نوجوان شاعر سائل پيرزادي جو ترتيب ڏنل ڪتاب
تاڻيان تند نه نبري
رکيل مورائي

ٻيءَ طرح هيءُ ٽڙيل پکڙيل ليک، اخبارن ۽ رسالن ۾ رهجي وڃن ها ۽
وقت گذرڻ کان پوءِ ڪنهن حوالي لاءِ ڳوليا به نه لڀن ها. انهيءَ ڪري هيءُ ڪتاب اسان
جي نوجوان دوست ۽ وقت کان اڳ اسان کان وڇڙيل ساٿيءَ کي ياد ڪرڻ جو هڪ بهترين سبب
بڻيو آهي، جنهن لاءِ سائل پيرزادي کي گهڻو جس هجي. ڪتاب ۾ ثناءُ الله جا 15 ليک
آهن، ان کان پهريان دوستن جون ڪي سندس باري ۾ يادون آهن. 152 صفحن جو هيءُ پڪي جلد
۽ سهڻي ٽائيٽل وارو ڪتاب 200 روپين ۾، مارئي اڪيڊميءَ جي اڳواڻ اسان جي دوست سڪندر
ملاح سهڻي نموني ڇپايو آهي.
No comments:
Post a Comment