريون.
شرط ۽ مشروط :
                سوال : شرط ڪهڙا آهن؟
                جواب :  مَي گرچه حرام است ولي تاڪﮣ خورد
                               آنگاه چـﮣ مقدار، دگر باڪﮣ خورد؟
                               هر گاه ڪه اين چار شرط آيد به جمع،
                               پس مَي نخورد، مردمِ دانا ڪﮣ خورد.
                سوال : ڪير پي سگهي ٿو ؟
                جواب  : مرد دانا.
                سوال  اهي ڪير آهن؟
                جواب :  مَي شاهه  و حڪيم و رند بايد ڪه خورد.
                              ( شاهه ۽ حڪيم ۽ رند کي گهرجي ته استعمال  ڪن.)
                سوال :  ڪيترو شراب پيئڻ گهرجي ؟
                جواب :  چُون باده خوري عقــل بيگانه مَشو،
                               مدهوش مباش، جهل را خـــانه مـَشو.
                              ( ايترو شراب پيئڻ گهرجي، جنهن سان عقل قائم
                                رهي، ۽ نڪو  ايترو ٿورو، جو نشو ٿئي ئي نه/  مستيءَ ۽
                                 هوش جي وچ واري ڪيفيت. )
سوال  : پيئڻ جو شغل ڪهڙن ماڻهن جي موجودگيءَ ۽
                صحبت ۾ اثرائتو ۽ جائز ٿيندو ؟
جواب :   باسبز خَــطان، باده ناب اوليٰ تر!
                 (پـُر شباب، ڳڀرو ۽ نون بالغن سان، جن جي چهري
                 تي اڃا ڏاڙهيءَ جي ساوڪ مس آئي هجي.)
سوال :    اگر انهن ڳڀرن جي عدم موجودگي هجي، ته پوءِ ڇا
                 ڪجي ؟
جواب :  ’باسبز خطان‘ ته ’اوليٰ‘ تر آهي، ٻين سان ادنا. لاچار ۾
                  سڀ ڪنهن سان پيئڻ گهرجي.
                سوال :    ڀلا ڪيئن پيئڻ گهرجي؟
                جواب  :   ڪم ڪم خور و گـﮣ گـﮣ خور، تنها مَي خور !
                                   (ٿورو ٿورو، ڪڏهن ڪڏهن، اڪيلائيءَ ۾ به .)
                سوال  :     ڀلا جي شراب نه کڻي استعمال ڪجي، ته پوءِ ان ۾
                                    عيب آهي ڇا؟
                جواب :   ها !  ”گر باده نه خورم، نشاني خامي است !“
                                  (نه پيئڻ عقلمنديءَ جي خلاف آهي. )
نه پيئڻ فخر جي ڳالهه نه آهي :
تو فخر همي ڪني ڪه مَي نه خوري،
صد ڪار ڪني ڪه مَي غلام است اورا.
ڇا مطلب؟ مـَي نه پيئڻ فخر جي ڳالهه نه آهي! ان جي تشريح مولانا شبلي هن طرح ٿو بيان فرمائي :
”اگرچ ان ۾ ڪوبه شبهو نه آهي ته شراب نوشي ڀلي ته اعتدال سان ڇونه هجي، هر حال ۾ حرام آهي. جو شخص جواز جي فتوا ڏئي ٿو، سو سخت اخلاقي گناهه جو ارتڪاب  ٿو ڪري.
”اگر تنهنجي سامهون ٻه شخص اچن: هڪ هجي نيڪ بخت، بي ريا، سچو ۽ ديانتدار،  پر مي نوش آهي، ۽ ٻيو شراب جي ويجهو به نٿو وڃي، نماز جو  پابند آهي، روزا به رکي ٿو، پر رات ڏينهن تڪفير ۾ مشغول آهي، ٿوريءَ گهڻيءَ ڳالهه تي وتي ماڻهن کي ڪافر، ڪافر سڏيندو، ٻين جي گلا ۽ غيبت ۾ به مصروف آهي، وقف جي مال کي شرعي حيلن سان کائڻ لاءِ تصرف به ڪري ٿو، شريعت جي حڪمن کي پنهنجيءَ خواهش موجب ڦيرائڻ کان به نٿو مـُڙي، ته پوءِ تون انهن ٻنهي مان جيڪر ڪنهن کي پسند ڪرين ؟ غور ڪريو: جي ماڻهو شراب نٿا پيئن، اهي شراب کان به وڌيڪ سخت گناهه ڪهڙيءَ نه بيباڪيءَ سان ٿا ڪن ! خيام اهڙن ماڻهن کي ٿو چوي :
تـو فخر همي ڪني ڪه مَــي  نــه خـــوري،
صد ڪار ڪني ڪه مَي غلام است اورا !
(”شعر العجم“، حصه اول، ص 204)
مطلب هي آهي ته شراب به گناهه آهي، پر ان کان وڌيڪ گناهه آهن اهي، جو ماڻهو وتن پنهنجي تقدس ۽ نمائش لاءِ پڙها ڏيندا، ڪنهن کي ڪافر چون ته ڪنهن کي ملحد، ڪنهن کي فاسق ته ڪنهن کي فاجر، وتن اجايون گلائون ڪندا، وقف جو مال هٿ اچين ته شرعي حيلن سان کائي وڃن. انهن کان ته اهي بلانوش چڱا، جي ڏين نه، ته ڏکوئين به نه. اصل اخلاق ته آهي انسانيت جو  احترام ۽ خدمت .
ڪنهن جي دل رنجائڻ چڱي نه آهي، ڪنهن جي دل کي خوش ڪرڻ آهي حج اڪبر. بقول رومي:
دل بدست آور ڪه حجِ اڪبر است،
از هزاران ڪعبه يڪ دل بهتر است.
يعني، هڪڙي  دل هزار ڪعبن کان بهتر آهي. ان طرح حافظ شيرازي ٿو فرمائي:
فقيـﮣ مدرسـﮣ وي مست بود، فتوا داد.
ڪه مي حرام، ولي به ز مال اوقاف است !
فرمائي ٿو : مدرسي جي فقيـﮣ ’مستيءَ‘ ۾ اچي فتوا ڏني ته مَي آهي حرام، پر وقف جي مال کان وري به بهتر آهي! مطلب هي آهي ته يتيمن ۽ غريبن جي مال کي ناجائز کائڻ وڏو گناهه آهي، ان جي مقابلي ۾    مي نوشيءَ جي حيثيت گهڻي گهٽ آهي، پوءِ ڀلي ته مَي به حرام آهي ! خيام جي مي نوشيءَ ۽ ان جي حڪيمانه ۽ اخلاقي نڪته سنجيءَ کي مطالع ڪرڻ کان پوءِ شاعرن جي مي نوشيءَ جي جا حيثيت بڻجي ٿي،  اها مٿي عرض ڪيل آهي .
شبليءَ جي حسرت ۽ ان جي تلافي: سيد سلمان ندويءَ جي راءِ :
شبلي صاف طور ايتريءَ وڪالت کان پوءِ به لکي چڪو آهي ته خيام واقعي شراب نوش هو. پر ان سان گڏ کيس اها حسرت به رهجي ويئي ته ”هو فلسفي ۽ حڪيم هو، صوفي نه هو، نه ته حافظ وانگر اهو شراب شرابِ معرفت بنجي وڃي ها !“ (ص 202)
مگر خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته سندس حسرت پوري ٿي. سندس شاگرد ۽ مشهور محقق، علامه سيد سلمان ندوي مرحوم ان شراب کي شراب معرفت بنائي ڇڏيو.  باقي اهو معلوم نه آهي ته سيد صاحب جي تحقيق، ”شعر العجم“ جي وقت ۽ علامه شبليءَ جي حياتيءَ ۾ ميدان ۾ آئي يا نه.
سيد سلمان ندوي رحه کان ان سلسلي ۾ صوفي شاعرن جي ڪلام ۾ شراب جي ذڪر متعلق سوال پڇيو ويو، جنهن جي جواب ۾ پاڻ فرمايائون :
”صوفين  ’شراب‘ جو لفظ عشق، جوش ۽ مستيءَ جي معنيٰ ۾ استعمال ڪيو آهي. ان کي انهن ماڻهن به استعمال ڪيو آهي، جن جو نه پيئڻ تسليم ٿيل حقيقت آهي. غالب جهڙي اقراري ميخوار کي به چوڻو پيو :
هــر چــند هو مشاهده حق ڪي گفتگو،
بنتي نهين هي باده و ساغر ڪهي بغير!
”اسان جي زماني ۾ رياض خيرآبادي ’خمريات‘ جو سڀ کان وڏو شاعر هو، مگر ان عمر ڀر ڪڏهن به شراب نه پيتو.“ (”اقبال ڪي خودي“ انجمن ترقيءِ اردو، دهلي. ص 33)
خيام جو شراب، شراب معرفت !
ان سلسلي ۾ افسرالشعراء، حضرت آغا شاعر قزلباش دهلوي، ”خمڪده خيام“ ۾ لکي ٿو : ”خيام جي ظاهري شراب نوشيءَ کي سڀ کان اول مغربي عالمن قبول ڪيو، ۽ فز جيرالڊ پارن ان جي ظاهري مطلب کي اڳيان رکي، حڪيم موصوف کي ’شراب‘ ۽ ’معشوق‘ سان ملوث سمجهو. ان کان اگر وڌيو ته خيام کي فلڪيات جو  ماهر چيائين،  يا جنهن جو ڪو خدا نه هجي، نڪو سزا ۽ جزا، حيات ۽ ممات سا تعلق هجي. بلڪ ظنِ غالب اهو ئي آهي ته خيام  جي فن جي ان دورُخي تعبير ئي کيس يورپ ۾ هر دلعزيز بنايو... مان ته ائين چوندس ته اها دهريت ئي آهي، جنهن عمر خيام کي يورپ وارن جي نظر ۾ ايترو ممتاز ڪيو آهي.... حالانڪ اهو خيال بلڪل آهي، ۽ سراسر غلط ... خيام جي شراب جا جرعه نوش ته هڪ ئي پيالي سان ٻنهي جهانن جو سير ٿا ڪن.  ”اچو، هاڻي ان شرابِ مصفا، ان طيب ۽ طاهر زلال جي ڪا هڪ چسڪي پيئو، جنهن کي رات ڏينهن خيام پيئندو هو. ڳالهه ڪندي، ان محبوب ساقيءَ جي زيارت به ڪريو، بشرطيڪ اوهان جون مادي اکيون ان کي ڏسي سگهن:
اى دل، مَى و معشوق مکن در باقى!،
سالوس رہا کُن و مکن زراقى،
گر پيروى احمدى خورى جام شراب،
زان حوض کہ مرتضاش باشد ساقى
!
” اي سبحان الله ! الحق يعلّو ولايعليٰ ! بس ان کان وڌيڪ صاف ۽ پاڪ عقيدو ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو، جو  ’سقاهم ربهم‘ تائين پهچائي ڇڏي ! اگر هاڻي به خيام دهريو، بي دين ۽ لامذهب هستي هو ته مان هزار ڀيرا صدقي ان بي دينيءَ تان.“ (مقدمو، ”خمڪده خيام“، اردو.)
ان مان صاف ظاهر آهي ته خيام جي ڪلام ۽ فلسفي جا شارح، خيام جي شراب نوشي ءَ جو به تاويل ڪن ٿا، ۽ ان کي ”شرابِ معرفت“ قرار ڏين ٿا.

خيام جي مذهبي حيثيت
خيام جي سوانح نگارن صاف طرح سان اقرار ڪيو آهي ته سندس فلسفيانه خيالات تي وقت جي عالمن ڪفر جي فتوا ڏني ۽ کيس واجب القتل قرار ڏنو پر ان ساڳئي خيام کي ٻين محققن، ڇنڊڇاڻ ڪرڻ کان پوءِ ، نه فقط هڪ عظيم شاعر ۽ عظيم فلسفي قرار ڏنو، پر ان سان گڏ سندس ڪلام کي ’شرابِ معرفت ‘ ۽ سندس شخصيت کي ’اهل الله ‘ ۽ ’صاحبِ معرفت‘  پڻ ثابت ڪيو.
خيام پنهنجي مذهبي عقيدي کي هن طرح ٿو بيان ڪري :
هڪ هٿ ۾ اٿئون قرآن، ٻئي هٿ ۾ جام،
هڪ وقت حلال کائون، ٻئي وقت حرام،
هن دور ۾ دنيا جي رڳا آهيون اسين،
نه ڪافرِ مطلق، نه مسلمان تمام.
(”رباعيات خيام“ ، مترجم مرزا قليچ بيگ مرحوم، ص 34)

ٻئي هنڌ چوي  ٿو :
جمعے متفکرند در مذهب و دين،
جمعے متحيرند در شک و يقين،
ناگاه منادي بر آيد ز کمين،
کہ اے بيخبران ! راه نہ آن ست نہ اين.
يعني : دنيا جا سڀ مفڪر ۽ فلسفي، عالم ۽ فاضل، مذهب ۽ دين جي مسئلي ۾ پريشان ۽ متفڪر آهن. اُن طرح، سڀ شڪ ۽ يقين ۾ حيرت زده آهن. ائين ڪندي، هڪ ڄاڻوءَ اعلان ڪيو ته اي بيخبرو، راهه نڪا هيءَ آهي، نڪا هوءَ !
کس را پسِ پرده قضا راه نہ شد،
وز سرِّ خدا ہيچ آگاه نہ شد:
ہر کس ز قياس خيوش چيزے گفتند،
معلوم گشت و قصّہء کو
تاه نہ شد!
يعني: قضا جي پردي ۾ جو ڪجھه به آهي ، ان تائين ڪنهن کي به رسائي نه ٿي آهي، نڪو حق تعاليٰ جي اسرار کان ڪو ماڻهو آگاهه ٿيو آهي. ان هوندي به حق تعاليٰ متعلق جو ڪجهه به عقيدو رکيو وڃي ٿو، اهو هر ڪنهن پنهنجي قياس آهر گهڙيو آهي. بس اهو ايترو معلوم ٿيو آهي، ۽ اهو قصو اتي جو اتي آهي، ان جي ڪا انتها ڪانه ٿي آهي! هڪ هنڌ خيام پنهنجي حال کي هن طرح آندو آهي :
رندے ديدم، نشستہ برسنگِ زمين ،
نے کفر نہ اسلام، نہ دنيا و نے دين،
نے حق نہ حقيقت، نے شريعت نہ يقين،

اندر دو جہان کرا بود زہره اين !
يعني: هڪ رند حال مست ڏٺم، جنهن وٽ نه ڪفر هو ۽ نه اسلام هو، نه دنيا هئي نه دين هو، وٽس نه حق هو نه حقيقت، نه شريعت نه يقين. ان رند مان سندس مراد (عارف) آهي، ۽ خيام ان جو مقام ’مدح‘ تي بيان ڪيو آهي، نه ’قدح‘ تي  حالانڪ شرعي طور اهڙو ’رند‘ ڪافر ئي چئي سگهجي ٿو!
 خيام عالمن ۽ زاهدن کي رياڪار ٿو سڏي. خيام مذهبي ماڻهن جي ظاهري تقدس کان مرعوب نٿو ٿئي. جيئن سعديءَ ۽ حافظ رياڪار عالمن تي سخت چوٽون ڪيون آهن، تيئن خيام به سندن ملمع ساز دينداريءَ جا ڇوڏا لاهي رکيا آهن. هڪ مضمون ۾ ته خيام  ان موضوع کي ختم ڪري ڇڏ يو آهي. چوي ٿو:
زاہد بہ زن فاحشہ مستی
بنگر زکہ بگستی و چون پيوستی
زن گفت چنان کہ می نمايم ہستم
تو نيز چنان  کہ می نمائی ہستی


يعني: هڪ زاهد هڪ فاحشه عورت کي چيو ته تون بدمست آهين، توکي اهو خيال نه آهي ته تو ڪنهن کان تعلق ڇنو آهي ۽ ڪنهن سان ڳنڍيو آهي. فاحشه عورت کيس جواب ۾ چيو ته بيشڪ، مان ته اهائي آهيان، جا ظاهري طور نظر ٿي اچان، پر ڇا تون به حقيقت ۾ ائين ئي آهين، جيئن ظاهري طور نظر ٿو اچين؟
ڪفر جو معيار :
  زاهدن ۽ عالمن کان پوءِ ، فقيهن ۽ مذهبي پيشوائن لاءِ خيام جي راءِ تمام سخت آهي. خيام انهن کي ’گڏهه‘ ٿو سڏي، ۽ سندن بداخلاقيءَ ۽ بيحيائيءَ جي ڪري کين گهٽ وڌ ٿو ڳالهائي. سندن ڪردار ۾ هڪ ئي عمل کيس نظر ٿو اچي، ۽ اهو آهي سندن تڪفير سازي ۽ ٻين کي ڪافر ڪافر سڏڻ جي بري عادت .
خيام چوي ٿو :
باين دوسہء نادان کہ چنان می دانند،
از جہل کہ دانای جہان ايشانند،
خوش باش کہ از خری ايشان بہ مثل،
ہر گونہ خر است، کافرش می دانند.
شبلي فرمائي ٿو :
”خيام جهڙو ماڻهو فقيهن لاءِ جا راءِ  قائم ڪري سگهي ٿو، اها ته اوهين سمجهي  ٿا سگهو. هو جو ڪجهه چوي ٿو، اهو ڪيترو نه سچ ٿو چوي !“
”غور ته ڪريو: امام غزالي، امام رازي، محي الدين ابن عربي، شيخ الاشراق، انهن مان هر شخص فقيهن جي ڪفر جي فتوا کان زخم خورده آهي. ڇو ؟ رڳو ان ڪري جو اهڙا ماڻهو فقيهن جهڙا عاميانه ۽ لغو عقيدا ۽ خيالات نه رکندا هئا. ان ساڳئي نُڪتي کي خيام هن تلخ جملي ۾ ادا ڪيو آهي ته جو شخص انهن تڪفير ڪندڙن وانگر گڏهه نه آهي، ان کي هي ماڻهو ڪافر ٿا سڏين.“  (شعرالعجم ، جلد اول، ص 216)
شبليءَ جي تحقيق مان اهو به صاف ظاهر ٿو ٿئي ته خيام ان ڪفر جي فتوا جي ڪري، احتياط مان ڪم وٺي، شاعري ڪندو رهيو، نه ته جيڪر نه معلوم اڃا به ڪهڙا ڪهڙا علمي ۽ فڪري مسئلا پيش ڪري ها.
 شبلي چوي ٿو :
”خيام اگر شاعريءَ جي پردي ۾ دل جي باهه پئي ڀڙڪائي آهي، پر افسوس آهي جو فقيهن جي سختگيريءَ جي ڪري هو سراسر ۽ حقائق بيان ڪري نه سگهيو. افسوس، ظاهر پرست ماڻهن جي اجائيءَ وٺ پڪڙ جي ڪري خدا ڄاڻي ڪيترا عجيب ۽ غريب اسرار ۽ حقائق دلين ۾ ئي دٻجي دفن ٿي ويا !“ (شعر العجم ، حصه اول، ص 216)
ان متعلق خيام خود به چيو آهي :
اسرار جہان چنان کہ  در دفترِ ما است،
گفتن نتوان کہ آن وبالِ سرِ ما ست:
چون نيست درين مردمِ دنيا  اہلی،
نتوان گفتن ہر  آنچہ در خاطرِ ما ست !
فرمائي ٿو ته جو ڪجهه اسان جي دفتر ۾ اسرار ۽ حقائق جو خزانو لڪل آهي، اهو ٻاهر آڻي نٿو سگهجي. اڄ دنيا جي ماڻهن ۾ ڪوبه اهل ناهي، جو ان اڳيان دل جي ڳالهه ڪري سگهجي.
خيام اڄ کان  اٺ صديون اڳ پنهنجي دور جي ماڻهن جو اجهو اهو بيان ڪيو آهي. لطيف به فرمائي ٿو :
اگهيو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي،
پلئه پايو سچ، آڇيندي لڄ مران !
خيام جي مذهبي حيثيت لاءِ ” البرامڪه “ جو مولف فرمائي ٿو :
”خيام جي رباعين مان سندس عقيدن تي دليل قائم ڪرڻ غلطي آهي، ڇا لاءِ ته شاعريءَ جي پردي ۾ خدا ڄاڻي شاعر ڇا ڇا چئي وڃي ٿو. خيام  کي ڪنهن ملحد ۽ زنديق ڪوٺيو آهي، ته ڪنهن وٽ هو صوفين جي سٿ ۾ داخل آهي ۽ رحمة الله عليهﮣ جي خطاب سان ياد ڪيو وڃي ٿو. بهرحال، ڪفر ۽  اسلام جي فيصلي ۾ ذاتي حالات جي تحقيق ڪرڻ ضروري آهي. رڳو ظاهري لفظن جي بنياد تي قطعي طرح سان حڪم ڏيڻ، ’وضع الشئي في غير محلـﮣ‘ جي مصداق آهي“ ( البرامڪه ، ص 483 )
 (نوٽ: خيام بابت هي اڀياس  گرامي صاحب جي ڪتاب ” مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات “ ڇپائيندڙ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو تان ورتو ويو آهي.  1992ع)

No comments:

Post a Comment