12/02/2013

نڌي ٻوليءَ جي جياپي جو سوال! - سحر گل (Sahar Gul)


سنڌي ٻوليءَ جي جياپي جو سوال!
سحر گل
پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ سان ملڪ ۾ شامل صوبن جي ٻولين کي ٻئي درجي جي حيثيت ڏئي، مختصر آباديءَ واري لڏپلاڻ ڪري آيل گروهه جي ٻوليءَکي قومي حيثيت ڏيڻ واري تنهن وقت جي حڪمرانن جي فيصلي جي ڪري صوبن ۽ مرڪز جي وچ ۾ تڪرار اڄ به قائم آهي. دنيا ۾ لڳ ڀڳ 7000 ٻوليون ڳَڻيون ويون آهن، جن مان ڪيتريون ئي وقت سان گڏ بتدريج مرنديون ٿيون رهن. ٻولين جي مرڻ جا سبب ڪٿي ماحولياتي تبديليون، آبهوا ۾ ڦير، ٻوڏون ۽ ٻيون قدرتي تباهيون آهن ته ڪٿي وري حڪمرانن جي سياسي ڪوتاه نظري به ان جو سبب آهي. مثال طور تي دنيا ۾ قديم ٻولين جي وارثن، جهڙوڪر آمريڪي ريڊ انڊين، آسٽريليائي اصلوڪن رهاڪن، جن کي ائب اوريِجينِيز سڏيو ٿو وڃي، کي ”تهذيب يافته“ بنائڻ جي چڪر ۾ کين زوريءَ انگريزي ڳالهائيندڙ اسڪولن ۾ ڀرتي ڪيو ويندو هو. سو  ويڌن رڳو پاڪستان ۾ شامل ٿيل قومن سان نه ٿي آهي، پر پاڪستان جي حوالي کان اهڙي ته نرالي ۽ اچرج جوڳي صورتحال نظر آئي آهي، جنهن تحت ملڪ جي مڙني ٻولين بشمول اڙدوءَ کي سنگين خطرو درپيش آهي. اهو آهي ڳالهائي ويندڙ ملڪ جي هر ٻوليءَ ۾ انگريزيءَ جو بي دريغ استعمال!

هتي واضح بيان ڪجي ته دنيا جي هر ٻولي سهڻي ٻولي تڏهن آهي جڏهن ان کي سندس نِج انداز ۽ لهجي ۾ ڳالهايو وڃي، ان ڪري انگريزي ڳالهائڻ وقت جي ضرورت آهي، ۽ ان کي ڳالهائڻ ۾ ڪو به حرج نه آهي پر نج نبار انگريزي ڳالهائڻ ۽ پنهنجي مادري ٻوليءَ جي فقط هڪ ئي جملي ۾ انگريزي ٻوليءَ جا انيڪ لفظ استعمال ڪرڻ ۾ فرق آهي. ان مسئلي تي ڳوڙهي ويچار جي ضرورت آهي. هيٺ ڏنل تجزيي ۾ پاڪستان جي ٻولين ۽ خاص ڪري سنڌيءَ کي درپيش خطري کي تفصيل سان بيان ڪجي ٿو:
گھرن ۽ سماجي ادارن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو واهپو:
نِج سنڌي گھراڻن ۾ سنڌي  ٻوليءَ جي استعمال ۾ گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ تمام گھڻي تبديلي آئي آهي. هونئن ته ڪنهن به ٻوليءَ  ۾ ٻين ٻولين جي لفظن جو داخل ٿي مروج ٿيڻ ٻوليءَ کي وڌيڪ سگھارو ڪندو آهي، پر سنڌي ٻوليءَ، ويندي پاڪستان ۾ ڳالهايون ويندڙ مڙني ٻولين ۾ انگريزي ٻوليءَ جي لفظن جو واهپو ايترو ته گھڻو وڌي ويو آهي جو ٻولين ۾ موجود حسين متبادل لفظ گم ٿيندي پيا نظر اچن، ۽ انهن جي جاءِ تي ماڻهن کي انگريزي ٻوليءَ جا لفظ استعمال ڪرڻ بنسبت سهنجو ٿو لڳي. انهن گھرن ۾ جتي ماڻهو ڌيئرن ۽ پٽن جي برابر تعليم جا حامي آهن، ۽ پنهنجن ٻارن کي اعلى درسگاهن يعني يونيورسٽين تائين موڪلين ٿا، انهن گھراڻن ۾ نسبتن اوهان کي انگريزيءَ ٻوليءَ جي لفظن جو واهپو جام ملندو. اهو مون پنهنجي واسطي وارن مڙني ٻولين ڳالهائيندڙن جي گھرن ۾ ڏٺو آهي. پوءِ کڻي انهن گھراڻن جا مرد ۽ ناريون حڪومتي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ هجن يا خانگي شعبن سان وابسته هجن، ويندي اهي پنهنجين (صوبائي) ٻولين جا نالي وارا لکندڙ ڇو نه هجن، سندن روزمره جي سنڌي ٻوليءَ ۾ انگريزي-پڻو اچي ويو آهي، جيڪو لکيل ٻوليءَ ۾ ته نه، پر ڳالهائي ويندڙ ٻوليءَ جي سِٽ سِٽ مان ليئا ٿو پائي. عجب جهڙي ڳالهه اها آهي ته اها ساڳي روش مون سنڌي ۽ اڙدو ٻولين جي نون توڙي جُھونن اديبن ۾ به ڏٺي! ڳالهائي ويندڙ سنڌي ڪيئن ٿي روپ مٽائيندي وڃي ان جو شايد اندازو ٻوليدانن کي نه آهي، پر اهو آهي تمام خطرناڪ. جنهن تيزيءَ سان ڳالهائي ويندڙ ٻولي شڪل مٽائيندي ٿي وڃي، لڳي ٿو، فقط هڪ نسل جي ڳالهه آهي جيڪڏهن اها روش جاري رهي ته ايندڙ نسل روزمرهه ۾ استعمال ٿيندڙ خالص سنڌي لفظ وڃائي ويهندو، ۽ نيٺ مادري ٻوليءَ جا رڳو حرفِ جر استعمال ڪرڻ بدران ماڳهين سڌو سنئون سنڌي ختم ڪري انگريزي نه شروع ڪري ڇڏي.
اوهان غور سان  ڪنهن به ٽي وي چينل تي ڳالهائيندڙن جي گفتگوءَ کي ٻڌو، اوهين حيران ٿيندئو ته پندرهن لفظن واري هڪ جملي ۾ ڏهه لفظ انگريزي ٻوليءَ جا استعمال ٿيندا آهن. جيتوڻيڪ پشتو ۽ بلوچي ڳالهائيندڙن ۾ اها روش نسبتن گھٽ آهي، پر تنهن هوندي اهي به نِج پشتو ۽ بلوچي نٿا ڳالهائين. مثال طور اوهين هينئر ئي سنڌي ٻوليءَ جو ڪو چينل ڏسو، جنهن ۾ ڪو به سياسي توڙي سماجي پروگرام هجي، موضوع کان قطع نظر اوهين فقط ٻوليءَ تي غور ڪيو، اوهين حيران ٿيندئو ته ميزبان کان وٺي مهمانن تائين هر ڳالهائيندڙ سٺ کان ستر سيڪڙو انگريزيءَ جي لفظن جو واهپو ڪري ٿو. اچرج ۾ بذاتِ خود مان پاڻ به آهيان، سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪالم ۽ ڪهاڻيون لکندي مون کي ڏهن سالن کان وڌيڪ عرصو ٿيو آهي، تڏهن به ڳالهائڻ مهل مون غور ڪيو ته مون کي وڌيڪ تشويش ٿي ته باوجود انيڪ سنڌي لفظن جي موجودگيءَ جي متبادل انگريزي لفظ زبان تي بي ساخته تري ٿا اچن. سنڌيءَ ۽ پاڪستان جي ٻين ٻولين تي انگريزيءَ جي اثرن جا ڪافي سبب آهن، انهن مان پنج هتي بيان ڪجن ٿا:
* سڀ کان پهرين ان صورتحال جو بنيادي سبب ننڍي کنڊ ۾ انگريزن جو بيٺڪي نظام  سمجھه ۾ اچي ٿو، ملڪ جي ادارن ۾ ان ئي بيٺڪي دور جا لاڳو ڪيل ڏهاڪن پراڻا نظام قائم آهن. ملڪ جي وزارتي دستاويزن ۽ پاليسين، ويندي ملڪ جي آئين ۾ به اوهان کي ان جو اثر نظر ايندو، جڏهن ملڪ جي اهم ادارن ۾ به اهي ئي بيٺڪي اثر سوڌو موجود آهن ته عام زندگين تي ته انهن جو اثر اڻ ٽر آهي. اوهين نوٽ ڪندئو ته ان ئي سبب جي ڪري انگريزي ڳالهائڻ  کي حالتن جي گُھرجَ بدران معيار  ۽ شان جي علامت سمجھيو وڃي ٿو.
* ٻوليءَ ۾ انگريزيءَ جي واهپي جو ٻيو سبب انٽرنيٽ به آهي، جيڪا ويهين صديءَ جي حيرت انگيز ايجاد آهي، جنهن ملڪ اندر ۽ ملڪن وچ ۾ رابطن جي  مفاصلن کي بي معنيٰڪري ڇڏيو آهي. انٽرنيٽ تي سماجي گروهه جن کي انٽرنيٽ جي ٻوليءَ ۾ سوشل ميڊيا گروپ سڏجي ٿو. انهن جا پنهنجا ٺاهيل لفظ ۽ اصطلاح آهن، جيڪي جيئن جو تيئن استعمال ته ٿين ٿا، پر انهن جو استعمال ٻين انگريزي لفظن جي استعمال لاءِ رستا کولي ٿو. خاص ڪري انٽرنيٽ  تي ويهندڙ نوجوان ۽ وڏا ته لازمي عام ٻوليءَ ۾ به انگريزي لفظ ڪتب آڻين ٿا. اهو تشويشناڪ آهي. ٿيڻ ته چيني ۽ فرانسيسي ٻولين جيان کپي جيڪي انٽرنيٽ تي وجود ۾ آيل لفظن ۽ اصطلاحن جا هڪدم متبادل لفظ پيدا ڪري وٺن ٿيون، نه ته پوءِ اُهو ئي ٿيندو، جيڪو ٿئي پيو، اهي ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جا ٻاهرين ٻولين جا نوان اصطلاح جيئن جو تيئن پيا ٻوليءَ جي شڪل مٽائيندا ويندا.
* ٽيون سبب ماڻهن جو ٻاهرين ٻولين کان مرعوب ٿي پنهنجي مادري ٻوليءَ جي جاءِ تي انگريزي ۽ اڙدو ڳالهائڻ شروع ڪرڻ آهي. ڪو دور هو جو سنڌ ۾ مخصوص سنڌي طبقي جو نوجوان نسل سنڌيءَ کي اڙدو ٻوليءَ جي انداز ۾ ڳالهائي فخر محسوس ڪندو هو، خاص ڪري ڪراچيءَ ۾ آباد ٿيل سنڌي خاندانن ۾ اها روش ڏٺي وئي هئي، ۽ هاڻي به ڏٺو وڃي ٿو ته ڪيترن ئي خاندانن ته گھرن ۾ سنڌي ڇڏي اڙدو ٻولي ڳالهائڻ شروع ڪئي آهي. ٻئي پاسي اڙدو ٻولي ڳالهائيندڙن جي چڱي انگ پنهنجن گھرن ۾ اڙدو ڇڏي انگريزي ڳالهائڻ شروع ڪئي، پنهنجيون ٻوليون ڇڏي انگريزي ۽ اڙدو ٻولين ڳالهائڻ  کي شان و شوڪت ۽ حيثيت کي وڌائڻ جي علامت سمجھيو پئي ويو. هاڻي ته خاص ڪري انگريزيءَ جو واهپو زور شور سان سامهون آيو آهي. پاڪستان جي مڙني ٻولين اڙدو، سنڌي، پنجابي، پشتو، بلوچي، براهوي، سرائڪي ۽ ٻين ٻولين ۾ ٻولين جي روزمره جي استعمال ٿيندڙ لفظن جي جاءِ تي انگريزي لفظ استعمال ٿين ٿا. جيتوڻيڪ لکت وارين مڙني ٻولين ۾ نون انگريزي لفظن جو استعمال تمام آهستگيءَ سان، عقلي انداز سان ۽ گُھرجَ موجب ٿئي پيو، پر ڳالهائي ويندڙ ٻوليءَ ۾ تباهه ڪن انداز ۾ نِج لفظن جي جاءِ تي متبادل انگريزي لفظ استعمال ٿين پيا.
* چوٿون سبب رياست جي صوبن جي ٻولين ۽ ثقافت سان ٻه اَکيائي آهي، پاڪستان ۾ شامل ٿيل صوبن جي ٻولين کي علائقائي ٻوليون قرار ڏئي صوبن سان جيڪو ڏاڍ ڪيو ويو، سو اڄ به جاري آهي. ان اثر هيٺ مڙني ٻولين ۾  ماڻهن ۽ گروهن جي احساسِ ڪمتري ۽ احساسِ برتريءَ تحت اصلوڪين ٻولين ۾ ويا نوان لفظ ايندا، ان ئي روش پس و پيش اڙدوءَ کي به نقصان رسايو آهي، خود ڳالهائي ويندڙ اڙدوءَ جي شڪل انگريزيءَ جي اثر تحت مٽجي وڃي ٻي ٿي آهي.
* پنجون سبب ٻولين جي قومي ۽ صوبائي اختياريءَ وارن ادارن جي غير ذميداري آهي، جن لکت واري ٻوليءَ تي وري به ٿوري گھڻي نظر پئي رکي آهي، پر ڳالهائي ويندڙ ٻوليءَ تي تيزيءَ سان ٿيندڙ  اثرن کي مڪمل طرح نظرانداز ڪيو آهي. ان تي تحقيق جي ضرورت آهي، ۽ اهڙا اُپاءَ جوڙڻ جي ضرورت آهي جن سان ان تيزيءَ سان ايندڙ ثقافت-دشمن تبديليءَ کي روڪي سگھجي.

No comments:

Post a Comment