علي حسن چانڊيو جو ڪتاب
نيلسن منڊيلا جي جدوجهد ۽ سنڌ جي قومي تحريڪ
رضوان ڪابورو

علي حسن چانڊيو پنهنجي تحرير
ڪيل ڪتاب نيلسن منڊيلا جي جدوجهد ۽ قومي تحريڪ سنڌ جي قومي ڪارڪنن جي نانءُ ڪيو آهي
۽ پنهنجي پاران واري حصي ۾ لکيو آهي ته، هو پاڻ کي ننڍڙو سياسي ڪارڪن سمجهندو آهي
۽ 1990ع واري ڏهاڪي ۾، ڏکڻ آفريقا ۾ آزادي جي تحريڪ ذريعي آيل تبديلي مٿس گهرا اثر
ڇڏيا هئا. علي حسن چانڊيو 1988ع ۾ ايسٽ برلن (جرمني) ۾ ٿيل نوجوانن جي ڪانفرنس ۾ شرڪت
سميت پنهنجي ڪُل سياسي پورهئي کي مختصر پر جامع انداز ۾ پڻ لکيو آهي. علي حسن اهو به لکيو آهي ته، اِن ڪتاب ۾ سندس گهر
واري نازنين ۽ پٽن جو پورهيو به شامل آهي. هن اهو به لکيو آهي ته، کيس ڪتاب پڙهندڙن
جي راءِ جو انتظار رهندو.
علي حسن پنهنجي ڪتاب ”نيلسن
منڊيلا جي جدوجهد ۽ سنڌ جي قومي تحريڪ“ جي پهرين ڀاڱي ۾ نيلسن منڊيلا جي 18 جولاءِ
1918ع تي ڏکڻ آفريقا جي صوبي ٽرانسڪي جي گادي
واري هنڌ امٽاٽا جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ موويزو ۾ ”رولو هلا هلا“ نالي جنم وٺڻ کان تعليمي
سفر، ازدواجي زندگي، سياسي جدوجهد، گورن سان بغاوت، 5 ڊسمبر 1956ع ۾ سندس گهر تي پوليس
چڙهائي، گرفتاري، ٿاڻي ۾ بند ڪرڻ، ٻيو ڀيرو اجو هاسيرگ جي جيل موڪلڻ سميت سندس پهرين
گهر واري ”ابو ولين“ سان سياست سبب معاملا خراب ٿيڻ، اي اين سي وومين ليگ ذريعي عورتن
کي منظم ڪرڻ ۽ انهن جي حقن لاءِ هلايل تحريڪ بابت لکيو آهي ته ان جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾
52 سيڪڙو عورتن جي آبادي جي موجودگي ۽ انهن
جي حقن لاءِ تحريڪن ۾شموليت نه ٿيڻ سان ڪئي آهي.
علي حسن ڪتاب جي پهرين ڀاڱي
۾ نيلسن منڊيلا ۽ سندس 156 سمورن قيدين جي آزادي ۽ صرف 30 ڄڻن تي ڪيس هلائڻ بابت لکيو
آهي، پر اهو ناهي لکيو ته، آزاد ٿيلن ۾ڪهڙا ڪهڙا ڪارڪن يا اڳواڻ هئا ۽ جن تي ڪيس هلائڻ
جو فيصلو ڪيو ويو، انهن ۾ ڪير ڪير شامل هو. ساڳي ئي ڀاڱي ۾ نيلسن منڊيلا جي انڊر گرائونڊ
تنظيم ٺاهڻ، گوري سرڪار کي چئلينج ڪرڻ، هٿياربند جدوجهد جو به ذڪر ڪرڻ سميت 27 ڊسمبر
2007ع تي محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت، نواب اڪبر بگٽي جي قتل ۽ مجموعي طور تي جنرل
پرويز مشرف جي حڪومتي دور جو به حوالو ڏنو آهي. اڳتي هلندي نيلسن منڊيلا جي 17 مهينن
جي روپوشي بعد هڪ ڀيرو وري گرفتاري بعد جوهانسبرگ جي جيل موڪلڻ جو ذڪر ڪيو آهي پر ان
جي تاريخ ناهي ڄاڻائي وئي.
علي حسن پنهنجي ڪتاب ۾ آفريقين
جي غلامي ڪيئن شروع ٿي، جي سوال جو به ڪجهه جواب لکيو آهي.
ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي ۾سنڌ جي
تاريخ مختصر طور تي پيش ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ڌارين جي آبادڪاري، ون يونٽ جي ٺهڻ سميت
قومپرستن جي جدوجهد، ايم ڪيو ايم جي ڪردار جو ذڪر ڪرڻ کان علاوه گهر شماري، پاسپورٽ
سڃاڻپ ڪارڊ جهڙن معاملن کي پڻ پيش ڪيو ويو آهي.
علي حسن چانڊيو پنهنجي ڪتاب
”نيلسن منڊيلا جي جدوجهد ۽ سنڌ جي قومي تحريڪ“ جي ٻن ڀاڱن ذريعي سنڌ جي عام نوجوانن
توڙي قومي ڪارڪنن کي ڄاڻ فراهم ڪرڻ ۽ شعور اڀارڻ جي بهترين ڪوشش ڪئي آهي. اميد ڪئي
وڃي ٿي ته نوجوان هن ڪتاب جو مطالعو ڪري ڀرپور فائدو حاصل ڪندا.
No comments:
Post a Comment