سائين مير محمد پيرزادو چوي ٿو
جي تون سڌ سڪڻ جي
رکيل مورائي

سائين مير محمد سنڌ جو هڪ اهم ليکڪ ته
آهي ئي پر هو قومي ڪارڪن به رهيو آهي ته قومي تحريڪ ۾ هڪ
استاد طور به هن جو پنهنجو حصو آهي. سنڌي ادب ۾ به هن جو پنهنجو حصو آهي. تازوئي اسان
هڪ نوجوان محمد حنيف سومري نهايت جاکوڙ ڪري، سائين مير محمد جا الڳ الڳ موضوعن تي
الڳ الڳ وقتن کي لکيل ۽ ٽڙيل پکڙيل مضمون ڪري هڪ نهايت خوبصورت ڪتاب ترتيب ڏنو
آهي، جنهن جو نالو آهي ”جي تو سڌ سڪڻ جي“ هن ڪتاب ۾ سڀئي شامل
مضمون الڳ موضوعن تي هوندي به سائين مير محمد جي حسين نثر جو مثال آهن. سندس نثر
به سندس طبعيت وانگر نهايت سنجيدو ۽ وڻندڙ آهي ته ساڳئي وقت موضوع سان نڀاءُ ڪندڙ
پڻ!
هيءَ ڪتاب مارئي اڪيڊميءَ جي سرواڻ اسان جي پياري دوست سڪندر
ملاح ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. ڪتاب ۾ 208 صفحا آهن ۽ ڪتاب جو ملهه 250 رپيا آهي.
No comments:
Post a Comment