13/02/2013

جديديت پڄاڻان کان پوءِ - مبارڪ علي لاشاري (Mubarak Ali Lashari)


”جديديت پڄاڻان کان پوءِ“ جا ڪجهه وڌيڪ لقاءُ...
مبارڪ علي لاشاري
جديديت پڄاڻان کان پوءِ جي لقاءُ کي حتمي صورت ڏيڻ نه ته ايترو آسان آهي، نه ڪنهن فلسفي يا نقاد اهڙي حتمي راءِ جو اظهار ڪيو آهي. اها هڪڙي تمام ڏکي ڳالهه آهي ته ڪنهن دَور يا وقت جي فلسفي، لاڙن، پيراين، ماڻ ماپن ۽ ڊيگهه وطول ئي ان ئي دور ۾ طئي ڪري حتمي صورت ڏجي، ڇو ته ڪنهن به شيءِ يا دور جي افاديت، ڪارج، ۽ اهميت کي ايندڙ دور ئي طئي ڪندو آهي ۽ ايندڙ وقت ئي ان دور جي لقائن کي ڪو نانءُ ڏيئي سگهندو آهي.

جهڙي طرح سان جديديت جي دور کي جديديت واري عرصي ۾ اهو نالو ڪونه ڏنو ويو هو پر پوءِ ايندڙ وقت جي حالتن انهي شيءِ کي اهو نالو ڏنو ۽ ان دور جي لهر جي ڇانو هيٺ ايندڙ لاڙن ۽ ڳالهين جي افاديت کي بيان ڪيو. جهڙي نموني سان نئين تنقيدنگاري کي ايندڙ وقت جي نقادن اهو نالو ڏنو، جنهن جو توڻي جو انهي تنقيد جي پيروڪارن پڻ انڪار پئي ڪيو.
ادب جي دنيا سان سلهاڙيل ماڻهو ڄاڻن ٿا ته مابعدالطبيعات شاعري (Metaphysical poetry) جي نالي تحت جان ڊن (John Donne) کي مابعدالطبيعات جو شاعر پڻ، ان بعد ايندڙ نقادن قرار ڏنو. ان کان اهم ته وجوديت جي فلسفي جو نانءُ پڻ پوين نقادن ڏنو جنهن جو بيشڪ وجودي ليکڪن پوري طرح اعتراف نه ڪيو هو.
ٻين فلسفن يا لاڙن تي هن وقت متفق ٿيڻ ته اڃا قبل از وقت جي ڳالهه آهي پر هن دور جي سمورين ڳالهين کي سموئي بيان ڪري ۽ ماضي جي تسلسل کي به قائم رکي، اهڙي ڪنهن اصطلاح تي متفق ٿيڻ به وڏو مسئلو آهي، تنهنڪري هن دور جي نقادن ان کي پنهنجي خيال يا طريقي سان اصطلاح ڏنا آهن. انهن اصطلاحن ۾ ٽي اصطلاح هن وقت عام گردش ۾ آهن، جنهن ۾ پهريون اصطلاح ته ”جديديت پڄاڻان کان پوءِ“ (After-postmodernism) آهي ۽ اهو اصطلاح ان ڪري به اهم آهي جو شڪاگو يونيورسٽي پاران 1997ع ۾ سڏايل ڪانفرنس هيٺ دنيا جا انتهائي قدآور فلسفي ۽ نقاد ان نانءُ جي ڇانوَ هيٺ ويهي چڪا هئا. انهي ڪانفرنس ۾ سمورا متفق ٿي ٻين ڳالهين تي غور ڪرڻ ۾ مشغول رهيا هئا.
ان بعد ٻيو نمبر موزون اصطلاح ”بعد-جديديت پڄاڻان“ (Post-postmodernism) چئي سگهجي ٿو جنهن تي پڻ ڪافي نقاد متفق نظر اچن ٿا، جنهن جو وڏو پرچارڪ ٽوم ٽرنر آهي، جيڪو شهري منصوبا بندي ۽ خوبصورت عمارت سازي جو ماهر آهي، جنهن 1995ع ۾ بعد-جديديت پڄاڻان اصطلاح ڪتب آندو هو ۽ ٻين کي انهي ڏانهن مدعو ڪري کين دعوت فڪر پڻ ڏني هئي ۽ عملي طرح انهي لاڙي يا فلسفي ۽ سوچ تي فن تعمير ۾ ڪجهه مثال قائم ڪري ڏيکاريا هئا، جنهن جو ذڪر هن لکت ۾ اڳتي ڪيو ويندو. ان بعد انهي اصطلاح تي ڪافي ٻين نقادن پڻ لکيو.
انهي ڏس ۾ ٽيون نمبر اصطلاح ”ماورا-جديديت“ (Meta-modernism) موجود آهي، جنهن تي مٿين ٻن اصطلاحن کان پوءِ ڪجهه نقاد متفق آهن ۽ اهو گهڻو عام استعمال هيٺ آهي ۽ انهي سري هيٺ پوسٽ ماڊرنزم جي تقريبن لاڙن ۽ فلسفن جي برعڪس تذڪرو هلي پيو. نه صرف اهي مٿيان ڪجهه اصطلاح پر ٻيا به اصطلاح ضرور ڪنهن نه ڪنهن نموني عام استعمال ۾ ضرور هوندا، ڇوته جهڙي نموني سان اوهان ڪن پنج ماڻهن کان جديديت پڄاڻان (Postmodernism) جي باري ۾ پڇندا ته پنج ئي مختلف جواب ايندا ۽ عين ممڪن آهي ته پنج ئي هڪٻئي کان بلڪل مختلف هجن، تهڙي ريت ”جديديت پڄاڻان کان پوءِ“ يا ”بعد-جديديت پڄاڻان“ يا ”ماورا-جديديت“ جا تصور به ضروري ناهي ته ڪي هن وقت فائنل ٿي چڪا هجن ۽ هڪٻئي سان ملندڙ جلندڙ يا ٺهڪندڙ به هجن.
پر بهرحال هي مرحلو شروع ٿيل آهي جنهن جو هڪڙو فطرتي وقت ۽ ارتقا آهي جنهن کي اڳتي هلي حياتياتي جي ماهر چارلس ڊارون جي اصطلاح طاقتور جي بقا (The Survival of fittest) جيان ڪنهن غالب اصطلاح کي عام ٿيڻو آهي. هي مرحلو به بلڪل جديديت پڄاڻان جي اصطلاح وانگر آهي جنهن کي پوسٽ ماڊرنزم اصطلاح جي عام ٿيڻ کان پهرين  Late-modernism،Hyper-modernism  وغيره پئي سڏيو ويو هو جيڪي پوءِ جٽاءُ نه ڪري سگهيا هئا.
انهي نئين فلسفي جي گوناگون موضوعن ۾ وڃڻ نه صرف هڪ مضمون پر هڪ ٻن ڪتابن جي جاءِ به ناهي. ان ۾ ڪافي ساريون ڳالهيون آهن جيڪي ڪندي ڪندي، وقتُ اچي ڪنهن نئين موڙ تي بيهاريندو آهي. بهرحال، آهستي آهستي پنهنجي وت ۽ وس آهر سموري دنيا ۽ انهن جا ماڻهو مختلف لقائن جا نه صرف ڪنزيومر ۽ استعمال ڪندڙ آهن پر انهن ۾ اضافو ڪندڙ نمائندا پڻ آهن. انهن انسانن ۽ سوچيندڙن مان هڪڙو مٿي ذڪر ڪيل ٽوم ٽرنر (Tom Turner) پڻ آهي. هو انگريز آهي جيڪو گرينوچ يونيورسٽي لنڊن ۾ پڙهائيندو آهي.
ٽوم ٽرنر هڪ ڪتاب جيڏو ليک لکي پوسٽ-پوسٽ ماڊرنزم جي وڪالت ڪئي ۽ جديديت پڄاڻان (پوسٽ ماڊرنزم) جي تعمير ۽ فن تعمير جي نمونن کي رد ڪري نوان تصور ڏنا. هو پنهنجي پوسٽ پوسٽ ماڊرنزم جي نواڻ جي حوالي طورآسٽرين-آمريڪي تعميراتي ماهر ڪرسٽوفر وولف گانگ اليگزينڊر جي تعميري منصوبن کي پيش ڪري ٿو. ڪرسٽوفر اليگزينڊر پنهنجي منصوبي جي پيش نظر ڪيليفورنيا، جاپان ۽ ميڪسيڪو ۾ 200 عمارتون تعمير ڪرايون ۽ انهن جا نمونا جديديت پڄاڻان جي فن تعمير جي برعڪس بعد-جديديت پڄاڻان تحت پيش ڪيا. ٽوم ٽرنر اڃا ڪنهن موزون اصطلاح پيش ڪرڻ ماڻهن کي پڻ چيو ته اهي اڃا ڪو بهتر لفظ کڻي اچن.
ان کان علاوه ٽوم ٽرنرپنهنجي نقطه نظر تحت جديديت پڄاڻان تي نقطه چيني ڪندي چوي ٿو ته شيون ”بس ايئن ئي“ ڪونه ٿيون هلن پر انهي سموري مرحلي ۾ فهم سان گڏ ڪجهه عقيدي جو عمل دخل به هوندو آهي (جيئن خودڪش حملا آوري آهي)، جنهن تحت انسان پنهنجي ڪنهن نه حاصلات جي اميد جو عقيدو رکي قدم اڳتي وڌائي ٿو يا جيئن دنيا اميدن تي قائم آهي جو مثال آهي.
ان کان سواءِ ٽوم ٽرنر جديديت پڄاڻان جي رد ۾ جيسٽالت نفسيات (Gestalt Psychology) ۽ ڪارل جونگ جو تصور آرڪيٽائپ (Archetype)پيش ڪري ٿو. جيسٽالت جيڪو جرمني ٻولي جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ ”ڪنهن وجود جي مڪمل هيئت جو جوهر“ آهي، جنهن تحت نفسياتي مطالعي ۾ ذهن کي جسم جي نسبت سان هڪ حصو هجڻ بجاءِ هڪ الڳ ٿلڳ مڪمل وجود ڪري سمجهڻ جو فلسفو آهي ۽ هن سوچ مطابق دماغ جي جوهر کي الڳ ۽ آزاد تصور ڪري سمجهيو وڃي. جڏهن ته جونگ جي آرڪيٽائپ مطابق اهڙو تصور يا ذهني پيداوار جيڪا پنهنجي قسم جي شين جو اولين نمونو هجي ۽ باقي شيون انهي مان اخذ ڪيل هجن. مثال ڪنهن تعمير يا ڊيزائن جو اهڙو نمونو جنهن جيڪو پنهنجي وجود ۾ پاڻ هڪ مڪمل صورت هجي. ادب ۾ جنهن جا مثال هومر ۽ ورجل جا مثالي شعرياتي نمونا آهن جنهن جا اڳ مثال ڪونه ٿا ملن پر ان تحت ڪيترائي شعري داستان لکيا ويا.
ياد رهي جديديت پڄاڻان فلسفي ۾ شين کي ايئن الڳ ڪري ڪونه پئي ڏٺو يا سمجهيو پر انهي لاڙي تحت شين جي ميلاپ يا مڪسچر کي اڳتي وڌايو پئي ويو، جنهن جا مثال Pastiche  ۽ جزيات Fragmentation اهم آهن. انهن مثالن ۾ نه صرف عام علم ۽ ثقافت پر ادبي صنفن کي شامل ڪيو پئي ويو ۽ صنفن جي فرق کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي.
انهي ڏس ۾ روسي-آمريڪي نقاد ميخائل ايپسٽن (Mikhail Epstein) 1999ع ۾ لکيل پنهنجي ڪتاب ”روسي جديديت پڄاڻان“ (Russian Postmodernism) ۾ ٻڌائي ٿو ته جديديت پڄاڻان هڪ تمام وڏي تاريخي تسلسل جو اولڙو آهي جيڪو تسلسل جديديت نالي سان جاري هو. هن جو وڌيڪ مڃڻ آهي ته جديديت پڄاڻان جا تصور هاڻي ڪافي روايتي ٿي ويا آهن جيڪي هن وقت ”ماورايت“ يعني تبديلي پذير دور مان گذرن پيا. انهن تصورن سان ميخائل ايپسٽن روس ۽ روسي ادب ۾ موجود جديديت پڄاڻان ادب ۽ شاعري جي قدرن جو تجزيو ڪري ٿو ۽ منجهن جديديت پڄاڻان کان پوءِ وارن تبديلين جو عڪس پسي ٿو ۽ انهن منجهان اها ڳالهه اخذ ڪري ٿو ته هاڻي فن ۽ ادب ۾ ڪهڙيون نيون تبديليون اچن پيون.
پوسٽ پوسٽ ماڊرنزم جون هي صورتون به ڪي طئي ٿيل يا حتمي ناهن، نه ئي اهي بنهه ڪي رد ٿيڻيون آهن. پر انهي ڳالهه کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي ته انهن شروعاتي بحث مباحثن جي ايندڙ وقتن ۾ وڏي اهميت ۽ معنيٰ آهي، ڇاڪاڻ ته اهي سندس تعميراتي سرون آهن جن جي بنيادن تي ايندڙ وقت جي فلسفي يا ثقافتي، سياسي، سماجي پيراين واريون عمارتون تعمير ٿيڻيون آهن. انهن شروعاتي بحثن جي پس منظر ۽ پيش منظر تحت اسان کي پنهنجي ثقافتي ترقي ۾ گذريل دورن ۽ انهن جي ڀيٽ ۾ هاڻوڪي توڻي دورن جي سانچي پنهنجي سوچ جو تعين ڪرڻ گهرجي ۽ دنيا جي سوچ جي رفتار سان اسان کي پنهنجي ترقي جي رفتاري ڀيٽڻ گهرجي. اگرچه اسين گهربل اڳواڻي نٿا ڪري سگهون پوءِ به اسين تبديل ٿيندڙ دنيا سان ڪجهه پاڻ ڀرا ته ٿيون، ڇاڪاڻ ته هزار انڪار باوجود اسين مغربي دنيا جي ترقي ۽ سوچ کان انڪار نٿا ڪري سگهون نه ڪي ان جي متبادل ڪجهه پيش ڪري سگهون ٿا.

No comments:

Post a Comment