25/02/2013

سياست ــ سماج ۽ آزادي - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)


نوجوان اديب خالد چانڊئي جو ڪتاب
سياست ــ  سماج ۽ آزادي
رکيل مورائي
سنڌ جا نوجوان، جيڪي سنڌ جي سياسي ۽ سماجي حالتن تي سدائين هڪ ذهين شخص واري نظر رکندا آهن. اسان جو دوست خالد چانڊيو انهن منجهان آهي. هو هڪ سياسي ذهن سان گڏ سماجي ڄاڻو  ۽ نظرياتي شخص آهي، ساڳئي وقت هو هڪ سنجيده پڙهندڙ به آهي ته لکندڙ به! سندس لکيل منصور حلاج تي ڪتاب اهڙي شاهدي ڏئي ٿو. خالد چانڊيو جتي هڪ ڄاڻو ۽ ڏاهو شخص آهي، اتي هڪ اداري ساز شخص به آهي ته هڪ دلبر دوست به هڪ سنڌ دوست سياسي ذهن به. سندس تازو ڪتاب انهن ليکڪن جو گڏيل مجموعو آهي، جيڪي هُن سنڌ توڻي ملڪ ۽ عالمي تناظر ۾لکيا آهن ۽ اهي الڳ موقعن تي ڇپيا پڻ آهن، هاڻ جڏهن اهي سڀ ليک سهيڙجي هڪ ڪتاب ۾ آيا آهن ته هڪ پڙهڻ جهڙو سنجيده ڪتاب جڙي پيو آهي، جيڪو عام يا وقت کي پاس ڪرڻ لاءِ پڙهندڙن لاءِ بنهه نه آهي پر هيءُ ڪتاب  انهن پڙهندڙن لاءِ آهي، جيڪي پڙهڻ کان پوءِ سوچيندا آهن ۽ سوچڻ کان پوءِ لوچيندا آهن ۽ سندن ان لوچ جي سبب سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي شعوري طور ڪجهه حاصل ٿيندو آهي. هن ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ به پڙهندڙن کي گهڻو ڪجهه سنڌ جي حوالي سان پلئه پوندو ۽ ساڳئي وقت اڄ جي عالمي حالتن بابت به هو ڄاڻيندو. جيڪڏهن منجهس ڪجهه ڄاڻڻ جي صلاحيت هوندي ته ڇاڪاڻ ته، هيءُ ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڪي خاص گهريون گهرجن. ساهت سرسوتي گهر ڏوڪريءَ پاران ڇپايل هن 160 صفحن واري ڪتاب جو ملهه 200 رپيا آهي.

No comments:

Post a Comment