12/02/2013

سنڌ جي اصلوڪي ٻولين جو موت! - منوج ڪمار


سنڌ جي اصلوڪي ٻولين جو موت!
منوج ڪمار
ٻولين جا وجود به ڪائنات جي ٻين زندهه جيون وانگر هوندا آهن. انهن جو جنم ٿيندو آهي، انهن جي واڌ ويجهه ٿيندي آهي، انهن ۾ وقت سان تبديلي ايندي آهي. اهي ٻين تي اثر به ڇڏينديون آهن ته ٻين کان اثر وٺنديون به آهن. انهن جو عروج به ٿيندو آهي ته انهن جو زوال به ٿيندو آهي، ۽ ٻين جيون جيان انهن جو موت به ٿيندو آهي.

جڏهن کان انسان پنهنجي اظهار لاءِ ٻولين جو استعمال ڪرڻ سکيو آهي، تڏهن کان هزارين ٻولين جو جنم ٿيو آهي. اهي ٻوليون مختلف وقتن ۾ ۽ مختلف ماحولن ۾ انسان جي ضرورتن کي پورو ڪنديون رهيون آهن. انسان هن ڌرتي تي ٻه کان ٽي لک سالن کان ٻولي جو استعمال ڪرڻ شروع ڪيو. اهي شروعاتي آواز رڳو هڪ ٻئي سان رابطي، مخالف جنس کي متوجهه ڪرڻ  ۽ شڪار دوران هڪ ٻئي کي خطري کان آگاهه ڪرڻ لاءِ ڪڍيا ويا. پر پوءِ اهي آواز لفظن جو روپ ڌاريندا ويا ۽ لفظ جملن جو. آهستي آهستي جملن جو هڪڙو مربوط سلسلو ٺهندو ويو ۽ پوءِ جملن ٺاهڻ لاءِ ڪي باقائدهه اصول دريافت ٿيا ۽ اهڙي طرح ٻولين جي ارتقا ٿي، ڇاڪاڻ ته لکت ۾ ٻولين کي محفوظ ڪرڻ جي روايت کي فقط ڪجهه هزار سال ٿيا آهن، تنهنڪري اهو چوڻ مشڪل ٿيندو ته انهيءَ سموري عرصي ۾ ڪل ڪيترين ٻولين جنم ورتو، پر ٻولي جا ماهر اهو انگ محتاط اندازي موجب هڪ لک چاليهه هزارن جي لڳ ڀڳ ٻڌائين ٿا يعني ٻولي جي ظهور کان وٺي هيستائين مختلف دورن ۾، مختلف قومن ۽ قبيلن ۾ ۽ مختلف علائقن ۾ هڪ لک 40 هزار ٻولين جو جنم ٿي چڪو آهي. انهن مان مختلف دورن ۾ 96 سيڪڙو ٻولين جو موت ٿي چڪو آهي. هن وقت انهن ٻولين مان رڳو 6 هزار جي ويجهو ٻوليون وڃي بچيون آهن. انهن ڇهه هزار ٻولين مان به 25 سيڪڙو ٻولين جا ڳالهائيندڙ رڳو هزار کن بچيا  آهن. جڏهن ته 50 سيڪڙو ٻولين جا ڳالهائيندڙ فقط 10 هزار کن آهن.
ايترن گهٽ تعداد ۾ ڳالهائيندڙن جو مقصد آهي ته ايندڙ وقت ۾ انهن ٻولين جو زندهه رهڻ مشڪل آهي. ڪنهن به ٻولي جي قائم رهڻ لاءِ لازم آهي ته انهيءَ جا گهٽ ۾ گهٽ هڪ لک ڳالهائيندڙ هجن. ايترو انگ فقط دنيا جي ڏهه سيڪڙو ٻولين کي ميسر آهي يعني ڇهه هزار ٻولين مان فقط 600 ٻوليون في الحال محفوظ چئي سگهجن ٿيون. ٻولي جي ماهرن کي ڊپ آهي ته ايندڙ هڪ صدي تائين دنيا جون 90 سيڪڙو ٻوليون ختم ٿي وينديون. سندن مطابق سراسري هر هفتي هڪڙي ٻولي جو موت ٿي رهيو آهي.
سنڌ ۾ اهڙيون کوڙ ساريون ٻوليون، جن جو وجود ختم ٿي چڪو آهي يا ختم ٿيڻ جي ڪناري تي آهي، انهن ٻولين ۾ جدگالي يا جتگالي ٻولي به آهي، جيڪا لاڙ ۽ ڪوهستان ۾ جتن جي ٻولي آهي. اها ٻولي ڪنهن وقت ۾ تمام وڏي انگ ۾ سنڌ، بلوچستان ۽ ويندي ايران تائين ڳالهائي ويندي هئي. انهيءَ ٻولي جا ڳالهائيندڙ هاڻ سنڌ ۾ ڪجهه هزار ماڻهو وڃي بچيا آهن. نئين نسل ۾ انهيءَ ٻولي جي منتقل نه ٿيڻ سبب ايندڙ ڪجهه سالن ۾ اها ٻولي ختم ٿي ويندي. ٻين ٻولين جو حال اڃا به خراب آهي. مثال ڪبوترا سنڌ جي هڪڙي برادري آهي، جن جا مرڪز ٽنڊو الهيار، ٽنڊو محمد خان ۽ ماتلي تعلقن ۾ آهن. انهن جو ڪم ماضي ۾ ماڻهن کي تفريح پهچائڻ هو. انهيءَ برادري جي پنهنجي مخصوص ٻولي هئي پر اها ٻولي ڳالهائڻ وارا هاڻ وڃي ڪجهه سئو ماڻهو وڃي بچيا آهن. ايندڙ ٻن نسلن تائين شايد اها ٻولي ختم وڃي. ساڳي صورتحال گرگلن جي ٻولي جي آهي، جيڪي سنڌ جو اصلوڪو جپسي قبيلو آهي ۽ جنهن جا نڪ نقشا ۽ جينياتي ڳانڍاپو يورپ جي جپسين سان ملي ٿو. تن جو به انگ هاڻ گهٽبو پيو وڃي ۽ انهن جي انگ گهٽجڻ سان انهن جي ٻولي به ختم ٿي ويندي. سنڌ جي اصلوڪن قبيلن مان گهڻن جي ٻولي هاڻ خطري جي ڪناري تي آهي. انهن اصلوڪن قبيلن ۾ گواريا، جنڊاوڙا، والهري، لوهر، ٻالا، شڪاري ۽ اوڏن سميت ڪافي قبيلا شامل آهن، جيڪي پنهنجين اصلوڪين ٻولين کي ڇڏي ٻيون ٻوليون اختيار ڪري رهيا آهن. انهن مان ڪجهه هاڻ شايد انهن ٻولين ڳالهائيندڙن جو آخري نسل هجي. ڪنري ڀرسان اِير نالي هڪڙي برادري ۾ مس ڪي ٻه سئو کن عورتون بچيون آهن، جيڪي پنهنجي اصلوڪي ٻولي کان واقف آهن. ساڳي طرح ساماري ويجهو ڀايا نالي برادري جا 400 کن ماڻهو پنهنجي اصلوڪي ٻولي ڄاڻن يعني انهن جي موجوده نسل ختم ٿيڻ کان پوءِ انهي ٻولي ڳالهائڻ وارو ڪير به نه رهندو.
اهي اصلوڪيون ٻوليون انهيءَ ڪري ختم ٿي رهيون آهن، جو معاشي ۽ سماجي طور تي انهن ٻولين جي هاڻ ايڏي اهميت نه رهي آهي. انهن جي نئين نسل لاءِ سنڌي يا ٻي ڪا مروج ٻولي اپنائڻ سماجي ۽ معاشي طور تي وڌيڪ فائيديمند ٿي رهيو آهي. ٻيو سبب اهو به آهي ته ڏڪر ۽ ٻين قدرتي آفتن سبب انهن اصلوڪن قبيلن کي پنهنجي علائقن مان لڏي ٻين علائقن ۾ وڃڻو پيو پئي، جتي انهن جو هڪ ٻئي سان رابطو ختم ٿيندو پيو وڃي ۽ نتيجي ۾ کين انهي علائقي جي ٻولي اختيار ڪرڻي پئي پوي، جتي اهي لڏي آيا آهن. ساڳي طرح روزگار لاءِ شهرن ۾ رهائش اختيار ڪرڻ سبب به سماجي دٻاءَ ۽ معاشي مجبورين سبب انهن کي انهن شهرن جي مروج ٻولي ئي اختيار ڪرڻي ٿي پوي. هڪڙو سبب اهو به آهي ته انهن کي محسوس ٿو ٿئي ته سندن ٻولي متان سندن هيٺاهين سماجي حيثيت کي ظاهر نه ڪري وجهي، سو شرم وچان به ڪافي ماڻهو پنهنجي اصلوڪي ٻولين تان هٿ کنيو وڃن.
انهن مرندڙ ٻولين کي بچائڻ جي ضرورت آهي. اهي ٻوليون انهيءَ ڪري به زندهه رهڻ گهرجن، جو ڪنهن به ثقافت جي سگهه انهيءَ جي گوناگونيت ۾ آهي. ثقافتن جي اها سونهن آهي ته انهيءَ ۾ ڀانت ڀانت جا رنگ هجن. جيڪڏهن اسان جي سنڌ جي تهذيب جا اهي رنگ اسان جي ثقافتي منظرنامي مان ختم ٿي ويندا ته سنڌ ٻسي ۽ هڪ رنگي لڳندي. اهي ٻوليون انهيءَ ڪري به زندهه رهڻ گهرجن، جو ٻوليون تاريخ جو ڀنڊار هونديون آهن. هر ٻولي ۾ انهيءَ خطي جي تاريخ جو هڪڙو انوکو رخ محفوظ ٿيل هوندو آهي. تاريخ جو اهو رخ انهيءَ ٻولي جي ادب، انهيءَ جي شاعري، انهيءَ جي ڏند ڪٿائن، انهن جي روايتن، انهن جي پهاڪن ۽ انهن جي لوڪ گيتن ۾ محفوظ هوندو آهي. سنڌ جي ڪنهن به ٻولي کي مرڻ ڏيڻ جو مقصد سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت جي هڪ اهم حصي کي وڃائڻ هوندو. اهي ٻوليون انهيءَ ڪري به زندهه رهڻ گهرجن، جو هر ٻولي ۾ لوڪ ڏاهپ جو خزانو هوندو آهي، جيڪو خزانو انهيءَ ٻولي جي ذريعي ئي حاصل ڪري سگهجي ٿو. سنڌ جا اصلوڪا قبيلا ڪنهن هڪڙي فن يا هنر ۾ ماهر هوندا آهن. انهن صدين دوران انهي هنر جا ڪي اڻملهه راز ۽ مهارتون حاصل ڪيون آهن. جڏهن اها ٻولي مري ٿي وڃي ته انهيءَ سان گڏ اهي هنر ۽ فن به مريو وڃن. ڪافي اصلوڪين ٻولين ۾ سنڌ جي گلن، ٻوٽن، جانورن، پکين، مڇين ۽ جيتن جي باري ۾ انتهائي شاندار لفظ موجود آهن، جيڪي شايد سنڌي ۾ به نه هجن. ساڳي طرح انهن اصلوڪن ماڻهن وٽ انهن جڙي ٻوٽين ذريعي بيمارين جي علاج، موسمن جي پيشنگوئين، دريائن جي فطرتن، جانورن جي عادتن، شڪار جي طريقن، پوکن جي پيداور وڌائڻ، جانورن جي علاج، تعمير جي فن، پيرن کڻڻ جي هنر سميت اڻڳڻين هنرن تي بيشمار ڄاڻ هوندي آهي، جيڪا ڄاڻ انهن ٻولين جي ختم ٿيڻ سان هميشه لاءِ وڃائجي ويندي. انهيءَ علم ۽ ڄاڻ جي وڃائڻ سان سنڌ جي هزارن سالن جي تهذيبي سفر ۾ جيڪو ڪمايو ويو، سو سڄو ضايع ٿي ويندو، ۽ جيڪر اهو ٿيو ته اها اسان جي ۽ اسان جي ايندڙ نسلن جي وڏي بدنصيبي هوندي.
جيڪڏهن اسان پنهنجي ماءُ ٻولي جي جياپي جي حق لاءِ وڙهي رهيا آهيون ته اسان کي ٻين جي ماءُ ٻولي جي جياپي جو به احترام ڪرڻو پوندو. اهو سڏ آهي اسان جي يونيورسٽين جي لسانيات، سماجيات ۽ اينٿروپالاجي شعبي جي عالمن ۽ شاگردن کي، ثقافت جي وزارت کي، سرڪاري ۽ غير سرڪار تنظيمن کي، ليکڪن کي، اديبن کي، تاريخ دانن کي، ٻولي جي ماهرن کي ته اهي ختم ٿيندڙ تهذيبي ۽ لساني ورثي کي بچائڻ لاءِ اڳتي اچن.

No comments:

Post a Comment