22/02/2013

ڪجهه سنڌي ناولن ۾ جهاتيون - شوڪت لوهار (Shoukat Lohar)


ناول نويسي جي تاريخ ۽ ورهاڱي کان پوءِ ڇپيل ڪجهه سنڌي ناولن ۾ جهاتيون
شوڪت لوهار
تاريخ ۾ ڪجهه اهڙا ماڻهو پيدا ٿيا آهن جن جي حوالي کان سواءِ ڪي ڳالهيون ممڪن ڪونه ٿي سگهنديون آهن،
يونان اهو ملڪ آهي جتي هر علم جي پاڙ ملي ٿي، آءٌ ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته اسين جيترين سائيڊ افيڪٽ ۽ خراب اثرن کان پاڪ يوناني دوائن جو استعمال ڪريون ٿا ۽ جيترا انهن بابت ڀتين تي اشتهار پڙهون ٿا، جيڪڏهن ان جي جاءِ تي يوناني فلسفي، ڏاهپ ۽ علمن جا عرق پنهنجي ذهن کي سرسبز ڪرڻ لاءِ استعمال ڪريون ها ته اسان جي حالت ڪجهه ٻي هجي ها ترقي جي انهي چوواٽي تي هجون ها، جتان منزل ويهي ڏسڻ ۾ اچي ها.

هڪ سوال هميشه مون جيان سڀني ادب دوستن ۽ ادب جي شاگردن کي بيچين ڪندو هوندو ته يونان Greece جتي ادب ۾ وڏا وڏا بيمثال Homer جهڙا نالا پيدا ڪيا، جتي شاعري ۾ توڙي ڊرامي ۾ اهم وکون کنيون، افلاطون جي Republic ۽ ارسطو جي Poetic جتي وڏا وڏا بحث ڇيڙيا اتي ناول جي حوالي سان هڪڙو اکر به ڪونه ٿو ملي، ناول جي حوالي سان يوناني تاريخ خاموش آهي، مٿي تي هٿ ڏئي سوچجي ٿو ڇو؟؟؟ جواب آهي ته يونان جو دور اجتماعيت Mutualism جو دور هو ان ۾ اڃا اڄوڪي دؤر واري اڪيلائي Individualism پيدا ڪونه ٿي هئي، اهو ئي سبب هو جو يونان ۾ اسٽيج ڊرامي تمام گهڻي ترقي ڪئي.
ناول کي پاڪٽ ٿيٽر (Pocket Theater) به چئجي ٿو، جيڪو اڪيلائي جي وندر آهي، جيڪو پاڪيٽ ۾ پيل مڪمل ٿيٽر آهي، ها البته ناول کان اڳ ناول وانگر ۽ ناول جهڙيون ٻيون گهڻيون شيون ملن ٿيون، جيڪي شاعري ۾ هليون جن کي Epic چئي سگهون ٿا، ڪهاڻيءَ جي حساب سان ڪجهه هڪجهڙائي ته ٿي سگهي ٿي پر گهاڙيٽي جي حساب کان ٻيئي مختلف آهن.
ناول نثر ۾ هڪ ڊگهي يا طويل داستان جو نالو آهي، جنهن ۾ مرڪزي خيال Central Theme کان سواءِ ڪيترائي Subthemes يا ڊائگريشنس Digressions ٿين ٿا، جيڪي مرڪزي ڪهاڻي کي اڳتي هلائڻ ۾ مدد ڪن ٿا ته جيئن پڙهندڙ بوريت جو شڪار ۽ يڪسانيت Monotouns جي ور نه چڙهي، ناول وڏي اونهي سمنڊ ۾ هلندڙ ٻيڙيءَ جو نالو آهي، ڪڏهن ڪڏهن جيڪا رات جي خاموشي ۾ آهستي آهستي اڳتي وڌندي ٿي رهي، ناول ۾ رومانس جو هجڻ پهريون شرط آهي رومانيت تي به ڪافي دليل آهن ته رومانيت ڪهڙي؟ ۽ ڪهڙي سطح جي؟ بهرحال پنهنجي ڳالهه کي اڳتي وڌايون ٿا انگريزي ادب جي تاريخ ۾ جيڪو پهريون مڪمل ناول جنهن کي هر طرح سان قابل قبول چيو ۽ مڃيو ويو.  جيتوڻيڪ اهو به شروعاتي تجرباتي ناول هو. اهو هينري رچرڊسن جو ناول ٽام جونز (Tomjones) آهي. جنهن پهريون ڀيرو هڪڙي عام رواجي ماڻهو  جي هيرو Hero هجڻ جو concept ڏنو، ان کان اڳ جيڪي ناولن جا هيرا هئا، اهي يا ته مذهبي ماڻهو هئا يا بادشاهه ۽ ڪي وڏا سپهه سالار هئا، جيڪي ارسطو جي هيرو جي وصف جي بلڪل ابتڙ هئا، ٽام جونز (Tomjones) ناول جو هيرو (Tom) هڪ حرامي ٻار هو پر هن پنهنجي خوبين سان معاشري ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي مگر هن ناول تي ڪافي اعتراض واريا ويا ۽ انگريزي ادب جي رجعت پرست سيموئل جانسن Samual Johnson جهڙن اديبن ان تي فتوائون جاري ڪري ڇڏيون.
ٽام جونز  Tomjones کان پوءِ رستو هموار ٿي پيو ۽ انگريزي ادب ۾ اهڙا شاهڪار ناول نگار پيدا ٿيا جن لازوال ناول لکيا، خاص طور تي ارڙهين صدي (Victorianage) کي ناول جي صدي سڏجي ٿو، جنهن ۾ ٿامس هارڊي، چارلس ڊڪنس، جارج ايليٽ بهترين ناول لکيا، ان کان پوءِ اوڻهين صدي ۾ برطانيه توڙي ٻين ملڪن ۾ شاهڪار ناول لکيا ويا، انهن ۾ ورجينن وولف، وليم فاڪنر ۽ ارنسٽ هيمنگوي، فرانس ۾ ايمائيل زولا ۽ روس ۾ ليوٿا لٽائي ۽ فيدور دوستو وسڪي ۽ ٻيا اڻ ڳڻيا نالا آهن،
ورهاڱي کان اڳ جي ناولن بابت اسان درسي ڪتابن ۾ تمام گهڻو پڙهي چڪا آهيون، هاڻي آءٌ اچان ٿو ورهاڱي کان پوءِ ويجهڙ ۾ ڇپيل ڪجهه سنڌي ناولن تي جيڪي مون ذاتي طور پڙهيا آهن. محمد عثمان ڏيپلائي صاحب کي سنڌي ادب ۽ صحافت ۾ تمام وڏو مان ۽ عزت حاصل آهي. کيس سنڌي ادب جو قليچ کان پوءِ وڏو Contributor چئجي ته وڌاءُ ڪونه ٿيندو. سندس ٻين لکڻين سان گڏ هن جو ناول سانگهڙ تمام معتبر قسم جو ناول آهي. انگريزن کان آزادي جي پسمنظر ۾ لکيل هن ناول جي ٻولي ڏاڍي سٺي، سلوڻي آهي. گڙنگ بنگلي تي پير سائين صبغت الله شاهه راشدي جي مريدن جو گڏجڻ ۽ جنگي حڪمت عملين جو اعليٰ پائي جو داستان آهي. اسان جي پڙهندڙن کي اهڙي قسم جي سنڌي ٻولي جي شاهپارن کي پنهنجي بڪ شيلف ۾ رکڻ تمام ضروروي آهي. سائين ڏيپلائي صاحب جي ناول کان پوءِ اچون ٿا سنڌ جي نالي واري ناول نويس سائين سراج الحق ميمڻ صاحب تي سائين سراج صاحب جي ناولن جي قطار تمام ڊگهي آهي. پر  اسين سندس Overall چند ناولن تي ڳالهائينداسين، سندس ناول ”پڙاڏو سوئي سڏ“ جيڪو سنڌي ادب ۾ درسي طور شامل آهي. سنڌ ۾ ترخانن ۽ ارغونن جي هٿان سنڌ سان ٿيندڙ انياءُ ۽ ملياميٽ جو چٽو داستان آهي. لٽ ڦر ۽ سنڌ کي ننڌڻڪي ڪرڻ جي عجيب و غريب منظرن سان ٽمٽار هي ناول پنهنجي اندر ۾ تمام گهڻيون گونا گونيون رکي ٿو، اسان سڀن کي اهڙا ناول پڙهڻ گهرجن، جن ۾ سنڌ جي تاريخ ۽ سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين جو ذڪر اهڙي ريت ٿيل هجي جهڙي ريت سراج صاحب ڪيو آهي. سراج صاحب جا ٻيا ناول به آهن جن ۾ رمتا بادل، تنهنجي دنيا مرگهه ترشنا، منهنجي دنيا هيڪل وياڪيل وغيره. سنڌ ۾ چند اهڙا ليکڪ آهن جن جي لکڻين ۾ وجوديت Existentialism گهڻي قدر ڏٺي وڃي ٿي، وجوديت انساني زندگي سان سلهاڙيل احساسن جو نالو آهي. سراج صاحب جي ناولن ۾ وجوديت جي چٽسالي تمام خوبصورت نموني ٿيل آهي. سراج کان پوءِ اچون ٿا، آغا سليم جي ناول همه اوست ڏانهن. آغا سليم سنڌي ادب ۾ تمام وڏو نالو آهي خاص طور تي ان جيڪو لطيف سائين کي اردو ۾ ترجمو ڪيو آهي. اهو هڪ ڪمال جو ڪم آهي ترجمو ڇا ڪيو آهي. بس لطيف جي شاعري کي اردو جي اهڙي شيريني، مٺاس ۽ رس چس ۾ مٺو ڪيو آهي. جو پڙهي مزو اچي وڃي ٿو باقي سندس گڏو گڏ ٿيل انگريزي ترجمي تي ڪجهه حيرت ٿئي ٿي.
آغا سليم صاحب جو ناول همه اوست شعوري وهڪري ( Stresm of conciousness) جي ٽيڪنڪ تي لکيل آهي جيڪا ٽيڪنڪ سڀ کان پهريان برطانيه سان تعلق رکندڙ انگريز ناول نگار William James شروع ڪئي هئي، جنهن کان پوءِ اتان جي ٻين ليکڪن جهڙوڪ ورجينن وولف ۽ امريڪي چوٽي جي ناول نگار وليم فاڪنر جي ناولن ۾ عام جام پاتي وڃي ٿي. مون کي پهريان ته هن ناول جي نالي هم اوست تي حيرت آهي ته ناول جو پلاٽ ڪجهه ٻيو چئي ٿو ۽ نالو ڪجهه ٻيو، معنيٰ ناول جو اهم ڪردار Protagonist شاهه عبداللطيف آهي جنهن کي پوري ناول ۾ مرڪزي ڪردار جي حيثيت حاصل آهي جيڪو ڪنهن مهل هڪ هنڌ تي، ڪنهن مهل ٻئي هنڌ ڏيکاريو ويو آهي، جيڪو بهرحال ايڏي وڏي ڪردار جي ۽ شخصيت کي ڪو نالو ڏيڻ پڙهندڙن لاءِ هڪ سوال بڻجي رهجي وڃي ٿو، ناول جي ٻولي تمام سٺي آهي، پڙهندڙ اهو ناول پڙهي انهي ناول تي پاڻ راءِ جوڙين ته بهتر ٿيندو.
امر جليل کي آءٌ سنڌ جو مارڪ ٽوئن ۽ هيمنگوي چوان ته شايد وڌاءُ ڪونه ٿيندو ٿي سگهي ٿو ته هو انهن ليکڪن کان ٻه چار وکون اڳتي هجي. سنڌي ڪهاڻي ۾ امر جليل صاحب جو نالو تعارف جو محتاج نه آهي، سندس ناول ”نيٺ گونگي ڳالهايو“ سنڌي ادب ۾ Satire تي لکيل شايد هي پهريون ئي ناول هجي، جنهن کي ضرور پڙهڻ گهرجي، مهتاب محبوب جو ناول خواب خوشبو ڇوڪري پڙهڻ جهڙو ناول آهي ۽ پڙهڻ کان پوءِ سيني سان لڳائڻ جهڙو ناول آهي.
غلام نبي مغل به سنڌي ناول جي حوالي سان پاڻ ملهايو آهي، سائين جو ناول ”اوڙاهه“ هڪ بهترين ناول آهي ان کان پوءِ سندس ناول ”دونهاٽيل راتيون ۽ رولاڪ“ ايترو اثر ڇڏيندڙ نه آهي آءٌ ڪافي دوستن کان معافي جو طلبگار آهيان ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن سنڌي ناول نويسي جي ڇنڊڇاڻ ڪري ويٺس ته ماڳهين آءٌ پنهنجي مقصد کي ڪين پهچي سگهندس تنهنڪري هي چند ناولن ۾ جهاتيون منهنجي پنهنجي ذاتي راءِ تجويز آهن.
سنڌي ٻولي ۾ رومانوي حوالي سان ڪيمپس تي لکيل ناولن جو نالو جڏهن به کڻبو ته ان ۾ سهڻي آرٽسٽ، ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار ۽ پنهنجي شخصيت ۾ ڪائنات رکندڙ ۽ خيال ۾ پائلو ڪوئلو جهڙي اڏار رکندڙ ناول نگار طارق عالم نازبو ۽ جي خوشبو جيان سڀ کان منفرد ڪري رکبو، سڳداسي چانورن جي هٻڪار جهڙين لکڻين جو هي ليکڪ جڏهن پنهنجو ناول ”رهجي ويل منظر“ منظر عام تي آڻي ٿو ته سندس ناول ڪنهن هجتي دوست جي زور سان پاتل ڀاڪر جيان پاسراٽين مان ٿڙڪاٽ ڪڍي ڇڏي ٿو. صفا دونها ڪڍندڙ ناول آهي، جيتوڻيڪ هن جي حقيقت بابت نصير مرزا صاحب تازو ئي پنهنجي”طارق ڪتاب“  ۾ ڪافي انڪشاف ڪري چڪو آهي سنڌ يونيورسٽي جتي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۽ قبيلائي ضابطي هيٺ ساهه کڻندڙ ماحول ۾ رهندڙ اسان جا دوست جڏهن پهچن ٿا ته سنڌ يونيورسٽي جو خوبصورت ۽ باشعورا علم دوست ۽ رومانوي ماحول سندن صلاحيت کي وڏي جلا بخشي ٿو نتيجي ۾ هو پنهنجي ڪيريئر ۾ ڊگري سان گڏو گڏ گهڻو ڪجهه کڻي وڃن ٿا. رهجي ويل منظر هڪ ناول جي حيثيت ۾ هر حوالي سان هڪ شاهڪار ناول آهي، طارق جي طارق جيان ٻولي لفظن سان اهڙا ته پوٽريٽ ٺاهي ٿي جو پڙهندڙ حيران ٿي وڃي ٿو، مختصر جملا پر اهڙا اثرائتا جو هر ڳالهه نشاني تي. ناول جو مرڪزي پلاٽ سنجها۽ پنهون آهن جن کي ناول جي هيرو ۽ هيروئن جي حيثيت مليل آهي ناول ۾ ٻين ڪردارن کي به جيتري جاءِ ملڻ گهرجي، اوتري مليل آهي، ناول ۾ صبا جو ڪردار به سگهارو آهي ناول جا ٻيا ڪردار گوتم ناردمني، ٽيلي اسٽار ۽ ٻيا تمام سهڻي نموني ڪردار سازي جي سانچي هيٺ اهڙي ته مهارت سان جڙيل آهن جو مون کي طارق هن روپ ۾ سونارو لڳو آهي، سلوڻي ٻولي ڪردارن جي سچائي، سنجها جي بيوفائي ناول جو (cytalist)  ڪيٽلسٽ موڙ آهي، ڏاڍو خوبصورت ناول آهي، جيڪو ساهه سان سانڍڻ ۽ تحفي ۾ ڏيڻ جهڙو آهي واهه طارق اهڙي  ناول تي جس لهڻي  هن ناول بابت سنڌي ٻولي جي سرنهن جي خوشبو جهڙي نثر نگار، ناول جي ۽ دنيا جي فڪشن تي تمام گهري نظر رکندڙ سائين عبدالقادر جوڻيجو صاحب تمام پيارن لفظن ۾ تحريف ڪئي آهي، جيڪا هن ناول جي مهاڳ ۾ شامل آهي.
طارق جي ناول کان پوءِ مون کي جنهن ناول گهڻو حيران ڪري پريشان ڪري روئاري ڇڏيو، اهو آهي پرويز ابڙو جو نالو ”تون هڪ خواب آهين“ آتم ڪٿا ئي جهلڪيون ڏيندڙ هي ناول اهڙي ڪمال سان لکيو ويو آهي جو ڏندين آڱريون اچي وڃن ٿيون. جيتوڻيڪ ان جا ٻيا ناول به مون ذاتي دلچسپي وٺي پڙهيا آهن جن ۾ نيريون اکيون، سرمئي خواب ۽ ٽڪنڊو شامل آهن، پر هي ناول سڀ کان گوءِ کڻي ويو، ڪمال جي ٻولي جي چاشني آهي، ايئن لڳي ٿو ڪردار توهان جي سامهون آهن، نثر جي نغمگي ۽ مٺاس، ڏاڍي مهارت سان پينٽ ٿيل آهي. بس ايئن  لڳي ٿو ته هي ناول پرويز ابڙو کان لکجي ويو آهي سڄي ناول ۾ سندس هيروئن سنڌيا جيڪا هڪ ڳوٺاڻي ڇوڪري آهي ان بابت هر جاءِ تي ان جي حوالي سان ان کي ياد ڪرڻ، ڀل اها ڪيمپس هجي يا ماسڪو جي هڏن کي چيريندڙ ٿڌ، ايتري حد تائين جو ناول جي هيرو هالار جيڪي رنگين راتيون گذاريون، ٻين ڇوڪرين جي ڀاڪرن ۾ رهيو آهي اهو سڀ ڪجهه به هن پوري ايمانداري سان لکيو آهي ۽ اهي سڀ گهڙيون سنڌيا تائين پهچڻ جي سنگ ميل طور پيش ڪيون آهن، 310 پيجن جو هي ناول سنڌي ادب جي رومانوي ناولن ۾ منهنجي پنهنجي راءِ مطابق چوٽي جو ناول آهي. جنهن جو اختتام Conclusion اکين ۾ ڳوڙها آڻي ڇڏي ٿو ۽ کن لاءِ سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو، ڪاش انسان کي جذبا هجن ئي نه هائي جو سنڌيا جهڙي چنچل ڇوڪري رت جي ڪينسر ۾ مبتلا ٿئي ٿي ۽ هالار سان بيوفائي جو ڍونگ ڪري ٿي، پر ان ۾ به پرويز ڪمال ڪاريگري رکندي پڙهندڙن کي اهڙي طرح Unaware رکيو آهي جو هو مجبور ٿي پوي ٿو ته ناول پورو پڙهجي. ههڙي ناول لکڻ تي پرويز تو کيرو لهڻيون، ڪيمپس تي لکيل ٻين ناولن سان گڏ زاهد گوتم جو لکيل ناول پٿرن جو شهر به ڏاڍو ڀلوڙ ناول آهي. ناول جي ڪهاڻي آتم ڪٿائي آهي جنهن ۾ ليکڪ پنهنجي شهر دادو بابت پڻ تلخ ۽ اثرائتا واقعا بيان ڪيا آهن سنڌ يونيورسٽي جي حوالي سان ساڳي ڇوڪري جي بيوفائي کي ئي پورٽريٽ ڪيو ويو آهي ناول ۾ هاسٽل جي لائف ۽ شاگردن سان ٿيندڙ ناانصافين ۽ شاگردن سان لاحق مجبورين کي ڪردارن وسيلي تمام سٺي ۽ سهڻي نموني واضح ڪيو ويو آهي. بهرحال زاهد گوتم جو ڊڪشن تمام سٺو ۽ اثر ڇڏيندڙ آهي هاڻي پاڻ ذڪر ڪيون ٿا هڪ نوجوان جي هٿ سان سرجيل ناول ”ڪارونڀار“ جو جيڪو نور احمد زئونر لکيو آهي، انگريزي شعبي جي حوالي سان ڪهاڻي کي کنيو ويو آهي، هن ناول جي سادگي ئي هن جي سونهن آهي، هن ناول جو مهاڳ سنڌي بيت ۽ ادب ۾ انفراديت رکندڙ وجودي ادب تي وڏو دسترس رکندڙ سائين وحيد جتوئي لکيو آهي جنهن ليکڪ جي ڊڪشن کي گهڻو ساراهيو آهي هن ناول جي ڪهاڻي ۾ ليکڪ تمام گهڻو انسان دوست لڳي ٿو، سنڌي غريب شاگردن ۽ شاگردياڻين جي مسئلن تي تمام سلوڻي ٻولي ۾ اظهار ڪيو ويو آهي، هي ناول نور احمد زنئور جي منهنجي خيال ۾ پهرين اٽيمپٽ آهي. ان کانپوءِ هو خبر ناهي ڪهڙي دنيا ۾ گم ٿي ويو، ڪجهه دوستن ٻڌايو ته هن کي به بيورو ڪريٽ ٿيڻ جي چڪر ۾ هن کي اکرن جي وادي کان پري ڪيو آهي.
في الحال ڪيمپس تي لکيل ناولن کي جهٽ لاءِ ساهي ڏئي وچ ۾ پاڻ اچون ٿا، سائين محترم مراد علي جي قلم سان سرجيل ناول ”سامي سج وڙاءُ“ تي هي ناول شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي زندگي تي لکيل آهي، تمام گهڻي تجسس سان هي ناول پڙهڻ ويٺس ته سنڌ جي عظيم شخصيت تي عظيم شخصيت جو ناول آهي. پر پڙهڻ کان پوءِ مٿي تي هٿ ڏئي ويهي رهيس، سائين مراد علي مرزا صاحب هڪ تمام سٺو ترجمي نگار هو. هن بيشمار ترجما ڪيا، جيڪي سنڌي ادب ۾ وڏو مان رکن ٿا. پر ٿي سگهي ٿو ته مان غلط هجان ترجمي ۽ تخليق ۾ گهڻو فرق آهي. هي ناول جنهن شخصيت تي لکيل آهي اها آهي شاهه عبدالطيف هڪ هماگون ۽ تمام وڏي شخصيت ۾ سنڌ جي چند شاعرن مان هڪ شاعر آهي. ان جي ڪلام ۾ آفاقي، روحاني، توڙي مقصد سان لڳو رهڻ لاءِ تمام گهڻو ڪجهه آهي. شاهه عبداللطيف عالمگير شخصيت آهي. ان جي زندگي کي اهڙي نموني پيش ڪيو ويو آهي. جو عجب لڳي ٿو. هن ناول ۾ لطيف سائين کي ڏاڍو ڪمزور، مجبور ۽ لاچار، حالتن آڏو سرينڊر ڪندڙ طور پيش ڪيو ويو آهي. جيڪا افسوس جي ڳالهه آهي. ناول جو نثر رکو ۽ کهرو آهي. ان ۾ عبدالقادر جوڻيجي ۽ نصير مرزا جي نثر جهڙي حسناڪي ۽ مٺاس ۽ هندوري جهڙي لهر ڪونه آهي. مختصر ايترو ته ايڏي وڏي شخصيت کي جهڙي نموني ڀيٽا ڏيڻ گهرجي ۽ ان تي جهڙي نموني لکڻ گهرجي اهڙي نموني ڪونه لکيو ويو آهي. هاڻي وري ورون ٿا ڪيمپس تي لکيل ناولن ڏانهن منير چانڊيي ناول ۾ نئون تجربو ڪندي ڪمال ڪاريگري سان پنهنجي قلم سان ٻه عدد ناول سرجيا آهن. پهريون  آهي ”ڪيف ڌاران ڪوءِ“ ٻيو آهي ”تو پڄاڻان“ پهرين ناولن ۾ ساڳيو ٿيم ۽ ساڳي وٺ پڪڙ، هڪ ڳوٺاڻي ڇوڪري جو هڪ گهٽيل ماحول مان نڪري رومانوي ماڳ سنڌ يونيورسٽي پهچڻ ۽ ناول جي هيروئن سنڌيا سان اکيون چار ڪرڻ ناول ۾ شاگرد سياست، يونيورسٽي جي ماحول کي بگاڙيندڙ ڪجهه ٻاهرين طاقتن کي به وائکو ڪيو ويو آهي. هن ناول جي خوبي اها آهي ته هي ناول تقريباً سڄي جو سڄو ٻن ڪردارن جي ڊائلاگ تي ان جي حوالي سان ٿيل واقعن تي ٻڌل آهي. ڪو ٻيو ڪردار ناهي ۽ جي ٿورو ٿڪو آهي ته به ايڏو سگهارو نه آهي اهو سندس سنڌي ناول ۾ هڪ نئون تجربو آهي. ناول ۾ ڪٿي ڪٿي جهول به آهن ۽ ناول ۾ يڪسانيت بور ڪري ٿي. ناول مان معلوم ٿئي ٿو ته منير تمام حساس طبيعت رکندڙ انسان آهي هڪ ٻي ڳالهه جيڪا لکڻي ۾ بولڊنيس جو مظاهرو ڪرڻ ۽ حقيقت کان ڪم وٺڻ جي آهي جيڪا طارق ۽ ٻين ناول نويسن وڏي واقعي لکي آهي سا هي ته جڏهن هن ناول جا ٻئي ڪردار ڪراچي ۾ هڪ دوست جي اڪيلي فليٽ تي هجن ٿا ۽ راتيون رهن ٿا، پوءِ به هڪ ٻئي کي هٿ نٿا لائين سا هڪ غير فطري ڳالهه آهي. ليکڪ کي حقيقت پسنديءَ جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي ها. وڌيڪ اهو ته ”ڪيف ڌاران ڪوءِ“ ۾ هيروئن جي بيوفائي اهڙي عجيب نموني ۽ ايڏي زور سان بيان ٿيل آهي جيڪا ناول جي نيچرل فلو کي گهڻو متاثر ڪري ٿي ايڏو گهڻو پيار ڪندڙ ڇوڪري ايئن اوپري ۽ اجنبي ٿي وڃي ايئن بحرحال ٿيندو ڪونه  آهي ”تو پڄاڻان“ هن ئي ناول جو سيڪوئل آهي. جنهن ۾ هيروئن جي وڇوڙي کان پوءِ هيرو/رائٽر پاڻ تي جيڪي ڪيفيتون گذرن ٿيون انهن کي چٽيو آهي هي ناول جدائي جي حوالي سان انسان تي جذباتي حوالي سان ٿيندڙ واقعات سان رچيل آهي.
هي ڪجهه ناول هئا جن کي مون پنهنجي حساب سان ڏٺو ۽ پنهنجي راءِ ڏني ٿي سگهي ٿو ته منهنجي تجزئي سان گهڻا دوست سهمت نه به ٿين سو ته سندن مرضي آهي ادب دوستن کي عرض رکندس ته فيس بوڪ تي ٺلهي واهه واهه ڪرڻ ۽ موبائيل ايس ايم ايس ۾ وقت برباد ڪرڻ بدران سنڌي ادب کي پڙهن ۽ خاص طور ناول کي پڙهن ۽ ناول لکن به اسان کي تمام گهڻن نون ۽ سگهارن ناول نگارن جي ضرورت آهي. جيڪي فرض سمجهي هن معاشري ۾ سگهاري ادبي ۽ علمي سوچ کي هٿي ڏين.

No comments:

Post a Comment