12/02/2013

سنڌي ٻوليءَ جو جياپو - آفتاب ميمڻ (Aftab Memon)


سنڌي ٻوليءَ جو جياپو
آفتاب ميمڻ
اڄوڪي اخبار ۾ مضمون هيو ’ٻوليون مرن پيون. ماهرن جي تحقيق مطابق اڄ جي دنيا ۾ ڇهه هزار ٻوليون رائج آهن، جن مان 90 سيڪڙو يعني 5400 ٻوليون ايندڙ 100 سالن ۾ ختم ٿي وينديون. ٻولين جي ختم ٿيڻ جو ڪارڻ هڪ ته دنيا جي چئني ڪُنڊن جو سُڪڙجي ويجهو اچڻ، وڏين ٻولين يا مُک ٻولين جو اثر ۽ ٻيو وري ڪن ٻولين جو استحصال ۽ کين اوسر نه ملڻ آهي. پهريان ٻه سبب ته آهن سائنسي بنياد- پر ٽيون سبب آهي استحصالي، جنهن تي اسان کي تشويش ٿيڻ کپي. سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري ۽ سندس اوسر لاءِ نه ته سرڪاري سطح تي ڪا ڪوشش ٿي ٿئي ۽ نه ئي ڪو اهڙو موثر غير سرڪاري ادارو آهي نه ئي سنڌي ماڻهو ذاتي حيثيت ۾ ڪو قدم ڀري ٿو. متان تُرڪي ڪُردن وارو حال نه ٿئي، جي آهن ته سوا ڪروڙ پر هو ترڪي زبان پڙهڻ تي مجبور آهن.

اڄوڪي ’عبرت‘ اخبار ۾ ٻه اهم خبرون پڙهندي ئي منهنجي ذهن جي پردي تي ڪيئي ڳالهيون تري آيون. هڪ اهم خبر، عاجز جماليءَ جي تحقيقي رپورٽ هئي، جنهن مطابق ملڪ ۾ پنجابي 44، سنڌي 14، پشتو 15، سرائيڪي 10 ۽ بلوچي ساڍا 3 سيڪڙو ماڻهو ڳالهائيندا آهن. اردو ڳالهائيندڙ ساڍا ست سيڪڙو آهن. اُنهيءَ جي باوجود اردو قومي ٻولي آهي. ٻي خبر، سنڌي ادبي سنگت طرفان اسلام آباد ۾ ”ٻولي  ڪانفرنس“ جي باري ۾ هئي، جنهن مطابق 21 فيبروري تي سنڌي ادبي سنگت اسلام آباد ۾ ”ٻولي ڪانفرنس“ سڏرائي هئي ۽ سڀني صوبن ۽ مکيه زبانن جي اديبن کي ڪوٺ ڏني هئي.
انهن ٻنهي خبرن جي پس منظر ۾ مون کي ڪي ڳالهيون ياد آيون. اڄ کان 13 سال اڳ لکيل هڪ مضمون ”ا...ب...ٻ....پ“ جي سِٽن جي حوالي سان هي ليک شروع ڪيو اٿم. هي مضمون منهنجي ڪتاب، ”هر پل صليب تي“ ۾شامل ٿيل آهي. ساڳئي مضمون ۾ مون مرحوم طارق اشرف طرفان ڇپرايل، ”ا...ب...ٻ....پ“ ننڍڙي ڪارڊ جو ذڪر ڪيو آهي، جو سنڌ ۾ ورهايو ويو هو. هي ڪارڊ 1971ع ۾ ڇپيو هيو ۽ اُن تي لکيل هيو، ”سنڌي لکو، سنڌي ڳالهايو، سنڌي پڙهو.“ 1972ع جي ”ٻوليءَ واري بل“ سان سنڌي ٻوليءَ کي ڪو گهڻو فائدو نه پهتو. سنڌ ۾ انگريزن جي دور کان عدالتن توڙي سرڪاري آفيسن ۽ ادارن ۾ ڪارروائي يا ته انگريزيءَ ۾ هوندي هئي يا سنڌيءَ ۾.  ممتاز ڀُٽي صاحب جي دؤر ۾ ’ٻولين واري بل‘ پيش ٿيڻ کان پوءِ ٻولين جو تڪرار وڌيو هو ۽ اردو ڳالهائيندڙن هڪ خاص ايجنڊا تحت سنڌ ۾ اردوءَ کي تسلط ڏياريو. اسڪولن ۾ اڳ به سليس اردو ۽ سليس سنڌيءَ جا مضمون ٻنهي ٻولين جي ڳالهائيندڙن لاءِ هوندا هيا. اردو ڳالهائيندڙ طبقو انهيءَ عمل تي سهڪاري هيو پر ”ٻولي جي بل“ کان پوءِ ضد ۾ اچي ادارن، آفيسن توڙي عدالتن ۾ ڪارروائي اردو ۾ ٿيڻ لڳي. گڏوگڏ سنڌيءَ ۾ ڪارروائي ڪندڙن سان اهو حشر ٿيو جو ”سنڌي ٻوليءَ جي اٿارٽي“ جا سنڌي ۾ لفافي تي لکيل ائڊريس وارا لفافا به واپس پيا اچن. سبب؟ ’ڊان‘ اخبار ۾ آيل هڪ ليک مطابق، ڇو ته قومي ٻولي صرف اردو آهي تنهنڪري ڪنهن ٻي ٻوليءَ کي پڙهڻ لاءِ پوسٽ آفيس ذميوار ڪونهي.
هي ته هيو هڪ پهلو جنهن جو افسوسناڪ رُخ ته اهو به آهي جو سنڌي ماڻهو، جو روزگار سانگي شهرن ۾ خاص ڪري ڪراچي، لاهور، حيدرآباد، سکر توڙي اسلام آباد ۾ رهي ٿو، تنهن جي ٻارن کي نه سنڌي پڙهڻ اچي نه لکڻ اچي. گهڻن گهرن ۾ ته مائٽ، خاص طور عورتون  ٻارن سان ڳالهائين به اردو ۾، ۽ ائين ٻارن کي سنڌي به ٽُٽل ڀڳل اچي. وڏن اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائڻ جو يا ته انتظام ڪونهي يا ته وري اهڙا استاد رکيل هوندا جن کي پاڻ به خبر ڪونه هوندي ته ”سانگِي“ ڪير هو يا ”بيوس“ ڪير هو. ”ٻولي واري بل“ جي عملي شڪل ائين آهي جو سنڌي ٻار سنڌي ٻولي پڙهڻ کان محروم، اردو ڳالهائيندڙ سنڌي پڙهڻ کان انڪاري، انهيءَ پس منظر ۾ سنڌي ادبي سنگت جي ڪاوش جس لهڻي.
انهيءَ پس منظر ۾ ڪجهه ٻيون گذارشون ڪرڻيون هيون. مضمون جي شروع ۾ جا ’پيرا‘ مون پنهنجي ڪتاب ”هر پل صليب تي“ مان ڏني آهي. اُها 1999ع ۾ آيل هڪ رپورٽ مان ورتل هئي. انهيءَ ڏس ۾ هڪ ٻي رپورٽ 2010ع ۾ آئي، جنهن ۾ ڏسيل هيو ته جتي هن صديءَ ۾ 2400 ٻولين جي ختم ٿيڻ جو چٽو امڪان آهي. اُتي پهرين ڏهاڪي ۾ ئي 60 ٻوليون ناپيد ٿي چڪيون آهن. ڪئين ثقافتون مرن ٿيون، ٻوليون ناپيد ٿين ٿيون. اهو سوچي هانءَ ۾ ڄڻ ته وڍ پيا. ارادو ڪيم ته نه صرف سنڌي ۾ لکبو پر ڪتاب به تصنيف ڪبا. ذرو ئي سهي پر پنهنجو حصو وجهڻ جي سعي ڪبي. جيسين 2011ع ۾ حج تي ويس ته ٻه ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچي چڪا هئا. سعودي عرب به ڪجهه ڪتاب کڻي ويم. ”هر پل صليب تي“ ۽ ”نيل نديءَ ڪناري“ جي هڪ هڪ ڪاپي ڊي جي حج ابو عاڪف کي ڏنم. جذباتي لمحي ۾ لکيم:
”ابو عاڪف لاءِ. سَند رهي ته ڀلي هن صديءَ ۾ ساڍا پنج هزار ٻوليون مرنديون هُجن پر اسين سنڌي ٻوليءَ کي مرڻ ڪو نه ڏينداسون.“
ابو عاڪف هڪ پڙهيل ۽ سجاڳ ذهن جو ماڻهو آهي. علمي ۽ ادبي گهر جو فرزند آهي اهو پڙهندي ئي چيائين، ”سر، هي ته توهان اجايو جذباتي ٿي لکيو آهي، جنهن ٻوليءَ جا اڍائي ڪروڙ ڳالهائيندڙ هجن اُها مري نٿي سگهي. اُها ٻولي انگريزي، فرانسيسي، مينڊرين، عربي، فارسي ۽ اردو جيان جيئري رهندي ۽ وڌندي رهندي.“ مون ”آمين“ چوندي سندس درستگي ڪئي ۽ چيو ته هي اڍائي ڪروڙ ته صرف پاڪستان ۾ رهندڙ سنڌي آهن، جي ڀارت ۾ رهندڙن کي شمار ڪندين ته الاهي وڌيڪ ٿيندا پر مون کي جو ڊپ آهي سو اهو آهي ته هڪ پاسي اردو ٻولي ۽ اردو ڳالهائيندڙ استحصالي ڪردار ٿا ادا ڪن، ٻي پاسي سنڌ ۾ تعليم جو حال اِهو آهي جو ساڍا پنج هزار اسڪول بند آهن جن کي چالو ڪرائڻ ۽ انهيءَ ۾ قابل استاد رکڻ بجاءِ اسان جي اقتدار جا ڌڻي نوڪرين جي ورهاست توڙي اسڪولن جي کولڻ واري هنڌ کي پنهنجي موروثي جاگير سمجهن ٿا. ترقي لاءِ ميرٽ جي سعي اها هوندي ته ماستر اسان جي اوطاق ۽ لکپڙهه سنڀالين. ائين ڳالهيون ڪندي کيس سنڌ جي بدقسمتي تي حسب حال هڪ نظم ٻڌايم جيڪو ڪنهن شيخ اياز جي هن نظم جي جواب ۾ لکيو هيو:
ستر لک سپوتو
هوشو هيمون بڻجو
هر ڪو جهڙو دودو
دولهه دريا خان
سنڌو ديس مهمان (اياز)
ڀايان ٿو ته شايد ابراهيم منشيءَ ئي لکيو هيو:
اڄ سنڌو جا سپوت
نه هيمون آهن نه هوشو آهن
نه دودا آهن نه دولهه دريا خان آهن
جي وڏيرا آهن ته پاٿاريدار آهن
جي سيد، مير، سردار آهن ته
ڌاڙيل ۽ ظالمن جا ساٿاري آهن
جي امير، وزير آهن
ته سنڌ جا سوداگر آهن
جي ڪامورا آهن ته راشي ۽ ڪانئر آهن
جي هاري، ٻڪرار ۽ ريڍار آهن
ته ڌاڙيلن جا رهندا ساٿي آهن
۽ سندن پيرو ڊاهيندڙ آهن...
ابو عاڪف کي ڪجهه سنڌي سمجهه ۾ ايندي آهي، ڪجهه مون ترجمو ڪيو. هُن مون سان اختلاف ڪيو پر مون ته ڇپيل لفظن جي پڌرائي ڪئي هئي جي منهنجا ڪو نه هيا پر هڪ سوچ جي عڪاسي هيا ۽ ڪنهن قدر، ڪٿي ڪٿي حقيقت جي عڪاسي به هيا. يونيسڪو جي تازي مرتب ڪيل رپورٽ ”ٻوليون جي خطري ۾ آهن“ ۾ ڄاڻايل آهي ته پاڪستان ۾ 28 ٻوليون خطري ۾ آهن اهي سڀ ٻوليون جن جي ناپيد ٿيڻ جو فوري خطرو آهي سي سڀ خيبر پختونخواهه ۽ اُترئين علائقي ۾ رائج ٻوليون آهن. انهيءَ حصي ۾ پاڪستان ۾ رائج ٻولين مان اڌ ٻوليون ڳالهايون وينديون آهن. اُنهن ٻولين ۾ بُرشاسخي به آهي جا قريب اسي هزار ماڻهو ڳالهائين ٿا، ته دوماڪي به آهي جنهن جا ڳالهائيندڙ صرف 500 رهجي ويا آهن. ٻين ٻولين ۾ اُشوجو، واکي، ڪلاشا، داميلي، اُرمُري، گوارباتي، بارتيري، ساوي پالولو، ڪاتي ۽ ٻيون ڪيئي ٻوليون آهن، جن جا ڳالهائيندڙ ڪجهه سوَن کان ڪجهه هزارن ۾ آهن.
انهيءَ صورتحال جي پيش نظر سنڌي ادبي سنگت جا دوست جس لهڻن جو هنن هڪ بين الصوبائي ڪوشش ڪئي ته جيئن پاڪستان ۾ رائج تمام مُک ٻولين کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو وڃي. اهو قدم ملڪي استحڪام لاءِ بهتر ٿيندو، نه ته بنگالي ٻولي کي نظرانداز ڪرڻ جو انجام ڪو سٺو ته ڪو نه ٿيو. غلطين مان سکڻ کپي. هيءَ هڪ هٽي ۽ هٺ ڌرمي هڪ هٿرادو ٺهيل مفروضي تي نه هلڻ کپي. سنڌي، پنجابي، پشتو، سرائيڪي ۽ بلوچي کي قومي ٻولين جو درجو ڏيڻ وقت جي ضرورت آهي.

No comments:

Post a Comment