15/02/2013

سنڌ جي سياسي اڏاوت ۾ تنقيدي شعور جو ڪردار - سحر گل (Sahar Gul)


سنڌ جي سياسي اڏاوت ۾ تنقيدي شعور جو ڪردار
سحر گل
 تنقيدي سوچ/ شعور (ڪِرِٽِيڪَل ٿِنڪِنگ) جو هجڻ، زندگيءَ جي هر پاسي/پهلوءَ لاءِ ڪيئن لازمي جُز جيان اهم آهي، اهو اڄ جي مضمون جو موضوع آهي. تنقيدي سوچ جي فلسفي سان گڏو گڏ، مختلف شعبن ۾ تنقيدي نُقطئه نظر جي رُخن جي اهميت تي ڳالهائبو ته ڪيئن تنقيدي نقطئه نظر، انسان جي حياتيءَ جي هر پاسي کي ڇانگي، ان کي ارتقا وٺرائيندو آهي. وڻ ٻوٽن جي اوسرَ ۾ جيئن سندن ڇانگجڻ جو ڪردار آهي، تيئن ئي تنقيدي شعورُ ۽ تنقيدي نقطئه نظرُ فردن، گِروهن ۽ ادارن جي اوسَرَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.

تنقيدي سوچَ يا تنقيدي نُقطئه نظرَ جي پاسن تي ڳُوڙهي نظر هيٺ پيش ڪجي ٿي:
·        خيالن ۽ واقعن ۾ موجود منطقي ڳانڍاپي کي سمجهڻ
تنقيدي سوچ سان خيالن، واقعن ۽ لقائن ۾ موجود ربط ۽ سلسلو سمجهه ۾ ايندو. شين، لقائن، دورن ۾ ڳنڍاپو آهي، فطرت ۾ موجود مادي ۾ فَرَقُ هوندي به هڪجهڙائي آهي. تضادُ ٻن مختلف مرحلن جي وچ ۾ ڳانڍاپو رکي ٿو. داخلي ۽ خارجي، ٻه مختلف رُخ هوندي به، ربط رکن ٿا. ان جا انيڪ سائنسي مثالَ آهن. پر هن سماجي مثالَ سان ان کي بهتر سمجهي سگهجي ٿو؛ اسان وٽ تجزيي نگارن جي گھڻائي پنهنجي ٽِيڪا ٽپڻين ۾ پاڪستان جي داخلي سياستَ کي معرُوضي سياسي وايومَنڊلَ سان واڳَي نه ڏسندي آهي. هُو ’مخصوص‘ ملڪي معاملنِ جي خارجي سببنِ جي فَهَمَ نه رکڻ ڪري، ان جي سببن کي سمجهڻ لاءِ، اصل ڪارڻ ڇڏي، اَنڌَ ۾ اوسي پاسي پيا هٿوراڙيون هڻندا آهن. نتيجي ۾ لازمي طور تي سندن ٽيڪا ٽپڻيون به سطحي ثابت ٿينديون آهن. اهو بلڪل ائين آهي جيئن ملڪ ۾ انتهاپسنديءَ کي فقط ملڪي لقاءُ سمجهجي، اهو نه ڏسجي ته ان جا ماضيءَ وارا واسطيدار ڪردار، اڄڪلهه ان سان ڪيترو واڳيل آهن. ٻيو مثالُ عراقَ جو آهي. آمريڪي عوامَ جي اڪثريتَ اهو سمجهندي آهي ته آمريڪا عراق ۾ ڪيميائي هٿيارن جي ڳولا ۾ ويو. اُتي ترسي ان ڪري پيو جو کيس عراق جي جمهوري اڏاوتَ سان عشقُ آهي. تنقيدي شعورَ کان وانجهو ذهن آمريڪا ۽ ساڻس واڳيل يورپي ملڪن جي عراق بابت بيانن کي درست سمجهندو ۽ سندس ڌيان اُن اهم پاسي لڙندو ئي نه، ته عراق دنيا جو، تيل جا ذخيرا رکندڙ ٻيو/ٽيون وڏو ملڪ آهي، ۽ جاگرافيائي طور توانائي پيدا ڪندڙ خِطي جي مرڪز ۾ آهي. يا وري ائين ته بلوچستان جي سياست کي، پختونخوا ۾ انتهاپسنديءَ کي، ۽ ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ رت جي راند کي، غير ملڪي هٿ چُراند کان الڳ ڪري ڏسجي. واقعا پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن، ظاهري ڊرامي کي ڳُوڙهو نه سمجهبو ته خبر نه پوندي ته پسِ پرده ڪهڙي ڪهاڻي هلي پئي.
·        موقِف پيدا ڪرڻ، موقِفن کي سمجهڻ ۽ انهن جو تجزيو ڪرڻ
ڄاڻ يا علم جو هجڻ ئي ڪافي نه آهي. ڄاڻ جي گھڻائي بي عمل ماڻهوءَ وٽ، اَڻ ڪَتَب آندل خزاني جيان ٽِجوڙيءَ ۾ بند ئي رهندي، بي عمل ’مُورَک‘ ماڻهو پيو ’اُڃَ مرندو‘. علم جي حاصلات لازمي طور تي ماڻهوءَ جي زندگيءَ کي اُٿلائي پُٿلائي نئون ڪري ڇڏي، اهو علم جو اصل ڪارج سمجهبو. علم نون خيالن ۽ موقِفن کي جنم ڏيندو آهي. ڪنهن به زنده سماج کي نوان خيال ۽ موقِف پيدا ڪندو رهڻ کپي. مثال سماج جي ساڃاهه وندن جو اهو ذِمو آهي ته هو نوجوان نسل جي ذهني واڌ ويجهه لاءِ موجود سماجي حالتن جي حوالي کان کين سائنسي ۽ فلسفياڻو شعور ڏيندا رهن. نوجوانن، نينگرين ۽ نارين جي ذهني تربيت تي سنڌ جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ اخبارن ۽ ٽي ويءَ ذريعي نياپن ۾ نوان موقِف موڪلين. ڀلا گذريل دور جي ڏاهن جي ڏنل سکيا ۽ اڄ جي دور جي وسيع عِلم کي عمل ۾ ڪيئن آڻبو؟ ڇو ته ميڊيا جي اجاره دار دنيا ته نوان موقف پيدا ڪندي پئي وڃي، جيڪي انسان جي شعوري اڏاوت کان سواءِ باقي سڀ ڪجهه ڪن پيا. مثال هڪ ناريءَ جو فيشن جي ڌُٻڻ ۾ ڦاسڻ کي لازمي سمجهڻ، نينگرين کي تعليم ۽ ترقيءَ بدران رُڳو گهريلو ڪمن ۾ رُڌل ڏيکارڻ، نوجوانن جو ڪتابن بدران موبائيل فونُن ۾ پنهنجو مستقبل ڳوليندي ڏيکارڻ، اشتهارن ۾ نارين جي نمائش ۽ کاڌي جي شين جي مرڪزي حيثيتَ ڏيکارڻ! وِچئين ۽ ننڍي وِچئين طبقي جي نوجوان مردن ۽ نارين جا پسنديده موضوع ڪهڙا آهن؟ اُهي جيڪي ميڊيا منجهن وِجهي ٿي. انهن پيدا ٿيندڙ موقِفن کي ٻُنجو ڏيڻ لاءِ نوان موقِف پيدا ڪرڻا پوندا، جيڪي ڏاهپ، وجدان، سماجي سُوجهه، سائنسي سوچ ۽ فلسفياڻو شعور پيدا ڪن. هيءَ عالمگيريت واري دنيا موقِفَ جوڙڻ (يعني ڊِسڪورس جوڙڻ) جي دنيا آهي. شعور تي موقِف راڄ ڪن ٿا، موقِفَ ۾ سوڀائتو ٿيڻ عملي طور سوڀائتي ٿيڻ جو اُهڃاڻ آهي. سنڌ جي ڏاهن ۽ سياسي اڳواڻن کي سگهارا موقِف جوڙيندو رهڻ گُهرجي.
·        خيالنِ ۾ منطقيتَ ذريعي چُڪون ۽ جهولَ ڏسڻ
تنقيدي سوچَ جو ٽيون اهم پاسو منطقَ جي نظر سان خيالن کي ڏسڻ آهي، ته جيئن منجهائُن غير منطقي، ۽ غير عقُلي لاڙا ڪڍي ڦِٽي ڪجن، ڇاڪاڻ ته غير منطقيتَ پَس و پيش دوکو ڏيندي، ناڪام ڪندي. فردُ هجي يا گِروهُه، يا سياسي ۽ سماجي تنظيم هجن، غير منطقي لاڙا سندن ڀاڳُ اڀاڳُ جو تعين ڪندا آهن. وڏي (مئڪرو) سطح تي مثال اهو ڏِجي ته پاڪستاني رياست جي داخلي توڙي خارجي سياستَ جيڪڏهن منطقيتَ تي ٻڌل هجي ها ته انسان دوست هجي ها، ان جي نتيجي ۾ خوني ويڙهه نه جنم وٺي ها. جيڪڏهن ملڪ جي رياستي ادارن جي سربراهن ۾ اهو فَهَمُ هجي ها ته اهڙا فيصلا نه ڪن ها، جِن پس و پيش ملڪ کي ڏيوالپڻي ڏانهن ڌِڪيو. يا وري آمريڪا جو مثالُ، ته هو کاٻيءَ ڌُرِ پٺيان اهڙيءَ ريتَ ڀنڊي ٻاري ۽ کاٻي ڌُر جا لاڙا رکندڙ ملڪن ۾ ڳُجهائيءَ سان گِهڙي سندن سياسي نظامن، حڪومتُن کي تارپيڊو نه ڪري ها ته خُوني ساکَ نه ماڻي ها ۽ دنيا به هاڃن کان بچي وڃي ها. ان مان اهو ثابت ٿيو ته جيڪڏهن منطقي چُڪُن وارا خيال دنياگير سطح تي لاڳو ٿين ته دنيا ۾ غير انساني خيالن جو واهپو پکيڙي امُنَ جي موڪلاڻي ڪري سگهن ٿا، ان ڪري ئي اهڙا ذهن  دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ جنگ جو سهارو وٺڻ کي درست سمجهندا آهن (جيئن آمريڪا جي دهشتگرديءَ خلاف جنگ، ڇا دهشتگرديءَ کي جنگ سان ختم ڪري سگهجي ٿو؟) آمريڪا جي منطقي جهولَ رکندڙ ارادن ۽ اسان جي رياستي ادارن جي بي شعور ۽ انڌيُن تدبيرُن جو کٽيو ٻنهي ملڪن جو عوام پيو کائي! جي فردُ منطقي چُڪ ڪري ته هو اهم ۽ غير اهم جي فرق کي نه سمجهندي انهن پاسن ۽ ڪمن تي پيو سوچيندو، جيڪي نه ته سندس علم ۽ واڌ ۾ ڪو ڪردار ادا ڪندا، نه وري قوم انهن مان لاڀُ پرائيندي. هڪ نينگري ڪتاب ڇڏي سڄو ڏينهن پئي هارُ سينگارُ ڪندي، يا ڪو نِينگرُ علمي/فڪري لاڙن بدران فِلمُن جي پيدا ڪيل موقِفن تي سوچيندو ته پاڇيءَ ۾ وٽس سطحيت هوندي. مقصدَ ۽ ”روزانو جو ڏينهن ڪيئن گُذارجي“ ۾ جيترو  تنقيدي شعور هوندو، اوترو ئي ان مان لاڀُ پِرائِبو. اسان سڀني کي سوچڻ گُهرجي ته منطقي جهولَ کان وانجهو ۽ لاڀائتو ڏينهن ڪيئن گُذارجي؟
·        مسئلن کي سائنسيت سان حل ڪرڻ
تنقيدي سوچ رکندڙ  ماڻهو، گِروهُه، ادارو  يا تنظيم مسئلن کي سائنسي شعور سان سمجهندي انهن جا سائنسي حلَ ڪڍندا؛ ڪنهن به مسئلي جو سائنسي ۽ منطقي حل ڪيئن هوندو؟ ٿُلهي ليکي ڏسجي ته مسئلن جي سائنسي حل جو هڪ مثالُ سنڌ جي ٻهراڙين ۾ جرڳن جي ڏوهن جا فرسُوده حلَ ڪڍڻ آهي. عدالتُن ذريعي مسئلن کي حل ڪرڻ سائنسي ان ڪري آهي، جو قانونَ گڏيل انساني شعور جو نتيجو آهن، انهن قانونن ۾ جهول به هجن پر اهي زرعي سماج جي جرڳي جي فيصلن کان وڌيڪ عقُلي ۽ انسان-دوست فيصلا ڏيندا. مثال اهڙا فيصلا عدالت نه ڪندي، ڪُوڙُ پڪڙڻ لاءِ چَرَ ڀيلي رِٿڻ، پسند جي پرڻي تي ڪارِنهَن جي بدنام زمانه الزام هيٺ قتل ڪرڻ، يا نياڻيءَ کي قتل کان بچائي ڳاڙهي ڪري وڏيري حوالي ۽ خُون بها تحت نينگريون ڌارين حوالي ڪرڻ! سنڌ ۾ ۲۱ هين صديءَ ۾ به مسئلن جا اهي حل ٿا ڪڍجن؟ ظاهر آهي ته ٻين پاسن کان به اوترا ئي ’ترقي يافته‘ هونداسين! ڀلا ڇا ان سُڌاري آڻڻ ۾ به رياست يا آمريڪا رنڊڪ آهن؟ غير سائنسي، غير عَقُلي ۽ غير منطقي هجڻ ڀيلي ڀاڳ جا اُهڃاڻ آهن، ان ۾ خارجي قوتن جو ڪهڙو ڏوهُه؟
·        مخصوص خيالن، نظرين جي اهميت سمجهڻ، انهن کي لاڳُو ڪرڻ
اهو تنقيدي سوچ جو اهم ترين لاڙو آهي ته حال ۽ تاريخ جي پنن مان اهم سياسي، سماجي ۽ سائنسي نظرين ۽ نُقطئه نظرن کي پنهنجي دور سان واڳي ڏسجي، جي اهي ٺهڪندڙ هجن ته انهن کي مختلف پاسن ۾ لاڳو ڪرڻ لاءِ تدبيرون وٺجن. مثال حڪمتِ عمليءَ جي چيني ڏاهي سن زُوَ جو نظريو جيتوڻيڪ قديم ۽ قبل مسيحي نظريو آهي، پر ان جي (مِڙني نه ته گھڻن) حڪمتِ عمليءَ جي نُقطن کي سياسي طور ڪتب آڻي سگهجي ٿو. لازمي ناهي ته قديم علم کي جيئن جو تيئن لاڳُو ڪجي، پر پُراڻين هندوستاني، چيني، ۽ يوناني ڏندڪٿائُن مان اُتساهه وٺي سگهجن ٿا. ڀٽائيءَ سميت انيڪ ڏاها ڪلاسيڪي (سدائين جاودان رهندڙ ) ڏاهپ ۽ علمُ ڏئي ويا آهن، ان علم مان فرد توڙي گِروهه پِرائي، پنهنجي قسمت تبديل ڪري سگهن ٿا. مادي سطح تي تبديلي آڻڻ لاءِ لازمي آهي ته پهرين اُها شعوري ۽ نظرياتي سطح تي آڻجي! جيڪا اڪابرن جي ڏاهپ سان ممڪن آهي.
·        سطحي تنقيد ۽ اصلاحي تنقيد ۾ فرق رکڻ
سچي تنقيدي سوچ وارو ذهن ڇَسِي تنقيدَ (جنهن کي ٽوڪَ، چَٿَر ۽ شخصي تِيسو چئجي) ۽ اصلاحي تنقيد ۾ فرق رکي جڏهن تنقيد پيش ڪندو ته اُها سطحي ۽ شخصي حسد نه ڀاسندي. اصلاحي تنقيد ۽ ذاتي چٿر ۾ فرق آهي، ٽوڪ باز بحث بازيءَ ۽ عقلي گُفتگوءَ ۾ فرق آهي. اصلاحي ۽ مثبت تنقيدي سوچ ڏور-رس نظريءَ جي سمجَهه ڏيندي، سماجي ۽ سياسي ادارن کي ترقي وٺرائيندي. ڪي ماڻهو اصلاحي تنقيد کي ترقيءَ جي واٽ ۾ رُڪاوٽ سمجهن ٿا، اهو به بنهه غلط آهي. تنقيد شعوري تربيت جو لازمي جُز آهي، ان جي اهميت کي نه سمجهندڙ ۽ ان کي اُٻهرائپ سان استعمال ڪندڙ، ٻئي ڪوتاه نظر آهن.
سنڌ جي سياسي تنظيمُن جي گڏجاڻين جي پڇاڙيءَ ۾ تنقيدي نِشستُون رکڻ جو دستور هو، جنهن ۾  تنظيم جي مسئلن تي بحث ۽ تنقيدي نُقطئه نظر پيش ڪبو هو. جيتوڻيڪ اهو تنقيدي سرشتو به ايترو ئي محدود مُنظم هو، جيتريون محدود منظم اڪثر تنظيمون هيون، تنهن هوندي به، انهن نشستن ۾ سياسي تربيت لاءِ ايندڙ ضلعي يا صوبائي سياسي اڳواڻن تي به تنقيد ڪري سگهبي هئي، بنا ڊَپَ ڊاوَ جي؛ ڄڻ تنقيد هر ننڍي وڏي کي حاصل هڪ لازمي حق هو يا لازمي اخلاقي رسمَ هئي، يا سياست جو اهڙو لازمي وکَرُ هئي، جنهن کان سواءِ گڏجاڻي اَڻَ پُوري هئي، ڪارڪنَ پنهنجي متضاد راءِ جرئت سان پيش ڪندا هئا، ائين وِرلي ئي ٿيو هجي جو ان تدبير ڪري رنجشون ٿيون هجن يا انائُن کي ڌَڪَ لڳا هجن. ڪارڪنن جي گھڻائيءَ کي اِن رسمَ زندگيءَ گُذارڻ جو ڏانءُ ڏنو هوندو.
مٿي بيان ڪيل تنقيدي شعور جي نُقطن موجب پنهنجي ۽ ٻين جي زندگيءَ جي هر پاسي کي ٺاهڻ، اصلاحي تنقيد شائستگيءَ سان رکڻ، ۽ اهڙي تنقيدَ جي آجيان ڪرڻ، اهي سڀ ڳُڻَ شعوري بلُوغت ۽ تنقيدي شعور رکندڙ ذهن جا اُهڃاڻ آهن، جيڪي فردن جي شعور جي سائنسي ۽ منطقي اڏاوت ڪندا آهن، اُن عظمتَ جو کٽيو قومون ماڻينديون آهن.

No comments:

Post a Comment