27/02/2013

ميرا جِي - س ب کوسو (S B Khoso)

پنهنجي دور جو وڏو شاعر
ميرا جِي
س ب کوسو
سندس شخصيت جي جيڪڏهن تصوير ٺاهجي ته ميرا جِي ساڌو واري ويس ۾ نظر ايندو. هٿن ۾ مالا، وڏا وار، ڪنن ۾ والا، ڪلهي تي هڪ ٿيلهو جنهن ۾ پنا ئي پنا ۽ پنن تي لکيل سندس نظم. ميرا جِي جڏهن ادبي ميدان ۾ لٿو ته ان وقت ڪيترائي ناليوار شاعر اديب اڳ ۾ موجود هئا. انهن ۾ فيض احمد فيض، ن م راشد ۽ ٻيا شامل آهن. فيض احمد فيض به اردو ۾ شاعري ڪندو هو. ميرا جِي پنهنجي اسلوب ۽ خوبصورت خيالن ۽ منفرد انداز جي ڪري پنهنجي جاءِ جوڙي ورتي. فيض احمد فيض چئي ٿو ”ميرا جِي جا ترجمه شاندار تخليقي ڪارنامه آهن، ميرا جِي جنهن انداز سان عالمي ادب جا حسين نمونا اسان تائين پهچايا آهن، سي رڳو ترجمه نه پر ايجاد آهن.“

وري ن م راشد چئي ٿو، ”ميرا جِي اسان جي دور جو وڏو شاعر آهي، سڀ کان وڌيڪ جدت پرست، سڀ کان وڌيڪ زرخيز ذهن جو مالڪ، سڀ کان وڌيڪ منفرد ۽ سڀ کان وڌيڪ بدنام“.
ميرا جِي ادب جي تشريح به منفرد انداز ۾ ڪري ٿو. چئي ٿو، ادب زندگي جو ترجمو آهي. ميرا جِي جي شاعري ۽ تخليقن جو پنهنجو هڪ اسلوب ۽ انداز هو. پنهنجي دور جو مشهور افسانه نگار سعادت حسن منٽو چئي ٿو ”ميرا جِي اهو وساري ويٺو هيو ته هو مسافر آهي، سفر يا رستو“.
ميرا جِي پنهنجي هڪ مضمون گيت ڪيئن جڙندا آهن ۾ لکي ٿو ته: ”جڏهن خيالن جا وهڪرا مون کي پاڻ سان کڻي ويندا آهن جو مون کي ايترو پري تائين لوڙهي ويندا آهن جو آئون لهرن ۾ ترندي سوچيندو آهيان ته عورت ئي گيت جوڙي سگهي ٿي.“ ميرا جِي ڪيترن ئي مشرق ۽ مغرب جي شاعرن ۽ اديبن کي پڙهيو ۽ پرجهيو ۽ هن اظهار جي نون طريقن ۽ نون ادبي لاڙن کي اهميت ڏني. هڪ ليکڪ عسڪري چئي ٿو ”ميرا جِي نون ادبي رجحانن ۽ اظهار جي نون طريقن کي سمجهڻ کي وڌيڪ اهميت ڏني ۽ نوان خيال ۽ اظهار ٻين تائين پهچايا“.
انگريزي جي ليکڪا گيتا پيٽل جيڪا ورجينيا يونيورسٽي ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر آهي، لکي ٿي ته ”ميراجي عورت جي زبان وسيلي پنهنجي ترجماني ڪري ٿو“.
ميرا جِي شروعاتي دور ۾ بنگالي شاعر ودياپتي (انڊيا)، لي پُو (چائنا)، ڊي ايڇ لارنس (برطانيه)، برانتي سٽرس (جاپاني ۽ ڪوريائي ٻولي ۾ شاعري ڪندڙ)، سيفو (گريڪ)، هين رچ هين (جرمن)، انا اخماتوف (روس) جي شاهڪار شاعري جو ترجمو ڪيو. هن ٽي ڪتاب پڻ ترجمن جا مرتب ڪيا. انهن ۾ ميرا ٻائي، عمر خيام ۽ دامور گپتا شامل آهن. احمد نديم قاسمي سندس شاعري جو مجموعو ”تين رنگ تين نظيمن“ جي عنوان سان شايع ڪرايو. اختراهه ايمان ”سه آتشا“ جي نالي سان هندوستان مان ميرا جِي جي شاعري شايع ڪئي. ميرا جِي ڪن نالي وارن شاعرن جي شاعري تي تجزيو لکڻ شروع ڪيو، جيڪو پوءِ شاهد احمد دهلوي سندس ئي حياتي ۾ ”اُس نظم ۾“ جي عنوان سان شايع ڪرايو. ميرا جِي انهن شاعرن جي شاعري کي تنقيدي رخ سان پرکيو. اردو جو ناليوارو ليکڪ آصف فرخي پنهنجي هڪ انگريزي مضمون ”ميرا جِي کي سلام“ ۾ لکي ٿو ته ”سندس تحرير کي جديد ادبي تنقيد ڪوٺي سگهجي ٿو.“
گيتا پاٽيل سندس شخصيت کي هن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي، ”هڪ عاشق بي چين، آس ۽ نراس جي وچ ۾ ٽنگيل، گهٽين جو رولاڪ، محبت ڪندڙ.“ ميراجي اولهه ۽ اوڀر جي شاعرن تي ڪيترائي مضمون لکيا، جن ۾ فرانڪوس ويلن چارلس بودليئر، ملارم (فرانس)، وائيٽ مين، پوئي (آمريڪا) ڊي ايڇ لارنس، ڪيٿرين مينسلفيڊ (برطانيه) ،هين (جرمن)، چندي داس، ودياپتي (انڊيا) لي پورچين، سيفو (يونان) شامل آهن.
هڪ طويل آزاد نظم ”محرومي“ ۾ منظرڪشي ڪجهه هيئن ڪري ٿو.
”آئون چوندو آهيان توکي، جيڪڏهن شام ڌاري
ڀلجي ڪري به ڪنهن ڪو ستارو نه آهي ڏٺو،
ته ان ۾ ڪو تعجب نه آهي ۽ نه ٿيندو،
ازل کان انهيءَ طريقي جي آهي پابند،
ظاهري شام، بي ضرر، شوخ نانگڻ،
ڪر کڻندي، لڏندي، چولولي بڻجي ويندي آهي،
اچو مون کي ڏسو مون تو لاءِ
رنگين محفل مچائي آهي، انوکو ايوان آهي، چوڏس آهن پردا، جيڪو به آهي اُتي،
کيس ڪوبه ڏسندو نه آهي، پردن جاپرت ائين ٿا لُڏن،
جيئن پکيڙيل سمونڊ جي! ڪوهيڙي وانگر فضا کي،
نظر کان لڪائي ڇڏيو هجي، ڏسو ڇت تي، لڙڪيل آهن فانوس،
پنهنجي هرهڪ روشن ڪرڻن سان سجائن ٿا گيت هڪ راز جي ڳالهه جو!“
(ترجمو: محمد بخش جي سومرو)
هڪ ٻي نظم ”جواني جا گهاءُ“ ۾ خيالن جو اظهار هيئن ڪري ٿو،
لعل ندي لعل ندي،
هوريان هوريان وهندڙ گرمي واري خاموشي،
ستل سرچشمو جاڳيو ۽ ڦيٽو،
رڙهندي رڙهندي گهر مان نڪتو،
وهندي وهندي وسعت ورتي،
۽ تصور تي ڇانئجي ويل،
ڪپهه جهڙا سڪل ڪپڙا،
ڪنهن بن جا ڀيد ٻڌايا،
ڏٺو سڀني پر دل ۾،
رات جي هر ڳالهه لڪائي،
مٺيون ڳالهيون نرم نگاهون،
۽ وفا جا گهرا ٻنڌڻ،
۽ جيون جي اٽل محتاجي، سڀني جواني جي تلخي کي ڪيو شيرين....

No comments:

Post a Comment