20/02/2013

ناول ”کاٻي اک جو خواب“ جي حوالي سان - امر لغاري (Amar Laghari)


منور سراج جي لکيل ناول ”کاٻي اک جو خواب“ جي حوالي سان
Love Conquers All
امر لغاري
مان منور سراج کي ان ڳالهه تي شاباس ڏيندس ته هُن هِن وقت تائين جيڪي ڪجھه لکيو، اهو ڇپائي اسان جي سامهون آندو، نه ته اسان مان ڪيترا ئي اهڙا آهن جيڪي ڪافڪا بنجڻ جي چڪر ۾ جيڪي ڪجھه لکيو اٿئون سو ڇپرائڻ لاءِ تيار ناهن. منور پنهنجن ٽن ڪتابن آڌار اڄ اسان جي سامهون آهي. ان سفر ۾ نه ڪا وڏي هام هنئي اٿس ۽ نڪا دانشوري! جيڪو آهي اسان جي سامهون آهي. پنهنجن ڪردارن ”جوڳيءَ جي ٻئي جنم“ کان وٺي کاٻي اک جي خواب ڏسندڙ، war against terror واري زماني ۾ جيئندڙ، خوف ۾ ورتل، پوري اڻپوري، رومينٽڪ راڻي تائين هن چڱو خاصو پنڌ ڪيو آهي. عمر جو پنڌ، ادب جو پنڌ- تجربو ۽ لکڻ پڙهڻ! ان عرصي ۾ هن ڪيئي خواب ڏٺا هوندا؛ خواب-خوف ۽ اميد ۾ ويڙهيل؛ پلصراط تان گذرندڙ،  دوزخ جي ڀؤ ۾ ورتل.

منور سان ملاقاتون وٿي وٿيءَ سان ٿينديون رهنديون آهن. مون ڪڏهن به کيس ڪا شڪايت ڪندي نه ٻڌو آهي. نه پنهنجي پاڻ کان، نه ئي ڪنهن ٻئي کان. هن پنهنجي ناول ۾ اسان کي اهڙو خوف موٽايو آهي، جنهن جي هڪ شڪل موت آهي، موت جتي ڪٿي موجود آهي. هر ماڻهوءَ ۾ موت جي هڪ سِم لڳل آهي. پر ان سِم تي خوف جا سگنل تڏهن ٿا چڙهن جڏهن چيلاٽي جهڙا عزرائيل ٻهروپي شڪل وٺي اسان جي سماجي سيٽ ۾ داخل ٿين ٿا. خوف وجود جي نفي آهي جنهن کان لڪڻ لاءِ، جنهن کان بچڻ لاءِ، راڻي جهڙن معصوم مَنِشن کي چاڙهيڪي تي ويٺل جھنگلي تتر جيئن نه چاهيندي به اکيون ٻوٽڻيون ٿيون پون. جھوليءَ ۾ منهن لڪائي يا ٻانهن جي گرم گھيري ۾ پناهه وٺي! پر اهي گھيرا اسان جي هن ڪوڙهه پکيڙيندڙ سماج ۾ ڪاغذ جي ٽينٽ کان وڌيڪ پائدار ناهن، جنهن ۾ توهان تيز برفاني طوفانن کان بچڻ لاءِ ميڻ بتي ته جلائي سگھو ٿا پر ڪو مچ ٻاري نٿا سگھو.
راڻو هڪ اهڙي ڪنڊيشنڊ سماج جي پيداوار آهي جنهن ۾ هن جا خواب گانبوليءَ جي وهٽن جيئن بار بار ساڳيو ئي ڦيرو ڦرڻ تي مجبور آهن. ورجاءُ راڻي جو عضوو بنجي ويو آهي. ورجاءُ خيرالدين جي ڪٻ جيئن هن جو پيڇو نٿو ڇڏي. سرمائيداراڻيءَ سماج ۾ ٽين دنيا جي ملڪن جو فرد هجڻ ڪري هو نه چاهيندي به قرض جي انجيڪشن لڳرائي جيئي ٿو، ۽ ان قرض جي انجيڪشن جو ريئيڪشن کيس سدائين لاءِ جڏو ڪري ڇڏي ٿو. راڻو موٽ ۾ خواب اُڻي ٿو اهڙي سسٽم جي اذيت کان ڇوٽڪاري جا.
منور اسان جي هن سماج جي روڳ کي پنهنجي ناول ۾ چٽو ڪري ڇڏيو آهي. هن اهو ڏيکاريو آهي ته هِن سماج جو هر اهو ماڻهو جيڪو سوچي ٿو، اهو اڌ آهي. هن جي ان اڌ ۾ هڪ خاليپڻو آهي. ان خاليپڻي ۾ هڪ خال آهي ۽ ان خال کي ڀرڻ جي جدوجهد ۾ هو ڀوڳي ٿو. ماڻهوءَ جو خاليپڻو اذيتناڪ حادثي مثل آهي.
مارگريٽ ايٽووڊ هڪ جاءِ تي لکيو آهي ته هڪ ۽ هڪ ۽ هڪ ۽ هڪ ڪڏهن به چار نه ٿيندا آهن، ڇو ته اسان مان هر هڪ، ٻئي هڪ جي برابر نه ٿيندو آهي. سرمائيداري سماج ۾ پير رکندي رشتا اوس ٽٽڻا آهن. ان ڪري فردن کي انفراديت واري مرحلي مان نه چاهيندي به گذرڻو آهي. اسان جو الميو اهو آهي ته اسان اڃا به  خوابن جي دنيا ۾ رهون ٿا. خوابن جي تعبير، رشتن جي ڇڪ، همدردي، پيار، ڏکن ۽ خوشين کي ڇا مارڪيٽ ايڪانومي جي دؤر ۾ به ايئن ئي انٽرپريٽ ڪري سگھجي ٿو، جيئن جاگيرداري ۽ قبائلي سماج جي ذهني سوچ رکندي ماڻهو محسوس ڪري ٿو؟ مان سمجھان ٿو ته منور سراج جي انهن ڳالهين تي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جڏهن هو چوي ٿو ته ”اڌ پگھار ماڻهوءَ کي اڌ ڪري ڇڏيندي آهي“ يا اهو ته هيءُ جيڪو راڻي کي هڪ گھر مان ٻئي گھر ۾، ٻئي گھر مان ٽيئن گھر ۾، ۽ ٽئين مان چوٿئين گھر ۾ منتقل ٿيڻ جو ڏک آهي، جو دراصل هن جي ٻارن جو ڏک آهي، سو ڪٿي اُن نيو ورلڊ آڊر هيٺ سرمائيدار دنيا جي اسان جهڙن گھڻ آباديءَ وارن ملڪن ۾ موجودگيءَ ۽ ڦرلٽ جو ساٽيڊ افيڪٽ  ته ناهي؟
اسان وٽ سماج تاريخي عمل مان گذري تبديل نه پيا ٿين پر هڪ گھڻ ملڪي سامراجي آرڊر هيٺ هنسا ۽ نفرت جي جهنڊي جي ڇانوَ ۾ اڳي کان وڌيڪ ڪنڊيشنڊ ٿيندا پيا وڃن. جتي دنيا جا مختلف مذهب پيار جي پيغامن بدران ٻٽ ٻڌل چيلاٽن، ڪلاشن ڪوفن، ۽ بارود جي ٽرڪن وسيلي تيزيءَ سان ڌرتيءَ مٿان غلبو ڪندا ٿا وڃن. اسان جي سماج جون ميخون، بظاهر سيڪيولر فڪر سان ليس سارنگ ۽ ساگر جهڙا نوجوان لفظي لٻاڙ جو شڪار ٿي ماڻهن جا ڀرجھلا ٿي نه سگھيا آهن، ۽ وقت کان اڳ ڄاول ٻار جيئن وڃي Incubator ۾ ستا آهن.
بهرحال، ناول نگار جي ذهن ۾ اها ڳالهه ضرور ويٺل ٿي ڏسجي ته هو سماج جي تبديل ٿيندڙ قدرن کي معمولي نٿو سمجھي. هو ڪٿي نه ڪٿي انهيءَ ڀڃ ڊاهه کي فرد جي ويڳاڻپ، ڊپ، اڪيلائي ۽ خودڪشيءَ سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ضرور ڪري ٿو.  مثال طور خير الدين جو الميو چٽڻ مهل هو چوي ٿو ته ”زال، ٻار، گھر، آفيس، ڪلينڪ، شهر، مارڪيٽ بينڪ، ليزنگ ڪمپني، اخبارون، ٽيليويزن، ڪيبل سڀ ڄؤرون آهن، جيڪي ڪيتري وقت کان قطرو قطرو ڪري سندس رت چوسي رهيون آهن....“ مٿي جيڪي به اسباب ۽ ادارا بيان ڪيل آهن، تن مان زال، ٻارن ۽ گھر کي ڇڏي، باقي  سڀ سرمائيدار جي ڪوٺيءَ جون سرون آهن، جن جي بنياد تي هڪ طرف هن جي ڦرلٽ جي اڏاوت ٿيل آهي، ته ٻئي طرف وري سماجي مادي ترقيءَ جا ڏاڪا به ٻڌل آهن.
”ماڻهوءَ کي مارڻ لاءِ ڪنهن ٻاهرئين ماڻهوءَ جي ضرورت ناهي، ماڻهوءَ کي مارڻ لاءِ سندس گھر ئي ڪافي آهي!“ هي خيرالدين جي واتان چورايل سٽون آهن، جيڪو گھر جي ذميوارين، خرچن ۽ پريشانين ڪري انهن حالتن کي ته گار نٿو ڏئي سگھي، جن سندس زندگي اجيرن بنائي رکي آهي، پر هو سماج جي ان روائتي اداري فيمليءَ کي ذميوار ٿو سمجھي، جيڪا دنيا جي نئين صورتحال ڪري (سرمائيداريءَ جي انڪروچمينٽ ڪري) وڌيڪ ڊمانڊنگ ٿي پئي آهي، جڏهن ته خيرالدين جو گذارو هاڻ ٺلهي پگھار تي نٿو ٿئي.
ان سڄي صورتحال ۾ اسان جو الميو وري به اهو ٿو ڏسڻ ۾ اچي ته اسان جنهن سماج ۾ رهون ٿا، سو پنهنجي ساخت ۽ جوهر ۾ جاگيرداراڻا ۽ قبائلي آهي، جڏهن ته دنيا جي تبديل ٿيندڙ صورتحال ڪري سرمائيدار ملڪن توڙي گھڻ ملڪي ڪمپنين اسان جي وچ ۾ پنهنجي منڊي به پئدا ڪري رکي آهي، جنهنڪري اسان هڪ اهڙي سماج ۾ جيئون پيا، جنهن جو پڇ ريڍو ۽ مُنهن ٻاڪرو آهي. آءِ ايم ايف، عالمي بئنڪ ۽ ڊبليو ٽي او اسان جي ملڪ جي بجيٽ کان ويندي مالياتي پاليسيون پاڻ ترتيب ڏيندا آهن، جنهن ڪري اسان جي معاشري جو فرد سڌي يا اڻسڌي طرح انهن جي ٺاهيل پاليسين جو شڪار ٿيندو پيو اچي. جديد انسان جي ويڳاڻپ، ڊپ ۽ اڪيلائيءَ جو بنياد فقط نفسياتي ناهي، پر ان جا ڪارڻ سماجي اڻبرابري ۽ اسان جي مدي خارج ثقافتي گھُٽ ۽ ٻُوسٽ جو نتيجو پڻ آهي. خود ڪافڪا جي شاهڪار ڪهاڻي ”ميٽامارفوسز“ جي مرڪزي ڪردار اليگور جو الميو پڻ اهو آهي ته يورپ جي سرمائيداريءَ ۾ وڃڻ کان پوءِ نه فقط هن کي پنهنجي وجود جي بقا لاءِ سڄو ڏينهن ڀڄ ڀڄان ڪرڻي پوي ٿي ۽ شيون کپائي پئسا هٿ ڪرڻا پون ٿا، جيڪي ٻئي طرف سرمائيدارن جي منافعي جي لالچ جي ڪري بي تحاشا شيون مارڪيٽ ۾ اچڻ ڪري ڪمائڻ ڏکيا ٿي پون ٿا. نتيجي ۾ بيروزگاري، جذباتي ضرورتن جي اڻپورائي ۽ مائٽن جا رويا، ٽيئي گڏجي مٿس نفسياتي اثر وجھن ٿا ۽ هو انسان مان ڦري پاڻ کي هڪ ڪيڙي ۾ تبديل ٿيل محسوس ڪري ٿو.
منور جو راڻو ان تڏ يا ڪِيڙي کان ڪو گھڻو مختلف ناهي، ڇو ته سماجي رويي جي هڪ شڪل چيلاٽي جي ڀ‍ؤ، معاشي اڻبرابري، جسماني نقص، رشتن جي ٽوڙ ڦوڙ، جذباتي نا آسودگي ۽ ڪهاڻيءَ ۾ هن جي چؤڌاري ڦهليل ان دردناڪ ۽ ڪربناڪ تاريخ جي جبر، جنهن سان ناول جو هڪ نه ٻيو پنو لهولهان ٿيل آهي، هن کي احمد مان تبديل ڪري راڻو بنائي ڇڏيو آهي.
جيڪڏهن ڪو فرق آهي ته اهو هن ناول جي ڪهاڻيءَ ۾ راڻي جي زال سومل جو اهو روائتي ڪردار آهي، جنهن جي محبت راڻي کي مڪمل ڪاياپلٽ کان بچائي وٺي ٿي، جيڪا پنهنجي مڙس جي خوشي خاطر پاڻ مٿان هڪ ٻئي عورت مومل کي ٿاڦڻ لاءِ به تيار ٿيو ٿي وڃي، جنهن جون سونهن ۽ سوڀيا، پيار ۽ محبت ۽ جنسي ڪشش جهڙيون حسناڪيون راڻي جي اندر جو خال ڀرڻ ۽ حالتن کان فراريت ۾ مدد ڏين ٿيون. سنڌي عورت جي حالتن سان اهڙي نموني ٺاهه ڪرڻ واري رجحان ڪري سنڌي اپر ڪلاس ۾ مختلف قومن مان ٻي شادي ڪرڻ جي پرئڪٽس گھڻي عرصي کان هلندي پئي اچي، جنهن جو ذڪر اسان پنهنجي Folk Epic دودي چنيسر جي جھيڙي ۾ پڻ پسون ٿا، جنهن سنڌي سماج کي گھڻا ئي ڏنڀ ڏنا آهن، جو اڄ تائين انهن جو اولاد سنڌ جي چپي چپي کي reconciliation جي نالي تي کائي کپائي ويٺو، ۽ سنڌ جو عام ماڻهو حڪمران ڪلاس جي ان ناني ويڙهي جا ڀيانڪ نتيجا ڀوڳڻ تي مجبور آهي.
بهرحال، منور هڪ نه پر تمام گھڻين شاباسن جو مستحق آهي، جنهن سنڌي ناول جي هن اڻاٺ واري دؤر ۾ سهڻي سلوڻي ۽ شاعراڻي نثر سان مالامال خوبين وارو هي ناول لکيو آهي، ۽ ان جي آخر ۾  اهو ميسيج به ڇڏيو آهي ته ڪيڏو به ذليل سماج ڇو نه هجي، ڪيڏو به پريشان ماڻهو ڇو نه هجي، ڪيڏو به ويڳاڻو ۽ ملول ماڻهو ڇو نه هجي، پيار وري به ويران ۽ اجڙيل دلين ۾ هڪ نئون گھر، هڪ نئون شهر آباد ڪرڻ جي طاقت رکي ٿو!

No comments:

Post a Comment